باب ڇهون: مان پڻ اَچان ٿو
”هتي ڪنهن جهڳڙي جو سوال ئي نه آهي. اِهو هن جو (گروشينڪا جو) ۽ هـُـن جو حق هو. هيءَ هـُـن جي پهرئين محبت هئي، جنهن کي وساري نه سگهي هئي. هو ساڻس پنج سال ساندهه محبت ڪندي رَهي ۽ هاڻي مان ڪيئن اُن جي آڏو اَچان؟ مون کي اُن لاءِ ڪهڙو حق آهي؟ هن آفيسر جي باعث سڀ ڪا ڳالهه ختم ٿي چـُـڪي آهي. جيڪڏهن هـُـو ظاهر نه به ٿئي ها، ته اُن جي معاملي ۾ هرڪا ڳالهه ختم سمجهڻ ۾ اَچي ها ....“
هي لفظ سراسري طور سندس جذبات کي ظاهر ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن هـُـو دليل جو صاحب هجي ها، ته اُنهن کي سمجهي ها، پر اُن وقت ڪنهن به دليل وٽس ڪم نه ٿي ڪيو. سندس موجوده عمل جي رٿ، دليل کان سواءِ جاڳي پئي هئي.
فينا جي آخري لفظن سندس جذبات ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي هئي. اُن مان جيڪي نتيجا نڪتا ٿي، اُهي سندس اندر ۾ چمڪاٽ ڏئي رهيا هئا. اُن هوندي به ڪنهن محڪم اِرادي جي بجاءِ سندس روح ۾ مونجهارو ٿي ڏٺو. هڪ درد ڏيندڙ مونجهارو سندس محڪم اِرادو به کيس جمعيت ڏئي نه ٿي سگهيو. اِهي پس پرده اِهڙيون حقيقتون هيون، جيڪي کيس عذاب ڏئي رَهيون هيون. اِنهن گهڙين ۾ کيس هرڪا شيءِ عجيب ٿي نظر آئي. اِيئن کڻي چئجي، ته هن پنهنجي قلم سان ڪاغذ تي خود موت جي فتويٰ ٿي لکي. ”مون کي پاڻ کي سزا ڏيڻ گهرجي.“ اِهو ڪاغذ هردم تيار سندس کيسي ۾ هو. پستول به ڀريل هو. هن اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو هو، ته هـُـو ايندڙ سونن وارن واري ديوتا يعني صبح جو ڪهڙيءَ ريت انتظار ڪري.
اُن هوندي به هـُـو ماضيءَ کي وساري نه ٿي سگهيو، جو سندس پوئتان هو، جنهن کيس عذاب ٿي ڏنو. کيس اُن جو وڏو احساس هو ۽ اُن جي خيال کان سندس دل ٻـُـڏي ٿي وئي ۽ نااُميدي ٿي جهلڪي. هن حالت ۾ وٽس هڪ گهڙي اِهڙي به آئي، جنهن ۾ هن چاهيو ٿي، ته ائنڊري کي روڪي ۽ گاڏيءَ مان ٽپو ڏئي هيٺ لهي، پنهنجي پستول کي ڇڪي ۽ پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ هر شيءِ جو خاتمو ڪري ڇڏي. پر اُها گهڙي هڪ چڻنگ وانگر چمڪي ۽ ختم ٿي وئي. گهوڙا تيزيءَ سان ڊوڙندا ٿي ويا ۽ زمين جي مفاصلي کي ڳڙڪائيندا ٿي ويا. جيئن هـُـو پنهنجي منزل مقصود کي ويجهو ٿيندو ويو. هـُـن خيال، تنها ۽ سندس روح کي وٺي قابو ڪيو ۽ اُن خطرناڪ خيالن جي عڪس کي وٺي ٻاهر ڪيو، جي کيس ڊيڄاري رهيا هئا. ڪيتري قدر نه کيس انتظار هو، ته هـُـو کيس ڏسي، ڇو ته هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ئي پوءِ اِهو پريان ئي هجي.
