باب اٺون: قصو سميرڊياڪوف جو
اتي اپولٽ ڪردووچ پنهنجي حياتي پاڻ پوري ڪندڙ سميرڊياڪوف جي شخصيت جي اپٽار ضروري ڄاتي. هن سميرڊياڪوف کي ڪمزور ذهن رکندڙ ماڻهوءَ طور پيش ڪيو، جنهن جي تعليم نالي ماتر هئي ۽ جنهن جو مغز سندس سطح کان مٿاهن فيلسوفاڻن خيالن ۽ فرض بابت ڪن جديد نظرين ڦيرائي ڇڏيو هو. اهي نظريا هن پنهنجي مالڪ يعني فيودور پاولووچ، جيڪو شايد سندس پيءُ به هو، تنهن جي ڇڙواڳ جيوت کان عملي طرح ۽ پنهنجي مالڪ جي وچين پٽ ايون فيودوروچ سان وقت بوقت ٿيل عجيب فيلسوفاڻي ڳالهه ٻولهه مان پرايا هئا. ايون شايد پاڻ کي موڳو ڀائيندي يا خاص نوڪر کي ڀنڀلائي پاڻ وندرائڻ جي خيال کان ائين ڪندو هو. هن پاڻ مون سان گذريل ڪن ڏينهن ۾ پنهنجي روحاني حالت جي باري ۾ ڳالهه ڪئي هئي.“ اپولٽ ڪردووچ وضاحت ڪئي، ”پر ٻين پڻ اهڙي ساک ڏني آهي. خود قيديءَ سندس ڀاءُ، ۽ نوڪر گريگوريءَ پڻ مطلب ته انهن سڀني جيڪي کيس چڱي پر سڃاڻندا هئا.
”تنهن کان سواءِ،سميرڊياڪوف، جنهن جي تندرستيءَ کي مرگهيءَ جي دورن لوڏي ڇڏيو هو، سو چوزي کان به گهٽ دلير هو. ”هو منهنجي پيرن تي ڪري پيو ۽ انهن کي چمڻ لڳو:“ قيديءَ پاڻ اسان کي ان احساس ٿيڻ کان اڳ ٻڌايو ته اهڙي ڳالهه خود هن لاءِ ڪيتري هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي. ”هو مرگهي ماريل چوزو آهي،“ هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو. قيديءَ کيس پنهنجي رازدار طور چونڊيو (اها ڳالهه هن پاڻ ڪئي آهي) ۽ کيس مجبور ڪري پاڻ لاءِ جاسوسي ڪرڻ تي راضي ڪيائين. ان حيثيت ۾ هن پنهنجي مالڪ سان دغا ڪندي قيديءَ کي نوٽن واري لفافي ۽ انهن ڏَسن بابت ٻڌايو، جن جي مدد سان هو گهر ۾ داخل ٿي سگهي. هن لاءِ کيس ٻڌائڻ ڌاران ٻي ڪهڙي واهه هئي؟ ”هو مون کي ماري ڇڏي ها، مون کي پڪ هئي ته هو مون کي ماري ڇڏي ها.“ هن پڇا ڳاڇا وقت اسان جي اڳيان ڏڪندي ڏڪندي چيو هو. توڻي جو تنهن وقت کيس آزاريندڙ پڪڙجي چڪو هو ۽ کيس ڪو به ڇيهو رسائي نٿي سگهيو، ”هو هر وقت مون ۾ شڪ پيو ڪندو هو. مان ڊپ کان ڪنبندي کيس تڙ تڪڙ ۾ هر ڳالهه ٻڌائي ٺارڻ جي ڪندو هوس، ته جيئن هو ڏسي ته مان کيس دوکو نه پيو ڏيان ۽ مون کي جيئرو رهڻ ڏي.“ اهي هن جا پنهنجا لفظ آهن، مون اهي لکي ڇڏيا هئا، ۽ برزبان ياد اٿم. ”جڏهن منهنجي رڙيون ڪندو هو ته مان گوڏن ڀر ڪري پوندو هوس.“
”هو فطري طرح ڏاڍو ايماندار هو، ۽ مالڪ جو تڏهن کان گهڻو راز ٿي ويو هوس، جڏهن کان هن کيس هڪڙي وڃائجي ويل رقم ڳولي ڏني هئي. ان ڪري اهو انومان ڪرڻ بي واجبي نه ٿيندو ته ويچاري کي پنهنجي مالڪ سان، جنهن کي هو پنهنجو محسن ڄاڻي پيار ڪندو هو، ڊوهه ڪرڻ تان پڇتاءُ جون سٽون اينديون هونديون. وڏا ماهر ڊاڪٽر اسانکي ٻڌائين ٿا ته مرگهيءَ جي شڪار ماڻهن ۾ لاڳيتو پاڻ ڏوراپڻ جو مريضاڻو لاڙو هوندو آهي، هو پنهنجي بڇڙائيءَ تان ڳڻتيون کائيندا آهن، ضمير جا چهڪ آزاريندا اٿن، گهڻو تڻو بي سبب، هو قسمين قسمين ڏوهه ۽ خطائون وڌائي ٻڌائيندا ۽ ڪڏهن ته گهڙيندا آهن، ۽ هت اسان وٽ اهڙي ئي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن ڊپ ڊاءَ ۽ دڙڪن ۾ اچي غلط ڪم ڪيا. تنهن کان سواءِ کيس اهي پرون به پئجي ويا هئا ته سندس آڏو جيڪا صورتحال جڙي رهي هئي. تنهن جو نتيجو تمام ڀوائتو نڪرڻو هو. جڏهن ايون فيودورووچ آفت کان ٿورو اڳ ماسڪو اُسهڻ وارو هو، تڏهن سميرڊياڪوف کيس نه وڃڻ جون منٿون ڪيون، پر جيڪي ٿيڻ جو ڊپ هيس، سو صاف ٻڌائڻ تي دل نه ٻڌي سگهيو، گهڻائي اشارا ڪيائين پر اڳلي کي سمجهه ۾ نه آيا.
