لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ڪجھه افسانه نگارن جي فن جو مختصر جائزو

امر جليل
امر جليل موجوده دؤر جي افسانه نگارن ۾ هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿو. سندس پڙهندڙن جو حلقو تمام وسيع آهي. سندس ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو فني جائزو حاضر آهي:

موضوع:
امر جليل جي ڪهاڻين جا موضوع سماجي حقيقتن مان کنيل هوندا آهن. مثلاً: بک، بيروزگاري، قوميت، ڏاڍايون مصيبتون نفرتون دشمنيون ۽ ٺڳيون وغيره. اهي موضوع بلڪل عام آهن ۽ تقريباً هر افسانه نگار انهن تي ڪجھه نه ڪجھه لکيو آهي، پر اهي موضوع پراڻا هوندي به پراڻا نٿا لڳن. ڇو ته انهن ۾ امر جليل جو مشاهدو، مطالعو ۽ تجزيو شامل هوندو آهي.


ڪردار نگاري:
امر جليل جا ڪردار عام ماڻهو آهن. اهي انسان کي هر هنڌ گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا، انهن ۾ سادا سودا ماڻهو به آهن ته بدمعاش ۽ پيدا گير به.
انهن ۾ “محبت ۾ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار” ڪردار به آهن، ته نفرت جي باهه ۾ سڙندڙ انسان پڻ.
انهن جي دلين ۾ خوشي، ڏک، درد، حسد، قرباني ۽ ٻيا انيڪ انساني جذبا آهن. امر جليل انهن کي ائين ٿو پيش ڪري جو اسان کي اهي ڪردار جيئرا جاڳندا، اکين جي سامهون ڦرندا نظر ايندا آهن. انهن ۾ ڪا به بناوٽ نه آهي. ڪوبه تصنع نه آهي. “پل صراط” مان هڪ ٽڪرو ملاحظه فرمايو.
“يار گڏهه گاڏيءَ وارا” مون آهستي چيو،
“منهنجي پگهار ذري گهٽ اڍائي روپيا روز آهي
ڇيلا ٻن اڍائي رپين جو لوسڻ روز کائيندا ته
پوءِ مُنهنجا ٻار ڇا کائيندا؟
“ تنهنجا ٻار به لوسڻ کائيندا؟
گڏهه گاڏيءَ واري وراڻيو ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو_”

ٻولي
امر جليل جي افسانن جي ٻولي به عام ماڻهو جي ٻولي آهي. ان ۾ وڏا وڏا ادبي لفظ ۽ مصنوعي جملا بلڪل نه آهن، ٻولي بلڪل سادي ۽ مقامي آهي. سندس ٻوليءَ ۾ وڏي خوبي اها آهي جو اها طنز و مزاح سان ڀرپور آهي. پڙهندي پڙهندي بي اختيار ٽهڪ به نڪريو وڃي ته اکيون ڳوڙهن سان پڻ ڀرجيو وڃن. سندس سليس ٻولي ۽ مزاحيه انداز ۾ لکيل ڪجھه ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.
“سائين مان قد ۾ بندوق کان ننڍو آهيان، مهرباني ڪري مون کي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو” (چرٻٽ ۽ نرس)
“مان ٽنڊي ٺوڙهي مان آيو آهيان، جتي ڪوبه ٺوڙهو نظر نه ايندو آهي. (پل صراط)
“ڪجھه پوڙها، ٺوڙها ۽ سياڻا ماڻهو بيروزگار ۽ بيوقوف نوجوانن کي نوڪريءَ ۾ رکڻ کان اڳ کانئن حساب ڪتاب وٺندا آهن، ان سموري جٺ کي انگريزيءَ ۾ انٽرويو چئبو آهي.“ (عشق ۽ انٽرويو)

رومانيت
سندس ڪهاڻين ۾ اعليٰ درجي جو رومانس آهي. امر جليل ڪهاڻيءَ ۾ رومانس صرف انهيءَ ڪري شامل ڪندو آهي ته جيئن پڙهندڙ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کان گھٻرائجي نه وڃي. نه ته امر جليل بنيادي طرح روماني افسانه نگار نه آهي. سندس روماني افسانن ۾ به چڀندڙ حقيقت جو رنگ هوندو آهي. جنهن ۾ ڪونه ڪو پيغام ضرور هُوندو آهي.