”هوءَ هاڻي اُن سان آهي،“ هـُـن خيال ڪيو. ”هاڻي مان ڏسندس، ته هوءَ هن کان ڪيتري قدر راضي آهي، جا هـُـن جي پهرئين محبت آهي. هاڻي مان اِهو ڏسندس.“ باوجود هن حقيقت جي ته اُن عورت جي محبت سندس دل سان کيڏندي ٿي رَهي، مگر ڪڏهن به هن پنهنجي دل ۾ ايڏي جلائيندڙ محبت جو احساس ئي نه ڪيو هو، جو هاڻي کيس هو. هيءَ اِهڙي باهه هئي، جنهن کيس ششدر ڪيو هو ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هـُـو پرستش ۽ نابوديءَ جي حد تي پهچي چـُـڪو هو ۽ سندس دل
بي اختياريءَ ۾ مبتلا هئي. اوچتو هن پريشانيءَ ۽ بي خبريءَ جي حالت ۾ چيو ته، ”هائو، هن راهه ۾ مون کي عشق نابود ڪري ڇڏيندو.“
گهوڙا قريباََ هڪ ڪلاڪ ڊوڙندا رَهيا. مـِـتيا خاموش هو. ائنڊري باوجود ڳوٺاڻي جي جيتوڻيڪ گهڻ ڳالهائو هو، هن به هڪ لفظ نه ڳالهايو. هن کي گفتگوءَ کان خوف پئي ٿيو. هن فقط چالاڪيءَ سان پنهنجي ڪمزور گهوڙن کي چهبڪ تي چهبڪ ٿي هنيا. اوچتو مـِـتيا پنهنجي خطرناڪ انتظار سان کانئس پڇيو ته:
”ائنڊري ڇا ٿيندو؟ جي هـُـو ننڊ ۾ هجن؟“
هن خيال ڄڻ ته کيس چماٽ هڻي ڪڍي. هيءُ خيال کيس اڳ ۾ آيو ئي نه هو.
ائنڊري کيس جواب ڏنو ته، ”دمتري فيودورپاولووچ اِهو چڱو ٿيندو، ته هـُـو هن وقت ننڊ ۾ هجن.“
مـِـتيا هن جواب تي درد کان بي تاب ٿي ويو. هائو سچ پچ ..... هـُـو اوڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهيو هو ..... عجيب جذبن سان ..... ۽ اِهڙي وقت ۾ هـُـو ننڊ ۾ هوندا .... شايد هوءَ به ننڊ ۾ هجي ...... سندس دل ۾ ڪاوڙ ڀريل جذبا پيدا ٿيڻ لڳا.
هن خودبخود رڙ ڪري چيو، ته ”گهوڙن کي تيز ڪر ائنڊري، چهبڪ هڻينِ.“
”ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو اَڃا ستا هجن.“ ويرم رکي ائنڊري چيو. ”ٽيموفي چيو ٿي، ته اُتي گهڻئي اَچي گڏ ٿيا آهن.“
”اسٽيشن وٽ؟“
”نه، گاڏين جي اسٽينڊ وٽ نه، پر پلاسٽونوف جي مسافرخاني ۾.“
دمتري، جو هن اَڻ ٿيڻي حقيقت کان وائڙو ٿي ويو هو، پڇڻ لڳو ته، ”اُنهن جو عدد گهڻو آهي؟ ڪهڙي ريت؟ ڪهڙا ماڻهو اُتي موجود آهن؟“
”ٽيموفي چيو ٿي، ته سڀئي مرد آهن. ٻه ته اُنهن مان اَسان جي شهر جا آهن. مگر مان اُنهن کي نه ٿو سڃاڻان. پر ٽيموفي چيو ٿي، ته اُهي اسان جي شهر جا آهن. ٻه اجنبي آهن. شايد ڪو ٻيو به ماڻهو هجي. مان کانئس خاص طرح ڪونه پڇيو هو. هـُـن ٻڌايو ٿي، ته هـُـو تاش جي راند کيڏي رهيا هئا.“
”تاش؟“
”اُن ڪري ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو تاش کيڏڻ جي ڪري، شايد اَڃا سـُـتل نه هجن. اَڃا دير به نه آهي، يارنهن وڄڻ ۾ هوندا.“
”تڪڙو ٿيءُ ائنڊري، تڪڙو ٿيءُ.“ مـِـتيا بيتابيءَ مان وري کيس چيو.
”مان ڪجهه اوهان کان پڇان سائين؟“ ائنڊري کيس چيو، پر مون کي اوهان جي ڪاوڙ کان خوف ٿو ٿئي.
