ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

باب ٻيو: گهڙي پل لاءِ ڪوڙ سچ ٿي پوي ٿو

اليوشا تڪڙو تڪڙو اسپتال ويو، جتي متيا هينئر داخل هو. جنهن ڏينهن متيا جي قسمت جو فيصلو ڪيو ويو هو. تنهن ڏينهن کيس حواسي تپ ٿي پيو هو، ۽ شهر واري اسپتال جي قيدين واري وارڊ ۾ آڻي رکيو ويو هو. پر ڊاڪٽر وارونسڪي گهڻن (اليوشا، مادام هائلڪوف، لـِــزي وغيره) جي چوڻ تي متيا کي ٻين قيدين سان گڏ نه پر هڪ ننڍي پاسيري ڪوٺيءَ ۾، جتي سميرڊياڪوف کي رکيو ويو هو، داخل ڪيو هو. اها رعايت مڙيئي ڪجهه قاعدي جي خلاف هئي، پر جيئن ته دالان جي پرينءَ ڪنڊ تي پهريدار به هو ۽ ڪوٺيءَ جي دري شـِـيخن جو پڃرو به لڳل هو. سو ڊاڪٽر وارونسڪيءَ کي گهڻو الڪو ڪو نه هو، هو دل جو نرم ۽ ٻاجهارو جوان هو، کيس پتو هو ته متيا جهڙي ماڻهوءَ لاءِ اوچتو ڌاڙيلن ۽ خونين جي صحبت ۾ وڃڻ ڪيڏو نه ڏکيو ٿيندو. ۽ چڱو اهو آهي ته هو اهڙي صحبت سان هوريان هوريان هـِـري . متيا کي ڊاڪٽر، مقدم ۽ ويندي پوليس ڪئپٽن طرفان مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ جي موڪل هئي. پر رڳو اليوشا ۽ گروشينڪا ئي ملڻ ايندا هئس. ريڪٽن ٻه ڀيرا زوريءَ اندر اچڻ جي ڪئي هئي، پر متيا ڊاڪٽر کي ٻاڏايو هو ته کيس اندر اچڻ نه ڏي.
اليوشا آيو ته متيا بستري تي اسپتال وارو جبو پايو ويٺو هو. ٿوري ڪڻس هيس ۽ مٿي تي سـُـرڪي ۽ پاڻي ۾ ٻوڙيل ٽوال هوس. اليوشا اندر آيو ته متيا مبهم تاثر وارين نظرن سان ڏٺس، پر تڏهن به انهن ۾ اُڊڪي جهڙي ڪنهن شئي جو هلڪو رنگ به جهلڪيو ٿي. ڪيس کانپوءِ هو سوچن ۾ غلطان رهڻ لڳو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته اڌ اڌ ڪلاڪ به چپ رهندو هو ۽ لڳندو هو ته هو هر شئي کان بيخبر ڪنهن تمام ڳري ۽ سـُـورائتي ويچار ۾ آهي. انهن سوچن مان سجاڳ ٿي ڪجهه چوندو هو ته سندس ڳالهائڻ ۾ هميشه هڪ قسم جي اٻهرائي هوندي هئي. ۽ اهو نه چوندو هو، جيڪو سچ پچ چوڻون هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڀاءُ کي پيڙا ڀوڳيندڙ منهن سان ڏسندو هو. پاڻ اليوشا بنسبت گروشينڪا سان وڌيڪ سهنجو ڀائيندو هو، توڻي جو ساڻس ڳالهائيندو ورلي ڪو هو، پر جيئن ئي هوءَ اندر گهڙندي هئي، تيئن هن جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳندو هو.
اليوشا اچي هن وٽ هنڌ تي ويهي رهيو. هن ڀيري متيا کي اليوشا جي وڏي انتظاري هئي، پر کانئس ڪجهه پڇڻ جي همٿ ڪانه پئي ٿيس. کيس ڪاتيا جي اچڻ تي راضي ٿيڻ، اڻ ٿيڻي ٿئي ڀاسيو، ۽ ساڳي وقت کيس لڳو ٿئي ته هوءَ آئي به سهي ته ڪائي سوچ کان پري ڳالهه پرگهٽ ٿيندي. اليوشا سندس جذبات کي سمجهندو هو.