”پڌرو هجي ته سميرڊياڪوف جي نظر ۾ ايون فيودورووچ اهڙو محافظ هو، جنهن جي گهر ۾ موجودگي ان ڳالهه جي ضمانت هئي ته ڪو هاڃو ڪونه ٿيندو. دمتري ڪرامازوف جي نشي ۾ لکيل خط جو هيءُ جملو ياد ڪريو: مان پوڙهي کي تڏهن ئي ماريندس، جڏهن ايون ويندو هليو. سو ايون فيودورووچ جي موجودگي هر ڪنهن جي نظر ۾ ضمانت هئي ته گهر ۾ امن امان رهندو.
”پر هو هليو ويو، ۽ سميرڊياڪوف کي پنهنجي ننڍي مالڪ جي روانگيءَ کان ڪلاڪ جي اندر مرگهيءَ جو دورو پئجي ويو. پر اهو بلڪل سمجهه ۾ ايندڙ آهي. هت مان اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته سميرڊياڪوف هڪ طرح جي ڏهڪاءَ ۽ نراسائيءَ جي چنبي ۾ هو: پوين ٿورن ڏهاڙن کان کيس محسوس ٿي رهيو ته کيس دٻاءَ جي گهڙين ۾ جيڪي دورا پيا آهن، تهڙو ڪو دورو پوڻ وارو هوس. دورو ڪهڙي ڏهاڙي ۽ ڪهڙي وقت پوندو، سو، برابر، اڳواٽ نٿو ڄاڻي سگهجي، پر مرگهيءَ جي مريض کي اڳ ئي احساس ٿي ويندو آهي ته کيس دورو پوڻ وارو آهي. ڊاڪٽر اسان کي اهو ئي ٻڌائن ٿا. سو، ايون فيودورووچ جيئن ئي گاڏي هڪليندو اڱڻ مان نڪتو، تئين ئي سمرڊياڪوف، پنهنجي اڪيلائپ ۽ غير محفوظ حالت جي ڳڻتي کائيندو، بهري ڏانهن ويو. ڏاڪڻ لهندي هو گهيرٽ کائيندو ويو ته الائي دورو پوندو يا نه، ۽ جي هاڻي جو هاڻي پئجي ويو ته ڇا ٿيندو! انهيءَ اُلڪي، انهيءَ گهيرٽ جي ڪري سندس نڙيءَ ۾ اها ڳڍڙي پئي، جيڪا هميشه اهڙن دورن کان اڳ ۾ پوندي آهي. ۽ هو سرت وڃائي وڃي بهري ۾ ڪريو. ۽ ماڻهو انهيءَ بنهه سڀاويڪ واقعي ۾ اهو شڪ ڪن، اهو ڏس لهن ٿا ته هو ڄاڻي واڻي دوري جو - منهن ڪري رهيو هو. پر جيڪڏهن اهو سڀ ڄاڻي واڻي هو ته هڪدم سوال ٿو اُٿي ته ڇو، ڄاڻي واڻي ڇو؟ کيس ڇا کپندو هو؟ سندس مقصد ڇا هو؟ مان ڊاڪٽريءَ بابت ڇو نه ٿو چوان. سائنس، مون کي ٻڌايو ويو آهي، ٿڙي سگهي ٿي: ڊاڪٽر ڪوڙي ۽ سچي دوري ۾ فرق نه ڪري سگهندا آهن. بيشڪ ائين هوندو، پر هڪڙي سوال جو جواب ڏيو: هن جو اهڙي ڪوڙ جو ڪهڙو مقصد هو؟ جي هن خون جي سٽ ٿي سٽي ته ڇا هن ان کان ستت پهرين دوري جو مـِـنهن ڪري گهر وارن جو ڌيان ڇڪائڻ ٿئي چاهيو؟
”جيوريءَ جا صاحبو، ياد رهي ته تنهن رات فيودور پاولووچ جي گهر ۾ پنج ڄڻا هئا: فيودور پاولووچ پاڻ (پر ظاهر آهي ته هن پنهنجو پاڻ نه ماريو هو). ٻيو سندس نوڪر گريگوري، جيڪو ذري گهٽ پاڻ به مارجي ويو هو. ٽيون ماڻهو هو گريگوريءَ جي زال، مارفا اگناتي ايوا. اهو خيال ئي شرمناڪ آهي ته هوءَ پنهنجي مالڪ جو خون ڪندي. باقي بچيا ٻه ڄڻا: قيدي ۽ سميرڊياڪوف. پر