ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

باب ڇهون: جاچ ڪندڙ، مـِـتيا کي جهلي ٿو

ڪا شيءِ قطعي اُميد جي خلاف ۽ عجب ۾ وجهندڙ، مـِـتيا جي مٿان گذري. ان کان اڳ هڪ منٽ به سندس دل ۾ اها ڳالهه ڪڏهن به نه گذري هئي، ته ڪو به اِهڙي ناروا هلت ساڻس هلندو. سڀ کان بڇڙي ڳالهه هيءَ هئي، ته هنن جي طرفان اها سڄي ڪارروائي کيس بڇڙي ڪرڻ جي لاءِ هئي. ضعيف اعتقاد واري ۽ نفرت سان ڀريل.هن جي لاءِ ڪوٽ لاهڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي، پر اُگهاڙو ٿيڻ ڏکيو هو. هنن کيس ڪپڙن لاهڻ لاءِ چيو، نه پر حڪم ڏنو هو. جنهن کي هن چڱيءَ ريت ٿي سمجهيو. پنهنجي غروري خودداريءَ کان، هن اُن کي بنا ڪنهن ٻڙڪ ڪـُـڇڻ جي جلد ئي قبول ڪري ورتو هو. ڪيترائي سر ڦريا ماڻهو وڪيلن سان گڏجي پيا ۽ پردي جي ساڳي پاسي وڃي بيهي رهيا. اِنهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن زور جي ضرورت پوي، ته هـُـو ان کي پورو ڪن. مـِـتيا کي ته اِهو خيال آيو، پر شايد ڪي ٻيا سبب به هجن!
”ٺيڪ آهي، ڇا مان پنهنجي قميص به لاهيان؟“ هـُـن تيزيءَ سان پڇيو، پر نڪولائي پارفينووچ کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. هو جاچ ڪندڙ عملدار سان گڏ، ڪوٽ جي معائني ڪرڻ ۾ بيحد مشغول هو. هـُـو ڪوٽ سان گڏ، شلوار، صدري ۽ ٽوپيءَ کي به ڏسي رهيا هئا. هيءَ حقيقت آهي، ته هـُـو، هـُـن تفتيش ۾ بيحد دلـچسپي وٺي رهيا هئا. هنن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو. مـِـتيا اُن وقت خيال ڪيو ته ”هي ٿوري مروت به ڏيکاري نه ٿا سگهن.“
”مان اوهان کان ٻيهر پڇان ٿو، ته ڇا مون کي قميص لاهڻ جي ضرورت آهي؟“ هن وڏيءَ ڪاوڙ مان چيو.
”پاڻ کي تڪليف نه ڏي. اسان توکي پاڻهي چونداسين، ته تون ڇا ڪر؟“ نڪولائي پارفينووچ کيس چيو ۽ مـِـتيا سمجهيو، ته اُن ۾ قطعي تڪ مان آواز هو.
ساڳي وقت وڪيلن جي وچ ۾ آواز جي آهستگيءَ سان ڪا صلاح ۽ مشورو ٿي رهيو هو. هـُـو ڪوٽ تي ڳالهائي رهيا هئا. خاص ڪري ڪوٽ جي پٺ واري ڏائي پاسي تي، جتي هڪ وڏو رت جو داغ موجود هو، جو خشڪ ۽ سخت ٿي ويو هو. رت جا داغ شلوار تي به هئا، جيڪي پڻ خشڪ ۽ سخت هئا. نڪولائي پارفينووچ، ڳوٺاڻن جي حاضريءَ ۾، شهادت لاءِ، ڪوٽ جي ڪالر ۽ ڪفن کي ۽ شلوار جي هرهڪ حصي کي آڱريون ٿي هڻي ڏٺو. خاص ڪري ڪنهن شيءِ جي لاءِ نهاري رهيو هو - يعني ڪنهن رقم جي لاءِ. هن پنهنجي شڪ کي مـِـتيا کان به نه لڪايو، ته هن شايد پيسن کي اندر سبي ۽ لڪايو هجي.
”هيءُ مون سان، هڪ آفيسر جي حيثيت سان نه، پر هڪ چور جي حيثيت سان هلت هـَـلي رهيو آهي.“ مـِـتيا پاڻ سان ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڪندو رهيو. هـُـو پاڻ ۾ به هڪٻئي سان، عجب ۾ وجهندڙ کليل طرح سان، هن حقيقت کي دهرائيندا رهيا. مثال لاءِ سيڪريٽري، جو اُن پردي جي پويان هو، مذاق ڪندي ۽ ڌيان ڏيندي، نڪولائي پارفينووچ جو ڌيان ٽوپي ڏانهن ڇڪايو، جنهن کي به هو، آڱريون هڻي رهيا هئا.