”توکي ڇا چوڻو آهي؟“
”اُهو ڪهڙو سبب هو، جو ٿوري دير اڳ ۾ فينا تنهنجي قدمن ۾ ڪـِـري پئي هئي ۽ توکي عرض ڪري رَهي هئي، ته تون سندس مالڪياڻي کي تڪليف پهچائڻ کان باز اَچ يا ڪنهن ٻئي کي به .....؟ اُن ڪري سائين ..... مان ئي آهيان، جو توکي اُن طرف وٺي وڃي رَهيو آهيان ..... معاف ڪر سائين، هيءُ هاڻي منهنجو ضمير آهي .... شايد اِهڙيءَ ريت هيءَ منهنجي گفتگو بيوقوفي هجي.“
مـِـتيا اوچتو سندس ٻانهن کي پوئتان جهلي، غصي مان چيو، ته ”تون ڪوچبان آهين نه؟“
”هائو سائين .....“
”اُن ڪري توکي ڄاڻڻ کپي، ته ڪنهن کي به پنهنجي درجي کان مٿي نه وڃڻ کپي. تون ئي ٻڌاءِ ته هڪ ڪوچبان کي ڪهڙو جواب ڏيڻ گهرجي؟ ڇا تون هڪ ڪريل ماڻهو تي پنهنجي گاڏي هلائيندين؟ هڪ ڪوچبان کي اِهو نه ٿو ٺهي، ته هـُـو ماڻهن جي مٿان گاڏي هلائيندو رَهي. ڪنهن کي به انسانن جي زندگيءَ کي خراب نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تو ڪنهن جي حياتيءَ کي خراب ڪيو آهي، ته اُن لاءِ پاڻ کي سزا ڏي ..... جيڪڏهن تو ڪنهن جي حياتيءَ کي برباد ڪيو آهي، ته اُن لاءِ به پاڻ کي سزا ڏي ۽ هليو وڃ.“ هي الفاظ مـِـتيا کان جنون جي حالت ۾ نڪرندا رهيا. ائنڊري سندس گفتگوءَ کان حيرت ۾ هو، پر هـُـن پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکيو.
”اِهو صحيح آهي، دمتري فيودورپاولووچ. توهان بلڪل صحيح آهيو. ڪنهن به ماڻهو کي نه کپي، ته هـُـو ٻي کي لتاڙي يا عذاب ڏئي. پوءِ هـُـو انسان آهي يا ٻي مخلوق. ڇاڪاڻ ته هر مخلوق خدا جي پيدائش آهي. مثال طور، هڪ گهوڙو وٺو، ماڻهن وٽ توڙي ڪوچبانن وٽ، اُن کي ڊوڙائڻو آهي، اِنهيءَ کان ته ڪنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي. هو ته هن کي تيز ڊوڙائيندا رهندا.“
”جهنم ۾ وجهينس،“ مـِـتيا وچ ۾ ٽپي پيو ۽ پنهنجي دستوري مخصوص کـِـلَ سان کلڻ لڳو. ”ائنبري سادا روح!“ هن وري کيس سندس ڪلهن کان جهليو، ”مون کي ٻڌاءِ ته دمتري فيودورپاولووچ ڪرامازوف دوزخ ۾ ويندو يا نه؟ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“
”منهنجا عزيز، مون کي اِن جي لاءِ ڪابه خبر نه آهي. اِهو ته توتي مدار رکي ٿو ..... سائين توهان کي اِها خبر آهي، ته جڏهن خدا جي پياري کي صليب تي ڪليون هڻي چاڙهيو ويو ۽ هـُـو مري ويو، ته هـُـو پهريائين جهنم ۾ پهتو ۽ سڀني گنهگارن کي اُت ويندي نجات ڏنائين، جي عذاب ۾ ورتل هئا. شيطان گـُـرڪندو رهيو. ڇاڪاڻ ته کيس هن ڳالهه تي افسوس ٿيو، ته هاڻي جهنم ۾ ڪوبه گنهگار نه هوندو. اُن وقت کيس خدا کان آواز آيو، ته غم نه ڪر، ڇاڪاڻ ته تنهنجي لاءِ زمين تي وڏا طاقتور موجود آهن. بادشاهه، وڏا منصف ۽ شاهوڪار. اهي هن کي هر دور ۾ ڀريندا رهندا، جيستائين منهنجو پيارو وري دنيا ۾ موٽي وڃي. هي آهن سندس صداقت ڀريا لفظَ.“
”هڪ ڳوٺاڻو داستان! نهايت سنگين! ائنڊري کٻي پاسي ڏي گهوڙي کي تيز ڪر.“
”اِهڙي ريت سائين تون ڏسي سگهين ٿو، ته دوزخ ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي.“ ائنڊري گهوڙي کي چهبڪ هڻندي، کٻي پاسي ڏي موڙيو. پر تون هڪ ننڍڙي ٻار وانگر آهين ..... اسان هميشھ توکي اِيئن ڏسندا رهيا آهيون .... توکي هميشھ تڪڙي طبعيت وارو سمجهندا رهيا آهيون. مگر خدا تعاليٰ توکي چڱيءَ دل جي صدقي بخشيندو.
