باب نائون: مـِـتيا کي پـَـري وٺي وڃن ٿا
مختصر ته مـِـتيا کي ٻڌايو، ته هـُـو اُن گهڙيءَ کان قيدي آهي ۽ کيس هڪدم شهر ڏي وٺي وڃبو ۽ کيس ڪنهن اڻ وڻندڙ جاءِ تي بند ڪيو ويندو. مـِـتيا خبرداريءَ سان ڌيان ڏئي ٻڌو. هن فقط پنهنجي ڪلهن کي جهڪايو.
”شريف انسانو! مان اوهان کي ڪوبه الزام نه ٿو ڏيان. مان تيار آهيان .... مان ڄاڻان ٿو، ته اوهان هن کان سواءِ، ٻيو ڪري ئي ڇا ٿا سگهو؟“
نڪولائي پارفينووچ نرمائيءَ سان اطلاع ڏنو، ته کيس هڪدم ڳوٺاڻي پوليس جو آفيسر ماورڪي ماروڪووچ پاڻ سان وٺي ويندو، جو اُتي موجود هو.
مـِـتيا، اوچتو وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، ته ”ترسو!“ ۽ هن اُن جذبات سان، جا سندس ضابطي کان ٻاهر هئي، ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن کي خطاب ڪري چيو ته:
”مهربانو! اَسان سڀ ظالم آهيون ۽ اسان سڀ واڳون آهيون. اسان فقط ماڻهن کي روئارڻ ڄاڻون ٿا. مائرن ۽ ٻارن کي پريشان ڪرڻ اَچي ٿو. پر اوهان سڀني مان، هاڻي هت فيصلو ٿيڻ گهرجي، ته مان گهٽيا نانگ آهيان. پنهنجي عمر ۾ مان ڏهاڙي سيني اندر هي قسم کڻندو ٿي رهيس، ته پنهنجي اصلاح ڪندس. پر وري به اِنهن ساڳين پنهنجي بيهوده ڪاررواين ۾ مشغول رهيو آهيان. مان هاڻي سمجهان ٿو، ته مون جهڙي ماڻهوءَ کي اُن جي سزا ملڻ کپي. اُها سزا تقدير جي ضرب هئڻ گهرجي، جو پنهنجي ڦاسيءَ ۾ ڦاسائي ٿو ۽ زور سان قابو ڪري رکي ٿو. جيئن ته هاڻي سندس کنوڻ منهنجي مٿان ڪري رهي آهي، مان هن تهمت جي عذاب کي قبول ٿو ڪريان ۽ اَن کان سواءِ عوام جي اڳيان شرمساري! مون کي اِهو عذاب سهڻ گهرجي ۽ هن برداشت جي باعث مان پاڪ ٿي ويندس، شريف انسانو! پر آخري دفعي لاءِ ڌيان ڏيئي ٻڌو. مان پنهنجي پيءُ جي رت هارڻ جو گنهگار نه آهيان. مان پنهنجي سزا کي اِنهيءَ لاءِ قبول نه ٿو ڪريان، ته مان اُن کي ماريو آهي، پر سچ پچ سان کيس ماريان ها. شايد مان کيس ماري به وجهان ها. مان اَڃا به هن حقيقت جي لاءِ وڙهندس، جنهن لاءِ مان اوهان کي خبردار ٿو ڪريان. مان پنهنجي لاءِ آخري دم تائين وڙهندس ۽ پوءِ خدا ئي فيصلو ڪندو. شريف انسانو! الوداع! مون تي اِنهيءَ لاءِ رنج نه ٿجو، ته مان پڇا جي دوران اوهان سان واڪا ڪري ٿي ڳالهايو. مان اَڃا به ته ساڳيو ئي بيوقوف هوس ...... منٽ کان پوءِ مان قيدي هوندس، پر هاڻي هن آخري وقت ۾ آزاد انسان آهيان ۽ دمتري ڪرامازوف اوهان سان هٿ ٿو ملائي. مان اوهان کي خدا حافظ چوان ٿو ۽ هتي جيڪي موجود آهن تن انسانن کي به.“
سندس آواز ڏڪي رهيو هو، هن پنهنجي هٿن کي وڌايو، پر نڪولائي پارفينووچ جو اتفاق سان سندس ويجهو بيٺو هو، پنهنجي هٿن کي پٺيءَ جي پويان لڪائي ڇڏيو. هي سڀ اوچتو ۽ بيخوديءَ ۾ ٿي گذريو. مـِـتيا ان وقت ئي کيس ڏسي ورتو ۽ کانئس ڇرڪ نڪري ويو ۽ سندس ٻاهر نڪتل هٿ، هيٺ ڪري پيا.
