باب پهريون: ڪوليا ڪراسوتڪين
مارڪيٽ کان گهڻو پري نه، پلاٽنيڪوف جي دڪان جي ڀرسان، هڪڙي ننڍڙي جاءِ موجود آهي. نهايت صاف، اندران توڙي ٻاهران نهايت وڻندڙ! اهو گهر، خاتون ڪراسوتڪين جو آهي، جا اڳوڻي صوبائي سيڪريٽريءَ جي بيواهه آهي. جنهن کي مئي چوڏهن سال گذريا. سندس بيواهه ٻٽيهن ورهين جي، اڃا به دلڪش صورت واري، هن صاف ۽ ننڍڙي گهر ۾، خانگي زندگي گذاري رهي هئي. هوءَ عزت واري مـجرد حياتي بسر ڪري رهي هئي. هوءَ اڃا به آرام ۽ راحت سان گذاريندي ٿي رهي. پنهنجي مڙس جي موت جي وقت هوءَ ارڙنهن سالن جي هئي. سندس شادي کي هڪ سال گذريو هو، هن پنهنجي روح ۽ دل کي، اُن ٻار جي پرورش لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، جو سندس قيمتي خزانو هو. سندس نالو ڪوليا هو. جيتوڻيڪ هوءَ ساڻس غير معمولي محبت ڪندي ٿي رهي، پر هنن چوڏهن سالن ۾ هن کي خوشيءَ کان وڌيڪ تڪليفن مان گذرڻو پيو هو. سندس ماءُ هرروز خوف کان ڏڪندي ۽ ڪنبندي ٿي رهي ته متان بيمار نه ٿي پوي. کيس ٿڌ نه لڳي. ڪا حرڪت نه ڪري ويهي. ڪنهن ڪرسي تي چڙهي، ڪري نه پوي. اهڙا خيال هئا، جي کيس ستائيندا ٿي رهيا. جڏهن ڪوليا، اسڪول وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس ماءُ، ساڻس گڏ اُهي مضمون پڙهڻ شروع ڪيا، جيئن هوءَ سندس سبقن ۾ کيس مدد ڪري سگهي. هن استادن سان به جلدي واقفيت پيدا ڪرڻ شروع ڪئي، سندن زالن سان به گهرائي پيدا ڪيائين. نه فقط ايترو، پر ڪوليا جي هم مڪتب ٻارن سان به ڄاڻ سڃاڻ رکيائين، جيئن هوُ کيس نه چيڙائين نه مٿس ٺٺوليون ڪن نه مارين. هوءَ ايترو ته وڌي وئي، جو ٻارن، ڇوڪري تي طعني بازي شروع ڪئي، ته هوُ ماءُ جو لاڏلو آهي. پر هيءُ ٻار پنهنجي راهه تي روان هو، آهستي آهستي پنهنجي بچاءُ جي فن کي حاصل ڪندو رهيو. هوُ پختي طبعيت وارو ۽ غير معمولي طاقتور هو. هن اڳتي هلي هي ثابت ڪري ڏيکاريو، ته هوُ چـُـست ۽ چالاڪ، مضبوط ارادي وارو ۽ بي باڪ ۽ منچلي طبعيت جو مالڪ آهي. هوُ پنهنجي سبقن ۾ ايترو ته قابل هو، جو ڪلاس ۾ هيءَ افواهي حقيقت گشت ڪندي ٿي رهي، ته هوُ پنهنجي استادن ڊارڊانيلوف کي حسابن ۽ عالمي تاريخ ۾ شڪست ڏئي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ مٿس سڀ جي نظر ٿي پئي هوُ نخوت پسند نه هو، پر چڱو رفيق هو. هوُ پنهنجي هم مڪتب وارن کان عزت ته وٺندو هو، جنهن جو هو مستحق به هو، پر سڀني سان سندس تعلقات دوستاڻا هئا. سڀ کان مٿي کيس خبر هئي ته پنهنجي ارادي کي ڪهڙي ريت منزل مقصود تي پهچائي. مرڪن موقعن تي، پاڻ کي ڪهڙي حد ّ۾ رکڻ جو عادي هو،استادن جي تعلقات جي حالت ۾، هو ڪڏهن به پنهنجي حد کان اڳتي نه وڌيو هو ۽ ڪڏهن به شيطانيت کي پاڻ وٽ جاءِ نه ڏني هئائين، جيئن انتظام ۾ ناقابل بخشش ڪو رخنو پيدا نه ٿئي. پر هوُ هر موقعي تي حرڪت ۽ شرارت ڪرڻ جو ضرور عادي هو، جيتوڻيڪ اسڪول ۾ ننڍي ۾ ننڍو ڇوڪرو پئي شمار ٿيو. خاص ڪري اهڙن موقعن تي، جڏهن خود نمائي ۽ پنهنجي برتري، سندس مقصد هوندو هو، تڏهن هو ننڍن ٻارن وانگر، شرارت کان نه مڙندو هو. هوُ پنهنجي خودداريءَ جو وڏو شوقين هو. ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ کي به پنهنجي قبضي ۾ آڻي وڌو هئائين. اُن سان سندس هلت شوخي واري هئي. پر هوءَ گهڻي وقت کان سندس ضابطي ۾ اچي چڪي هئي. شايد اهڙي حالت ۾ ڪو خيال ڪري ته اها حالت برداشت کان ٻاهر آهي ۽ سندس ماءُ اهو سهي نه سگهي، ته ٻار کي ساڻس ڪا به محبت نه آهي. هوءَ هميشھ عجب کائيندي رهندي هئي، ته ڪوليا سندس معاملي ۾ ڪيڏو نه بي احساس آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ جنوني حالت ۾ لڙڪ وهائيندي رهندي هئي. هوءَ سندس سرد مهري جي باعث به ساڻس گرم جوشيءَ سان ملندي هئي. پر ٻارن کي ناپسند ڪندو هو. جيتري منجهس مهر ۽ محبت جي اُميد ٿي رکي وئي، هوُ سنگدليءَ ۽ سختيءَ ۾ وڌندو ٿي ويو. هن ڄاڻي واڻي هن سرد مهريءَ جو اظهار نه ٿي ڪيو، پر بنيادي طرح سندس طبعيت اهڙي هئي. سندس ماءُ کي به شڪ ۽ شبهو ٿي رهيو. جيتوڻيڪ هوءَ غلطي تي هئي. هو ماءُ کي بيحد پيار ڪندو هو. کيس فقط روز جهڙا بزدلاڻا خيال پسند نه هئا، جن کي هوُ اسڪول جي ٻاراڻي زبان ۾ ظاهر ڪندو ٿي رهيو.
