باب چوٿون: اونداهيءَ ۾
هن پنهنجي عمل جو نئون طريقو سوچيو. هوُ فيودورپاولووچ جي گهر جي چوڌاري، ايڏو ڊگهو رستو ڊوڙندو رهيو. گهٽيءَ کان ٽپي، دمترووسڪي رستي کان ڊوڙندو، ننڍي پل تي پهتو. اُتان سڌو اُن پٺ واري ويران ڪوٺي وٽ اچي نڪتو. اُها خالي هئي ۽ اُن ۾ ڪو به نه رهندو هو. اُن جي هڪ پاسي کان پاڙيسريءَ جي رڌڻي جي باغ جو لوڙهو هو. اُن جي ڀرسان نهايت مضبوط ۽ بلند، فيودورپاولووچ جي باغ جو لوڙهو هو. هوُ ان جي چوڌاري ڊوڙندو رهيو. آخر هن هڪ جاءِ کي چونڊيو. هيءَ اُها ساڳي جاءِ هئي، جنهن کي هنُ گذريل روايت موجب بخوبي ڄاتو ٿي، ته هڪ ڀيري لزاوٽيا، اُن تي چڙهي وئي هئي. هن خيال ڪيو ته ”جيڪڏهن هڪ عورت اُن تي چڙهي سگهي ٿي، ته پڪ سان مان به اُن تي چڙهي ويندس.“ خدا ڄاڻي، اهو خيال سندس دل ۾ الائي ڪيئن آيو. هن ٽپو ڏنو ۽ لوڙهي جي مٿان وڃي ويٺو. باغ ۾ ڀرسان غسل خانو هو. پر هوُ لوڙهي کان گهر جي دري به ڏسي سگهيو ٿي، جنهن مان روشني اچي رهي هئي.
”هان، پوڙهي جي سمهڻ واري ڪمري ۾ روشني آهي. هوءَ يقيناً اتي آهي!“ هوُ ٽپو ڏئي، لوڙهي کان هيٺ باغ ۾ آيو. جيتوڻيڪ کيس خبر هئي، ته گريگري بيمار آهي ۽ سميرڊياڪوف به ۽ کيس ڏسڻ وارو ٻيو هيوئي ڪونه، پر اُن هوندي به هن پاڻ کي لڪائي ڇڏيو. هوُ خاموش بيٺو رهيو ۽ ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳو. پر هتي بلڪل خاموشي هئي ۽ چوڌاري چپ چپات. ايتري قدر جو هوا جو به ڪو کڙڪو ڪونه هو. بلڪل خاموشي هئي. ڪو دليل وارو خيال سندس دل ۾ جاڳيو. مان سمجهان ٿو ته لوڙهي جي مٿان، مون کي ٽپو ڏيندي، ڪنهن نه ڏٺو آهي. هڪ منٽ جي ترسڻ کان پوءِ ، هوُ آهستي باغ ۾ گاهه مٿان گهمڻ لڳو. وڻن ۽ ٻوٽن کان پاسو ڪندو ويو. هر قدم تي چورن وانگر چرندو ٿي ويو. فقط پنهنجي قدمن جي آواز کي ٿي ٻڌائين. فقط پنجن منٽن ۾ هوُ روشنيءَ واري دريءَ وٽ وڃي پهتو. کيس ياد آيو، ته دريءَ جي هيٺان ڪيئي ڪنڊن وارا ٻوٽا ۽ اوڀڙ موجود آهن. کٻي هٿ تي باغ ڏانهن کلندڙ دروازو بند هو. هنُ دروازي جي لنگهه کي ڪنهن مقصد سان پوري ريت جاچي ڏٺو. آخر اُهو اُن ٻوٽن تائين پهتو ۽ اُنهن ّ۾ لڪي ويو. هنُ پنهنجي ساهه کي روڪيو. هنُ خيال ڪيو، ته کيس اُتي ترسڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن سندس قدمن جي آواز کي ٻڌو به آهي ته کين سندس بابت پڪ ٿي ويندي ۽ هوُ ڏسي وٺندا. ”مون کي نه کنگهڻ گهرجي نه زور سان ساهه کڻڻ گهرجي.“
هوُ ٻه منٽ ترسيو. سندس دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي. اهڙي حالت ۾ به هوُ مشڪل سان ساهه کڻي رهيو هو. هن خيال ڪيو ته دل جي هيءَ ڌڪ ڌڪ ڪڏهن به بس نه ٿيندي ۽ مان گهڻو وقت ترسي نه ٿو سگهان. هوُ هڪ ٻوٽي جي پويان، پاڇي ۾ بيٺو هو. دريءَ جي روشني، ٻوٽي جي اڳئين حصي تي پئجي رهي هئي.
