باب ٻيو: زخمي پير
اليوشا کي چئن ڏينهن کان نه گهرايو ويو هو ۽ هن سڌو لزيءَ وٽ وڃڻ ٿي گهريو. هن ساڻس ڳالهائڻ ٿي گهريو. ڇاڪاڻ ته لزي اڳئين ڏينهن تي ساڻس ملڻ لاءِ پنهنجي نوڪرياڻي موڪلي ڏني هئي ۽ ساڻس ڪا ضروري گفتگو ڪرڻي اٿس. اهو هڪ اهڙو عرض هو، جو ڪنهن حد تائين اليوشا جي دلچسپين سان ڳنڍيل هو. پر جڏهن خادمه لزي وٽ سندس نالو ورتو تڏهن، خاتون هائلڪوف ڪنهن کان اهو ٻڌي ورتو ۽ هن هڪدم کيس چوائي موڪليو، ته هڪ منٽ لاءِ وٽانئس ٿي وڃي. اليوشا خيال ڪيو، ته چڱو ٿيندو ته پهريائين ساڻس نبري اچي. ٻي حالت ۾ هوءَ بار بار پئي ان ڏي ماڻهو موڪليندي. خاتون هائلڪوف هڪ ڪوچ تي ليٽي پئي هئي. هوءَ خاص طرح عمدي لباس ۾ هئي ۽ سندس جذباتي جوش منجهانئس ظاهر ٿي ڏٺو. هن اليوشا سان گرم جوشيءَ مان کيڪار ڪئي.
زمانو گذريو، زمانو، برابر زمانو، جو اوهان کي ڏٺو آهي! سڄو هفتو گذري ويو، تون ان کي خيال ۾ ته آڻ. اڙي تون چار ڏينهن اڳ ۾ هتي آيو هئين، يعني اربع جي ڏينهن. تون لزيءَ سان ملڻ آيو آهين. تون اِيئن چاهيندو هوندين، ته ٻين تي هلي، سندس ڪمري ۾ ترڪي وڃي، جيئن مون کي خبر نه پوي. منهنجا عزيز اليڪسي فيودورپاولووچ جيڪڏهن توکي اها خبر پوي، ته مان هن جي لاءِ ڪيتري قدر پريشان آهيان، پر مان ان کي ڇڏي ٿي ڏيان ۽ پوءِ جي لاءِ ٿي رکان. عزيز اليوشا، مان پنهنجي لزي کي توکي پوريءَ ريت سپرد ٿي ڪريان. مربي زوسيما جي موت کان پوءِ، خدا! سندس روح کي آرام ڏي (هن ان وقت پنهنجي مٿان صليب جو نشان ٺاهيو) مان توکي راهب سمجهندي آهيان، جيتوڻيڪ تون نئين لباس ۾ نهايت دلڪش ٿو لڳين. هن ملڪ جي حصي ۾ تو اهڙو درزي ڪٿان هٿ ڪيو آهي؟ نه نه، اها ڪا مکيه ڳالهه نه آهي. اها پوءِ به ڪبي. مون کي هن لاءِ معاف ڪج، جو مان ڪڏهن ڪڏهن توکي اليوشا سڏيندي آهيان. مون جهڙي پوڙهي عورت کي اها آزادي هئڻ کپي. هوءَ نهايت وڻندڙ نموني ۾ مشڪي. ”پر اهي ڳالهيون به پوءِ ٿينديون. مکيه ڳالهه آهي، ته ڪنهن ضروري ڳالهه کي نه وسارجي. مهرباني ڪري پاڻ تون انهن ڳالهين جي يادگيري ڏيار. جڏهن مان ڪنهن گفتگوءَ کي شروع ڪريان، ته هڪدم مون کي چئي ڏي ته هي ضروري شيءِ آهي؟ اڙي مان هاڻي ڪيئن نه ڄاڻان ٿي ڪهڙي شيءِ ضروري آهي؟ جڏهن کان لزي، پنهنجي انجام کي واپس ورتو آهي، هوُ ٻاراڻو انجام، اليڪسي فيودورپاولووچ ته هوءَ توسان شادي ڪندي. هن مان تو سمجهيو هوندو ته هيءُ سڀ بيمار ڇوڪري جو هوَس هو، جا ڪيتري وقت تائين ڪرسي ۾ قابو ٿي رهي. خدا جو شڪر آهي، هوءَ هاڻي گهمي سگهي ٿي. نئون ڊاڪٽر، جنهن کي ڪٽيا، تنهنجي بد قسمت ڀاءُ جي لاءِ ماسڪو مان گهرايو آهي، جو سڀاڻي مقدمي ۾ پيش ٿيندو.... پر سڀاڻي جو ذڪر ڇا لاءِ؟ مان ته سڀاڻي جي خيال کان اڄ ئي مرڻ لاءِ تيار آهيان...... هن مونجهاري کان مرڻ لاءِ تيار آهيان...... اهو ڊاڪٽر ڪالهه اسان سان هو ۽ هن لزيءَ کي ڏٺو هو....... مان کيس هن تپاس لاءِ پنجاهه روبل ڏنا هئا. پر اها به ڳالهه نه آهي. توکي خبر آهي ته مان سڀ ڪنهن شيءِ کي گڏ ڪري رهي آهيان ۽ مان ايتري تڪڙ ۾ آهيان. مان ڇو ايتري تڪڙ ۾ آهيان؟ مان ان کي سمجهي نه ٿي سگهان. اها نهايت خطرناڪ ڳالهه آهي، جو مان هاڻي سڀ ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ کان قاصر آهيان. هر ڪا شيءِ مون کي شڪي ٿي نظر اچي. مون کي خوف ٿو ٿئي ته تون به منهنجي گفتگوءَ کان ايترو ته ڪڪ ٿي پوندين، جو ٽپو ڏئي هليو ويندين ۽ اهوئي، مان توکان ڏسنديس.“ اِيئن چئي هن يوليا کي ڪافي آڻڻ لاءِ چيو.
اليوشا تڪڙ مان سندس شڪريو بجا آندو ۽ کيس چيائين، ته هوُ هاڻي ڪافي پي آيو آهي.