”مون کي ڪنهن ٻڌايو آهي“ متيا وائڙو وائڙو، چوڻ لڳو، ” ته تريفون بورسووچ پنهنجي سراءِ اڊيڙي ڇڏي آهي. چون ٿا ته فرش پٽائي ڇڏيو اٿائين، تختا ڪڍائي ڇڏيا اٿائين. مهاڙي ڀڃائي ڇڏي اٿائين. هر وقت خزانو پيو ڳولي. اهي پنڌرنهن سؤ روبل جيڪي سرڪاري وڪيل چوي ٿو ته مون اتي لڪايا آهن. چون ٿا ته هو جيئن ئي گهر آيو هو، تيئن ئي اهي حرڪتون ڪرڻ لڳو هو. ڪيتو ٿو ڀوڳي، ٺڳ ڪنهن جاءِ جو، مون کي پهريدار ٻڌايو، هو اتان جو آهي.“
”قـُـُڌ،“ اليوشا چيس، ”هوءَ ايندي پر خبر ناهي ته ڪڏهن. شايد اڄ، شايد ڏينهن ٻن ۾، اهو مان نٿو چئي سگهان، پر هوءَ ايندي، اها پڪي ڳالهه آهي.“
متيا ڇـِـرڪ ڀريو. ڪجهه چوي ها، پر چپ رهيو. ان خبر مٿس زبردست اثر ڪيو هو. هن پڌري پٽ ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون، پر پڇڻ کان گهٻرايائين پئي، متان ڪاتيا ڪا اهڙي ظلمي ۽ حقارت واري ڳالهه ڪئي هجيس، جيڪا اندر ڪاتيءَ جيان ڪوري وجهي.
”هن ٻين ڳالهين سان گڏ هيءُ پڻ چيو ته مان ڀڄي وڃڻ واري مامري بابت تنهنجي ضمير کي مطمئن ڪيان، ايون تيستائين چاڪ نه ٿيو ته هوءَ پاڻ سڀ ڪجهه ڪندي.“
”تو اهو اڳي به چيو هو.“ متيا پور پچائيندي چيو.
”ها، ۽ تو اِها ڳالهه گروشينڪا کي ٻڌائي ڇڏي آهي،“ اليوشا چيو.
”ها“ متيا مڃيو ”هوءَ اڄ صبح جو ڪو نه ايندي.“ هن ڀاءُ کي هيسيل نموني ۾ ڏٺو. ”هوءَ سانجهيءَ کان اڳ نه ايندي. جڏهن مون ڪالهه کيس ٻڌايو ته ڪاتيا اُپاءَ وٺي رهي آهي، تڏهن هوءَ چـُـپ رهي هئي. پر چـَـپَ ڀيڪوڙي ڇڏيا هئائين. رڳو ايترو ڀڻڪي هئي، ’ڀلي وٺي!‘ کيس مامري جي اهميت جو احساس هو. مون ۾ کيس وڌيڪ چورڻ جي همت نه هئي. آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ کيس سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ڪاتيا کي هاڻي منهنجي پرواهه ڪانهي، هوءَ ايون سان پيار ٿي ڪري.“
”ڇا واقعي؟“ اليوشا جي وات مان نڪتو.
”شايد، پر اڄ صبح جو ڪونه پئي اچي،“ متيا تڙ تڪڙ ۾ وضاحت ڪئي. ”مون کيس هڪڙو ڪم چيو هو. ايون اسان سڀني کان اُتم آهي. اسان جيئرا رهون نه رهون. کيس رهڻ کپي. هت چاق ٿي ويندو.“
”اعتبار ڪندين ته ڪاتيا کي سندس ڏاڍي ڳڻتي آهي، پر تڏهن به سندس چاڪ ٿيڻ ۾ خير ڪو شڪ اٿس.“ اليوشا چيو.
”چئبو ته هڪ پڪ ئي پڪ مري ويندو. اهو ان ڪري ته هوءَ ڊڄي ٿي ته کيس سندس چاق ٿيڻ جي ايتري پڪ آهي.“
”ايون سگهاري هاٺيءَ وارو آهي. مان پڻ وسهان ٿو ته سندس چاق ٿيڻ جي هر ڪا اُميد آهي.“ اِليوشا ڳڻتيءَ مان چيو.