”توهان کي نقل نويس منشي گرائيڊنيڪو ياد هوندو،“ سيڪريٽري چوڻ لڳو. ”گذريل اونهاري کيس سڄي دفتر جون پگهارون مليون هيون، هـُـن نمونو ڪيو، ته نشي ۾ سندس پيسا گم ٿي ويا آهن. پر اُهي پيسا ڪٿي لڌا ويا؟ اُهي سندس ٽوپيءَ جي چندي ۾ هئا. سـَـؤ روبل نوٽن کي ڄمائي ۽ ويڙهي، چـَـندي ۾ سبيو ويو هو.“
ٻنهي وڪيلن کي گرائيڊينوڪا جو مقدمو پوريءَ ريت ياد هو. هنن مـِـتيا جي ٽوپيءَ کي پاسيرو رکيو ۽ فيصلو ڪيائون، ته ڪپڙن کي پوءِ وري چڱيءَ ريت جاچي ڏٺو ويندو.
”مون کي معاف ڪر!“ اوچتو نڪولائي پارفينووچ مـِـتيا جي قميص جي ڪف کي ويڙهيل ۽ رت سان ڀريل ڏسي رڙ ڪري چيو ته، ”اِهو ڇا آهي! رت!؟“
”هائو!“ مـِـتيا کيس ڌڪو ڏيندي چيو.
”اِهو ته رت آهي ..... پر ڪف کي ڇو ويڙهيو ويو آهي؟“
مـِـتيا کيس ٻڌايو ته ڪهڙيءَ ريت گريگري کي ڏسندي، سندس ٻانهن رت سان داغدار بڻجي پئي. جڏهن هن پرهوٽين وٽ پنهنجي هٿن کي ڌوتو ته ڪـَـفَ ويڙهي ڇڏيا هئائين.
”تون پنهنجي قميص به لاهه! اِها ضروري ۽ گهربل ثابتي آهي.“
مـِـتيا ڪاوڙ ۾ ڀرجي ڳاڙهو ٿي ويو.
هن واڪو ڪري چيو ته، ”ڇا مان اُگهاڙو ٿيندس؟“
”پريشان نه ٿيءُ، اسان توکي ٻي قميص ڏيون ٿا، ۽ ها... اِهي جوراب به لاهه!“
”توهان مذاق ته نه ٿا ڪريو؟ ڇا اِهو ضروري آهي؟“ مـِـتيا جون اکيون ڪاوڙ کان ڳاڙهيون ٿي ويون.
”اسان وٽ ڪوبه مذاق نه آهي.“ نڪولائي پارفينووچ سختيءَ سان جواب ڏنو.
”ٺيڪ آ مان اِئين ڪريان ٿو.“ مـِـتيا ڀڻڪندي چيو. بستري تي ويهي، هن پنهنجي جورابن کي لاهڻ شروع ڪيو. هـُـو برداشت کان ٻاهر بيراهه بڻجي ويو هو. ٻين سڀني کي ڪپڙا هئا، پر هيءُ اُگهاڙو هو. هيءَ حقيقت به هئي، ته جڏهن هـُـو اُگهاڙو ٿيو، ته ٻين جي موجودگيءَ ۾ پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪرڻ لڳو. کيس هاڻي يقين ٿيڻ لڳو، ته هـُـو هاڻي رتبي ۾ سڀني کان گهٽ آهي ۽ هنن کي هاڻي پورو پورو حق آهي، ته هو کيس ڇا به ڪن.
جڏهن سڀئي اُگهاڙا هوندا آهن، ته ڪو به پاڻ کي شرمندو محسوس نه ڪندو آهي، پر جڏهن هڪڙو عريان هوندو آهي ۽ ٻيا سڀ کيس ڏسڻ وارا هوندا آهن، تڏهن اِها بي عزتيءَ جهڙي حالت هوندي آهي. هـُـو ورائي ورائي پاڻ کي چوڻ لڳو ته، ”هيءُ خواب ته نه آهي. مان خواب ۾ به اِهڙي بي عزتي جي حالت کي نه ڏٺو آهي.“ هن لاءِ جوراب لاهڻ وڏي مصيبت هئي. اِهي سخت ميرا ۽ بدبودار هئا ۽ اِهائي حالت سندس ڪپڙن جي به هئي. هاڻي ته سڀ اُن کي چڱيءَ طرح ڏسي ٿي سگهيا. سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ هئي، جو هـُـو پنهنجي پيرن کي بڇڙو ڀائيندو هو. هن سڄي حياتي ٻنهي کـُـڙين کي بدنما ٿي سمجهيو. خاص ڪري هن سڄي پير جي ننهن کي، جن جون نوڪون نڪتل هيون، بيحد بدزيب ٿي سمجهيو. ”هاڻي ته سڀڪو اُن کي ڏسندو.“ هن خيال کيس برداشت کان وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو ۽ شرمندو ٿي ويو. هـُـو فوري طور تي ڄاڻي واڻي کهـُـرو بڻجي ويو. هـُـن پاڻ پنهنجي قميص کي ڇڪي لاٿو.