جيڪڏهن اسان قيديءَ جي ان بيان تي وسهون ٿا ته خون هن نه ڪيو هو ته اهو ضرور سميرڊياڪوف ڪيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو هوئي ڪونه، جيڪو ائين ڪري سگهي. اهو ڏجهارو احمق، جنهن ڪالهه پاڻ ماري ڇڏيو، تنهن جي برخلاف اهڙي حرفت ڀري ۽ اچرج ۾ وجهندڙ تهمت جو سبب اجهو اهوئي آهي. ڪنهن ٻئي تي شڪ جو ٿورو پاڇو ئي پوي ها، ڪو ڇهون ڄڻو هجي ها ته مون کي يقين آهي ته خود قيديءَ کي به سميرڊياڪوف تي تهمت رکڻ کان شرم اچي ها، ۽ ڇهين ڄڻي کي ڏوهه ڏي ها، ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف کي خوني سمجهڻ وڏي نامعقوليت آهي.
”صاحبو، نفسيات کي به ڇڏيو، ڊاڪٽريءَ کي به ڇڏيو، ويندي منطق کي به ڇڏيو، رڳو حقيقتن کي وٺو ۽ ڏسو ته اهي اسان کي ڇا ٿيون ٻڌائين. جيڪڏهن سميرڊياڪوف قتل ڪيو ته ڪيئن ڪيائين؟ اڪيلي سر يا قيديءَ جي مدد سان؟ اول پهرينءَ کي ٿا وٺون، يعني اڪيلي سر ڪيائين. جيڪڏهن خون ڪيائين ته اهو ضرور ڪنهن اهڙي مقصد سان هوندو، جيڪو پاڻ کيس فائدو پهچائي. پر جيئن ته هن وٽ قتل جا اهي سبب ڪونه هئا جيڪي قيديءَ وٽ هئا، جهڙوڪ رقابت، نفرت وغيره، ته پوءِ هن ڪنهن شخصي فائدي لاءِ، انهن ٽن هزار روبلن لاءِ خون ڪيو هوندو، جيڪي هن پنهنجي مالڪ کي لفافي ۾ وجهندي ڏٺا هئا. ان هوندي به هو اهڙي ماڻهوءَ کي، جنهن جي ان معاملي ۾ وڏي دلچسپي هئي، رقم بابت ٻڌائي ٿو، کيس ڏس ڏي ٿو ته رقم لفافي ۾ آهي، ۽ لفافو ڪٿي رکيل آهي، ان مٿان ڇا لکيل آهي، اهو ڇا سان ٻڌل آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ڏس ته هو گهر ۾ ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿو. ڇا هن اهو سڀ پنهنجو ڦوڪ ڦاڙڻ لاءِ ڪيو،يا هن تنهن ماڻهوءَ کي نينڍ ٿي ڏني، جنهن اهو لفافو پاڻ ڦٻائڻ ٿئي گهريو؟ هائو، مون کي چيو ويندو، ’پر هن ائين ڊپ وچان ڪيو.‘ پر توهان ان جي ڪهڙي تشريح ڪندا؟ اهو ماڻهو، جيڪو اهڙو دليريءَ وارو ۽ وحشياڻو ڪم خيال ۾ آڻي سگهي ٿو ۽ ان تي عمل به ڪري سگهي ٿو، سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن کي اهي ڳالهيون ٻڌائي، جن کان دنيا ۾ڪو به ٻيو ماڻهون واقف ڪونهي ۽ جي هو پنهنجي زبان بند رکي ته هوند ڪنهن کي سمڪ به ڪانه پوي.“