حقيقت پسندي
امر جليل حقيقتن جو متلاشي آهي. هُو پنهنجي وقت جي سچائين ۽ ڪچاين کي پنهنجي پڙهندڙ تائين پهچائڻ گهري ٿو. هُو ماڻهن جي چهرن تان نقاب لاهي، انهن جا اصلي چهرا ڏيکاري ٿو ۽ انهن تي ٺٺول به ڪري ٿو، پر اهي اصل چهرا ايترا ته قبيح هوندا آهن، جو انهن تي کل اچڻ بدران روئڻ ايندو آهي. هيٺيون ٽڪڙو انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪندو:
”ڌنو! اڙي واهھ جي ڳالهه ڪئي اٿئي.
سڏ ڪر ڌني کي”
منشيءَ، ڌني کي سڏ ڪيو. ڌنو هٿ ٻڌي ادب سان رئيس جي سامهون اچي بيٺو.
رئيس چيو. ”ڌنا هن دفعي تون حج تي نه ويندين، تنهنجي بدران مان ويندس”
ڌني کي ڄڻ بڙڇي لڳي. پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويس. آزي ڪندي چياڻين. . .
“سائين پائي پائي ميڙي هن ڏينهن جي سڌ ڪئي هئم.“
“ايندڙ سال کڻي وڃجانءِ!”
“ايندڙ سال حياتي رهي نه رهي. پوءِ بليٽ ۾ کڻي نالو نه به نڪري.“
“خير هن سال حج تي تون نه ويندين، تنهنجي بدران مان ويندس.“
“اهڙو قهر ته نه ڪر سائين.“
“بڪ بڪ بند ڪر.“
“سائين مان ويندس.“
ڌنو روئي پيو، “مان مسڪين آهيان. منهنجي هڪ تمنا ته پوري ٿيڻ ڏيو.“
ڌنو رئيس جي قدمن ۾ ڪري پيو، رئيس پنهنجو پير پري ڪندي چيو. . .
“پري ٿي، نه ته لاهيانءِ نه ڪياڙي واري لپاٽ.“
“لپاٽ هڻ، پر حج تي وڃڻ ڏي،”
“اڙي تون هٺ تان نه لهندين؟ “ رئيس ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو!
“هڻ هن ڪاغذ تي آڱوٺو.“
“سائين مان نه هڻندس،”
“نه هڻندين؟”
“نه سائين!”
“نه هڻندين” رئيس رڙ ڪندي چيو:“اڙي وٺي اچو ڌني جي جوءِ کي ته سٿڻ ۾ ٻلي وجهانس!”
ڌني کان دانهن نڪري وئي. زندگيءَ جي وساريل سڄي نفرت اکين ۾ تري آيس. جدي جو شهر سندس سيني ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. آڱوٺي کي مس لڳائي ڪاغذ تي هنيائين ۽ ڪنڌ جهڪائي اوطاق مان نڪري ويو. ان وقت ڌني جي اکين ۾ لڙڪ نه هئا. . . .
امر جليل هڪ باشعور افسانه نگار آهي. هو سماج جي گندگين کان چڱيءَ طرح واقف هجڻ سان گڏ انسان جي درد ۽ پيڙا جو به ڀرپور احساس رکي ٿو، هُو جيڪي ڏسي ٿو ان کي لکي ٿو، جيڪو محسوس ڪري ٿو اهو اسان کي به محسوس ڪرائي ٿو.
امر جليل جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو، ان وقت کان وٺي هُو مسلسل لکي رهيو آهي. توڙي جو اڄڪلهه رفتار بلڪل گهٽ اٿس ليڪن لکي رهيو آهي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جا درد سيني ۾ ا ٿس، چپن تي دلڪش مسڪراهٽ اٿس اکين ۾ لڙڪ اٿس. . . . پوءِ به هُو اڄ پڻ لکي رهيو آهي.