”پر تون، تون ائنڊري مون کي بخشين ٿو؟“
”مان ڪهڙي ڳالهه جي لاءِ توکي بخشيان. تو ته مون کي ڪابه تڪليف نه ڏني آهي؟“
”نه، سڀ ڪنهن جي لاءِ، هن رستي جي مٿان اَڪيلو، تون مون کي ٻين جي لاءِ به بخشي سگهين ٿو؟ ڳالهاءِ سادي ڳوٺاڻي دل!“
”اڙي سائين، مان توکي سواريءَ ۾ آندو آهي، اِنهيءَ لاءِ به مون کي خوف ٿو ٿئي. تون ته عجيب ڳالهيون ڪري رهيو آهين.“
پر مـِـتيا کيس ٻڌوئي نه. هـُـو جنوني حالت ۾ دعائون گهري رهيو هو ۽ پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو.
”خدايا، منهنجي بيقاعدگين جي باوجود منهنجي دستگيري ڪر ۽ مون کي خوار نه ڪر. مون کي پنهنجي فيصلي کان گذرڻ ڏي ...... مون کي خوار نه ڪر. ڇو ته مان پاڻ کي گهڻو خوار ڪري چڪو آهيان. مون کي وڌيڪ خوار نه ڪر، مان ته توسان محبت ڪريان ٿو. مان مصيبت ماريل آهيان، پر مان توسان محبت ڪريان ٿو. جيڪڏهن تون مون کي جهنم ۾ موڪليندين تڏهن به توسان اُتي محبت ڪندس ۽ اُتان دانهون ڪري چوندس، ته مان توسان محبت ڪريان ٿو ۽ فقط توسان، هميشھ لاءِ محبت ڪريان ٿو ..... مون کي آخر تائين محبت ڪرڻ ڏي ..... هتي ۽ هاڻي فقط پنجن ڪلاڪن جي لاءِ آٿت ڏي ..... ايستائين جو ڏينهن جي پهرئين روشني پيدا ٿئي ..... ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي روح جي راڻيءَ سان محبت ڪريان ٿو ...... مان اُن جي محبت کان پاڻ کي روڪي نه ٿو سگهان ..... تنهنجي منهنجي دل تي پوريءَ ريت نگاهه آهي ...... مان ڊوڙندو ويندس ۽ اُن جي قدمن ۾ ڪـِـري چوندس، ته تو چڱو ڪيو جو هلي آئين ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿئي. هاڻي خدا حافظ! پنهنجي شڪار کي معاف ڪر ..... منهنجي لاءِ ڪڏهن به پنهنجي دل ۾ تنگي نه آڻ.“
”ماڪرو!“ ائنڊري رڙ ڪري چيو. هن پنهنجي چهبڪ سان اُن ڏانهن اِشارو ڪيو.
اُداس اُداس رات جي اونداهيءَ مان، جاين جو ڪارو پاڇو نظر ٿي آيو. جنهن جي اڳيان وسيع ميدان هو. ماڪرو جي ڳوٺ جي آدمشماري ٻه هزار کن هئي. سڄي آبادي ننڊ ۾ هئي، مگر هڪ ٻن جاين تي روشني پئي ٿـَـي ٽمڪي.
”ائنڊري گهوڙن کي تکو ڪر، مان پهچي ويس.“ مـِـتيا بيتابيءَ سان چيو.
”هـُـو اَڃا سمهيا پيا آهن.“ ائنڊري وري پلاسٽينيوف جي سرائي ڏانهن چهبڪ سان اشارو ڪندي چيو، جا ڳوٺ جي بلڪل منهن وٽ هئي. گهٽيءَ جي طرف واريون ڇهه ئي دريون روشن ٿي ڏٺيون.