”نه، هو ڪيقترو به ڪانئر هـُـجي، جيڪڏهن هـُـن ان ڏوهه جي رٿابندي ڪئي هجي ها ته ڪجهه به ٿي پوي ها، هو ڪنهن کي به ان لفافي بابت ڪونه ٻڌائي ها، نه ڏَس ڏي ها، ڇو ته ائين ڪري هو اڳواٽ پاڻ پڌرو ڪري وجهي ها، جي کيس ڄاڻ ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ها ته هو ڪجهه نه ڪجهه گهڙي وٺي ها، ڪونه ڪو ڪوڙ ڳالهائي ها، پر لفافي ڏسڻ بابت ماٺ رهي ها. ڇا لاءِ ته جيڪڏهن رقم جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪري ها، پر خون ڪري ها ۽ رقم چورائي ها ته دنيا ۾ڪو به هن کي رقم لاءِ خون جو الزام نه ڏئي سگهي ها، ڇو جو هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به رقم ڪانه ڏٺي هئي، هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به گهر ۾ رقم جي هجڻ جو پتو نه هو. جيڪڏهن هن تي قتل جو الزام رکيو به وڃي ها ته ائين سمجهيو وڃي ها ته هن اهو ڪم ڪنهن ٻئي سبب کان ڪيو هوندو. پر، ان جي اُبتڙ، هر ڪنهن اهو ڏٺو هو ته کيس مالڪ ڏاڍو ڀائيندو ۽ ويساهه ڪندو آهي. سو ڪو به مٿس شڪ نه ڪري ها. ماڻهو سڀ کان پهرين ان تي شڪ ڪن ها، جنهن وٽ سبب هو، جنهن پاڻ اعلان ڪيو هو ته وٽس اهڙو سبب هو، جنهن اُن کي ڳجهو نه رکيو هو: هو پڪ ئي پڪ فوتيءَ جي پٽ يعني دمتري فيودورووچ تي شڪ ڪن ها. جيڪڏهن سميرڊياڪوف کيس قتل ڪيو هجي ها ۽ الزام پـُـٽ تي اچي ها ته ائين ٿيڻ سميرڊياڪوف لاءِ واهه جو ٿئي ها. ته پوءِ ڇا اسان اهو وسهون ته هن قتل جي رٿابندي ڪرڻ جي باوجود، هن جي پٽ دمتريءَ کي رقم لفافي ۾ ڏسڻ بابت ٻڌايو؟ ڇا اهو مناسب آهي؟ ڇا اهو چٽو آهي؟“
”قتل جو رٿيل ڏينهن آيو ته اسان سميرڊياڪوف کي دوري جو مـِـنهن ڪري ڏاڪڻ تان هيٺ ڪرندي ڏسون ٿا. ڪهڙي مقصد سان؟ ڇا انهيءَ لاءِ ته گريگوري پنهنجو دوا وٺي اچڻ جو خيال لاهي گهر جي چوڪسي ڪري، ڇو جو ٻيو ڪو چوڪسي ڪرڻ لاءِ ڪونهي: يا وري سندس مالڪ اهو ڏسي ته سندس حفاظت لاءِ ڪوبه موجود ڪونهي ۽ پنهنجي پٽ جي اچڻ جي ڊپ کان وڌيڪ سچيت ۽ خبردار ٿي وڃي. يا شايد گهڻو تڻو کيس، يعني سميرڊياڪوف کي دوري سبب بيوس ٿي وڃڻ ڪري رنڌڻي مان، جتي هو سڀني کان الڳ اڪيلو سمهندو هو ۽ جتان اندر ٻاهر جڏهن وڻيس تڏهن اچي وڃي سگهندو هو، کڻائي گريگوريءَ جي ڪمري ۾ نيو وڃي: اهو ڪمرو گهر جي ٻئي ڇيڙي تي هو ۽ اتي کيس دوري پوڻ تي سدائين زال مڙس جي هنڌ کان ٽي وکون پري پردي جي پويان رکيو ويندو هو. اهو نيم پاڻ مالڪ جو ۽ رحمدل انگن تي ايوان جو جوڙيل هو. اتي پردي جي پويان رهندي کيس پنهنجي دوري جو مـِـنهن قائم رکڻ لاءِ ضرور ڪنجهڻو ۽ ڪرڪڻو پيو هوندو، ۽ کين (جيئن گريگوري ۽ زالهس ساک ڏني آهي) سڄي رات جاڳيل رکيو هوندائين. ۽ اسان کي وسهڻون آهي ته اهو سڀ ان لاءِ هو ته جيئن هو سهوليت سان اُٿي وڃي پنهنجي مالڪ کي قتل ڪري!