مرحوم نسيم کرل
جيڪڏهن ڪنهن کي اعليٰ سوسائٽي جي پست قدرن، وڏيرن جي زوال پذير ذهنيت، مٿئين، طبقي جي فضول روايتن ۽ عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۽ رهڻي ڪهڻي جو مشاهدو ڪرڻو هجي ته هُو ”نسيم کرل” کي پڙهي.
نسيم کرل جيئن ته پاڻ مٿئين طبقي سان تعلق رکندو هو، تنهن ڪري هن سندس طبقي کي تمام ويجهڙائي کان ڏٺو ۽ ان سماج ۾ جيڪا گندگي ۽ تعفن آهي. ان کي خوبصورت لفظن جو روپ ڏئي اسان تائين پهچايو.
سندس ٽي مجموعا ڇپيل آهن:
“ڊمي”، “چوٽيهون در”، “شبم شبنم ڪنول ڪنول”
سندس فن جو مختصر تجزيو حاضر خدمت آهي.
پلاٽ: نسيم جي افسانن جو پلاٽ واقعن تي ٻڌل آهي. بقول ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي “هُو ڪنهن نه ڪنهن واقعي کي دلچسپ انداز سان بيان ڪندو ويندو آهي ۽ آخر ۾ ان جو اختتام ائين ڪندو آهي، جو پڙهندڙ حيرت ۾ پئجي ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ سندس افسانن جو اختتام استعجابي يا تحير خيز آهي.“

ٻولي
نسيم جي ٻولي لاجواب آهي. هن ٺيٺ سنڌي رنگ وارو لهجو استعمال ڪيو آهي. افسانو پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ نسيم پاڻ به انهيءَ واقعي جو ڪو حصو هو.
ٽانگي وارن جي ڪچهري، چورن جي ڏي وٺ، پوليس وارن جو انداز وغيره… اهڙي نموني سان پيش ٿو ڪري جهڙوڪر نسيم سندن ساٿي هجي. اهوسندس مشاهدي جو ڪمال آهي.
سندس افساني “پهرين مُراد” مان هڪ ٽڪروهيٺ ڏجي ٿو.
“آهي ته گهر ۾ ٻڌڻ جهڙي، ڪلي تان ڇوڙيئي؟”
“هائو بابا”
”مڙسي ڪئي اٿئي، پر ٻيلي پيرن جو دٻڪو مار، مُنهنجي اک تنهنجي دٻڪي تي ئي کُلي“
“لوڙهي جي ٻاهران بُوٽ ڇنڊيو هوم، اهو دٻڪو ٻڌو هوندءِ”
“ڀلا وئين خير سان لِڪ ۾؟”
“اصل لِڪ ۾، رات جو پنڌ ڪيم، ڏينهن جو ٿم ۾”
“ڀلا واٽ تي پير وڃايئي يا رند وٺيو آئين؟”
“ٻن ٽن جاين تي اهڙيون بلٽيون ڏنيون اٿم، جو ڀاڳيا پاڻ انصاف ڪندا.“

رومانس
سندس ڪيترائي افسانه رومانس سان ڀرپور آهن. جن ۾ ڪردارن جي نفسياتي پهلوئن تي به روشني وڌل آهي. نسيم جو روماني اسلوب، جنسيات سان به ڀرپور آهي. جنسيات بذات خود ڪا بُري شئي نه آهي پر جيڪڏهن افساني ۾ جنسي عُنصر زياده آهي ته پوءِ افساني جو تاثر ختم ٿي ٿو وڃي ۽ پڙهندڙ لذت پرستي ۾ مبتلا ٿيو وڃي.