”ڪهڙيون نه اڇيون ۽ ڳاڙهيون ٻيريون سهڻيون آهن!“ بنا ڪنهن ارادي جي هوُ چوڻ لڳو. هوريان هوريان بنا ڪنهن لڙُ ۽ گوڙ جي، هوُ قدم به قدم وڃي دريءَ وٽ پهتو ۽ کڙين تي بيهي رهيو. هاڻي فيودورپاولووچ جي سمهڻ وارو ڪمرو سڄوئي سندس سامهون هو. هيءَ ڪا وڏي ڪوٺي نه هئي. ڳاڙهي پردي سان هوءَ ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. اهو ڪپڙو چيني هيو. جيئن فيودورپاولووچ اُن کي سڏيو ٿي. چيني مـِـتيا جي اندر ۾ بجلي وانگر چمڪو ڏنو. هن خيال ڪيو ته اُن پردي جي پويان گروشينڪا موجود آهي. هوُ فيودورپاولووچ کي جاچڻ لڳو، جنهن کي نئون پٽاپٽي ريشم جو، شب خوابي جو چوغو پيل هو. جنهن کي مـِـتيا اڳ ۾ ڪونه ڏٺو هو. سندس چيلهه جي چوڌاري ريشمي ڏوري ٿي ڏٺي. هڪ صاف سٿري، لؤن جي قميص، سونن بٽڻن سان، چوغي جي ڪالر جي اندران صاف ٿي نظر آئي. فيودورپاولووچ جي مٿي تي هڪ سرخ پٽي هئي، جنهن کي اليوشا ڏٺو هو.
”هن چڱيءَ ريت پاڻ کي سينگاريو آهي.“ مـِـتيا سو چيو.
سندس پيءُ دريءَ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ پنهنجي خيالن ۾ گم هو. اوچتو هنُ پنهنجي مٿي کي لوڏيو. ويرم لاءِ ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳو. جڏهن ڪو به آواز نه ٻڌائين تڏهن ميز ڏي ويو. بي پرواهيءَ سان اڳتي وڌيو ۽ دريءَ مان اڌورو گلاس برانڊيءَ جو کڻي پي ويو. اُن کان پوءِ ٿڌو ساهه کنيائين. گهڙي کن بيهي رهيو ۽ ڀت ۾ لڳل آئيني ڏانهن ويو. سڄو هٿ مٿي کنيائين. مٿي جي پٽي کي ٿورو مٿي ڪري زخمن ۽ نشانن کي غور سان ڏسڻ لڳو، جي اڃا پنهنجي جاءِ تي موجود هئا.
”هيءُ اڪيلو آهي،“ مـِـتيا خيال ڪيو ته ”هيءُ يقيناً اڪيلو آهي.“
فيودورپاولووچ، آئيني کان اڳتي وڌيو، اوچتو دريءَ ڏي هليو آيو ۽ ٻاهر نهاريائين. مـِـتيا هڪدم ڀاڇي ڏانهن سرڪي ويو.
”ٿي سگهي ٿو ته هوءَ پردي جي پوئتان هجي ۽ هاڻي ننڊ پئي هجي.“ هن دل ۾ سٽ محسوس ڪئي. فيودورپاولووچ، دريءَ کان سرڪي ويو. ”هوُ اُن جي لاءِ دريءَ کان نهاري رهيو آهي ۽ هوءَ وٽس ڪانه آهي. هوُ نه ته ڇو، اونداهي ۾ گهوري نهاري. هوءَ اتي نه آهي ۽ هيءُ بي صبريءَ کان وحشي بڻجي ويو آهي.“ .... مـِـتيا وري پوئتي هٽي ويو ۽ وري دريءَ مان نهارڻ لڳو. پوڙهو ميز جي ڀرسان ويٺو هو. هوُ بلڪل نااُميد ٿي ڏٺو. آخر هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي رکي ۽ پنهنجي سڄي ڳل کي هٿ تي ٽيڪ ڏنائين. مـِـتيا کيس وڏي شوق مان ڏسڻ لڳو.