”ابتدائي جاچ اَڃا پوري نه ٿي آهي.“ نڪولائي پارفينووچ هٻڪندي چيو، هـُـو ڪجهه منجهيل ٿي ڏٺو. اَسان هن کي شهر ۾ به جاري رکنداسون. مان پنهنجي طرفان، بيشڪ تيار آهيان، ته توکي ڪاميابي حاصل ٿئي ..... جيئن حقيقتون آهن .. توکي بچاءَ ۾ فائدو ٿئي، دمتري فيودورپاولووچ. مان هميشھ تنهنجي عزت جو لحاظ رکيو آهي ۽ مان اِيئن سمجهيو آهي، ته گنهگار کان وڌيڪ تون بدقسمت آهين. اَسان سڀئي جي هتي موجود آهيون، هن خيال جا آهيون، ته تون بلڪل نيڪ ۽ شريف نوجوان آهين، پر افسوس جو تون پنهنجي نفساني هوَس جي چنبي ۾ حد کان گهڻو گرفتار آهين.“
جاچ ڪندڙ عملدار، پنهنجي گفتگو کي پوري ڪرڻ کان پوءِ سنجيده بڻجي ويو. اوچتو دمتريءَ کي اِيئن نظر آيو، ته هي اَجائي گفتگو ڪندڙ جوان، کيس آغوش ۾ وٺڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس گوشي ۾ وٺي، وري ”ڇوڪرين“ جي بابت گفتگو ڪرڻ لاءِ راضي ڪري رهيو آهي. پر اِهڙا ڪيئي بيهوده خيال ۽ غير سنجيده فڪر، ڪڏهن ڪڏهن قيديءَ جي دل ۾ اُجاگر ٿيندا آهن، جڏهن کيس موت جي سزا لاءِ وٺي ويندا آهن.
”شريف انسانو! اوهان، نيڪ، انسانيت وارا آهيو. ڇا مان هن کي آخري ڀيرو الوداع چئي سگهان ٿو؟“ مـِـتيا کانئن پڇيو.
”بيشڪ، پر ..... اسان جو خيال آهي، ته اِها ملاقات اَسان جي روبرو اوهان کي ميسر ٿي سگهندي.“
”بهتر، اِيئن ئي، پر ملاقات ضرور ٿيڻ گهرجي.“
گروشينڪا کي اندر گهرايو ويو، پر هيءَ موڪلاڻي نهايت مختصر هئي ۽ ٿورن لفظن ۾ هئي. نڪولائي پارفينووچ کي ڪابه تسلي نه ٿي. گروشينڪا، مـِـتيا کي بيحد جـُـهڪي سلام ڪيو.
”مان توکي ٻڌايو آهي، ته مان تنهنجي آهيان ۽ مان تنهنجي ئي ٿي رهنديس. مان هميشھ لاءِ تنهنجي ئي پٺ وٺنديس. ڪٿي به توکي موڪليندا، مان تنهنجي پويان هونديس. الوداع! تون بي ڏوهي آهين، جيتوڻيڪ هيءُ تنهنجون پنهنجون ئي غلطيون آهن.“
سندس چپ ڏڪي رهيا هئا ۽ سندس اکين مان لـُـڙڪ وهي رهيا هئا.