”ڪٿي؟“
”اگرافينا اليگزينڊرووينا وٽ.“
”انهيءَ وٽ...... انهيءَ عورت وٽ؟ افسوس اهو آهي، جنهن سڀ جي مٿان تباهي آڻي وڌي آهي، ان جي تون ڪافي پي آيو آهين! مان جيتوڻيڪ ان بابت ڪجهه به نه ٿي ڄاڻان. ماڻهو چون ٿا، ته هوءَ هاڻي درويش بڻجي وئي آهي، جيتوڻيڪ اهو دير سان ٿيو. کيس اڳ ۾ ئي بڻجڻ کپندو هو. هاڻي درويشي ڪهڙي ڪم جي؟ اليڪسي فيودورپاولووچ، چپ ڪر، مون کي توسان ايترو گهڻو ڳالهائڻو آهي، جو سمجهان ٿي ته ڪجهه به چوڻو نه آهي. هيءُ خطرناڪ مقدمو...... مون کي اتي وڃڻو پوندو. مان ان جي لاءِ تياري ڪري رهي آهيان. مان پاڻ کي ڪرسيءَ ۾ کڻائي به اتي پهچنديس ۽ اتي ويهنديس. مون سان گهڻائي ماڻهو هوندا ۽ توکي خبر آهي، ته مان انهيءَ مقدمي ۾ شاهد آهيان. مان اتي ڪيئن ڳالهائينديس، ڪيئن ڳالهائينديس؟ مون کي خبر نه آهي، ته مان اتي ڇا چونديس؟ اتي قسم کڻڻو پوندو، اِيئن آهي نه؟“
”هائو، پر مان سمجهان ٿو ته تون وڃي نه سگهندينءَ.“
”مان ويهي رهنديس. اڙي تو منهنجي گفتگوءَ کي ڦيرائي ڇڏيو. اڙي هي مقدمو، هي وحشياڻو فعل: تنهن کان پوءِ هوُ سڀئي سائبيريا وڃي رهيا آهن ۽ اُتي ڪي شادي ڪندا. هيءُ سڀ نهايت تيزيءَ سان ٿيندو. سڀ ڪا شيءِ تبديل ٿي رهي آهي ۽ آخر. ڪجهه به نه. سڀ پوڙها ٿي ويندا ۽ موت جا منتظر. هائو اِيئن ئي ٿيندو! مان ٿڪايل آهيان. هيءُ ڪٽيا، حسين شخصيت واري، منهنجي اميدن کي غائب ڪري ويٺي آهي. هاڻي هوءَ تنهنجي ڀائرن مان هڪ جي پٺ وٺي سائبيريا وڃي رهي آهي ۽ تنهنجو ٻيو ڀاءُ به ان جي پٺ وٺي رهيو آهي. هوُ ڪنهن قريبي شهر ۾ وڃي رهندا ۽ هوُ هڪٻئي کي عذاب ڏيندا رهندا. اهي ڳالهيون منهنجي دل کي تڪليف ڏئي رهيون آهن. سڀ کان وڌيڪ اخبارون. هيءَ آکاڻي لک ڀيرا، ماسڪو پيٽرسبرگ جي اخبارن ۾ ڏني وئي آهي. افسوس! تون هن ڳالهه تي اعتبار ڪندين، ته انهن ۾ هڪ ننڍڙي عبارت ۾ ڏنو ويو آهي، ته مان تنهنجي ڀاءُ جي عزيز دوست آهيان. مان اُهي خطرناڪ لفظ دهرائي نه ٿي سگهان. هن تي عجب ٿو لڳي.“
”نا ممڪن، اها عبارت ڪٿي آهي؟ ڪير ٿو چوي؟“
”مان توکي سنئون سڌو ڏيکارينديس. مان ڪالهه اها اخبار ورتي هئي ۽ اُن کي پاڻ پڙهيو اٿم. پيٽرسبرگ جي اخبار ”گاسپ“ . هي اخبار هن سال جاري ٿي آهي ۽ مان ان جي بيحد شوقين آهيان. مان ان کي خريد ڪندي آهيان، پر هاڻي ان جو چڱو بدلو ڏيئي رهي آهي. ”گاسپ“ هاڻي هن طرف به رجوع ٿي وئي آهي. اجها هيءَ آهي ۽ اها عبارت هن کي پڙهي ڏس.“
اِيئن چوندي، هن اخبار جو پنو، اليوشا جي هٿ ۾ ڏنو، جو وهاڻي جي هيٺان رکيو هو.
اليوشا کي چڱيءَ ريت خبر هئي، ته اِيئن به نه آهي ته هوءَ، انهيءَ ڳالهه جي ڪري بيچين هئي، هن جي مٿان خيالن جي ڀرمار هئي ۽ سندس دماغ ۾ هر چيز درهم برهم هئي. اها عبارت پـُـر معنيٰ هئي ۽ ان جي لاءِ ايذاءُ ڏيندڙ، پر خوش قسمتيءَ سان، هوءَ ان گهڙيءَ ۾ ڪنهن هڪڙي مضمون تي ڌيان ڏئي نه سگهي هئي. ٿي سگهي پيو ته هوُ هڪ منٽ ۾ هڪ کان ڪنهن ٻي شيءِ ڏي هلي وڃي ۽ اخبار کي وساري ڇڏي.