”هيءُ اڪيلو آهي، هيءُ اڪيلو آهي.“ هوُ ورائي ورائي چوڻ لڳو. ”هوءَ جيڪڏهن هتي هجي ها، ته سندس چهرو ٻيءَ طرح هجي ها.“
عجب جهڙي ڳالهه هئي جو، گروشينڪا جي غير موجودگيءَ سبب، منجهس غصي جي رڳ ڦڙڪي اُٿي. انهيءَ حالت کان متاثر ٿي چيو، ته اُن جي نه هئڻ سبب، منهنجي دل ۾ غصو نه آهي، جيڪڏهن آهي به ته انهيءَ لاءِ ، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر نه آهي ته هوءَ ڪٿي آهي؟ مـِـتيا پوءِ ياد ٿي ڪيو، ته اُن وقت سندس دل خاص طرح صاف هئي ۽ هن هر شيءِ کي تفصيل سان ٿي ڏٺو. ڪا به ڳالهه هن کان نه ٿي گـُـٿي. اُن هوندي به سندس اضطراب ۽ شڪ، دل ۾ سخت کان سخت ٿيندو ٿي ويو. هنُ اوچتو پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪيو ۽ پنهنجو هٿ ڪڍي دريءَ جي طاق کي آهستي کڙڪايائين. هنُ اُهي ساڳيون نشانيون ڪم آنديون، جي پوڙهي ۽ سميرڊياڪوف جي وچ ۾ مقرر ٿيل هيون. ٻه ڀيرا آهستي ۽ ٽي ڀيرا جلدي. انهيءَ اشاري جو مطلب هو ته گروشينڪا موجود آهي!
پوڙهي کان ڇرڪ نڪري ويو، هن پنهنجي مٿي کي لوڏو ڏنو. تڪڙ ۾ ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ دريءَ ڏي ڊوڙيو. مـِـتيا، وري پاڇي ۾ سرڪي ويو. فيودورپاولووچ دريءَ کي کوليو ۽ اُن مان پنهنجو سڄو مٿو ٻاهر ڪڍيائين ۽ چوڻ لڳو:
”گروشينڪا تون آهين؟ تون آهين؟“ سندس آواز جيتوڻيڪ ڀڻڪي وانگر هو، پر پئي ٿي ڏڪيو. ”تون ڪٿي آهين؟ منهنجا فرشتا؟ تون ڪٿي آهين؟“ هوُ جوش ۾ خوفزدهه هو ۽ ساهه کڻي نه ٿي سگهيو.
مـِـتيا کي يقين ٿي ويو ته هوُ اڪيلو آهي.
”ڪٿي آهين؟“ پوڙهي زور سان چيو. هن پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ڪلهن تائين نڪري ويو. کٻي ۽ سڄي نهاري چوڻ لڳو ته ”هيڏي اچ. مون وٽ تنهنجي لاءِ سوکڙي آهي، اچ ته ڏيکاريانءِ .“
”هان! سندس مطلب ٽن هزارن کان آهي.“ مـِـتيا سوچيو.