”هائو هو چاق ٿي ويندي. پر هوءَ ضرور سمجهي ٿي ته هو مري ويندو کيس ڏاڍو ڏک ڏسڻو آهي.......“ ماٺ ڇانئجي وئي، متيا کي ڪنهن وڏي ڳڻتيءَ لــُــڇ پــُــڇ ۾ وجهي ڇڏيو هو.
”اليوشا، مون کي گروشا سان ڏاڍي محبت آهي،“ هن اوچتو ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”هو کيس ڪونه ڇڏيندو تو ڏي اوڏنهين اچي.“ اليوشا هڪدم چيو.
” ۽ آءٌ تو کي هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌائڻ چاهيان ٿو،“ متيا گهڻڪاريندڙ لهجي ۾ چيو . ”جي هنن واٽ تي يا اتي مون کي ماريو ته آءٌ ماٺ نه رهندس. آئون ڪنهن کي ماري ڇڏيندس ۽ مون کي اِن تان گولي هڻي ڇڏيندا. ۽ ائين ويهه ورهيه هلندو! هو مون سان هونءَ ئي کهرو ڳالهائيندا آهن. آئون هت سڄي سڄي رات پيو هوندو آهيان ۽ پنهنجو پڇاڻو پيو ڪندو آهيان. آءٌ تيار ناهيان! آءٌ پاڻ کي راضي رهڻ تي آمادو نه ڪري سگهيو آهيان. آءٌ مناجات ڳائڻ ٿو چاهيان، پر ڪنهن پهريدار مون سان کهرو ڳالهايو ته مون ۾ اِهو سهي وڃڻ جي سگهه ڪانهي، گروشا لاءِ آءٌ ڪجهه به سهي سگهان ٿو، سواءِ ڌڪن جي، پر کيس اوڏانهين اچڻ ڪو نه ڏيندا.“
اليوشا سٻاجهي مرڪ مرڪيو.
”ٻـُـڌ، ادا، مان آخري ڀيرو چوانءِ ٿو.“ هو چوڻ لڳو. ”ان سڄي مامري بابت منهنجو خيال اجهو هي آهي، ۽ تو کي خبر آهي ته مان توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس، ٻـُـڌ: تون تيار ناهين، ۽ اهڙي ٽياس تو لاءِ ناهي. جڏهن تون ان لاءِ تيار ناهين، تڏهن تون اها شهيدن واري ٽياس کڻ به نه. تو اسان جي پيءُ کي ماريو هجي ها ته تون ان جي سزا رد ٿو ڪرين، پر تون بيگناهه آهين، ۽ اهڙي ٽياس تو لاءِ حد کان گهڻي آهي. تون ڏک ڀوڳي پاڻ کي ٻيو ماڻهو بڻائڻ ٿو چاهين. مان چوان ٿو ته جتي به هجين اهو ٻيو ماڻهو ياد رکجانءِ، ۽ اهو ئي تو لاءِ ڪافي آهي، ان مهان ٽياس کي تنهنجو تياڳ تو کي ساري عمر هڪ ٻئي وڌيڪ مهان فرض جي ياد ڏياريندو رهندو، ۽ اهو هر گهڙيءَ رهندڙ احساس شايد توکي نئون ماڻهو بڻائڻ جي وڌيڪ ڪم ايندو، تنهنجي اوڏنهين وڃڻ کان وڌيڪ، ڇو جو اُتي اهو احساس هوندو ئي ڪونه ، ۽ تون اندر ئي اندر جهـُـرندو رهندين، ۽ شايد انت چئي اٿيندين: ’ليکو لٿ پٿ‘ وڪيل اهو سچ چيو هو اهڙا ڳرا بار سڀني ماڻهن جي کڻڻ جهڙا ناهن.