”هـُـو اَڃا نه ستا آهن،“ مـِـتيا خوشيءَ مان دهرايو. ”جلدي ڪر ائنڊري، گهوڙن کي هڪل ڏي ۽ تيز ڪر. گهنٽيءَ کي وڄائڻ شروع ڪر! ڀلي ته سڀني کي خبر پوي ته مان آيو آهيان. مان پڻ اَچان ٿو، مان پڻ اَچان ٿو.“
ائنڊري ٿڪل گهوڙن کي ڊوڙائڻ شروع ڪيو ۽ سندن واڳن کي ڇڪڻ شروع ڪيائين ۽ ٿڪل گهوڙا، وڏين گامن سان ڊوڙڻ لڳا.
مـِـتيا جيئن ئي گاڏيءَ مان ٽپو ڏيئي هيٺ لٿو، سراءِ جي مالڪ، جو پنهنجي بستري ڏانهن ٿي ويو، ڏاڪڻ تان ليئو پائي ڏٺو ۽ عجب مان نهارڻ لڳو، ته ڪير آيو آهي؟
”تريفان بورسووچ تون آهين؟“
سراءِ جو مالڪ جهڪي ويو ۽ چتائي ڏسڻ لڳو. هـُـو ڏاڪڻ تان ڊوڙندو وڏي هيج مان مهمان کي ملڻ لاءِ وڌيو.
”دمتري فيودورپاولووچ! مان اوهان کي ٻيهر ڏسي رهيو آهيان؟“
تريفان بورسووچ، جسم جو چڱو ٿلهو هو ۽ صحتمند ڳوٺاڻو ٿي ڏٺو. سندس قد وچولو هو ۽ منهن ٿلهو. سندس خط و خال مان هـُـو تنگ مزاج ۽ وحشي ٿي ڏٺو. خاص ڪري ماڪرو جي رهندڙن لاءِ سختگير هو. پر اُن هوندي به جڏهن کيس پنهنجي نفعي جو احساس پيدا ٿيندو هو، ته نهايت مؤدب ۽ مهربان بڻجي ويندو هو. کيس بدن تي روسي لباس هو. وٽس پيسو جام هو، پر هميشھ اِنهيءَ خيال ۾ ٿي رهيو، ته اُن کي وڌ کان وڌ وڌائي.
ماڪرو جا اڌ ڳوٺاڻا، جي سندس مقروض هئا، سندس گرفت ۾ هئا. هـُـو پسگردائيءَ جي زميندارن کان سندن زمينون خريد ڪندو ٿي رهيو ۽ اِنهن کي، اُنهن ماڻهن جي هٿن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ٿي ڏنائين، جيڪي سندس مقروض هئا ۽ کيس اُميد هئي، ته سندس ڪڏهن به مخالف نه ٿيندا. سندس زال مري چڪي هئي ۽ اُن مان کيس چار ڌيئرون هيون، جي هاڻي بالغ هيون. اُنهن مان هڪ رنڙ هئي، جا پنهنجي ٻن ٻارن سان سراءِ ٿي رهي. جي سندس ڏوهٽا هئا. هيءُ وٽس خادمن وانگر ڪم ڪندا ٿي رهيا. سندس باقي ڌيئر ڪن چڱن آفيسرن سان پرڻيل هيون، جي سراءِ جي هڪ ڪمري جي ڀت تي لڳل خانداني فوٽو ۾ صاف ٿي ڏٺا. سندن آفيسري لباس ۾ آسانيءَ سان سندن سڃاڻپ ٿي پئي سگهي. سندس ٻن ڌيئرن کي فيشن واري نيري ۽ سائي رنگ جي لباس پهرڻ جو شوق هو. سندن لباس پٺيءَ کان تنگ هو، مگر سندن دامن نهايت دراز هئا. پر هيءُ لباس هـُـو اُن وقت پهرينديون هيون، جڏهن ديول جي موڪل هوندي هئي يا هـُـو ڪاڏي گهمڻ لاءِ وينديون هيون، پر صبح ٿيندي ئي، هــُـو پرهه ڦٽيءَ جو اُٿنديون هيون ۽ دستور موجب ڪمرن کي ٻـُـهاري صاف ڪنديون هيون ۽ مهمانن جي ڪمرن جي ٺاهه ٺوهه ۾ لڳي وينديون هيون.