”پر تون ڪٿي آهين، دروازي وٽ. مان اُن کي کوليان ٿو.“
پوڙهو ذري گهٽ دروازي جي مٿان چڙهي ويو. هوُ سڄي طرف جتي باغ جو دروازو هو، نهارڻ لڳو. وڏي ڪوشش سان اونداهي ۾ هيڏي هوڏي گهورڻ لڳو ۽ هوُ سيڪنڊ کان پوءِ ، گروشينڪا جي آواز ٻڌڻ کان سواءِ ئي دروازي کولڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
ـِـتيا، هيڏي هوڏي ٿيڻ کان سواءِ ، کيس ڏٺو. پوڙهي جي چهري جي تصوير، جنهن کي هن نفرت سان ڏٺو، حضرت آدم عليه السلام جي صورت وانگر لڙڪيل ٿي ڏٺي. سندس نوڪدار نڪ، سندس چپ جي شهواني شوق ۾ مرڪي رهيا هئا، فانوس جي روشنيءَ ۾، جا ڪمري جي کٻي طرف کان ٿي آئي. صاف ڏٺا. مـِـتيا جي دل ۾ اوچتو خطرناڪ نفرت جو جذبو پيدا ٿيو. سندس رقيب موجود هو. هيءُ اُهو ماڻهو هو، جنهن سندس زندگيءَ کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو هو. هيءَ اهڙي ته جوش ڀري ۽ انتقام ۽ غصي واري باهه هئي، جنهن بابت هن چار ڏينهن اڳ ۾ وڻن جي جـُـهنڊ ۾، اليوشا جي هن سوال تي ته ”تون پنهنجي پيءُ کي ماريندين؟“ هنُ چيو هو ته ”مون کي خبر نه آهي، ته مون کان ڇا ٿي گذرندو! شايد مان هن کي نه ماريان يا ماري ڇڏيان. مون کي خوف ٿو ٿئي، ته هوُ منهنجي لاءِ ڪنهن وقت گهڻي نفرت جهڙو نه بڻجي وڃي. مان سندس ٻٽي کاڏي، سندس نڪ ۽ سندس اکين ۽ سندس بيشرميءَ جي نگاهن کي نفرت سان ٿو ڏسان. مون ۾ شخصي طرح ڪراهت پيدا ٿي وڃي ٿي. مون کي اُن جي لاءِ ڌڪار آهي ۽ شايد مان اُن کي برداشت ڪري نه سگهان......“ هيءَ شخصي نفرت هاڻي سـَـهڻ کان نڪرندي ٿي وئي، هوش ۾ هوندي به هن اوچتو ٽامي جو ڏنڊو پنهنجي کيسي مان ڪڍي ورتو.
”خدا مون کي اُن وقت ڏسي رهيو هو.“ مـِـتيا پوءِ پاڻ ٻڌايو ٿي. اُن وقت گريگري پنهنجي بيماري جي بستري تي جاڳي پيو. ساجهري شام جو، هوُ علاج هيٺ آيل هو، جنهن جو ذڪر سميرڊياڪوف ايون سان ڪيو هو. هن پنهنجي سڄي بدن کي ڪنهن پراسرار عرق سان مالش ڪئي هئي ۽ اُن جي بچيل حصي کي پيتو هئائين. اُن وقت مارفا دعا ٿي گهري. سندس ننڊ کان پوءِ هن به اُن عرق کي پيتو ۽ اُن جي اَثر کان مـُـردي وانگر، مڙس جي پاسي ۾ پئجي رهي.