ڪن لاءِ ته ماڳهين ناممڪن هوندا آهن. اهي ٿئي منهنجا خيال، جن جي تو کي ايڏي سـَـڌَ هئي، جيڪڏهن ٻين ماڻهن کي تنهنجي ڀاڄ تان جواب ڏيڻو پوي ها ته مان تو کي ’موڪل‘ نه ڏيان ها،“ اليوشا مرڪيو. ”پر چون ٿا- ان منزلگاهه جي داروغي پاڻ ايون کي ٻڌايو هو- ته جي بندوبست جوڳو هوندو ته خاص وَڙول ڪانه ٿيندي، ۽ هو آسانيءَ سان ڇٽي ويندا. رشوت ڏيڻ برابر ڪڌو ڪم آهي، ويندي ههڙن مامرن ۾ به، پر مان ڪائي فتوا نٿو ڏيان، ڇو جو ايون ۽ ڪاتيا مون تي اهو ڪم رکندا ته پوءِ مون کي خبر آهي ته مان وڃي رشوتون ڏيندس. مون کي لازم آهي ته توسان سچ ڳالهايان. سو مان تنهنجي ڀڄڻ بابت ڪا فتوا نه ڏيندس. پر مان تو کي يقين ٿو ڏياريان ته توکي ڪڏهن به نه ننديندس، ۽ منهنجو ان معاملي ۾ فتوا ڏيڻ ڏاڍو عجيب ٿيندو، هاڻي مان سمجهان ٿو ته سڄي ڳالهه ڪري ڇڏي اٿم.“
”آءٌ پاڻ پاڻکي ننديان ٿو.“ متيا رڙڪئي. ”آءٌ ڀڄي ويندس اهو ته تو کان سواءِ ئي طئي ٿي چڪو هو، ڇا متيا ڪرامازوف ڀڄي وڃڻ ڌاران ٻيو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ پاڻ کي ننديندس ۽ هميشه عبادت ڪندس. يسوعي(1) ائين ئي ڳالهائيندا آهن نه؟ جيئن اسان پيا ڳالهايون؟“
”هائو،“ اليوشا نرميءَ سان مرڪندي وراڻيو.
”مون کي تنهنجي اها ڳالهه وڻندي آهي ته سدائين سڄو سچ چوندو آهين ۽ ڪڏهن به ڪجهه لڪائيندو ناهين،“ متيا خوشدليءَ سان کلندي چيو، ”سو مون پنهنجي اليوشا جو يسوعي هجڻ پڪڙي ورتو آهي. ان تان آءٌ تو کان چمي وٺندس. هاڻي باقي ٻڌ، آءٌ پنهنجي دل جو ٻيو پاسو تنهنجي لاءِ کوليان ٿو. مون هيءُ رٿيو ۽ فيصلو ڪيو آهي. جيڪڏهن آءٌ ڀڄي نڪتس، ۽ ڏوڪڙ ۽ پاسپورٽ به هوندم ۽ رخ آمريڪا ڏانهن رکيم ته آئون انهيءَ خيال تان سرهو ٿيندو رهندس ته آءٌ مزن ماڻڻ لاءِ، خوش گذارڻ لاءِ نه، پر شايد هڪ ٻي سائبيريا جهڙي جلاوطنيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان. اها تيتري ئي بڇڙي آهي، اليوشا تيتري ئي بڇڙي! مون کي آمريڪا کان نفرت آهي، هاڻي ئي لعنت ٿو وجهانس، جيتوڻيڪ گروشا مون سان ساڻ هوندي، رڳو هڪڙي نظر وجهي ڏسينس.ڇا هوءَ آمريڪي آهي؟ هوءَ ته روسي آهي. پنهنجن هڏن جي مــِــک تائين روسي. هوءَ سدائين وطن لاءِ سڪايل رهندي، ۽ آءٌ هر گهڙي پيو ڏسندس ته هوءَ منهنجي ڪري ڀوڳي رهي آهي. ۽ اها ٽياس منهنجي خاطر کنئي اٿس. ۽ هن ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ هت جيڪا ڪــُــت خلق هوندي، توڻي جو اهي مون کان وڌيڪ چڱا هوندا، منهنجانئن هر هڪ، تڏهن به آءٌ هنن کي ڪيئن جالي سگهندس؟ مون کي آمريڪا کان هاڻي ئي نفرت ٿي وئي آهي! ۽ توڻي جو منجهانئن هر هڪ، مشينن ۾ ڀڙ هوندا، تڏهن به هنن تي لعنت هجي ، هو منهنجي مٽيءَ مان ناهن. مون کي روس سان پيار آهي، اليوشا، مون کي روسي خدا سان پيار آهي، توڻي جو آءٌ لــُــچ آهيان، آءٌ اتي ٻوساٽجي ويندس!“ هن ڳالهايو پئي ته اکيون کـِـنوڻ وانگر کـِـنوي رهيون هيس، آواز ڳوڙهن جي ڪري ٿڙڪي رهيو هوس. ”سو مون هي فيصلو ڪيو آهي، اليوشا، ٻــُــڌ.“ هو پنهنجي جذبات کي وس ۾ آڻي وري شروع ٿيو. ”آءٌ ۽ گروشيا اُتي پهچڻ سان ئي زمين تي ڪم ڪرڻ لڳندا سون، ايڪانت ۾، ڪنهن ڏورانهين هنڌ، جتي جهنگلي رِڇ هجن. ڪي ڏورانهان هنڌ ته ضرور هوندا اُتي. مون ٻڌو آهي ته اُتي افق جي ڇيڙي وٽ ڪٿي ڳاڙهي چمڙيءَ وارا اڃا آهن. سو اسان جو رخ باقي بچيل موهيڪنن جي ملڪ ڏانهن هوندو، ۽ اتي اسان، آءٌ ۽ گروشيا، هڪدم ٻولي سکڻ جي ڪنداسين. ڪم ۽ ٻولي- ائين ٽئي ورهيه گذارينداسين. تيستائين اسان انگريزن وانگر انگريزي ڳالهائڻ لڳنداسين، جيئن ئي اسان ٻولي سکي ورتي، تيئن ئي آمريڪا کي خدا حافظ. اسان آمريڪي شهرين جي حيثيت ۾ روس موٽي اينداسين. اُلڪو نه ڪر، اسان هن ننڍڙي شهر ڪونه اينداسين، ڪٿي پري اُتر ۾ يا ڏکڻ ۾ لڪي رهنداسين، تيستائين آمريڪا ۾ منهنجو حـُـليو مٽجي ويندو ۽ گروشا جو پڻ، اُتان جا ڊاڪٽر منهنجي منهن تي ڪو موهيڙو وغيره ٺاهي ڇڏيندا، نه ته هنن جو مشينن ۾ اهڙي ڀڙ هجڻ جو ڪهڙو فائدو! يا وري پنهنجي هڪڙي اک ڪڍي ڇڏيندس، ڏاڙهي ڇڏي پوري هڪ وال ڪندس، ۽ روس لاءِ سڪندي اڇا پئجي ويندم. مون کي پڪ آهي ته هو اسان کي ڪونه سڃاڻي سگهندا، پر جي سڃاڻي ورتائون ته پوءِ ڀلي پيا سائبيريا اُماڻين- مون کي پرواهه ناهي. سمجهنداسين ته اسان جي نصيب ۾ اهو لکيل هو. هتي پڻ اسان ڪنهن سڃي پاسي زمين تي ڪم ڪنداسين، ۽ آءٌ باقي ساري عمر آمريڪي هجڻ جو منهن ڪندس. پر اسان پنهنجا پساهه پنهنجي وطن ۾ پورا ڪنداسين، اها آهي منهنجي رٿ ۽ ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي..... توکي وڻي؟“
”هائو،“ اليوشا چيو. هن سندس ترديد نه ٿي ڪرڻ چاهي. متيا منٽ کن ساهي کنئي، ۽ پوءِ اُمالڪ چيائين:
”ڪيس ۾ هنن ڪيئن نه ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري ڏيکاريو هو، ڳالهوڙو ڪري ڏيکاريو هون نه؟“
”جي نه به ڪن ها ته توکي ٽيپ ته ڏيڻي هين،“ اليوشا ٿڌو ساهه ڀري چيو.
”هت ماڻهو مون مان تنگ آهن! خدا خوش رکين، پر آهي ڪٺن.“ متيا ڏک وچان ڪــُــرڪيو. وري کن پل ماٺ ٿي وئي.