”اوهان کي جيڪڏهن شرم نه اَچي، ته ڇا ٻي ڪنهن جاءِ کي به ڏسندا؟“
”نه، هاڻي اَڃا ته اُن جي ضرورت ڪانه آهي.“
”تڏهن ڇا، مان اِيئن ئي اُگهاڙو رهندس؟“ هن وحشياڻي نموني ۾ چيو.
”هائو، ٿوري وقت لاءِ ڪجهه به ٿي نه سگهندو ..... مهرباني ڪري گهڙي کن هتي ويهه. بستري مان چادر ڪڍي پاڻ کي ويڙهه ۽ مان .... هنن سڀني کي ڏسندس.“
سڀئي شيون شاهدن کي ڏيکاريون ويون. ڪپڙن جي تلاشي جي حقيقت درج ڪئي وئي. آخر نڪولائي پارفينووچ چوڻ لڳو ته، ”جڏهن توکان هن ڳالهه جو قطعي انڪار ٿيو آهي، ته تو اِها رقم ڪٿان حاصل ڪئي، تڏهن اَسان هن گهڙي ....“ آخر نڪولائي پارفينووچ ٻاهر ويو ۽ ڪپڙا سندس پويان کڻي ويا. آئپولٽ ڪيرليووچ به ٻاهر هليو ويو. مـِـتيا اَڪيلو ڳوٺاڻن سان رهجي ويو، جي خاموش بيٺا هئا ۽ منجهانئس اکيون ئي نه پيا ڪڍن. مـِـتيا چادر ۾ پاڻ کي ويڙهي ڇڏيو ۽ هـُـو سردي محسوس ڪرڻ لڳو. سندس پير ڄمي ويا هئا ۽ هـُـو چادر سان پنهنجا پير ڪنهن به صورت ۾ ڍَڪي نه ٿي سگهيو. نڪولائي پارفينووچ گهڻي وقت لاءِ ٻاهر هليو ويو، جو برداشت کان وڌي ويو هو. ”هـُـو مون کي ڪتو ٿا سمجهن.“ مـِـتيا خيال ڪيو ۽ سندس ڏند ٿڌ کان کڙڪڻ لڳا. ”بد جنس جاچ ڪندڙ عملدار به غائب ٿي ويو. اِنهيءَ ۾ شڪ نه آهي، ته کيس نفرت هئي ۽ هـُـن مون کي اُگهاڙو ڏسڻ ٿي چاهيو.“
مـِـتيا وري به خيال ٿي ڪيو، ته سندس ڪپڙن کي جاچ ڪرڻ بعد موٽايو ويندو. پر هن بي عزتيءَ جو ڇا ڪجي، جڏهن نڪولائي پارفينووچ ٻيا ڪپڙا کڻائي موٽي آيو؟
هـُـن هوائي طرح کيس چيو ته، ”اِجهو هي ڪپڙا تنهنجي لاءِ آهن.“ هـُـو پنهنجي عمل تي نهايت خوش ٿي ڏٺو. مسٽر ڪلگنوف مهرباني ڪري، ضرورت جي مدنظر هي مهيا ڪـِـري ڏنا آهن. جن ۾ صاف قميص به آهي. خوش قسمتيءَ سان هي سڀ سندس پيتيءَ ۾ هئا. تون پنهنجا جوراب ۽ ڪپڙا پاڻ وٽ رکي سگهين ٿو.
مـِـتيا عجيب جذبات ۾ اَچي ويو.
”مان ٻي ماڻهوءَ جا ڪپڙا نه پائيندس.“ هـُـن وضاحت سان واڪو ڪري چيو. مونکي پنهنجا ڪپڙا موٽائي ڏيو؟“
”مون کي منهنجا ڪپڙا ڏيو. کـَـڏ ۾ وجهو ڪلگنوف ۽ اُن جي ڪپڙن کي.“
کين ڪيترو وقت هنن کي راضي ڪرڻ ۾ لڳو. پر ڪيئن به هنن کيس راضي ڪري ورتو. هنن کيس هيئن چئي متاثر ڪيو، ته جيئن ته اِنهن تي رت جا داغ آهن، اُن ڪري ثابتيءَ جي لاءِ، ٻين شين سان گڏ، هن جو موجود هئڻ به لازمي آهي. کين هاڻي ڪوبه حق نه آهي، ته اُنهن کي هاڻي موٽائي ڏين ..... هنن مقدمي جي ضروري شين کي پنهنجي ڌيان ۾ ٿي آندو. مـِـتيا آخر هن حقيقت کي سمجهيو. هـُـو تاريڪي خاموشيءَ سان چپ ٿي ويو ۽ جلديءَ ۾ ڪپڙا پاتائين. هن اُن وقت محسوس ڪيو، ته هي ڪپڙا، سندس ڪپڙن کان بهتر هئا. مگر هـُـن اُن تبديليءَ کي پسند نه ٿي ڪيو. پر هي ڪپڙا جيئن ته سوڙها هئا.