”پر مون کي چيو ويندو ته هن بيماريءَ جو مـِـنهن ان ڪري ڪيو ته جيئن مٿس شڪ نه ڪيو وڃي، ۽ اهو ته هن قيديءَ کي رقم ۽ ڏَسن بابت انهيءَ ڪري ٻڌايو ته جيئن قيدي قتل ڪري ۽ جڏهن قتل ڪري رقم کڻي گوڙ ڪندو، ماڻهن کي جاڳائيندو هليو وڃي، تڏهن، مون کي وسهڻو آهي، سميرڊياڪوف اٿيو ۽ اندر ويو. ڇا لاءِ؟ پنهنجي مئل مالڪ کي وري مارڻ لاءِ ۽ اڳئي چورائجي ويل رقم کڻڻ لاءِ؟ صاحبو، توهان کلي رهيا آهيو ڇا؟ مان اهي اشارا ڏيڻ تان شرمندو آهيان، اعتبار ڪرڻ جي ڳالهه ته ناهي، پر قيديءَ جو چوڻ اهو ئي آهي. جڏهن هو گهران نڪتو ۽ گريگوريءَ کي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌائين ۽ هاءِ گهوڙا ڪيائين، تڏهن سميرڊياڪوف اٿيو. ۽ اندر ويو ۽ پنهنجي مالڪ کي ماري رقم چوري ڪيائين! مان ان ڳالهه تي زور نه ڏيندس ته سميرڊياڪوف لاءِ اڳواٽ اهو اندازو لڳائڻ، اڳ پسڻ ڏکيو هو ته ڪاوڙيل ۽ چڙيل پٽ اچي ادب سان جهاتي، فقط جهاتي پائي اندر ڏسندو، توڻي جو کيس ڏَسن جو پتو هو، ۽ مال غنيمت سميرڊياڪوف لاءِ ڇڏي، چپڙي ڪري موٽي ويندو. جيوريءَ جا صاحبو، مان سنجيدگيءَ سان توهان کان هيءُ سوال پڇان ٿو: اها مهل ڪهڙي هئي، جڏهن سميرڊياڪوف ڏوهه ڪري سگهيو هوندو؟ انهيءَ مهل جو نالو وٺو نه ته توهان کيس ڏوهه نٿا ڏيئي سگهو.“
”پر شايد دورو سچو هو، اگهو ماڻهو اوچتو نيڪ ٿي ويو، ڪا رڙ ٻڌائين ۽ ٻاهر نڪتو. پوءِ ڇا؟ هن هيڏي هوڏي نهاريو ۽ چيائين، ’ڇو نه اندر وڃي مالڪ کي ماري ڇڏيان؟‘ ۽ کيس خبر ڪيئن پئي ته ڇا ٿيو هو، جڏهن ته هو سڄو وقت ان مهل تائين بيهوش پيو هو؟ پر اهڙن پورن جي اڏام جي ڪاته حد آهي! بلڪل آهي، ڪي سمجهو ماڻهو مون کي ٻڌائيندا پر جي هو ٻئي ٻـِـٽ هجن ته پوءِ؟ ٻنهي گڏجي کيس ماريو هجي ۽ ڏوڪڙ پاڻ ۾ ورهائي کنيا هجن ته پوءِ؟ واقعي ڳرو سوال آهي! ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ حقيقتون حيرت انگيز آهن. هڪڙو خون ٿو ڪري ۽ سڀ ڏوڪڙ ٿو کڻي ۽ ساري تڪليف پاڻ ٿو ڪري، جڏهن ته سندس ساٿي دوري جو مـِـنهن ڪري پاسو ورائي ليٽيل ٿو رهي ته جيئن هر ڪنهن کي شڪ پوي، مالڪ به خبردار ٿئي، گريگوري به خبردار ٿئي. اهو ڄاڻڻ دلچسپيءَ وارو ٿيندو ته اهي ڪهڙا مقصد هئا،جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ڄٽن اهڙي چريائپ واري سٽ سٽي؟“
”پر شايد اهو سرگرميءَ سان ٻـِـٽ هجڻ جو نه پر ماٺڙي ڪري مڃڻ وارو مامرو هو. شايد سميرڊياڪوف کي ڊيڄاري مڃايو ويو هو ته هو خون روڪڻ جي نه ڪندو. کيس اهو اندازو به هوندو ته هن طرفان ڪا روڪ ٽوڪ يا مدد لاءِ هاءِ گهوڙا نه ٿيندي ته مالڪ جي خون جو ڏوهه کيس ڏنو ويندو، سو هن دمتري ڪرامازوف کان موڪل ورتي هوندي ته جيئن مرگهيءَ جي دوري مـِهل ڪري رستي کان هٽي وڃي: ’جيئن وڻيئي، تيئن مارينس: منهنجو ڇا!‘ پر جيئن ته سميرڊياڪوف جو دورو سڄي گهر ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي ها، سو دمتري ڪرامازوف کڻي مڃجي به ته اها رٿ قبول ڪئي هوندي، تڏهن به هيءَ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي قائم رهندي ته خوني ۽ سازشي دمتري ڪرامازوف ئي آهي. ۽ سميرڊياڪوف فقط غير سرگرم شريڪ هو ۽ شريڪ به نه، مرضيءَ جي خلاف ڊپ وچان راضي ٿيندڙ هو.“