”مون کي منهنجي پيڙا مان هڪدم ڪــَــڍُ!“ متيا اوچتو واڪو ڪيو. ”مون کي ٻڌاءِ، هوءَ هينئر ايندي يا نه؟ ٻڌاءِ مون کي هن ڇا چيو هو؟ ڪيئن چيو هو؟“
”اچڻ جو بلڪل چيو هئائين، پر مون کي پتو ناهي ته اڄ ايندي يا نه. هن لاءِ ڏکيو به ته آهي، توکي پاڻ خبر آهي.“ اليوشا ڊڄندي ڀاءُ ڏانهن نهاريو.
”ها، بيشڪ هن لاءِ ڏکيو آهي! اليوشا، ائين ته آءٌ چريو ٿي پوندس. گروشيا مون کي نهاريندي رهندي آهي. هوءَ سمجهي ٿي. منهنجا خدا. منهنجي دل کي سڪون ڏي. مون کي ڇا ٿو کپي؟ ڇا ڪاتيا ٿي کپيم؟ ڇا مون کي پتو آهي ته ڇا ٿو کپيم؟ اها ئي ڪرامازوفن جي هٺيلي ۽ بڇڙي طبع. نه آءٌ ڀوڳڻ جهڙو آهيان ئي ڪو نه. آءٌ رڳو بدمعاش آهيان. بس اهو ئي چئي سگهجي ٿو.“
”هوءَ اچي پئي،“ اليوشا رڙ ڪئي.
ايتري ۾ ڪاتيا در مان پر گهٽ ٿي. هوءَ کن پل اتي ئي بيهي متيا کي تپرس وچان تڪيندي رهي. هو ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو. ۽ اکين ۾ ڊنل هجڻ جو تاثر اُڀري آيس. هو هئڊو ٿي ويو، پر اوڏيءَ مهل سندس چپن تي هيسيل، ليلائيندڙ مرڪ ظاهر ٿي، ۽ هن جا ٻئي هٿ اجهل اُڌمي وچان ڪاتيا ڏانهن وڌي ويا، جن کي ڏسندي ئي هوءَ هوڙائيءَ وچان هٿن ڏانهس ڊوڙي آئي، ۽ سندس ٻئي هٿ سـُـڪ ڪري ذري گهٽ زوريءَ هنڌ تي ويهاري ڇڏيائينس. ۽ پاڻ به سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليو، ڀرسان ويهي رهيس. ٻنهي ڪيئي ڀيرا ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اکر به نه اُڪلين، ۽ وري هڪ ٻئي کي عجيب مرڪ سان، اکين ۾ اکيون پائي تڪڻ لڳا.
”مون کي معاف ڪري ڇڏيو اٿئي نه؟“ متيا نيٺ چئي ڏنو، ۽ ساڳئي وقت اليوشا ڏانهن مـُـڙي خوشيءَ وچان ٻهڪندڙ منهن سان رڙ ڪيائين، ” ٻڌين ٿو، آءٌ ڇا پيو پڇانس، ٻڌين ٿو نه؟“
”ان ڪري ئي مون ته تو سان پيار ڪيو هو، تون دل جو سخي آهين،“ ڪاتيا جي وات مان نڪتو. ”منهنجو توکي معاف ڪرڻ ۽ تنهنجو مون کي هاڻ ڪهڙي ڪم جو، تون مون کي معاف ڪرينءَ يا نه، سدائين منهنجيءَ دل ۾ ڏکندو رهندين، ۽ مان تنهنجيءَ ۾- هميشه ائين ئي رهندو..“ هن چپ ڪري ساهي پٽي. ”مان ڇا لاءِ آئي آهيان؟“ هوءَ بدحواس ٿي اُٻهرائيءَ مان وري چوڻ لڳي. ”تنهنجن پيرن کي ڳراٽڙي پائڻ ۽ تنهنجا هٿ هينئن جهلڻ، تان جو سور ٿيڻ لڳي- تو کي ياد آهي نه، ماسڪو ۾ ڪيئن انهن کي ڀيڪوڙيندي هيس- تو کي وري اهو ٻڌائڻ ته تون منهنجو ديوتا آهين. منهنجي خوشي، ۽ اهو چوڻ ته مان تنهنجي پيار ۾ چري آهيان،“ هوءَ پيڙا وچان ڪنجهي ۽ اُمالڪ سندس هٿ بکين وانگر پنهنجن چپن سان لڳائي ڇڏيائين. سندس اکين منجهان ڳوڙها وهڻ لڳا. اليوشا کي تپرس وچان ماٺ وٺي وئي هئي، هو جيڪي ڏسي رهيو هو، سو ڪڏهن خيال ۾ ئي نه آيو هوس.