پر گريگري رات جو ننڊ مان اوچتو جاڳي پيو. ٿوري وقت جي خيال کان پوءِ ، جيتوڻيڪ هن پٺ ۾ تيز سور کي محسوس ڪيو به، اُٿي ويٺو. هنُ پوءِ ڄاڻي واڻي، اُٿي تڪڙ ۾ ڪپڙا پاتا. شايد سندس ضمير ۾ بي چيني پيدا ٿئي هئي، ڇاڪاڻ ته سڄو گهر غير ّمحفوظ هو ۽ هوُ ننڊ ۾ هو. سو به اهڙي تڪليف واري زماني ۾. سميرڊياڪوف، پنهنجي بيهوشيءَ جي حملي سبب، ٻي ڪمري ۾ ڪنهن به چـُـر پـُـر کان سواءِ بي خبر پيو هو. مارفااگناٽيانا به بي حرڪت پئي هئي. گريگري کيس نهاريندي چيو ته: ”اهڙي قسم جي شيءِ عورت جي لاءِ تمام خراب آهي.“ اِيئن ڀڻڪندو، هوُ ڏاڪن ڏي هليو ويو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سندس مقصد فقط اِهو هو، ته فقط ڏاڪڻ کان نگاهه ڪري، ڇاڪاڻ ته هوُ پنڌ ڪرڻ جي لائق نه هو. سندس پٺيءَ ۽ سڄيءَ ٽنگ ۾ سور برداشت کان ٻاهر هوس. پر اوچتو کيس ياد آيو، ته هن، شام جو باغ جي دروازي کي قلف نه ڏنو هو. هوُ نهايت وقت تي ڪم ڪندڙ ۽ سوچڻ وارو ماڻهو هو، ڪيتري وقت کان نه تبديل ٿيندڙ عادتن جو عادي هو، جيڪي هوُ سالن کان اختيار ڪري چڪو هو. سور سان ڌڏندو ۽ لڏندو، هو ڏاڪڻ کان لهي باغ ڏي ويو. هن دروازي کي کليل ڏٺو. خود بخود سندس قدم باغ ڏي هلڻ لڳا. ٿي سگهيو ٿي، ته ڪنهن شيءِ جو کيس احساس ٿيو هجي يا ٿي سگهي ٿو، ته هنُ ڪو آواز ٻڌو هجي. کٻي طرف ڏي ڏسندي، هنُ پنهنجي آقا جي دري کليل ڏٺي. اُن وقت اُن مان ڪنهن به نه ٿي نهاريو. ”هيءَ ڇو کـُـلي پئي آهي؟ هاڻي اونهارو ته نه آهي.“ گريگري خيال ڪيو. اوچتو اُن ويرم ۾، هنُ باغ ۾ غير معمولي نظاري کي پنهنجي سامهون ڏٺو. چاليهه قدم پري، هنُ هڪ ماڻهوءَ کي اونداهي ۾ ڊوڙندي ڏٺو. هڪ پاڇي جو قسم هو، جو نهايت تيزيءَ سان ٿي ويو. هنُ قريبي رستي کي ورتو ڇاڪاڻ ته هوُ باغ جو پورو پورو واقف هو ۽ هن ڀڄندڙ ماڻهو کي وٺڻ ٿي گهريو. ڀڄندڙ ماڻهو غسلخاني ڏانهن ويو ۽ اُن جي پويان ڦري، هن لوڙهي ڏانهن وڃڻ ٿي گهريو. گريگري ان جي پويان پيو ۽ کيس نظر کان غائب ٿيڻ نه ڏنائين. کانئس ٻيو سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو. اُن وقت ماڻهو لوڙهي تي چڙهڻ لڳو. گريگري رڙ ڪري، کيس روڪڻ گهريو ۽ اُن جي ٽنگ کي ٻن هٿن سان ورتائين.
هاڻي، اُن جو جسم کيس ٺڳي نه سگهيو. هنُ، هـِـن بلا کي سڃاتو. هي اُهوئي ”پدرڪش“ هو.
”پدرڪش ” پوڙهي بلند آواز سان چيو، جيئن پاڙو پنو اُن کي ٻڌي سگهي. پر وٽس وڌيڪ وقت ڪونه هو، جو هوُ وڌيڪ دانهون ڪري سگهي. مـِـتيا جي هٿ ۾ ٽامي جو ننڍو ڏنڊو هو، جنهن کي رمز سان هن گاهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. گريگري ڪري پيو. ٽامي جو ڏنڊو گريگري کان ٻن قدمن تي وڃي ڪريو. اهو گاهه ۾ نه ڪـِـريو پر رستي تي وڃي پيو. ٿورن سيڪنڊن لاءِ هن منهن ڀر پيل ماڻهو کي جاچي ڏٺو. پوڙهي جو سڄو مٿو رت سان ڀريل هو. مـِـتيا پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ۽ اُن جي مٿي کي لائي ڏٺائين ۽ کيس احساس ٿيو. هن پوءِ ياد ٿي ڪيو، ته هن اُن وقت ڏٺو هو ته پوڙهي جو مغز ڦاٽي پيو آهي يا کيس معمولي زخم آيا آهن. پر رت خوفناڪ طرح سان وهندو رهيو ۽ ٿوري وقت ۾ مـِـتيا جون آڱريون گرم رت سان ڀرجي ويون. هن کي پوءِ ياد آيو ٿي، ته هن پنهنجي کيسي مان هڪ صاف ۽ سفيد رومال ڪڍي ورتو هو، جنهن کي هن بيگم هائلڪوف جي ملاقات لاءِ پاڻ سان کنيو هو. هن اُن کي پوڙهي جي مٿي تي رکيو ۽ بيهوشي ۾ سندس مٿي ۽ نرڙ کي اُن سان صاف ڪندو ٿي رهيو. اُن وقت سندس سڄو رومال رت سان آلو ٿي ويو.