هنن کيس وري وڌاءَ ڪرڻ جي لاءِ دٻايو، ڇو ته ڪلگنوف، کانئس ٿورو ڊگهو هو ۽ فقط سٿڻ ئي اُن کان ٿوري وڏي هئي. پر ڪوٽ سچ پچ ڪلهن وٽ کيس سوڙهو ٿي لڳو. ”سڀني کي کڏ ۾ وجهو. مان مشڪل سان بٽڻ پائي ٿو سگهان.“ مـِـتيا بڙ بڙ ڪرڻ لڳو. اوهان مهرباني ڪري ڪلگنوف کي چئو، ته ”مان ڪڏهن به کانئس ڪپڙا نه گهريا آهن ۽ هيءَ منهنجو ڪارنامو نه آهي، جو مون کي مسخري جهڙي پوشاڪ پهرائي وئي آهي.“
”هو پاڻ ئي هن ڳالهه کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو. کيس ڪپڙن لاءِ ڪوبه ڏک نه آهي، جي توکي اُڌارا وٺي ڏنا ويا آهن، پر هـُـو هن سڄي ڪارگذاريءَ کان غمناڪ آهي.“ نڪولائي پارفينووچ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
هن پنهنجي ڏک کي لڪائيندي چيو ته: ”ٺيڪ آهي، هاڻي ڪهڙو اِرادو آهي ۽ مان ڪاڏي وڃان؟“
کيس چيو ويو ته، هـُـو هاڻي ٻي ڪمري ۾ وڃي، مـِـتيا ڪاوڙ ۾ بـُـڙ بـُـڙ ڪندو اوڏانهن هليو ويو. هن ڪوشش ڪئي، ته هو ڪنهن کي به نه ڏسي. ٻئي ماڻهوءَ جي ڪپڙن ۾ پاڻ کي ڏسي، بيحد رنجيده هو. پر ڳوٺاڻن جي نظر ۾ به حقير ٿي ڏٺو ۽ تريفان بورسووچ جي نگاهه ۾ به، جنهن ڪنهن سبب کان دروازي مان منهن ڪڍيو هو ۽ جلد ئي غائب ٿي ويو هو. مـِـتيا پنهنجي دل ۾ خيال ڪيو، ته هـُـو کيس هن عجيب پوشاڪ ۾ ئي ڏسڻ لاءِ آيو هو. هـُـو اڳي وانگر ساڳي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيس واهيات خواب جهڙا جذبا محسوس ٿيڻ لڳا. ڄڻ ته هـُـو پنهنجي حال ۾ نه هو.
”ٺيڪ آهي، پر هاڻي ڇا ٿيندو؟“ هـُـن کين چوڻ شروع ڪيو ته ”مون کي بيد ئي لڳايا ويندا. اوهان جي لاءِ هاڻي، اِهوئي ته باقي رهيو آهي. هن ڏندن کي ڪـَـرٽيو. هن فقط جاچ ڪندڙ عملدار سان ٿي ڳالهايو ۽ نڪولائي پارفينووچ ڏي ڪو به ڌيان نه ٿي ڏنو، ڄڻ ته هن ساڻس ڳالهائڻ نه ٿي گهريو.“
”بدمعاش! هو ته هن جي جوراب کي ويجهو ٿي نهاري رهيو هو ۽ ٻاهر کڻي اِنهيءَ لاءِ ڏيکاري رهيو هو، ته ڪيڏا نه غليظ آهن.“
”خير، هاڻي اَسان کي پنهنجي شاهدن ڏي رجوع ٿيڻ گهرجي.“ نڪولائي پارفينووچ چيو. ڄڻ ته هـُـو، مـِـتيا جو جواب ڏئي رهيو ه و.
”هائو!“ جاچ ڪندڙ عملدار چيو، هـُـو ڪنهن گهـَـري خيال ۾ ٿي ڏٺو.
”دمتري فيودورپاولووچ، اَسان تنهنجي فائدي لاءِ اُهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي، جو ڪرڻ کپندو هو.“ نڪولائي پارفينووچ ڳالهائڻ لڳو، پر جڏهن ته توکان، اُن پيسن جي متعلق ته توکي اُهي ڪٿان هٿ آيا، تنهنجو انڪاري جواب آهي، اُنڪري اَسان هن گهڙي ........“
”تنهنجي منڊيءَ ۾ اِهو ڪهڙو پٿر آهي؟“ وري به مـِـتيا دخل ڏيندي وچ ۾ چيو. ڄڻ ته هـُـو ڪنهن رويا کان جاڳي پيو هو. هـُـن اُنهن ٽن مـُـنڊين مان، جي نڪولائي پارفينووچ جي هٿ ۾ پيون هيون، هڪ ڏي اشارو ڪري چيو.