”پيار پورو ٿي ويو آ متيا!“ ڪاتيا وري چيو. ”پر ماضي مون کي ڏاڍو پيارو آهي. ڄاڻ ته تون مون لاءِ سدا اهڙو ئي رهندين، پر هاڻ ڇڏ ته جيڪو هوند ٿي پئي ها، سو گهڙي پل لاءِ ٿي پوي،“ هوءَ هٻڪي چپ ٿي وئي، منهن تي ٿڪل ٿڪل مرڪ اچي ويس، وري متيا جي اکين ۾ سرهائيءَ سان تڪڻ لڳي. ”تون ٻي عورت سان پيار ٿو ڪرين مان ٻئي مرد سان، پر تڏهن به منهنجو توسان هميشه پيار رهندو، ۽ تنهنجو مون سان، ڄاڻين ٿو نه؟ ٻڌين ٿو ته؟ مون سان سڄي عمر پيار ڪجانءِ، مون سان سڄي عمر پيار ڪجانءِ.“ هن ذري گهٽ دڙڪي سان ڏڪندڙ لهجي ۾ چيو.
”آءٌ تو کي پيار ڪندس، ۽... خبر ٿي، ڪاتيا،“ متيا هر لفظ تي ڊگهو اونهو ساهه کڻندي چوڻ لڳو، ”خبر ٿي پنج ڏينهن اڳ. ساڳي پوياڙيءَ جو، جڏهن تون ڦان ٿي ڪري پئي هئينءَ ۽ تو کي ٻاهر کڻي ويا هئا.. مون تو سان پيار ڪيو هو.... آءٌ سڄي عمر ائين ڪندس، هميشه ائين ڪندس-“
ٻئي هڪ ٻئي سان ائين ئي اُٻهرا لفظ ڀڻڪندا رهيا. بي معنيٰ لفظ، جيڪي شايد سچا به نه هئا، پر اوڏيءَ مهل اهو سڀ سچ هو، ۽ ٻنهي جيڪي ڪجهه چيو ٿئي، تنهن ۾ انڌو ويساهه به هونَ.
”ڪاتيا!“ متيا اوچتو رڙ ڪئي، ”تون وسهين ٿي ته مون هن کي ماريو هو؟ آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون هينئر ائين ڪونه ٿي وسهين، پر تڏهن...... جڏهن تو شاهدي ڏني هئي....... تو پڪ ائين نٿي وسهيو!“
”مون تڏهن به ائين ڪونه وسهيو هو ، ۽ ڪڏهن به نه وسهيو اٿم. مون تو کي ڌڪاريو ٿي، ۽ کن پل لاءِ پاڻ کي مڃايو هوم. شاهدي ڏيڻ وقت پاڻ کي مڃايو هوم ۽ وسهيو هوم. پر ڳالهائڻ پورو ڪندي ئي وسهڻ ڇڏي ڏنو هوم، ڪو شڪ شبهو نه ڪر! مون وساري ڇڏيو آهي ته مان هت پاڻ کي سيکت ڏيڻ لاءِ آئي هيس.“ هن اهڙي لهجي ۾ چيو، جيڪو سندس ساجهر واري پاٻوهه ڀري لهجي کان بلڪل الڳ هو.
”مائي، تنهنجو بار ڳرو آهي.“ متيا کان جهڙوڪر اڻ جهليو نڪري ويو.