”پر اسان ڇا ٿا ڏسون؟ جيئن ئي قيدي پڪڙجي ٿو، تيئن ئي هو سڄو الزام سميرڊياڪوف تي مڙهي ٿو ڇڏي. محض شريڪ هجڻ جو نه، ماڳهين خوني هجڻ جو. ”هن خون اڪيلي سر ڪيو“ هو چوي ٿو ’هن ئي کيس ماريو ۽ ڦـُـريو. اهو هن جو ئي ڪم هو.‘ هي ڪي عجيب ڄـُـٽ آهن، جيڪي هڪدم هڪ ٻئي کي ڏوهه ڏين ٿا ۽ ڏسو، ان ۾ ڪرامازوف لاءِ ڪيڏو جوکو هو. خون ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي بستري داخل شريڪ تي ڏوهه رکي ٿو، جيڪو انهيءَ تان ڪاوڙ ۾ اچي سڄو سچ باسي پئي سگهيو: دير تائين ٽيپ جو ڊپ به متان کيس نه روڪي سگهي، ڇو جو کيس اهو اندازو ته هوندو ته ڪورٽ کيس ڪيترو جوابدار سمجهندي، سو کيس ٽيپ آئي به سهي ته اها اصل خوني جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ سخت هوندي. پر انهيءَ صورت ۾ کيس باسڻ کپندو هو، جيڪو هن نه ڪيو، سمردياڪوف قيديءَ سان ٻٽ هجڻ ڏانهن ڪڏهن به اشارو نه ڪيو، جيتوڻيڪ اصل خونيءَ کيس ڏوهه ڏيڻ ۽ اهو چوڻ جاري رکيو ته هن ڏوهه اڪيلي سر ڪيو هو.“
”وڏي ڳالهه ته سميرڊياڪوف پڇا ڳاڇا مهل پاڻيهي ئي اهو ٻڌايو ته اهو هو ئي هو، جنهن قيديءَ کي لفافي ۽ ڏَسن جي ڄاڻ ڏني هئي، ۽ جي هو نه ٻڌائيس ها ته کيس ڪڏهن به معلوم نه ٿي سگهي ها. جيڪڏهن هو سچ پچ ڏوهه ۾ شريڪ هو ته ڇا هو اها ڳالهه پاڻيهي چوي ها؟ برخلاف ان جي، هو اها ڳالهه لڪائڻ، حقيقتن کي مسخ يا گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها. ڪو بيڏوهي ماڻهو، جنهن کي ڏوهه ۾ شريڪ جي الزام ّ لڳڻ جو خوف نه هجي، سو ئي ائين ڪري سگهي ٿو، جيئن هن ڪيو. ۽ پنهنجي مرض جي ملولائيءَ ۽ هن آفت کان خفقان ۾ اچي ڪالهه آپگهات ڪري ڇڏيائين. هن هڪ خط ڇڏيو، جيڪو سندس مخصوص ٻوليءَ ۾ لکيل آهي: ’مان پنهنجي مرضيءَ سان ۽ ان نيت سان پاڻ کي ناس پيو ڪريان ته جيئن ٻئي ڪنهن تي الزام نه اچي.‘ هن جي ائين لکڻ سان ڪهڙو فرق پوي ها ته خوني ڪرامازوف نه پر هو آهي. هن جو اهو لکڻ ڇا سندس ضمير هو. جنهن کانئس آپگهات ته ڪرايو پر پنهنجو ڏوهه نه باسرايو؟“
” ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ ٽن هزارن روبلن جا نوٽ ساجهر ڪورٽ ۾ آندا ويا ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته اِهي اُهي ساڳيا نوٽ آهن، جيڪي هاڻ اسان جي اڳيان هن ميز تي رکيل لفافي ۾ پيل هئا، اهي نوٽ شاهد کي پوئين ڏهاڙي سميرڊياڪوف کان مليا هئا. پر انهيءَ ڏکوئيندڙ ڏيک کي ياد ڏيارڻ جو ضرور ڪونهي، البت مان هڪ ٻه تبصرا ڪندس، اهڙين ننڍين ڳالهين تي، جيڪي متان پهرين نظر ۾ هر ڪنهن کي نظر نه آيون هجن ۽ ان ڪري نظرانداز ٿي ويون هجن. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته سميرڊياڪوف ضرور رقم موٽائي ڏني هوندي ۽ ڪالهه پاڻ کي پڇتاءَ وچان ڦاهو ڏنو هوندائين. ۽ جيئن ايون فيودورووچ اسان کي ٻڌايو، اهوئي ڪالهه هو، جڏهن هن ايون اڳيان پنهنجو ڏوهه باسيو، جي ائين هو ته پوءِ ايون فيودورووچ هاڻي دير تائين ماٺ ڇو رهيو؟ سو جيڪڏهن هن باسيو هو ته مان پڇان ٿو ته هن اها سچي پنهنجي آخري خط ۾ ڇو ڪونه ڪئي، اها ڄاڻ رکڻ کانپوءِ به نه ته بيڏوهي قيديءَ سان ٻئي ڏينهن ڪهڙي نه ڀوائتي ويڌن ٿيڻي هئي؟“