نڪولائي پارفينووچ کيس عجب مان چيو ته ”منڊي؟“
”هائو اِها .... جا تنهنجي وچئين آڱر ۾ آهي، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون رڳون ٿيون ڏسجن. اِهو ڪهڙو پٿر آهي؟“ مـِـتيا ننڍڙي ٻار وانگر اُن تي زور ڏيڻ لڳو.
”هيءُ ميرانجهڙو پکراج آهي.“ نڪولائي پارفينووچ کيس مشڪندي چيو. ”تون هن کي ڏسندين؟ مان لاهي ٿو وٺان.“
مـِـتيا جوش مان واڪو ڪري چيو، ”نه، نه لاهجانءِ. اوچتو هـُـو ڄڻ ته جاڳي پيو ۽ پاڻ تي ڪاوڙجڻ ٿيڻ لڳو. ”نه لاهجانءِ!“ ..... اُن جي ڪابه ضرورت نه آهي .... کڏ ۾ وجهينس. شريف انسانو! اوهان منهنجي دل کي داغ هڻي ڇڏيو. ڇا اوهان اِيئن خيال به ڪري سگهو ٿا، ته جيڪڏهن مان پنهنجي پيءُ کي ماريو هجي ها، ته اوهان کان اُن کي ڳجهو رکان ها. مان سخن سازي ڪريان ها، ڪوڙ ڳالهايان ها ۽ لڪي وڃان ها. پر اِهو دمتري ڪرامازوف جو وَڙ نه آهي. هـُـو اِهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندو. جيڪڏهن مان ڏوهي هجان ها، ته مان قسم کڻي ٿو چوان، ته اوهان جي لاءِ ڪڏهن به نه ترسان ها ۽ جيئن مان اوهان کي ٻڌايو آهي، ته پاڻ کي مارڻ لاءِ صبح تائين ترسيو هوس، اُن حالت ۾ اڳ ۾ ئي پاڻ کي ماري ڇڏيان ها. پرهه ڦٽيءَ تائين به نه ترسان ها. مون کي هاڻ پنهنجي لاءِ خبر پوي ٿي. مان ويهن ورهين ۾ ته ڪجهه به سکي نه سگهيو هوس، پر هن منحوس رات ۾ جو ڪجهه سکيو اٿم، سوگهڻو ڪجهه آهي ..... ڇا اِهڙيءَ رات ۾ مان اِيئن ٿي پئي سگهيس. جيئن اوهان ڏسو ٿا؟ ۽ هيئن اوهان جي سامهون يا ٻين جي سامهون اِيئن ويهي ٿي سگهيس، جيڪڏهن مان پنهنجي پيءُ جو قاتل هجان ها. جڏهن ته اتفاقي طور تي گريگري جو قتل مون کي سڄي رات آرام ڏئي نه سگهيو آهي. خوف کان نه - اوهان جي سزا جي خوف کان نه! فقط ڏک ۽ افسوس کان. اوهان اُميد ٿا رکو، ته اوهان جهڙن طعني هڻندڙن جي اڳيان، مان کـُـلي ڳالهايان، جي پاڻ ڪجهه نه آهن، نه وري وٽن ڪو اعتبار آهي. اَنڌيون رڍون ۽ طعنيزن! اوهان کي وري اُها ٻي اَڻ وڻندڙ ڳالهه ٻڌايان، ته مان هيئن ڪيو آهي. اِهو وري ٻيو غم ٿيندو. مان ڪڏهن به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه ٿيندس، پوءِ ڇو نه اِيئن ڪرڻ سان، مان اوهان جي تهمت کان بچي وڃان. نه اِنهيءَ کان سائبيريا چڱي آهي! اُنهيءَ ماڻهوءَ جنهن منهنجي پيءُ جو دروازو کوليو آهي، اُنهيءَ ئي کيس قتل ڪيو آهي ۽ ڦـُـريو آهي. اُهو ڪير آهي؟ مان پنهنجي دماغ کي ڦيرائي رهيو آهيان ۽ سوچ ۾ آهيان، ته اُهو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ پر مان اوهان کي صاف ٻڌايان ٿو، ته اُهو دمتري ڪرامازوف نه آهي. بس اِهائي حقيقت آهي، جا مان اوهان کي ٻڌائي سگهان ٿو. اِهائي ڪافي آهي. هاڻي مون کي اَڪيلو ڇڏيو ...... مون کي ملڪ بدر ڪريو، پر مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪريو. هاڻي پنهنجي شاهدن کي سڏيو.“
مـِـتيا پنهنجي ڊرامي جي تنها ڪلامي پوري ڪئي، ڄڻ ته هـُـو فيصلو ڪري چڪو هو، ته هـُـو آئنده بلڪل چپ رهندو. جاچ ڪندڙ عملدار سمورو وقت گهـُـوري نهاريندو رهيو، پر جڏهن هن ڳالهائڻ بند ڪيو، تڏهن ڄڻ ته هـُـن اِيئن سمجهيو، ته اِها بلڪل معمولي ڳالهه هئي. وٽس ڪوبه اَثر يا همدردي ڪانه هئي.
