لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

غزل

غزل سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم صنف آهي ڇو ته هن جو تعلق انسان جي لطيف جذبن سان آهي. اڄڪلهه غزل ايترو مقبول ٿي ويو آهي جو تقريباً سنڌي شاعريءَ جي اهم صنفن يعني “بيت“ ۽ “ڪافي” سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺو آهي.

وصف
غزل جي تعريف ڪندي علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو:
“غزل اصل ۾ عربي زبان مان نڪتو آهي ۽ سندس معنيٰ آهي “ تغزل” يعني “سهڻن سان محبت جون ڳالهيون ڪرڻ“. پر هڪڙو ٻيو لفظ آهي، جنهن ۾ تلفظ به تقريباً ساڳيو آهي، اهو آهي “غزالا” جنهن جي معنيٰ آهي ڪتڻ يا وٽڻ (ڌاڳي کي وٽڻ يا ڪتڻ) مون کي پڪ آهي ته ”تغزل” جو لفظ اصل ۾ “غزالا” لفظ مان ورتو ويو آهي. ڌاڳو ڪتڻ يا نوڙي وٽڻ واري معنيٰ ان پوءِ اختيار ڪئي آهي. هڪ ٻيو لفظ “غزال” آهي، جنهن جو اُچار يورپ وارا “غزيل” ڪندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي “غزل” ان لفظ مان نڪتو آهي، پر جيڪڏهن ان مان نڪتو آهي (يقيناً ان مان نه نڪتو آهي) تنهن هوندي به هرڻيءَ (غزالا) جي اُڇانگ ۽ غزل گو شاعرن جي خيالن جي پرواز ۾ ڪافي مناسبت آهي.“

غزل جون فني خوبيون
1) غزل ڪيترن ئي شعرن جو مجموعو آهي.
2) هر شعر پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل مضمون رکي ٿو.
3) غزل جي پهرئين شعر جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيو ساڳيو هوندو آهي.‏ پهرئين شعر کي “مطلع” چيو ويندو آهي.
4) غزل جي باقي شعرن ۾ فقط ٻئي مصرع ۾ قافيوايندو آهي.
5) آخري شعر ۾ شاعر جو تخلص هوندو، جنهن کي “مقطع” چيو ويندو آهي.
6) غزل ‏۾ وحدتِ تاثر تمام اهم آهي.

غزل جون خاصيتون
جيئن ته غزل جي لغوي معنيٰ آهي “عورت سان محبت جي گفتگو ڪرڻ” تنهن ڪري غزل جون خاصيتون به هن ئي موضوع مطابق هئڻ گهرجن. ماهرن جي راءِ مطابق هڪ سُٺي غزل ۾ هيٺيون خاصيتون هُجڻ گهُرجن.
1) غزل کي حُسن ۽ عشق جي واردا تن ۽ محبوبن جي ناز ۽ نخرن سان سينگاريل هُجڻ گهرجي.
2) جيئن ته گفتگو “صنفِ نازڪ” سان ڪئي وڃي ٿي، تنهن ڪري ٻولي نرم ۽ شيرين، اندازِ بيان دلڪش هجڻ گهرجي.
3) غزل کي اعليٰ فني روايتن جو پاسبان هجڻ گهرجي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي هلڪڙائپ نه هجڻ گھرجي.
4) غزل ۾ نهٺائي ۽ انڪساري هئڻ گهرجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو غرور ۽ تڪبر نه هئڻ گهرجي، ڇو ته “محبوب” غرور کي سخت ناپسند ڪندا آهن.
5) ٻولي عام فهم استعمال ڪئي وڃي ته جيئن ان ۾ مٺاس پيدا ٿئي. هروڀرو ڳاٽي ڀڳا لفظ استعمال ڪري غزل کي بگاڙڻ نه گهرجي.