هزارين روبل جي هوندي به جي هن بچايا هئا، تريفان بورسووچ، شرابي مهمانن جي کيسن کي نشي ۾ خوب ڦـُـرڻ جو عادي هو. هن کي ياد هو، ته مهينو کن اڳي هن چوويهن ڪلاڪن ۾ دمتريءَ کان ٻه نه پر ٽي سـَـؤ روبل هٿ آندا هئا. اُن وقت جڏهن هـُـو گروشينڪا کي پابنديءَ کان ٻاهر ڪـَـڍي آيو هو. هي هاڻي کيس ڏاڍي شوق مان مليو. هـُـن اُن وقت ئي پنهنجي شڪار تي سوچڻ شروع ڪيو، جڏهن دمتري ڏاڪڻ تي چڙهڻ شروع ڪيو.
”دمتري فيودورپاولووچ، مان توکي ٻيهر ڏسي خوش ٿيو آهيان.“
”ترس، تريفان بورسووچ، پهرئين ۽ ضروري ڳالهه، هوءَ ڪٿي آهي؟“
”آگرافينا اليگزينڊرووينا؟“ سراءِ جي مالڪ هڪدم سمجهي ورتو. هن مـِـتيا جي منهن ۾ تيز نگاهن سان ڏٺو، هوءَ پڻ هتي آهي .....
”ڪنهن سان؟ ڪنهن سان؟“
”ڪي اوپرا ماڻهو آهن. هڪ ڪو آفيسر ۽ سکر ماڻهو ٿو ڏسجي. مان سندس گفتگوءَ مان سمجهيو آهي، ته هـُـو پولينڊ جو آهي. هن هتان اُن جي لاءِ گهوڙا موڪليا هئا. ٻيو ڪو سندس دوست آهي. يا ته سندس دوست آهي يا سفر جو رفيق. کين پوشاڪ ملڪي ماڻهن جهڙي آهي.“
”ٺيڪ آهي. هنن جي دعوت آهي. ڪو پيسو به اَٿن؟“
”هڪ سادي سودي دعوت، جنهن جي لاءِ ڪابه لاف هڻي نه ٿي سگهجي، فيودورپاولووچ.“
”ها، اُن لاءِ ڪابه لاف هڻي نه ٿي سگهجي. پر ٻيا ڪير آهن؟“
”ٻه ٻيا شهر جا ماڻهو آهن. اُهي شرني کان آيا آهن ۽ هتي رهيا پيا آهن. هڪ ته نوجوان آهي ۽ مسٽر ميرسوف جو عزيز آهي. مون کان سندس نالو وسري ويو آهي ... مان سمجهان ٿو، ته ٻئي کي تون سڃاڻندو هوندين؟ سندس نالو ميڪزيموف آهي. جيئن هن ٻڌايو، هـُـو ڪنهن زيارت تي ويو هو، شايد ڪنهن شهر جي مڙهيءَ کي ڏسڻ لاءِ. هـُـو ميرسوف جي مائٽ سان گڏ سفر ڪري رهيو آهي.“
”بس اِهي ئي آهن؟“
”هائو.“
”ترس، ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ، تريفان بورسووچ. مون کي مکيه ڳالهه ٻڌاءِ. تو هن کي ڪيئن ڏٺو؟ هوءَ ڪهڙي حالت ۾ آهي؟“
”هن کي ٿورو وقت آئي ٿيو آهي ۽ هوءَ هنن سان گڏ ويٺي آهي.“
”هوءَ خوش آهي ۽ کـِـلي به ٿي!؟“
”نه، مان سمجهان ٿو، ته هوءَ گهڻو نه ٿي کـِـلي. هـُـوءَ ڪنهن مونجهاري ۾ ڦاٿل آهي. هوءَ اُن نوجوان جي وارن کي ڦڻي ڏئي رَهي آهي.“
”پولينڊ واري آفيسر کي .....؟“
اُهو ته نوجوان نه آهي، شايد هـُـو آفيسر به نه آهي. اُن کي نه سائين، مان اُن نوجوان مهربان جي ڳالهه ٿو ڪريان، ميرسوف جي عزيز جي. مون کان سندس نالو وسري ٿو وڃي .....“
”ڪالگانوف؟“
”ها ڪالگانوف.“
”ٺيڪ آهي. اُن کي مان پاڻهي ڏسندس. ڇا هـُـو تاش (پتي راند) کيڏي رهيا آهن؟“
”اُهي کيڏي ته رهيا هئا، پر هاڻي راند بند ڪئي اَٿن. هو هاڻي چاءِ پي رهيا آهن. اُن آفيسر شراب لاءِ چيو آهي.“
ترس تريفان بورسووچ. منهنجا عزيز دوست! مان اِنهن سڀني ڳالهين کي پاڻ ڏسندس. هاڻي هڪ وڌيڪ سوال جو جواب ڏي. ڇا خانه بدوش هتي آهن؟
”خانه بدوش هاڻي ڪٿي آهن دمتري فيودورپاولووچ. هتي جي حاڪمن اُنهن کي هڪالي ڇڏيو آهي. پر يهودي اَڃا موجود آهن، جي دف ۽ سارنگين کي ڳوٺ ۾ وڄائين ٿا. هـُـو اَچي ويندا، جيڪڏهن اُنهن کي ماڻهو موڪليو ويو.“
”يقيناً، اِنهن ڏي ماڻهو موڪل.“ مـِـتيا جواب ڏنو. اڳين ڀيري وانگر ڇوڪريون به ملي وينديون. خاص طور ماريا، اسٽينيڊا ۽ آرينا پڻ. هن ڪورس جي لاءِ ٻه سـَـؤ روبل ڏبا.