”ها، جنهن کليل دروازي جي باري ۾ هاڻي تو ڳالهايو، اَسان توکي ٻڌايون ٿا، ته اِها نهايت دلچسپيءَ جهڙي ثابتي آهي. تنهنجي لاءِ به ۽ اَسان جي لاءِ به. اسان وٽ گريگري اُن حقيقت کي پيش ڪيو آهي. ها اُن پوڙهي، جنهن کي تو زخمي ڪيو آهي. جڏهن هـُـو هوش ۾ آيو، تڏهن وضاحت ۽ صفائيءَ سان ٻـُـڌايو ۽ اَسان جي سوال جي جواب ۾، ته جڏهن هـُـو ڏاڪن تي ٻاهر آيو ۽ باغ ۾ لـُـڙ ٻڌائين. تڏهن هن پختو اِرادو ڪيو، ته هـُـو اُن ننڍڙي دروازي کان اوڏانهن ويندو، جو اُن وقت کليل هو. تنهنجي ڊوڙڻ کان اڳ ۾ جو اِهو واقعو آهي. جيئن تون اڳ ۾ ٻڌائي چـُـڪو آهين، ته اونداهي ۾، تو کليل دريءَ مان پنهنجي پيءُ کي ڏٺو. گريگري کٻي طرف نهاريو ۽ ان وقت دريءَ کي کليل ڏسي، هن پنهنجي تمام ويجهو ڏٺو، ته دروازو کليل هو. جنهن دروازي جي بابت تو ٻڌايو هو، ته هـُـو کليل هو. تون سمورو وقت باغ ۾ هئين. مان توکان هي نه لڪائيندس، ته پختي طرح ۽ رازدارانه سندس شاهدي آهي، ته تون پڻ اُن دروازي مان ضرور ڊوڙيو هوندين. جيتوڻيڪ هن پنهنجي اکين سان توکي اِيئن ڪندي نه ڏٺو هو. هن توکي پهريائين، ڪجهه فاصلي تي باغ ۾ ڏٺو ۽ تون لوڙهي ڏانهن ڊوڙندو ٿي وئين.“
مـِـتيا گفتگو تي پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اُٿڻ وارو هو.
”بيوقوف! هن ڪاوڙ مان چيو. هيءَ هڪ نسورو ڪوڙ آهي. هن ڪڏهن به دروازي کي کليل نه ڏٺو هوندو، ڇاڪاڻ ته اُهو بند هو. هـُـو ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“
”منهنجو هيءُ فرض آهي، ته مان هن حقيقت کي وري دهرايان، ته هـُـو پنهنجي بيان ۾ نهايت پختو هو. هـُـو ڪٿي به نه لڏيو. هـُـو اُن تي پوريءَ ريت قابو آهي. اسان کانئس ڪيترا ڀيرا آڏي پڇا ڪري چـُـڪا آهيون.“
نڪولائي پارفينووچ کيس پوريءَ طرح يقين ڏياريندي چيو، ته اَسان کانئس ڪيئي ڀيرا آڏي پڇا ڪري چـُـڪا آهيون.
اِهو ڪوڙ آهي، اِهو ڪوڙ آهي! مون کي تباهه ڪرڻ جي هيءَ ڪوشش آهي. اُن پاڳل ماڻهوءَ جي تصور جو فريب آهي. مـِـتيا اَڃا واڪا ڪري چوڻ لڳو، ته ”هـُـو پنهنجي رت جي گهڻي وهڻ سبب، بـَـڪي رهيو آهي ...... هـُـن اُن کي چڱيءَ ريت ڏٺو هوندو، جڏهن، هـُـو اُتي آيو هوندو. هـُـو بـَـڪي رَهيو آهي.“
”هائو، پر هن پنهنجي زخمن کان پوءِ، دروازي کي کـُـليل نه ڏٺو هو، اڳ ۾ ئي ڏٺو هو. يعني جيئن هو پنهنجي جاءِ مان باغ ۾ ويو هو.“
”پر اِهو ڪوڙ آهي، غلط آهي! اِيئن ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي. هـُـو مون کي ڦاسائي رهيو آهي، رڳو نفرت کان ..... هـُـن ڪڏهن به اِيئن نه ڏٺو هوندو .... مان ڪڏهن به اِنهيءَ دروازي کان نه آيو هوس،“ مـِـتيا جواب ڏنو.