اليوشا کي هيءَ خبر هئي، ته هيءَ ڪهاڻي هڪ خطرناڪ مقدمي جي صورت ۾ سڄي روس ۾ پکڙجي چڪي هئي. خدايا! ڪيڏا نه سندس ڀاءُ جي لاءِ وحشياڻا افواهه هئا. سڀني ڪرامازوف جي ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ، هنن ٻن مهينن جي وچ ۾ هن اخبارن ۾ ڪوڙيون ۽ فرضي ڳالهيون پڙهيون هيون. هڪ اخبار ته هيستائين وڌي، پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو، ته هوُ ڀاءُ جي گناهه کان خوفزده ٿي مڙهيءَ ۾ راهب بڻيو آهي. ٻيءَ صورت، ان سان اختلاف ظاهر ڪندي لکيو هو، ته هوُ ۽ سندس پير مربي زوسيما، مڙهيءَ جي خيراتي صندوق کي ڀڃي ۽ ڀڄي ويا آهن. ”گاسپ“ اخبار جو ٽڪرو ڏنو ويو هو، ان جو عنوان هو ”اسڪوٽو پريگونيوسڪ ۾ ڪرامازوف جو مقدمو“. (هيءَ هڪ ننڍڙي شهر جو نالو هو، مان ان ڪري، هن کي راز ۾ رکيو آهي.) هيءَ اخبار وارو ٽڪرو مختصر هو، جنهن ۾ سنئون سنواٽو، خاتون هائلڪوف جو ذڪر ڏنل نه هو. حقيقت ۾ نالا ڏنل ئي نه هئا. ان ۾ هي بيان ڏنل هو، ته ”جنهن ڏوهي جي مقدمي، ايڏو هراس پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ جنهن جو مقدمو هلڻ وارو آهي. اهو هڪ فوج جو نڪتل ڪپتان آهي. هوُ هڪ بيڪار، آوارا رجعت پسند بدمعاش آهي. هوُ لاڳيتو، ڪيترن ئي عشق جي معاملن ۾ بدنام ٿيل آهي. خاص ڪري، ڪن خاص عورتن وٽ گهڻو پسند آهي، جي تنهائي ۾ تڪليفون برداشت ڪنديون ٿيون رهن. هڪ اهڙي خاتون، جا اڪيلائيءَ ۾ ڪڙهندڙ بيواهه آهي ۽ جا پاڻ کي نوجوان سمجهندي آهي. جيتوڻيڪ کيس نوجوان ڌيءَ به آهي، ايتري ته ساڻس موافق آهي، جو هن ڏوهه کان ٻه ڪلاڪ اڳ ۾، کيس ٽي هزار روبل هن شرط تي ڏيڻا ڪيا هئا، ته هوُ ساڻس ڀڄي، سون جي کاڻين ڏي هلي. پر ڏوهي ان جي سزا کان بچڻ لاءِ، پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري، ٽي هزار روبل هٿ ڪرڻ آسان سمجهيا. اڪيلائي ۾ هڪ ڪرڙوڍ ڪڙهندڙ عورت جي محبت ۾ هن سائيبريا وڃڻ پسند نه ڪيو. هيءُ واهيات ٽڪرو، وڃي هن ريت ختم پئي ٿيو، ته هيءَ سڄي توهين آميز حرڪت هئي، جنهن ۾ ڏوهي جي مذمت هئي، ته ڏوهي پيءُ جو قاتل آهي ۽ هن سڀني اخلاقي اصولن کي پنهنجي ذلالت سان مات ڪري ڇڏيو آهي. الوشيا، ان کي عجب مان پڙهڻ بعد ويڙهيو ۽ خاتون هائلڪوف کي اخبار موٽائي ڏني.
”ها ته مان ئي اها عورت ٿي سگهان ٿي، هن وري جلدي مان چيو. بي شڪ مان ئي آهيان. مشڪل سان واقعي کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۾، مان ئي کيس سون جي کاڻين ڏانهن وڃڻ جي صلاح ڏني هئي. هن ۾ هڪ ڪرڙوڍ عورت جي سحر انگيزيءَ جو ذڪر ڪيل آهي. خدا کيس ڪرڙوڍ عورت جي ساحريءَ لاءِ معاف ڪري، جيئن مان کيس معاف ڪيو آهي! توکي خبر آهي ته اهو ڪير آهي؟ هيءُ تنهنجو دوست ريڪيٽن آهي.“
”ٿي سگهي ٿو،“ اليوشا کيس چيو، ”جيتوڻيڪ مون کي هاڻي سندس ڪابه خبر نه آهي.“
”اهوئي آهي، اهوئي آهي. اهي انهيءَ جون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. توکي خبر آهي، ته مان کيس پنهنجي گهر مان هڪالي ڇڏيو آهي....... توکي اها سموري ڪهاڻي ٻڌڻ گهرجي. توکي ته خبر به آهي. ڪيئن؟“
”مون کي خبر آهي، ته تو هن کي چيو هو، ته هوُ وري توسان ملاقات نه ڪري. پر اِيئن ڇو ٿيو؟ اهو مون نه ٻڌو آهي..... گهٽ ۾ گهٽ توکان ته نه ٻڌو اٿم.“
”اڙي، ٿي سگهي ٿو، ته تو هن کان ٻڌو هجي! هو مون کي گاريون ٿو ڏئي ۽ مان خيال ڪريان ٿي ته هوُ مون کي گاريون ڏيندو هوندو.“
”هائو، هوُ اِيئن ڪندو آهي، پر ٻين کي به ته گاريون ڏيندو آهي. پر تو، هن کي ڇو ڇڏي ڏنو، اهو مان هن کان نه ٻڌو آهي. مان هاڻي ساڻس ورلي ملندو آهيان. سچ پچ. پر مان هاڻي سندس دوست نه آهيان.“