”فقط اڪيلي رقم ڪا ثابتي ناهي، هفتو اڳ مون کي ۽ هن ڪورٽ ۾ موجود ٻن ماڻهن کي محض اتفاق سان حقيقت معلوم ٿي ته ايون فيودورووچ پنجين پنجين هزارين جا ٻه يعني ڪل ڏهن هزارن جا پنج سيڪڙي وارا ڪوپن صوبي جي مکيه شهر موڪلي کليا ڪرايا هئا. مان اها ڳالهه ان ڪري ٿو ڪريان ته ڏوڪڙ ڪنهن وٽ به ٿي سگهن ٿا، ۽ ان سان اهو ثابت نٿو ٿئي ته اِهي اُهي ساڳيا نوٽ آهن، جيڪي فيودور پالووچ واري لفافي ۾ هئا.“
”ايون ڪرامازوف اصل قاتل کان اهڙي اهم اطلاع ملڻ تي چـُـريو ئي ڪونه هو. هن ان بابت هڪدم سڌ ڇو نه ڏني؟ ڇو ٻئي ڏينهن صبح تائين ٽاري ڇڏيائين؟ مون کي حق آهي ته اندازو لڳايان ته ڇو. سندس صحت هفتي کن کان ڍرڪندي ٿي وئي: هن هڪڙي ڊاڪٽر ۽ پنهنجن گهاٽن يارن آڏو مڃيو هو ته هو خيالي جواب ۽ مري ويلن جا ڀوت ڏسڻ لڳو هو: کيس تڏهن ڪاپاري تپ ٿيڻ وارو هو، ۽ اڄ ٿي پيس. ان حالت ۾ هن اوچتو سميرڊياڪوف جي مرڻ جي خبر ٻڌي ته خيال آيس: ’ماڻهو مري چڪو آهي، ڇو نه مان خون جو ڏوهه مٿس رکان ۽ ڀاءُ کي بچايان. ڏوڪڙ مون وٽ آهن، جن مان نوٽن جي هڪڙي ٿهي ڪڍان ٿو ۽ چوان ٿو ته اها مون کي سميرڊياڪوف مرڻ کان اڳ ڏني هئي.‘ توهان چوندا ته مئلن تي تهمت رکڻ ته ذلالت آهي! پوءِ ڇو نه ائين ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ ڪيو ويو هجي. صحيح! پر جي هن تهمت غيرشعوري طرح رکي هجي ته پوءِ؟ نوڪر جي اوچتي موت جي خبر سندس دماغ اکوڙي ڇڏيو هجي ۽ هن سمجهيو هجي ته حقيقت به اها ئي آهي ته پوءِ؟ توهان ساجهر وارو ڏيک ڏٺو: توهان شاهد جي حالت ڏٺي. هو بيٺل هو ۽ ڳالهائي رهيو هو، پر سندس دماغ ڪنهن جاءِ تي هو؟“
”تنهن کان پوءِ آيو قيديءَ جو خط، جيڪو ڏوهه کان ٻه ڏينهن اڳ لکيو ويو هو ۽ جنهن ۾ قتل جو پورو پروگرام ڏنل هو. پوءِ اسان ٻئي ڪنهن پروگرام لاءِ ڇو واجهائي رهيا آهيون؟ ڏوهه بلڪل انهيءَ پروگرام موجب ۽ ڪنهن رنڊڪ جي ٿي گذريو! هو پنهنجي پيءَ جي دريءَ وٽان ادب سان چـُـپڙي ڪري هٽي ڪونه ويو هو. پورو پورو يقين جو هوس ته سندس پريتما اتي هئي. نڪو، سندس هٽڻ واري ڳالهه غير معقول ۽ ناممڪن آهي! هو اندر ويو ۽ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيائين. شايد جيئن ئي پنهنجي ڌڪار جوڳي رقيب کي ڏٺائين، تيئن ئي کيس ڪاوڙ ۽ چڙ ۾ پڄرندي ماري ڇڏيائين. شايد ٽامي جي مهريءَ جي هڪ ڌڪ سان ماري وجهڻ ۽ اها چڱيءَ طرح جاچي پڪ ڪرڻ کان پوءِ ته هوءَ اتي ڪانه هـُـئي، هن وهاڻي هيٺان هٿ وجهي اتي پيل لفافو کڻڻ ڪونه وساريو، اهو لفافو ڦاٽل ڍڪ سان اسان جي سامهون ميز تي رکيو آهي.