جاچ ڪندڙ عملدار، نڪولائي پارفينووچ ڏي مـُـڙيو ۽ کيس اَثرائتي آواز ۾ چيائين ته:
”هاڻي هن کي سندس سامهون پيش ڪر.“
”تون هن شيءِ کي سڃاڻين ٿو؟“
نڪولائي پارفينووچ ميز تي هڪ ڊگهو ۽ ٿلهو سرڪاري لفافو رکيو، جنهن تي ٽي مهرون اَڃا لڳل ٿي ڏٺيون. لفافو خالي هو. اُهو هڪ طرف کان ڦاٽل ٿي نظر آيو. مـِـتيا جون اکيون اُن کي ڏسي ڦاٽي ويون ۽ عجب مان اُن کي گهوري نهارڻ لڳو.
”هيءُ، هيءُ منهنجي پيءُ جو هئڻ گهرجي. اِهو، اُهو لفافو آهي، جنهن ۾ ٽي هزار روبل پيل هئا. جيڪڏهن ان تي اِيئن لکيل آهي ته: ”منهنجي نوخيز چوزي لاءِ، ته اُن ۾ ٽي هزار روبل هئا.“ مـِـتيا واڪو ڪري چوڻ لڳو. ”اوهان ڏسو ٿا، ته اُن تي ٽي هزار روبل لکيل آهن؟“
”بيشڪ اسان ڏسون ٿا، پر هن ۾ رقم ته موجود ڪانه آهي. هي خالي آهي. هيءُ، مقتول جي هنڌ جي ڀرسان زمين تي پيو هو ۽ پردي جي پويان.“
ٿورن منٽن لاءِ مـِـتيا ڀت بڻجي ويو. پوءِ چوڻ لڳو: ”شريف انسانو، هيءُ ڪم سميرڊياڪوف جو آهي. هو ئي آهي، جنهن کيس قتل ڪيو آهي ۽ ڦـُـريو آهي. ٻي ڪنهن به ماڻهوءَ کي خبر نه هئي، ته اِهو لفافو ڪٿي رکيو آهي؟ اِهو سميرڊياڪوف ئي آهي، اِها ڳالهه هاڻي ظاهر آهي.“
”پر تون به ته هن لفافي کي ڄاڻين ٿو ۽ اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو؟“
”مان هن کي ڪڏهن به نه ٿي ڄاتو ۽ نه وري مان ڪڏهن هن کي ڏٺو هو. هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو مان هن کي ڏٺو آهي. مان فقط سميرڊياڪوف کان هن جي بابت ٻـُـڌو هو. هيءُ ئي ماڻهو آهي، جنهن کي خبر هئي، ته پوڙهي اُن کي ڪٿي لڪائي رکيو آهي؟ مون کي ڪابه خبر نه هئي!“ مـِـتيا جو مڪمل طرح ساهه هيٺ مٿي کڄي رهيو هو.
”پر تو ته اَسان کي پاڻ ٻڌايو، ته اِهو لفافو فوتي يعني تنهنجي پيءُ جي وهاڻي هيٺان هو. تو خاص طرح اِها ڳالهه ٻڌائي، ته اِهو سندس وهاڻي هيٺان هو. توکي پـَـڪ سان اُن جي خبر هئي.“ نڪولائي پارفينووچ چيو، ته اَسان اِهو لکي ڇڏيو آهي ۽ اُن کي قبول ڪيو اَٿئون.
”بيوقوف! هيءُ ته واهيات آهي! منهنجي ڪڏهن به اِها مراد نه هئي، ته اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو.“ ڪڏهن به اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان ٿي نه ٿو سگهي. هيءُ فقط اتفاقي گمان ٿي سگهي ٿو، ته اِهو خط سندس وهاڻي هيٺان هو. سميرڊياڪوف ڇا ٿو چوي؟ اوهان کانئس پڇيو آهي، ته اِهو ڪٿي هو؟ اِهائي ته مکيه ڳالهه آهي ..... مان ته اوجهڙ وڃي پنهنجي خلاف ئي ڳالهائي رَهيو آهيان. مان خيال ڪرڻ کان سواءِ ئي اِيئن چئي ڏنو، ته اِهو سندس وهاڻي جي هيٺان هو. هاڻي اوهان ڄاڻو ٿا، ته ڪيئن نه هڪ ماڻهو غلط ڳالهيون، بنا ڪنهن مطلب جي ٻڌائي ٿو. پر اِهي سڀئي ڳالهيون سميرڊياڪوف ڄاڻي ٿو، فقط سميرڊياڪوف، نه ٻيو ...... هـُـن هيءُ مون کي ڪڏهن به نه ٻڌايو هو، ته اُهو ڪٿي رکيو آهي؟ پر اِهو سڄو ئي سندس ڪم آهي. اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. هن ئي کيس قتل ڪيو آهي، اِهو روز روشن وانگر ظاهر آهي.