”بهتر، هاڻي مان توکي ان لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي. هن کان سواءِ ڪو چارو نه آهي، مان اُن لاءِ قبوليت ٿي ڏيان. هي فقط هڪ نقطو آهي، جنهن ڪري مون تي ڏوهه اچي سگهي ٿو. پر اُهو تمام خسيس ۾ خسيس نقطو آهي، ايتري قدر جو ان کي شمار به نه ٿو ڪري سگهجي. منهنجا پيارا ٻار،“ خاتون هائلڪوف اوچتو، چيلهه کي ڏنگو ڪيو ۽ نهايت دلڪش نظر اچڻ لڳي، جيتوڻيڪ ڳجهارت جهڙي مشڪ سندس چپن تي کيڏي رهي هئي. مون کي شڪ ٿو پوي. ڄڻ ته تون مون لاءِ پيءُ وانگر آهين. ماءُ جو ڪم سوال ئي نه ٿو اُٿي. مان اِيئن سمجهان ٿي، ته ڄڻ مربي زوسيما جي سامهون اعتراف پيش ڪري رهي آهيان. اِيئن آهي به. مان توکي ٿورو اڳ ۾ راهب ڪري سڏيو هو. خير اهو مسڪين، نوجوان، تنهنجو دوست ريڪيٽن (خدا اسان تي پنهنجو رحم فرمائي، مان اتي ناراض نه ٿينديس ۽ جيتري قدر ٿي سگهندو، ته سندس پرده پوشي ڪنديس.) هوُ عياش نوجوان، تون اعتبار ڪندين، ته سندس دماغ ۾ الائجي ڪيئن اچي، هيءَ ڳالهه ويٺي، ته هوُ مون سان محبت ڪري. جنهن کي مان پوءِ سمجهيو پهريائين. مهينو کن گذريو، هوُ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ملاقات لاءِ ايندو هو. پوءِ اڪثر هڪ نه ٻي ڏينهن. جيتوڻيڪ اسان هڪٻئي سان اڳ ۾ ئي واقف هئاسون، پر مان ان جي لاءِ ڪجهه به نه ٿي ڄاتو..... هوُ اوچتو منهنجي مٿان اُڀري پيو ۽ مان حالتن کي عجب مان ڏسڻ شروع ڪيو. توکي خبر آهي ته ٻه مهينا اڳ ۾ هوُ شرميلو، دلڪش ۽ اعليٰ نوجوان پيوٽراليچ پروهيٽن، جو هتي ملازمت ۾ آهي، منهنجو هميشھ جو ملاقاتي بڻجي پيو هو. تون به کيس هتي ڪيئي ڀيرا ملي چڪو آهين. هوُ نهايت اعليٰ ۽ سنجيدهه نوجوان آهي. ڪيئن، اِيئن آهي نه؟ هوُ پهريائين هر ٽئين ڏينهن تي ايندو هو ۽ نه هر روز (جيتوڻيڪ مون کي خوشي ٿي ته هو هر روز مون وٽ اچي.) هوُ هميشھ عمدي ريت لباس پهريل هوندو آهي. ان کان سواءِ، اليوشا مان نوجوانن کي پيارو گهرندي آهيان. جن ۾ ڪي لياقتون هجن ۽ شرميلا هجن، جيئن تون. هن وٽ ته هميشھ سياستدان جي دل آهي. هوُ ايتري قدر ته دلڪش گفتگو ڪندو آهي، جو مان يقيناً، مٿس موهجي پوندي آهيان. هوُ مستقبل جو سياستدان آهي. ان خوفائتي ڏينهن تي، هن مون وٽ رات جو اچي، مون کي موت جي منهن مان بچائي ورتو هو. تنهنجو دوست ريڪيٽن وري اهڙن غليظ بوٽن سان اچي، پير ڊگهيري، منهنجي غاليچي کي خراب ڪندو آهي..... هوُ پنهنجي جذبات متعلق اشارا ڏيڻ لڳو. ظاهر ظهور ۽ ڏهاڙي هڪ ڏينهن جيئن هوُ وڃي رهيو هو، هن منهنجي هٿ کي نهايت زور سان ڀڪوڙيو. سندس زور ڏيڻ سان، منهنجو پير سـُـڄڻ لڳو. هوُ پيوٽراليچ سان اڳ ۾ هتي مليو هو ۽ توکي اعتبار ايندو ته هوُ الائجي ڪهڙي سبب کان مٿس طعني زني ڪندو هو ۽ سندس مذاق اڏائيندو هو. مان فقط ان وقت هي ڏسندي رهندي هيس ته ڪهڙي ريت، هڪٻئي تي اندر ئي اندر کلندا رهن ٿا.
اهڙيءَ ريت، مان هڪ ڏينهن ويٺي هيس. اڪيلي. نه مان اُن وقت ليٽي پئي هيس. خير مان هتي اڪيلي ليٽي پئي هيس، ته ريڪيٽن آيو. رڳي حيرت جهڙي ڳالهه آهي! هن پنهنجي تصنيف مان ڪي شعر مون وٽ آندا. هڪ ننڍڙو نظم، جو هن منهنجي بيمار پير تي لکيو هو. يعني هن منهنجي پير بابت نظم ۾ ذڪر ڪيو هو. هڪ منٽ ترس. اها اهڙي ريت هئي:
”هڪ پير درد وارو.“
ڪجهه اهڙي طرح شروع پئي ٿيو. مون کي شعر ياد نه رهندو آهي. اهو مون وٽ هتي آهي ۽ مان پوءِ توکي ڏيکارينديس. پر هيءَ نهايت دلچسپ شيءِ آهي. توکي خبر هئڻ گهرجي، ته ان ۾ فقط پير جو ذڪر نه آهي، پر ان ۾ ڪي چڱا اخلاقي نقطا به آهن. چڱو دلچسپ خيال پر مون کي ياد نه آهي. حقيقت ۾ اها شيءِ پاڻ وٽ سانڍي رکڻ جهڙي هئي. مان ان ڪري سندس شڪريو بجا آندو ۽ هوُ ظاهر آهي ته ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. مان سندس مشڪل سان شڪريو بجا آندو ته ان وقت پيوٽراليچ، اوچتو اچي ويو ۽ ريڪيٽن اِيئن ته ڪارو بڻجي ويو، جيئن رات. مان ڏسان پئي ته پيوٽراليچ سندس راهه ۾ اٽڪاءُ هو. ڇاڪاڻ ته نظم کي ڏيڻ کان پوءِ، پڪ سان ريڪيٽن مون کي ڪجهه چوي ها. مون کي اچڻ واري واقعي جو اڳ ۾ احساس ٿي چڪو هو، پر پيوٽرايليچ اچي ويو. مان پيوٽر کي اها نظم ڏيکاري، پر کيس اِيئن ڪونه چيم ته اها ڪنهن جي تصنيف آهي. پر مان سمجهان ٿي، ته هن صحيح ڪري ورتو