”مون کي معاف ڪر گروشينڪا، منهنجي محبت جي صدقي مون کي معاف ڪر. مان پنهنجي محبت سان توکي برباد ڪيو آهي.“
مـِـتيا اَڃا به ڪجهه وڌيڪ چوي ها، پر هـُـو ٽٽي پيو ۽ ٻاهر هليو ويو. هڪدم اُهي ماڻهو کيس ويڙهي ويا، جي سندس سخت نگراني ڪري رهيا هئا. ڏاڪڻ جي هيٺ، جتي، هڪ ڏينهن اڳ ۾ ائنڊري جي ٽن گهوڙن واري سواريءَ ۾ تيزي سان پهتو هو، ٻه گاڏيون تيار بيٺيون هيون. ماورڪي ماروڪووچ، هڪ مضبوط ۽ پهلوان قسم جو ماڻهو هو، جنهن جي منهن ۾ ڪيئي گهنج هئا، ڪنهن ڳالهه تان پريشان هو. ڪنهن اوچتو بي قاعدگيءَ کان خفا ٿي ڏٺو. هـُـو ڪاوڙ مان واڪا ڪري رهيو هو. هن مـِـتيا کي سخت خفگيءَ سان گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ حڪم ڏنو.
”جڏهن مان هن کي شرابخاني ۾ شراب پيئندي ڏٺو هو، ته سندس چهرو بلڪل ٻي طرح جو هو.“ مـِـتيا سوچيو. اِيئن سوچيندي هـُـو گاڏيءَ ۾ اندر گهڙيو. دروازي وٽ ماڻهن جو انبوهه هو. ماڻهو، ڪـُـڙمي، ڪوچبان ۽ عورتون تريفان بورسووچ پڻ ڏاڪڻ کان هيٺ لهي آيو. سڀ مـِـتيا کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا.
هن جدائيءَ جي وقت نيڪ انسانو! مـِـتيا اوچتو گاڏي مان واڪو ڪري چيو.
”اسان کي به معاف ڪر! هن ٽن چئين آوازن کي ٻڌو.
”تنهنجو به خدا حافظ! تريفان بورسووچ“
پر تريفان بورسووچ، کيس مـُـڙي به نه ڏٺو. هو بيحد مشغول ٿي ڏٺو. هـُـو پڻ ڪنهن ڳالهه کان واڪا ۽ لـُـڙ ڪندو ٿي رَهيو. ان مان معلوم پئي ٿيو، ته ٻي گاڏيءَ ۾ اَڃا بندوبست مڪمل نه ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻه سپاهي ماورڪي ماروڪووچ سان گڏ وڃڻ وارا هئا. ڪڙمي، جنهن ڪوچبان کي ٻي گاڏي هلائڻي هئي، هو پنهنجي پوستين کي ڇڪي اِهو مضبوطيءَ سان ظاهر ڪري رهيو هو، ته سندس وڃڻ جو وارو نه آهي، پر آڪم جو. پر آڪم نظر ئي نه ٿي آيو. هـُـو کيس ڏسڻ لاءِ ڊوڙيا. ڪوچبان مٿن زور آندو ۽ عرض ڪيو، ته هـُـو ٿورو ترسن.
”ڏسين ٿو ماورڪي ماروڪووچ، اَسان جا ڪوچبان ڪهڙي قسم جا آهن. کين ڪوبه شرم ڪونه آهي.“ تريفان بورسووچ چوڻ لڳو. ”آڪم ڪالهه توکي پنجويهه ڪاپيڪس (سڪا) ڏنا هئا. تو اُنهن جو شراب پيتو. هاڻي وري دانهون به ڪرين ٿو. ماورڪي ماروڪووچ، مان هنن گهٽ ذات وارن سان تنهنجي نيڪ طبعيت کي ڏسي عجب ٿو کاوان. مان اِيئن ئي چوندس.“
”پر ٻي گاڏي اوهان کي ڇا جي لاءِ کپي؟“ مـِـتيا سوال ڪيو. اَسان کي تيار ٿيڻ کپي ۽ هن هڪ سان ئي هلڻ کپي، ماورڪي ماروڪووچ. مان انتظام ۾ رخنو نه وجهندس، نه وري ڀڄي ويندس. هيءُ پوليس جو حفاظتي دستو ڇا جي لاءِ؟“
”مان جيڪر توکي تڪليف ڏيان، ته تون اهو سکين، ته مون سان توکي ڪيئن ڳالهائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته تو اڃا ڳالهائڻ سکيو ئي نه آهي. مان هاڻي تنهنجو پراڻو واقفڪار نه آهيان. تون پنهنجي صلاح کي ڪنهن ٻي موقعي جي لاءِ سانڍي رک.“ ماورڪي، هڪ وحشي وانگر بڙ بڙ ڪندو رهيو. ڄڻ ته هـُـو خوش پئي ٿيو، ته پنهنجي ڪاوڙ کي ڪنهن تي هاري رهيو آهي.