غزل جا موضوع
غزل جو بنيادي موضوع صرف هڪ ئي آهي ۽ اهو آهي “حسن ۽ عشق” پر حُسن و عشق کان علاوه غزل ۾ ٻين ڪيترن ئي موضوعن کي به آندو ويو آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو:
“اها ڳالهه درست آهي ته غزل “حُسن ۽ عشق” جي معاملن جي تصوير ڪشي سهڻي ۽ وڻندڙ نموني ڪئي آهي ۽ عشق جي هر ڳالهه کي ذري پرزي بيان ڪيو آهي ۽ ان جي سمورين ڪيفيتن کي کولي بيان ڪيو آهي. پر ان ۾ عشق جي موضوعن سان گڏ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو احساس ۽ اُنهن جي ترجماني به آهي، ان ۾ فلسفي جي اونهائي به آهي ۽ پنهنجي سماج ۽ معاشري جو عڪس به آهي. غزل ۾ تصوف ۽ طريقت جا راز ۽ اسرار نهايت دلنشين انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن ۽ اخلاق جا سبق سهڻي نموني سيکاريا ويا آهن” قادري صاحب جي بيان جي روشنيءَ ۾ سنڌي غزل جي مختلف موضوعن جو مختصر جائزو وٺجي ٿو.

حُسن ۽ عشق
حُسن، انساني زندگيءَ جو هڪ بنيادي قدر آهي ۽ هر انسان حسن ڏانهن بي اختيار ڪشش محسوس ڪري ٿو. حُسن، عشق جو بنياد آهي. بغير حُسن جي عشق نه ٿيندو آهي، ڇو ته عشق آهي ئي حُسن جي پيداوار. “حسن و عشق“ جيئن ته غزل جو بنيادي موضوع آهي، تنهن ڪري هن موضوع تي سڀني شاعرن دل کولي لکيو آهي.
مثلاً:
دل ٿي پچي پرت ۾، تولئي پرين پيارا
آءُ تون اڱڻ منهجي، محبوب جيءَ جيارا
(خليفو گل)

هر گهڙي هر لحظي منهنجو، ورد آهي يار يار
دل گهريا دلبند منهنجا، من گهريا منٺار يار
(سانگي)

رات آئي، وئي تون نه آئين ڪهي
ماڪ ۾ مينڌرا! ڪاڪِ روئندي رهي
مينهن موٽي ويا، ڏينهن اڀري لٿا
تون نه آئين پرين، وه لڳي ٿي وهي
(شيخ اياز)

تصوف
عشق مجازي، حقيقي عشق جي پهرين چاڙهي آهي. جڏهن انسان مجازي عشق جي چاڙهي چڙهي ٿو ۽ اڳتي وڌي ٿو ته هو حقيقي عشق جو پانڌيئڙو بنجيو پوي، سنڌي غزل ۾ حقيقي عشق يعني تصوف جون رمزون به ڏاڍي شانداز طريقي سان بيان ڪيون ويون آهن:

ڪري هُل ۽ حشر، ڪثرت جي باغ ۾ آيس
اڳي بي رنگ ۽ مخفي هُيس، وحدت جي ويران ۾
(قليچ)

منجهان پاڻ پنهنجو، پرين ڦولهه پس
آهين تون تونهين تون، مَ ڏي ٻهر جهوت
(گل)

اخلاقيات
اخلاقيات کي به سنڌي غزل جو موضوع بڻايو ويو آهي، حالانڪ هي موضوع غزل جي مفهوم سان ٺهڪِي ڪونه ٿو اچي، تنهن هوندي به ڪجھه شاعرن هن تي طبع آزمائي ڪئي آھي، ڇو ته اخلاق ئي ماڻهوءَ کي جانور مان انسان بنائي ٿو:

پنهنجي سائل جي ٿو تڪي منهن کي
ٿي سخيءَ کي سوال جي خواهش
(ليکراج عزيز)

خلق جي خير ۾، مشغول سدا ره تون “قليچ”
من ڪڏهن ڪا ٿئي، مقبول ڪمائي تنهنجي.
(قليچ)

سماجي شعور
شاعر جيئن ته حساس هوندو آهي، تنهن ڪري هن کي معاشري ۾ ڦهليل گندگيءَ جو احساس به عام ماڻهن کان وڌيڪ ٿيندو آهي، ان ڪري شاعرن پنهنجي غزل ۾ سماج جي به عڪاسي ڪئي آهي:

“جن وٽ پورهيو پيار، صداقت، سي ويڳاڻا ڇو،
جن وٽ داڻا، چاڻا، ناڻا، سي سڀ راڻا ڇو!
(استاد بخاري)

اي قوم! ٻڌايا ٿي قصا، ڪلهه توکي مون تقديرن جا
اڄ باغيءَ باغيءَ جي سر تي، ٿو تاج ڏسان تعزيرن جا
(شيخ اياز)