ڪردار نگاري
نسيم ڪردارن سان پورو پورو انصاف ڪيو آهي. هُن سندن خواهشون، حسر تون، اميدون، نفسياتي ڪشمڪش، انهن جي اندر ۽ ٻاهر ۾ تضاد جي تمام سهڻي نموني سان عڪاسي ڪئي آهي.
سندس ڪهاڻي “پهرين مُراد” تي تبصرو:
“پهرين مُراد” سندس لاجواب ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هن ٻولي، سماجي زندگي ۽ ماحول جو بهترين نقشو چٽيو آهي. پهرين مُراد ۾ ائين آهي ته ”سنجر“ ۽ “عنايت“ پاڻ ۾ پڳ مٽ يار آهن، جيڪي ڪنهن وقت ۾ نامي گرامي چور هئا. سنجر، جڏهن عنايت وٽ مهمان ٿي اچي ٿو ته عنايت وٽ مينهين جو تعداد گهٽ ڏسي چٿرون ڪري ٿو ۽ سندس پُٽ جو مذاق اڏائيندي چوي ٿو. . . . .
“ڀاءُ عنايت، چئبو ته پٽهين به ڪونه ٿيو. . . ”
اهو مهڻو عنايت جي پٽ کي ڏکيو ٿو لڳي ۽ هُو عنايت جي همٿائڻ تي ڪجھه ڏينهن کان پوءِ هڪ مينهن چوري ڪري اچي ٿو. جڏهن ڀاڳيا پير کڻي اچن ٿا ته اهي ڪي ٻيا ڪونه هئا، پر عنايت جا دوست سنجر وارا هئا.
هن ڪهاڻيءَ بابت ڪجھه نقادن جا رايا هيٺ ڏجن ٿا:
ڊاڪٽر شمس الدين عُرساڻي لکي ٿو
” پهرين مراد ۾ عوامي لب و لهجو ۽ بي ساخته عوامي ٻولي ساريءَ ڪهاڻيءَ تي ڇانيل نظر ايندي چورن ۽ ڪاٽڪن جي مخصوص طبقي جي ٻولي، انهن جي بعض مخصوص اصطلاحن کي پڙهي نسيم کرل جي مشاهدي تي واقعي حيرت ٿئي ٿي. سندس مشاهدي ۽ مطالعي کي ڏسي اڪثر انهن تي سندس تجربي جو گمان ٿئي ٿو.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو
“کرل صاحب هن ڪهاڻيءَ ذريعي هڪ طرف سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي هڪ نقطي کي موضوع طور کنيو آهي، ته ٻئي طرف لاشعوري طور سنڌ جي تمدن جي قديم تاريخ جو ورق ورايو آهي. ٻوليءَ جي لحاظ کان هيءَ ڪهاڻي سنڌي ادب جي هڪ نمائنده ڪهاڻي آهي. نج ڳوٺاڻي ٻولي ۽ ان لاءِ ڳوٺاڻي ماحول ۾ ڪم ايندڙ لفظ، محاورا، اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا ڪيم آندا اٿس…. جن ڳوٺاڻي ماحول مشاهدي ۽ منظر کي وڌيڪ دلچسپ بنايو آهي.“
حسين شاهه راشدي لکي ٿو
“نسيم کرل کي قدرت ڳوڙهي مشاهدي جي عجيب ڏات ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي اهڙي سگهه بخشي آهي، جو ڪنهن به ماحول جي ڳالهه ڪندو ته ائين پيو ڀائنبو ته پڙهندڙ پاڻ اُتي موجود آهي. مثال طور ڪچي جي زميندار هجڻ جي حيثيت ۾ سندس واهپو چورن، ڪاٽڪن ۽ پاٿاريدارن سان پوي ٿو، جيڪي ٻيلي ۾ لڪل دوڻين سان وڻج واپار يا لڪ لاءِ گهاٽو ناتو رکندا آهن. انهن جي ٻولي، انهن جي دوستيءَ جا معيار، انهن جا اخلاقي ۽ انساني قدر ۽ انهن جون تشبيهون ٻاهرين دنيا کان بلڪل الڳ ٿين ٿيون. نسيم انهن سڀني ڳالهين جو اونهو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ”پهرين مراد” ڪهاڻي لکي آهي.“
پهرين مراد کان پوءِ “ڪافر” سندس لاجواب ڪهاڻي آهي.