مـِـتيا خاموش ٿي ويو، پر ڪاوڙ کان بي تاب هو. اُن وقت هو سردي محسوس ڪرڻ لڳو. برسات هاڻي بند ٿي وئي هئي، پر آسمان، اَڃا ڪڪرن سان ڀريل هو ۽ سخت هوا سندس منهن تي لڳي رَهي هئي.
”مون کي شايد ٿڌ لڳي آهي.“ مـِـتيا پنهنجي ڪلهن کي سڪوڙيندي چيو.
آخر ماورڪي ماروڪووچ، گاڏيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. هن مـِـتيا کي اِهڙيءَ ريت ويهندي ڏٺو، ڄڻ ته کيس اُن جي ڪابه خبر نه آهي. هـُـو ڪـُـنڊ ۾ ڦاسي پيو. هيءُ سچ هو ته هـُـو پنهنجي مزي ۾ نه هو. جو ڪم کيس حوالي ڪيو ويو هو، اُن کي هن پسند به نه ٿي ڪيو.
”الوداع، تريفان بورسووچ!“ مـِـتيا وري واڪو ڪري چيو. هن محسوس ڪيو، ته هن ڀيري، هـُـن نيڪ خيال سان کيس اهي لفظ نه چيا آهن، پر ڪاوڙ مان.
هـُـو مٿي اُگهاڙو، اِيئن غرور سان بيٺو رَهيو. سندس ٻئي هٿ، پٺيءَ جي پويان هئا. هـُـو ڪاوڙ ۽ جوش مان سنئون سڌو مـِـتيا طرف نهاري رهيو هو ۽ ڪوبه جواب نه ڏنائين.
”الوداع، دمتري الوداع!“ هن اوچتو ڪلگنوف جي آواز کي ٻڌو. هـُـو نهايت تيزيءَ سان گاڏي ڏي ڊوڙيو، هـُـن پنهنجي هٿ کي وڌايو. سندس مٿي تي به ٽوپي ڪانه هئي.
مـِـتيا وٽ ايترو وقت هو، جو سندس هٿ کي جهلي ۽ اُن کي زور ڏي.
”منهنجا عزيز ساٿي، خدا حافظ! مان تنهنجي نيڪدل کي وساري نه سگهندس.“ هن گرم جوشيءَ سان کيس چيو.
پر گاڏي هلڻ لڳي ۽ سندن هٿ جدا ٿي ويا. گهنڊڻي وڄڻ لڳي ۽ مـِـتيا کي پري وٺي ويا.
ڪلگنوف ڊوڙي پوئتي موٽي آيو ۽ ڪـُـنڊ ۾ ويهي رهيو. سندس مٿو جهڪي ويو ۽ پنهنجي منهن کي هٿن ۾ جهليائين. هـُـو وڃي روڄ ۾ پيو. ڪيتري وقت تائين، هـُـو اُن حالت ۾ ويٺو رهيو. هـُـو ننڍن ٻارن وانگر روئيندو رَهيو. هـُـن بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، مـِـتيا کي بيگناهه ٿي سمجهيو.
”هيءُ ماڻهو ڪهڙي قسم جا آهن؟ هنن کي انسان چئي ئي ڪيئن ٿو سگهجي؟ هنن ۾ ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي؟“ هـُـو پاڻ سان پاڻ نااُميديءَ ۾ چوندو رَهيو. اُن وقت ڄڻ ته سندس دل ۾ زندگيءَ جي لاءِ ڪوبه اتساهه ئي نه رهيو هو.
”هـِـن جي اهائي قيمت آهي؟ هن جو اِهوئي قدر آهي.“ هـُـو ٻار، رنج ۾ اِيئن چوندو رَهيو.