“ مـِـتيا گهڻي کان گهڻو جوش ۾ ڀرجي ويو. ”توهان هن کي چڱيءَ ريت سمجهو ٿا ۽ اُن کي گرفتار ڪيو ..... هـُـن کيس اُن وقت قتل ڪيو. اِيئن جنهن وقت مان ڊوڙندو ٿي ويس ۽ گريگري بيهوش هو ..... اِهو هاڻي بلڪل صاف ٿو معلوم ٿئي ...... هـُـن کيس نشاني ڏني ۽ منهنجي پيءُ دروازو کوليو .... ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪوبه نه، پر هيءُ ئي نشانيون ڄاڻندو هو. نشانيءَ کانسواءِ منهنجو پيءُ ڪڏهن به دروازو نه کولي ها .......“
”تون وري به اسباب کي وساري رهيو آهين.“ جاچ ڪندڙ عملدار پنهنجي راءِ ڏيندي چيو. هـُـو اَڃا به ساڳي روڪ سان ڳالهائي رَهيو هو. جيتوڻيڪ اُن ۾ سندس خوشي به پئي ڏٺي. ”حقيقت ۾ اِشاري ڏيڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي، جڏهن ته دروازو اڳ ۾ کليل هو. تون اُن وقت باغ ۾ هئين ......“
”در، در،“ مـِـتيا زور سان چيو. هـُـن بنا ڪنهن گفتگو جي جاچ ڪندڙ عملدار کي عجب مان ڏٺو ۽ نااُميديءَ مان ڪرسي جي پٺ ڏي وڃي ڪريو. سڀئي خاموش ٿي ويا.
”هائو، دروازو! .... هيءُ هڪ خواب هو ..... خدا منهنجي خلاف ٿو ڏسجي.“ هن پريشانيءَ مان چيو. هن مڪمل طرح، مضبوط ڪرڻ واري عجب جي نگاهه سان اُن کي ڏٺو.
”ٻـُـڌ“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس چيو، ” ۽ تون پنهنجو پاڻ فيصلو ڪر، دمتري فيودورپاولووچ. هڪ طرف اسان وٽ هيءَ ثابتي آهي، ته تون اُن دروازي کان ڀڳو هئين، جو کليل هو. هيءَ اُها حقيقت آهي، جا توکي ۽ اسان کي وڪوڙي وئي آهي. ٻئي طرف تنهنجي، سمجهه کان ٻاهر ثابت قدمي ۽ اَڃا به اِيئن چئجي، ته اُن حقيقت کي ٻڌائڻ کان ضد واري خاموشي، ته اِها رقم توکي ڪٿان ملي هئي، جا اوچتو تنهنجي هٿن ۾ ڏٺي وئي، جڏهن ته ٽي ڪلاڪ اڳ ۾، تنهنجي ئي زبان موجب، تو پنهنجي پستول کي ڏهن روبلن جي لاءِ گروي رکيو هو! اِنهن سڀني حقيقتن کي هاڻي پنهنجي سامهون رکي، پاڻ ئي فيصلو ڪر! اسان ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪريون ۽ ڪهڙيءَ جي تائيد ڪريون؟ اسان جي سرد مهري، سختي ۽ بي پرواهي جي شڪايت نه ڪر، جي تنهنجي دل جي مهربانيءَ واري ڌَڪ ڌَڪ کي سمجهڻ کان قاصر آهن ...... ڪوشش ڪري اسان جي جوابدارين ۾ لنگهي اچ .......“
مـِـتيا، بيان ڪرڻ کان ٻاهر ڪاوڙ ۾ اَچي ويو ۽ سندس منهن جو رنگ هيڊو ٿي ويو.
”ٺيڪ آهي!“ هـُـن اوچتو رڙ ڪري چيو. ”مان اوهان کي پنهنجو راز ٻڌايان ٿو. مان هيءُ اوهان کي ٻڌائيندس، ته اِها رقم مون کي ڪٿان هٿ آئي ..... مان پنهنجي ندامت کي ظاهر ڪريان ٿو. اُن جي لاءِ، هن کانپوءِ نه مان اوهان کي ڪو ڏوهه ڏيندس نه پاڻ کي.“
”دمتري فيودورپاولووچ، اسان ۾ يقين رک.“ نڪولائي پارفينووچ خوشي ۽ رحم ڀري گڏيل آواز سان کيس چيو ته، ”اُها سڀڪا خلوص واري قبوليت، جا تنهنجي طرف کان هوندي، پوءِ پوري ريت اَثر واري ۽ تنهنجي فائدي ۾ هوندي ۽ شايد اُن کان به مٿي وڃي .....“
پر جاچ ڪندڙ عملدار، کيس ميز جي هيٺان خفيف ڌڪو ڏنو ۽ هـُـن ڳالهائيندي پاڻ کي سنڀالي ورتو. مـِـتيا، کين سمجهي نه سگهيو.