ايتري رقم تي، ته مان سڄي ڳوٺ کي، جيتوڻيڪ هاڻي هـُـو ننڊ ۾ آهن، گڏ ڪري سگهان ٿو. هتان جا ڳوٺاڻا ڇوڪرا يا ڇوڪريون، دمتري فيودورپاولووچ ايتري قيمت به رکن ٿا؟ ايتري موڙي ۾ اِهڙن جي تميز ۽ ڪوڏي مهانگن ماڻهن لاءِ! ڪنهن دهقاني کي سگار پيئارڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هي ڏنگيندڙ جيت آهن ۽ ڇوڪريون سڀئي جونئن ڀريون. مون وٽ پنهنجون ڌيئرون آهن، اُهي مفت ۾ وَهن ٿيون، هاڻي ته ايڏي وڏي رقم آهي. هـُـو هاڻي سمهڻ لاءِ ويون آهن. مان هاڻي اُنهن کي اُٿاري، راڳ ڪرڻ لاءِ تيار ڪندس. تو ته ٻئي ڏينهن ڳوٺاڻين کي به شئمپين پيئڻ لاءِ ڏنو هو. ها، ها، ها!
تريفان بوروسووچ وڏي مڪاريءَ سان دلسوزيءَ جو اظهار ٿي ڪيو. هن اڳئين دفعي اڌ ڊزن شئمپين جون بوتلون کسڪائي ورتيون هيون ۽ ميز جي هيٺان سؤ روبل ترڪائي ورتا هئائين، جي سندس چنبي ۾ ئي رهجي ويا.
”تريفان بوروسووچ مان گذريل ڀيري، جڏهن مان هت هوس هڪ هزار روبل خرچ ڪيا هئا. توکي ياد آهي؟“
”بيشڪ تو ايترو خرچ ڪيو هو، تون سچ ٿو چوين. تو وٽ اَڃا ٻه ٽي هزار روبل هئا.“
”خير، مان وري به ساڳي ريت آيو آهيان. توکي خبر هجي.“
هن هڪدم نوٽن جي ٿـَـهي کي ڪـَـڍي ورتو ۽ اُنهن کي سراءِ جي مالڪ جي نڪ وٽ جهلي بيٺو.
”هاڻي ڌيان لائي ٻـُـڌ. ڪلاڪ کن جي اندر شراب پهچي ويندو ۽ اُن کانسواءِ مٺائي ۽ ٻيون نمڪين شيون. اُهي سڀئي هڪدم هتي کڻي پهچاءِ. ائنڊري وٽ جا پيتي آهي، اُها کڻي اَچ. اُن کي کول ۽ شئمپين کي پنهنجي قبضي ۾ ڪر. مون کي ڇوڪريون کپن، ڇوڪريون....... خاص طرح ماريا.“
هو گاڏيءَ ڏي مڙيو ۽ پستول جو مياڻ کڻي ورتائين.