هو. جيتوڻيڪ هوُ اڄ تائين به ان جو انڪار ڪندو رهيو آهي ۽ ظاهر ڪندو رهيو آهي ته وٽس! اهو خيال ئي نه هو. پر هوُ هروڀرو اِيئن چوي ٿو. پيوٽرايليچ کلڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ان تي اجائي تنقيد ڪرڻ لڳو. هن چيو ڪنهن راهب شاگرد هن کي لکيو آهي. سندن لفظن ۾ تيزي ۽ تندي هئي. هاڻي تنهنجو دوست کلڻ جي بجاءِ غصي سان ڀرجي ويو، ان وقت مان سوچيو ته خدايا، هيءُ ته هڪٻئي سان وچڙي ويندا. هن چيو، ته اهو مان آهيان، جنهن هي نظم لکيو آهي. مان هن کي طنزيه انداز ۾ لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته مان سمجهندو آهيان، ته شعر لکڻ ڪا عزت واري شيءِ نه آهي.... پر هي چڱا شعر آهن. هي شعر تنهنجي پشڪن جي ان نظم جي يادگيري ٿا ڏيارين، جي هن عورت جي پير بابت لکيا آهن. هوڏانهن مان ڪنهن اخلاقي نقطي کي مدنظر رکي، هن کي لکيو آهي ۽ تون چوين ٿو، ته هيءُ رذالت ٿي ڏيکاري. تو وٽ ڪابه انسانيت ڪانه آهي. تو وٽ جديد جذبات جي نورانيت مفقود آهي. تو بنا ڪنهن اثر جي ترقي ڪئي آهي. تون رڳو سرڪاري ملازم آهين ۽ رشوت وٺندو رهين ٿو. مان اُن وقت رڙيون ڪرڻ لڳيس ۽ خاموشيءَ لاءِ کانئن تقاضا ڪرڻ لڳيس. توکي خبر آهي ته پيوٽرايليچ سڀ ڪجهه آهي، پر بزدل آهي. هن هڪدم پنهنجي آواز کي شريفاڻي انداز ۾ بدلايو ۽ کيس مسخراڻي انداز ۾ ڏسندي معافي گهري. منهنجو اهو مقصد نه هو، هن چيو مون کي جيڪڏهن اها خبر هجي ها، ته مان اِيئن ڪڏهن به نه چوان ها، پر تعريف ڪريان ها. شاعر سڀئي جوشيلا ٿيندا آهن. مختصر ته هوُ نهايت شريفاڻي انداز ۾ مٿس کلندو رهيو. هن پوءِ مون کي تشريح ڪندي ٻڌايو هو، ته هي سڀ مذاق هو. مان خيال ڪيو ٿي ته هوُ ان وقت انتظار ۾ هو. مان اڳ ۾ ليٽي پئي هيس، جيئن هاڻي ڏسين ٿو، ان وقت خيال ڪيم ته اهو چڱو نه ٿيندو، ته ريڪيٽن کي هن بيهودگيءَ سان رڙين ڪرڻ جي ڪري، گهر کان ڪڍي ڇڏيان، جو منهنجي ملاقاتيءَ سان بـُـرو پيش اچي رهيو آهي ۽ منهنجي ئي گهر ۾. تون اعتبار ڪندين، مان اِيئن ئي ليٽي پئي هيس ۽ اکيون ٻوٽيل هيم. اُن وقت ڳڻتيون کائيندي رهيس، ته منهنجو اهو قدم صحيح ٿيندو يا نه؟ مان پريشان ٿيندي رهيس ۽ منهنجي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. مان ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيس، ته اهڙيءَ ريت پنهنجي آواز کي بلند ڪريان يا نه؟ هڪ آواز مون کي چوندو ٿي رهيو ته ڳالهاءِ، ته ٻيو آواز مون کي منع ڪندو ٿي رهيو، ته نه ڳالهاءِ. جلدي ٻي آواز چيو ته چؤ ۽ مان رڙ ڪري چيو ۽ ٻڏي ويس. بيشڪ هيءَ بيهودگي هئي. مان اوچتو اٿي بيٺيس ۽ ريڪيٽن کي چيم ته مون کي ڏک ٿو ٿئي، جو ڪجهه مان چئي رهي آهيان، پر مان توکي وري هن گهر ۾ ڏسڻ نه ٿي گهران. اِيئن مان کيس گهر کان ڪڍي ڇڏيو. آهه! اليڪسي فيودورپاولووچ مان هيءُ غلط ڪيو. مان سچ پچ مٿس ڪاوڙيل به نه هيس، پر مان اوچتو خيال جي گهيڪ ۾ اچي ويس. منهنجي عمل جو اهوئي سبب هو. اهو هڪ عجيب منظر هو.... پر ان هوندي به مان سمجهان ٿي، ته اهو فطرتي هو. ڇاڪاڻ ته مان ڪيترا ڏينهن پوءِ روئيندي رهيس ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي رهيس ۽ اوچتو هڪ ڏينهن منجهند جو سڀ ڪجهه وساري ويٺيم. کيس ٻه هفتا گذريا هئا، ته هوُ هتي آيو ۽ مان هاڻي عجب مان منتظر آهيان ته هوُ وري مون وٽ ايندو ڇا؟ مان ڪالهه پڻ ان تي غور ڪري رهي هيس ۽ اوچتو گذريل ڏينهن جي گاسپ اخبار آئي. مان ان کي پڙهيو ۽ حيران رهجي ويس. ڪير هن کي لکي سگهي ٿو؟ هن ئي، ان کي لکيو آهي. هوُ گهر ويو ۽ ويٺو، ان تي لکيائين ۽ موڪلي ڏنائين. هنن به شايع ڪيو. هن کي ٻه هفتا گذريا. پر اليوشا هيءَ خطرناڪ شيءِ آهي، جو مان ڳالهائيندي وڃان ٿي. جا مٿي مون کي چوڻ گهربي هئي، سا چئي نه سگهي آهيان. اڙي الفاظ پنهنجو پاڻ ٻاهر ايندا آهن!“
”اهو منهنجي لاءِ نهايت ضروري آهي، ته مان پنهنجي ڀاءُ کي ڏسڻ لاءِ اڄ وقت تي پهچان.“ اليوشا هٻڪندي چيو.