”مون اها ڳالهه انهيءَ لاءِ بيان ڪئي آهي ته جيئن هڪ ڳالهه جا، منهنجي خيال ۾، قيديءَ جي سڀاءَ موجب آهي، سا توهان جي ڌيان تي اچي. جيڪڏهن هو تجربيڪار قاتل هجي ها ۽ قتل ڇڙو ڏوڪڙن لاءِ ڪيو هجيس ها ته ڇا اهو ڦاٽل لفافو فرش تي ڇڏي ها، جتي اهو لاش جي ڀرسان لڌو ويو هو. مثال طور، جيڪڏهن هن جي جاءِ تي سميرڊياڪوف هجي ها ۽ مالڪ جو خون کيس ڦرڻ لاءِ ڪيو هجيس ها ته هو لفافو پنهنجي شڪار جي لاش وٽ بيهي کولڻ جي تڪليف وٺڻ جي بدران، جيئن جو تيئن کنيو نڪتو هليو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته کيس لفافي ۾ نوٽن جي هجڻ جي پڪ هجي ها- ۽ جيڪڏهن هـُـو لفافو پاڻ سان کڻي وڃي ها ته ڪنهن کي ڦر جو پتو نه پوي ها. مان توهان صاحبن کان پڇان ٿو ته ڇا هو ائين نه ڪري ها؟ ڇا لفافو فرش تي پيل ڇڏي وڃي ها؟
”نه اهو اُٻهري خونيءَ جو ئي ڪم هو، خوني جيڪو چور نه هو ۽ ان کان اڳ ڪڏهن چوري نه ڪئي هئائين، جنهن وهاڻي هيٺان لفافو ڪنهن چوري ڪندڙ چور وانگر نه پر ائين جهڙپ ڏيئي ڪڍيو ڄڻ ڪو ساڌ ڪنهن چور کان پنهنجو سڳ ورائيندو هجي، ان رقم بابت اهائي ته ڳالهه هئي، جنهن دمتري ڪرامازوف کي سوداءُ ڏيئي ڇڏيو هو: ۽ لفافو، جيڪو هن اڳي ڪڏهن به نه ڏٺو هو، سو جهٽ پائي کنيائين، ڦاڙي کولي اها پڪ ڪيائين ته ان ۾ نوٽ هئا، ۽ اهي ڪڍي کيسي ۾ وجهي نڪري ويو، اهو وساري ڇڏيائين ته ڦاٽل لفافي جي شڪل ۾ هن پنهنجي خلاف هڪ وڏي ثابتي اتي فرش تي ڇڏي ڏني هئي. اها ڀـُـل کانئس انهيءَ لاءِ ٿي جو هو سميرڊياڪوف نه پر ڪرامازوف هو، نه سوچيائين، نه ويچاريائين، ڀلا ڪيئن سوچيندو ويچاريندو؟ هو ڀڳو ته پٺيان نوڪر جي دانهن ٻڌائين: پوڙهي نوڪر کيس جهليو. کيس روڪيو، ۽ ٽامي جي مهريءَ جي هڪئي ڌڪ ليٽائي رکيس.
”قيدي رحم کائي هيٺ ٽپو ڏنو ۽ ڌڪيل مٿان جهڪيو. آهي نه اعتبار جهڙي ڳالهه، هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته رحم وچان هيٺ ٽپيو هو، ڪهل وچان، اهو ڏسڻ لاءِ ته ڌڪيل لاءِ ڪجهه ڪري پئي سگهيو يا نه. ڇا اها مهل ڪهل ڪرڻ جي هئي؟ نه، هو ڇڙو اهو ڏسڻ لاءِ هيٺ ٽپيو هو ته سندس ڏوهه جو اڪيلو شاهد جيئرو هو يا مري ويو هو. ڌڪيل جي نرڙ اگهڻ جي تڪليف ڪري سندس مرڻ جي پڪ ڪئي هئائين، ۽ پنهنجي پريتما جي گهر ڀڳو هو، گهٻرايل ۽ رت هاڻو. آخر کيس اهو خيال ڇو نه آيو ته هو رت هاڻو هو ۽ ان ڪري هڪدم ڦاسي ويندو؟ پر قيدي پاڻ اسانکي پڪ ٿو ڏياري ته ڪو هو رت هاڻو هو، اهو وسهي سگهجي ٿو، اهو بلڪل ممڪن آهي، اهڙين گهڙين ۾ ڏوهارين سان سدائين ائين ئي ٿيندو آهي. هڪڙيءَ ۾ هو شيطاني چالاڪي ڏيکاريندا ته ٻيءَ ۾ سمڪ ئي نه پوندن. پر قيدي ان گهڙيءَ رڳو هڪڙي ڳالهه سوچي رهيو هو: هوءَ ڪٿي آهي؟ هن بنا دير اهو ڄاڻڻ ٿي گهريو ته هوءَ ڪٿي آهي، سو هو اوڏانهين ڀڳو، جتي هوءَ رهيل هئي. اتي کيس اڻ چتايل اچرج ۾ وجهندڙ خبر پئي ته هوءَ پنهنجي پهرين چاهيندڙ ڏانهن ويل هئي.“