”چڱو ائنڊري، هاڻي توسان معاملو صفا ڪريان. پندرنهن روبل ڀاڙي لاءِ ۽ پنجاهه روبل وڊڪا (شراب) جي لاءِ ...... هيءُ تنهنجي تيزي ۽ محبت لاءِ انعام آهي .... ڪرامازوف کي ياد رکجانءِ!“
”مون کي خوف ٿو ٿئي سائين. مون کي پندرنهن روبل ڀاڙي لاءِ ڪافي آهن ۽ پندرنهن وڌيڪ کڻي ڏيو. مان ايترا پيسا ڪونه وٺندس.“ ائنڊري صفائيءَ سان چيو. تريفان بورسووچ هن تي شاهد آهي. منهنجي بيوقوفيءَ جي لفظن کي معاف ڪجانءِ.
”توکي ڪهڙو خوف ٿو ٿئي؟“ مـِـتيا کيس خيال ۾ توريندي، پڇيو.
”چڱو وڃي کڏ ۾ پـَـؤ. پاڻ ڄاڻُ. هن ڏي پنج روبل ڦٽي ڪري ڇڏيائين. هاڻي تريفان بورسووچ، مون کي اطمينان سان وٺي هل. پر بيهه، مون کي هنن تي هڪ نظر وجهڻ ڏي. پر اِهڙيءَ ريت جيئن مون کي هـُـو نه ڏسن. هـُـو ڪٿي آهن؟ نيري ڪمري ۾؟“
تريفان بورسووچ کيس مسلسل ڏٺو ۽ ساڳي وقت کيس اُن جي اِجازت به ڏنائين. کيس گهٽي مان وٺي هليو ۽ پاڻ پهريائين هڪ وڏي ڪمري ۾ گهڙي ويو، جا اُن ڪمري سان گڏ هئي، جنهن ۾ ملاقاتي گڏ موجود هئا. هن روشني پري ڪري ڇڏي ۽ نحفي طرح مـِـتيا کي اندر وٺي ويو. اونداهي ۾ هڪ ڪمري جي ڪـُـنڊ ۾ اُن کي بيهاري ڇڏيائين. جتي هـُـو آزاديءَ سان اُن سڄي جماعت کي ڏسي ٿي سگهيو. پر مـِـتيا گهڻو وقت نه ترسيو. سچ پچ ته هو ٻين کي ڏسي نه سگهيو. هـِـن فقط هـُـن (گروشينڪا) کي ڏٺو. اُن وقت سندس دل خطرناڪ نموني ۾ ٽپا ڏيئي رَهي هئي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه سندس اکين اڳيان اونداهو بڻجي ويو.
هـُـوءَ ميز جي پاسي ۾ هڪ هيٺانهين ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. سندس پاسي ۾ هڪ صوفي تي حسين نوجوان ڪلگنوف ويٺو هو. هـُـن اُن جي هٿ کي وٺي کليو ٿي. هـُـو ڪجهه منجهيل ٿي ڏٺو. هـُـن گروشينڪا ڏي نه ٿي نهاريو، پر مڪئزيموف کي بلند آواز ۾ ڪجهه چئي رهيو هو، جو ميز جي ٻي پاسي، گروشينڪا ڏي منهن ڪيو ويٺو هو. مڪئزيموف ڪنهن ڳالهه تي زور سان کـِـلي رهيو هو. صوفي تي هـُـو ويٺو هو ۽ صوفي جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ڪو اجنبي ٿي ڏٺو. صوفي تي ويٺل ماڻهو پٺتي لڏي رهيو هو ۽ پنهنجي پائيپ کي تيار ڪري رهيو. مـِـتيا اُن کي ڏسي خيال ڪيو، ته هـُـو چڱو مضبوط، وڏي منهن وارو ڪوتاهه قد آهي. هـُـو ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙيل ٿي ڏٺو. سندس دوست، هـُـو اجنبي، مـِـتيا کي ڊگهي قد وارو لڳو ۽ اُن بابت وڌيڪ ڪجهه به جاچي نه سگهيو. هـُـن پنهنجي ساهه کي روڪيو. هـُـو هڪ گهڙيءَ لاءِ به هيءُ نظارو سهي نه سگهيو. هن پستول جي مياڻ کي سيني وٽ هٿ لائي ڏٺو. دل جي ڌڪ ڌڪ سان گهمندو رهيو. هـُـو ڄڻ ته ٿڌو ٿي ويو هو. گهمندي گهمندي، هـُـو نيري ڪمري ۾ اُن جماعت کي منهن ڏيڻ لاءِ اندر گهڙي ويو.
”اَڙي!“ گروشينڪا کيس پهريائين ڏسي، وڏي آواز سان رڙ ڪئي.