”مون کي ڇڏ ته وڃان هلي،“ هوءَ ڀڻڪي، ”مان وري ايندس. هينئر مون کان سٺو نٿو ٿئي.“
هوءَ اٿڻ لڳي هئي، پر اوچتو رڙ نڪري ويس، ۽ ڍرڪي وري ويهي رهي. گروشينڪا اوچتو بي آواز ڪوٺيءَ ۾ گهڙي آئي. ڪنهن کي سندس اچڻ جي اميد نه هئي. ڪاتيا تـِـکي تـِـکي در ڏانهن وڌي، پر جيئن ئي گروشينڪا وٽ پهتي، تيئن ئي منهن جو پنو لهي ويس، ۽ جهڪي آواز ۾، جهڙوڪر ڀڻڪندي چيائين:
”مون کي معاف ڪر.“
گروشينڪا کيس گهوري ڏٺو، کن لاءِ دم پٽي، وير وٺندڙ ۽ وهاٽيل آواز ۾ وراڻيائين:
”منهنجي سرتي، اسان، تون ۽ مان نفرت سان ڀريل آهيون، ڄڻ ته اسان هڪ ٻئي کي معاف ڪري سگهون ٿا! کيس بچاءِ، ۽ مان يا عمر تنهنجي پوڄا ڪنديس.“
”تون کيس معاف نه ڪندينءَ!“ متيا اُٻهرائيءَ مان مهڻو ڏنس.
”اُلڪو نه ڪر. مان هن کي تنهنجي لاءِ بچائيندس،“ ڪاتيا تڪڙي ڀڻڪ ڪئي ۽ ڪوٺيءَ مان ڊوڙندي نڪري وئي.
” ۽ تون کيس معاف ڪرڻ کان انڪاري آهين توڻي جو هن پاڻ تو کان معافي گهري هئي.“ متيا دانهن ڪندي ڏوراپو ڏنس.
”متيا، متان کيس ڏوهه ڏنو اٿئي، تو کي ڪو حق ڪونهي.“ اليوشا گرمي کائيندي چيو.
”سندس هٺيلا چپ ٻوليا ها، دل نه.“ گروشينڪا ڌڪار ڀري لهجي ۾ چيو. ”تو کي بچائي ٿي ته مان کيس هر ڳالهه معاف ڪري ڇڏينديس-“
هوءَ چپ ٿي وئي، ڄڻ ڪجهه لڪائي رهي هجي، هوءَ اڃا پاڻ سنڀالي نه سگهي هئي. پوءِ ظاهر ٿيو ته هوءَ اتفاق سان اتي اچي نڪتي هئي، ۽ ڪو اندازو نه هيس ته ڇا پـِـڙ پوندس.
”اليوشا، ڊوڙندو پٺيان وڃينس!“ متيا ڀاءُ کي رڙ ڪئي، ”کيس ٻڌاءِ.... پتو ناهي...... ائين وڃڻ نه ڏينس!“
”مان رات جو وري ايندس.“ اليوشا چيو، ۽ ڊوڙندو ڪاتيا جي پٺيان ويو، ۽ اسپتال کان ٻاهر وڃي پـُـڳس. هوءَ تڪڙيون وکون کڻي وڃي رهي هئي، پر اليوشا جيئن ئي پـُـڳس، تيئن ئي اتاولائيءَ مان چيائين:
”نه، اُن رن اڳيان مان پاڻ کي سيکت نٿي ڏيئي سگهان! مون معافي گهري ئي انهيءَ لاءِ هئي ته پاڻ کي توڙ تائين سيکت ڏيان. هن مون کي معاف نه ڪيو...... سندس ائين ڪرڻ مون کي وڻيو‍“ هن اسڀاويڪ لهجي ۾ چيو، ۽ اکيون سخت حـِـْڙ وچان چمڪڻ لڳيس.
”منهنجي ڀاءُ کي اهڙو ڪو اُڊڪو نه هو.“ اليوشا ڀڻڪيو. ”کيس پڪ هئي ته هوءَ ڪانه ايندي.“
”بيشڪ چڱو هاڻي ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي.“ هن ڇڙٻيو. ”ٻڌ: مان هينئر تو سان جنازي تي ڪونه هلي سگهنديس. مون کيس گل موڪليا آهن. مان سمجهان ٿي ته وٽن اڃا ڏوڪڙ آهن. ضروري هجي ته کين چئجانءِ ته مان کين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينديس..... هاڻي مون کي اڪيلو ڇڏ، مهرباني ڪري، اڪيلو ڇڏ. تو کي اڳيئي دير ٿي وئي آهي.... جنازي لاءِ گهنڊ وڄي رهيو آهي.... مهرباني ڪري تون وڃ.“

_______________
(1) Jesuits: عيسائين جو هڪ فرقو، جنهن جو پايو اگناتيئس لويولا 1535ع ۾ وڌو.