خدايا! مان هي ڇا جي لاءِ ڪري رهيو آهيان؟ اوچتو پاڻ کي سميٽيندي هن چيو. جيڪڏهن مان سندس مغز جي هڏي کي ڀڃي ڇڏيو آهي، ته اُهو هاڻي ڪٿان ايندو؟ ۽ هن مان ڪهڙو فائدو؟ هوُ نااُميدي ۾ چوندو ويو. ”جيڪڏهن مان کيس قتل ڪيو آهي، ته اُن لاءِ ڪهڙو ڏک ڪريان. پوڙها تون اتي ئي پيو رهه.“ پويون جملو هن زور سان چيو. اُن کان پوءِ هوُ لوڙهي ڏي ڦريو ۽ اُن تان ٽپي گهٽيءَ ۾ آيو ۽ ڀڄڻ لڳو. رت ڀريل رومال سندس هٿ ۾ هو، ڊڪندي هن، اُن کي ڪوٽ جي پٺ واري کيسي ۾ وڌو. هوُ تيز ڊوڙڻ لڳو. رستي ۾ کيس تمام ٿورا ماڻهو مليا. اُنهن کي پوءِ ياد آيو، ته اونداهي ۾ کين هڪ ماڻهو ڊوڙندي نظر آيو هو. هوُ وري موروزوف جي بيوهه جي گهر ڏانهن مڙيو.
اُن شام جو جيئن ئي هن فينا کي ڇڏيو هو، هوءَ مکيه چوڪيدار نذر ايوانووچ ڏي ڀڄندي وئي ۽ هنُ کيس عرض ڪيو، ته حضرت عيسيٰ جي صدقي، هو وري ڪپتان کي اڄ يا سڀاڻ وٽس اچڻ جي اجازت نه ڏي. هن ساڻس انجام ڪيو. پر بدقسمتيءَ سان سندس مالڪياڻي کيس بالاخاني ڏي سڏي ورتو. هن پنهنجي ڀائٽي کي، جو ويهه ورهين جو ڇوڪرو هو ۽ تازو ٻهراڙيءَ کان آيو هو، دروازي تي بيهاري هليو ويو. کانئس وسري ويو، ته هو کيس سڄي ڳالهه سمجهائي وڃي. ايتري ۾ مـِـتيا ڊوڙندو آيو ۽ دروازي کي کڙڪايائين. ڇوڪري کيس سڃاتو. ڇاڪاڻ ته مـِـتيا کيس ڪيئي ڀيرا رشوت ڏئي چڪو هو. هن دروازو کوليو ۽ کيس اندر اچڻ ڏنائين ۽ وٽس تڪڙ مان پهتو، ته کيس مشڪندي ٻڌائي ته اگرافينا اليگزينڊرووينا، هن وقت گهر ۾ موجود ڪانه آهي.
”تڏهن ڪٿي آهي، پروهوور؟“ مـِـتيا ٿورو ترسندي کانئس پڇيو.
”هوءَ اڄ شام جو ٻه ڪلاڪ کن اڳ ۾ ٽموفي سان گڏ ماڪرو هلي وئي آهي.“
”ڇو؟“ مـِـتيا کانئس پڇيو.
”اها مون کي خبر نه آهي. شايد ڪنهن آفيسر کي ڏسڻ وئي آهي. کيس ڪنهن دعوت ڏني آهي، ڇو ته گهوڙا کيس وٺي وڃڻ لاءِ موڪليا ويا هئا.“
مـِـتيا کيس ڇڏي، چرين وانگر فينا ڏي ڊوڙيو.