”پڪ سان، پڪ سان! اتان جي خبر مون وٽ سڄي آڻج. ڌيان ڏيئي ٻڌ ۽ مون کي سمجهاءِ، ته راهه کان ڀٽڪي وڃڻ ڇا کي چئبو آهي؟“
”ڪنهن جو راهه کان ڀٽڪڻ؟“ اليوشا کيس عجب مان ڏسندي چيو.
”قانوني نقطهِّ نگاهه کان راهه کان ڀٽڪي وڃڻ، جنهن کي سڀ ڪو قصور معاف ڪري سگهجي ٿو. تون کڻي ڪجهه به ڪر، پر توکي معاف ڪيو ويندو.“
”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“
”مان توکي ٻڌائيندس هيءَ ڪٽيا.......... هوءَ نهايت دلڪش انسان آهي. مان فقط اهو اندازو نه لڳائي سگهي آهيان، ته هوءَ ڪنهن سان محبت ڪري رهي آهي. مون سان هوءَ ڪجهه وقت اڳ ۾ گڏ هئي، پر مان هن مان ڪجهه به ڪڍي نه سگهيس. هاڻي ته هوءَ خاص طرح مون سان هن سطح تي نه ڳالهائيندي. هوءَ مون سان منهنجي صحت بابت هاڻي ڳالهائيندي، آهي ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه. مان پاڻ سان چوندي آهيان ته چڱو ٿيو، مون کي سندس پرواهه به نه آهي.... ها، ته مان راهه کان ڀٽڪي وڃڻ تي ڳالهائي رهي هيس. هي ڊاڪٽر آيو آهي. توکي خبر آهي ته ڊاڪٽر آيو آهي؟ بيشڪ تون ان کي ڄاڻين ٿو. اهو جو پاڳل ماڻهن جي تشخيص ڪري ٿو. ان کي لکيو. نه تو لکيو هو، پر ڪٽيا لکيو هو. اهو انهيءَ جو ئي ڪم آهي. صحيح آهي ڪو ماڻهو حواس باخته ويٺو هجي ۽ اوچتو بي راهه بڻجي وڃي. هو شايد هن کان به خبردار هجي، ته ڇا ڪري رهيو آهي ۽ اُن هوندي به هو اهڙي حالت ۾ پهچي وڃي ٿو، جو پنهنجي هٿ کان تحمل کي ڇڏي ٿو ڏئي. اهو مشڪل ٿي سگهي ٿو ته دمتري فيودورپاولووچ انهيءَ ئي بيماريءَ جو مريض آهي. جڏهن کان ڪورٽن کي سڌاريو ويوآهي، تڏهن کان هن بيماري يعني غير متحمل ٿيڻ کي لڌو آهي. اهو انهن اصلاح پذير قاعدي جي ڪورٽن جو مؤثر قدم آهي. ڊاڪٽر ڪالهه هتي آيو هو ۽ ان گذريل شام بابت مون کان سوال ڪيا هئا. اُهي سوال سون جي کاڻين بابت هئا. هن مون کان پڇيو، ته هوُ ان وقت ڪيئن ٿي ڏٺو؟ هو ضرور غير متحمل حالت ۾ هوندو. هوُ رڙيون ڪندو آيو ته، پيسا، پيسا، ٽي هزار، مون کي ٽي هزار روبل ڏيو. ان کان پوءِ هوُ هليو ويو ۽ جلدئي خون ڪيائين. هن چيو ٿي ته مان هن کي خون ڪرڻ نه ٿو گهران، پر هوُ اوچتو ويو ۽ اُن کي خون ڪيائين. اهو سبب آهي، جو سڀئي کيس گنهگار نه ٿا سمجهن، ڇاڪاڻ ته هوُ اُن لاءِ پاڻ سان وڙهندو رهيو آهي، پر هن خون ڪيو آهي.“
”پر هن خون نه ڪيو آهي،“ اليوشا سختيءَ سان ڳالهائيندي وچ ۾ ٽپي پيو. هو وڌ کان وڌ انتظار ۽ بي صبري محسوس ڪرڻ لڳو.
”هائو مان ڄاڻان ٿي، اهو پوڙهو گريگري هو، جنهن اُن کي قتل ڪيو هو.“
”گريگري“، اليوشا رڙ ڪري چيو.
هائو، هائو، اهو گريگري هو. جيئن ئي دمتري فيودورپاولووچ کيس ڌڪ هڻي ڪيرائي ڇڏيو ، هوُ اتي پيو رهيو. جڏهن هوُ اٿيو ته هن دروازي کي کليل ڏٺو. هوُ اندر گهڙي ويو ۽ فيودورپاولوچ کي قتل ڪري ڇڏيائين.“
”پر ڇو؟ ڇو؟“
اهوئي غير متحمل هئڻ. دمتري فيودورپاولووچ جي مٿي واري ڌڪ کان، جڏهن هوُ هوش ۾ آيو، هوُ ان وقت غير متحمل هو. هوُ ويو ۽ قتل ڪيائين. هوُ جيڪڏهن هاڻي چوي ٿو، ته هن ڪيو آهي ته ٿي سگهي ٿو، ته کيس ياد نه هجي. فقط تون ئي هن کي چڱي طرح ڄاڻي سگهين ٿو، ته دمتري فيودورپاولووچ کيس قتل ڪيو آهي يا نه؟ جيتوڻيڪ مان چوان ٿي، ته اهو گريگري آهي. ڏسڻ ۾ اهو دمتري فيودورپاولووچ ٿي سگهي ٿو ۽ ان ۾ پختگي به آهي، پر اهو چڱو نظر نه ٿو اچي ته پٽ پنهنجي پيءُ کي ماري. مان ان جو ڪو بچاءُ نه ٿي ڪريان، پر ٻارن کي پنهنجي والدين جي عزت ئي ڪرڻي پوي ٿي. پر ان هوندي به معلوم ٿئي ٿو، ته هوئي گنهگار آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪم، هن ان وقت ڪيو هو، جڏهن هوُ پنهنجي هوش ۾ نه هو. پر جيڪڏهن هوش ۾ به هو ته کيس اها خبر ڪانه ٿي پئي، ته هوُ ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڀلي ته ان کي آزاد ڪري ڇڏين. هيءَ انسانيت به آهي ۽ هيءُ به ڏسڻ ۾ ايندو ته هيءُ اصلاح پذير ڪورٽون ڪيتري قدر نه برڪت ڀريون آهن. مون کي هنن جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي، پر ماڻهو چون ٿا ته ڪيتري وقت کان هيءُ خير ۽ برڪت جو سبب آهن. مان ڪالهه جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌيون، ته مون تي اثر پيو ۽ مان چاهيو ٿي ته توڏي هڪدم ماڻهو موڪليان. جڏهن کيس آزاد ڪيو وڃي، ته کيس سڌو مون وٽ وٺي اچج ته رات جي ماني مون وٽ کائي. مان دوستن جي مجلس گهرائينديس ۽ اسان اصلاح پذير قاعدي جي ڪورٽن جو جام عيش، پيئنداسون. مان نه ٿي سمجهان، ته هوُ خطرناڪ ثابت ٿيندو. ان کان سواءِ مان ڪيترن ئي دوستن کي گهرائيندس ته جيئن، ڪا گڙ ٻڙ ڪري، ته هو کيس راهه راست تي آڻين. ان کان پوءِ ڪنهن ٻي شهر ۾ کيس امن جو منصف بڻايو وڃي. ڇاڪاڻ ته جي ماڻهو پاڻ تڪليف ۾ ايندا آهن، اهي چڱا جج ثابت ٿيندا آهن. ان کان سواءِ، هن دور ۾ ڪير آهي، جو غير متحمل نه آهي؟ تون، مان ۽ ٻيا سڀئي، انهيءَ حالت ۾ مبتلا آهيون، جنهن جا ڪي ئي مثال ملي سگهن ٿا. ڪو ماڻهو ڳائڻ ويهي ٿو ۽ اوچتو ڪو کيس چيڙائي ٿو. هو پستول کڻي ٿو ۽ جو ماڻهو پهريائين وٽس اچي ٿو، ان کي هڻي ٿو ڪڍي. هاڻي ڪوبه ماڻهو ان لاءِ کيس گنهگار نه ٿو سمجهي. مان هن کي دير سان پڙهيو آهي ۽ سڀئي ڊاڪٽر ان کي قبول ڪن ٿا. هو هميشھ ان جي تصديق ڪن ٿا، ڊاڪٽر ته تصديق ڪرڻ وارا ئي ٿيندا آهن ۽ ڪهڙي به شيءِ جي تصديق ڪري سگهن ٿا. منهنجي لزي به ارادي جي غير متحمل هئڻ جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي. هن مون کي ڪالهه به رئاريو هو، هڪ ڏينهن اڳ به ۽ اڄ به مان اوچتو محسوس ڪيو، ته هيءَ سڀ ارادي جي غير متحصل هئڻ جي سبب کان آهي. ها، لزي مون کي ايترو ڏک ٿي ڏئي! مان سمجهان ٿي ته هوءَ بلڪل چري ٿي پئي آهي. هن توڏي ماڻهو ڇو موڪليو آهي؟ ڇا هن توڏي ماڻهو موڪليو آهي. يا تون پاڻ هن ڏي ٿو وڃين؟“
”هائو، هن مون ڏانهن ماڻهو موڪليو آهي ۽ هاڻي مان ان ڏي وڃي رهيو آهيان.“ اليوشا مستقل مزاجيءَ سان اٿي بيٺو.
”او منهنجا پيارا اليڪسي فيودورپاولووچ، شايد، هيءُ سڀ کان وڌيڪ ضروري شيءِ آهي.“ خاتون هائلڪوف درد ڀري آواز ۾ چيو ۽ سندس لڙڪ وهڻ لڳا. خدا ڄاڻي ٿو، مان دل ۽ جان سان لزي توکي سونپيان ٿي، جيڪڏهن هن ماءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ توڏي ماڻهو موڪليو آهي، ته ان ۾ ڪوبه حرج نه آهي. پر مون کي معاف ڪر، پر مان پنهنجي ڌيءُ بابت آسانيءَ سان تنهنجي ڀاءُ ايون فيودورپاولووچ تي اعتبار نٿي ڪري سگهان. جيتوڻيڪ مان کيس اڃا به هڪ همٿ وارو نوجوان ٿي سمجهان. مون کي فقط حيرت آهي، هو لزيءَ جي ملاقات لاءِ آيو هو ۽ مون کي ٻي وڌيڪ خبر نه آهي!“
”ڪيئن؟ ڇو؟ ۽ ڪڏهن؟“ اليوشا حد کان وڌيڪ عجب ۾ پئجي ويو. هو وري ويٺو ته نه، پر بيهي ٻڌڻ لڳو.
”مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿي، شايد اهوئي سبب هجي، جو مان توکي پاڻ وٽ گهرايو آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي مون کي خبر نه ٿي پوي. مان توکي ڇو پاڻ وٽ گهرايو هو. خير ايون فيودورپاولووچ، منهنجي ملاقات لاءِ ٻه ڀيرا آيو آهي. مان سمجهان ٿي، جيئن ئي هو ماسڪو کان موٽي آيو آهي، پهريون ڀيرو هو هڪ دوست جي حيثيت ۾ مون سان ملڻ لاءِ آيو هو. ٻيو ڪٽيا مون وٽ هئي، هو مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو، جو کيس خبر پئي، ته هوءَ مون وٽ آهي. مون منجهس هيءَ اميد نه ٿي رکي، ته هو ڪو اڪثر مون وٽ ايندو، ڇاڪاڻ ته کيس ڪيئي ڪم، پنهنجي پيءُ جي موت جي سلسلي ۾ ڪرڻا هئا. پر مون اوچتو ٻڌو ته هو وري آيو هو. مون کي ڏسڻ لاءِ نه، پر لزيءَ جي ملاقات لاءِ. هن واقعي کي ڇهه ڏينهن گذريا. هو آيو ۽ فقط پنج منٽ ترسيو ۽ هليو ويو. مون کي ٽن ڏينهن تائين سندس اچڻ جي خبر پئجي نه سگهي. مون کي پوءِ گلافيرا کان خبر پئي ۽ بيحد صدمو آيو. مان سنئون سڌو لزيءَ کي گهرايو، پر لزي کلي چوڻ لڳي، ته هن چيو ٿي ته تون ننڊ ۾ هئين. هو مون وٽ به انهيءَ لاءِ آيو هو ته تنهنجي صحت بابت دريافت ڪري. بيشڪ اهو معاملو اِيئن ٿي گذريو. پر لزي، خدا مٿس رحم فرمائي، هوءَ ڪيئن نه مون کي تڪليفون پهچائيندي ٿي رهي. تون اعتبار ڪندين، چار ڏينهن ٿيا، هڪ رات جو، جڏهن تون پويون ڀيرو کيس ڏسڻ لاءِ آيو هئين، تنهنجي وڃڻ کان پوءِ، اوچتو مٿس دورو پيو، هو ريهون ڪرڻ لڳي ۽ هسٽيريا جي نموني وڦلڻ لڳي. هي ڇو؟ مون کي ته ڪڏهن به هسٽيريا نه ٿي هئي. ان کان پوءِ، وري ٻي ڏينهن تي کيس وري ٻيو دورو پيو. ٽئين ڏينهن تي به ساڳي حالت پيش آئي. ڪالهه به ڪالهه ته بنا ڪنهن ارادي جي نامستحمل رهي. هن اوچتو ريهون ڪندي چيو، ته مان ايون فيودورپاولووچ سان نفرت ڪريان ٿي. مان توتي زور ڀريان ٿي ته ان کي وري گهر ۾ اچڻ نه ڏي. مان ته چپ ٿي ويس. هيءُ لفظ مون کي حيرت جهڙا لڳا. چيومانس ته آخر مان ڪهڙي بنياد تي چوان ته هو منهنجي گهر ۾ نه اچي؟ سو به اهڙو بي نذير نوجوان ۽ عالم، جو هاڻي بدقسمت آهي. ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه وهيو ۽ واپريو آهي، اها سڄي بدقسمتي آهي. ڪيئن آهي نه؟ هوءَ اوچتو منهنجي لفظن تي کلڻ لڳي ۽ ايڏو ته بي مروتي سان، جنهن کي تون ڄاڻين ٿو. مان ڏاڍي خوش ٿيس. مان سمجهيو ته مان کيس ڏاڍو خوش ڪيو آهي ۽ هاڻي مٿس دورو نه پوندو. خاص ڪري مان هيءُ سوچيو، ته ايون فيودورپاولووچ کي ڏسڻ کان مان انڪار ڪري سگهنديس. ڇاڪاڻ ته هن منهنجي اجازت کان سواءِ هيءَ ملاقات ڪئي هئي ۽ ان کان سمجهاڻي نه پڇي سگهنديس. پر اڄ صبح جو سويرو لزي جاڳي ۽ يوليا سان بگڙي وئي، تون اعتبار ڪندين، هن سندس منهن تي چماٽ هڻي ڪڍي. هيءُ انسانيت سوز هلت هئي. مان هميشھ پنهنجي نوڪرن سان محبت سان هلندي آهيان. ڪلاڪ کان پوءِ، هوءَ وري يوليا کي ڀاڪر پائڻ لڳي ۽ سندس پيرن کي چمڻ لڳي. هن مون ڏي نياپو موڪليو، ته هوءَ ڪڏهن به وٽس نه ويندي ۽ نه وري مون سان ملندي. جڏهن مان وٽس وڃي پهتس، ته هوءَ مون کي چمي ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ۽ روئڻ لڳي. پر جڏهن هن مون کي چميو ٿي، ته بنا ڪنهن لفظ چوڻ جي، هن مون کي ڌڪا ڏيئي ڪوٺيءَ کان ڪڍيو ۽ مان سمجهي نه سگهيس، ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟ پيارا اليڪسي فيودورپاولووچ، هاڻي منهنجون سڀئي اميدون توتي مدار ٿيون رکن ۽ منهنجي سڄي حياتي تنهنجي هٿن ۾ آهي. مان توکي فقط اهو عرض ٿي ڪريان، ته لزيءَ ڏي وڃ ۽ ان کان سڀ ڪجهه معلوم ڪر. ڇاڪاڻ ته تون ئي اِيئن ڪري سگهين ٿو. تنهن کان پوءِ مون وٽ موٽي اچ، ۽ مون کي سڀ ڪجهه ٻڌاءِ. مون کي سندس ماءُ کي. تون ڄاڻين ٿو، ته هي سڀ ڪجهه منهنجي موت جو سبب ٿيندو. جو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، آخر مان ان کان ڀڄي وينديس. مان هاڻي وڌيڪ سهي نه سگهنديس. مون کي صبر آهي، پر مان اهو وڃائي ويهنديس ۽ پوءِ.... ڪا خطرناڪ ڳالهه ظهور ۾ ايندي. او پيارا، آخرڪار پيوٽرايليچ اچي ويو.“ خاتون هائلڪوف رڙ ڪري چيو. هوءَ چتائي ڏسڻ لڳي، جيئن هو ڪمري ۾ اندر گهڙيو. ”تون دير سان آيو آهين، دير سان! خير ويهه، ڳالهائي ۽ اسان کي پريشانيءَ کان ٻاهر ڪڍ. وڪيل ڇا ٿو چوي؟ اليڪسي فيودورپاولووچ تون ڪاڏي ٿو وڃين؟“
”لزيءَ ڏانهن.“
”صحيح آهي، پر مان توکي جو ڪجهه چيو آهي، ان کي تون نه وساريندين. هيءُ موت ۽ حياتيءَ جو سوال آهي!“
”بيشڪ مان ان کي نه وساريندس... پر مون کي دير ٿي وئي.“ اليوشا غصي مان چيو ۽ هو تڪڙو تڪڙو پوئتي هٽڻ لڳو.
”نه، توکي پڪ سان اچڻ گهرجي. اِيئن نه چئو، ته جيڪڏهن توکان ٿي سگهيو ته. جيڪڏهن تون نه ايندين، ته مان مري وينديس.“ بيگم هائلڪوف سندس پويان ڳالهائيندي رهي، پر اليوشا ڪمرو ڇڏي چڪو هو.