وٽن ڪتابن جي هڪ الماڙي هئي، جنهن ۾ سندس پيءُ جا ٿورا ڪتاب موجود هئا. ڪوليا مطالعي جو ڏاڍو شوقين هو. هن انهن مان ڪيترائي پاڻ پڙهي ورتا هئا. سندس ماءُ کي ڪوبه اعتراض نه هو، پر هوءَ هيءُ ڏسي عجب ۾ ٿي پئي، ته ٻار ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪيئن نه الماڙي جي ڀرسان، بيٺو آهي ۽ راند جي بجاءِ، ڪتابن جي مطالعي ۾ غرق آهي. اهڙي ريت ڪوليا، ڪي اهڙيون به ڳالهيون پڙهيون، جي سندس عمر لاءِ ناموزون هيون.
قاعدي موجب، ڇوڪري کي هيءَ خبر هوندي آهي، ته هو پنهنجي شرارت جي ليڪ کي ڪٿان ڇڪي، پر هن گهڻو اڳي شوخيءَ جا اُهي سڀ طريقا ڪم آڻڻ شروع ڪيا هئا، جن کي ڏسي، سندس ماءُ خوفزده ٿي وئي هئي. هيءَ به حقيقت آهي، ته هوُ جو ڪجهه به ڪري رهيو هو، اُن ۾ ڪا به بري ڳالهه ڪانه هئي. فقط وحشياڻي عاقبت انديشي هئي.
جولاءِ جي وئڪيشن ۾ هڪ عجيب اتفاق بڻيو. ماءُ پٽ پنهنجي ڏورانهن مائٽن سان ملڻ لاءِ ٻي ضلعي ۾ ويا، جو اُتان چاليهه پنجيتاليهه ميلن تي هو. کين هڪ هفتي لاءِ اُتي رهڻو هو. سندن ان مائٽياڻيءَ جو مڙس، ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو آفيسر هو. (هيءُ اُها ساڳي اسٽيشن آهي، جتان مهينو کن اڳي، ايون فيودورووچ ڪرامازوف ماسڪو ويو هو.) ڪوليا خبرداريءَ سان ريلوي جي هر ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءُ لاءِ ته جيئن پنهنجي گهر موٽي وڃي، ته پنهنجي هم ڪلاسين کي اهي خبرون ٻڌائي عجب ۾ وجهي. اتفاقاً اُتي ڪي ٻيا ڇوڪرا به ٿي رهيا جي جلد ئي سندس دوست بڻجي ويا. انهن مان ڪي اسٽيشن جي نزديڪ ٿي رهيا، ته ڪي ان جي پسگردائي ۾. اهي ڇهه يا ست هئا، جن جون عمريون ٻارنهن ۽ پندرنهن ورهين جي وچ ۾ هيون. انهن مان ٻه ته اسان جي شهر جا هئا. هيءُ سڀئي پاڻ ۾ گڏجي رانديون ڪرڻ لڳا. اسٽيشن تي ڪوليا جي اچڻ کان چار يا پنج ڏينهن پوءِ، هڪ بيوقوفيءَ واري شرط ٻارن پاڻ ۾ رکي. ڪوليا، جو هن ٽولي ۾ سڀ کان ننڍو هو ۽ ان ڪري ٻين جي نگاهن ۾ نه ٿي سمايو، ڪجهه خودداري جي باعث ۽ ڪجهه بيباڪي ۽ خودسريءَ جي باعث، ساڻن ٻن روبل جي شرط ٻڌي، ته رات جو يارهين بجي، جڏهن گاڏي اتان گذري ته هو لوهي ريلن جي وچ ۾، پٺيرا ٿي سمهن ۽ اهڙيءَ ريت گاڏي تيز رفتاريءَ سان مٿانئن گذري وڃي. حقيقت ۾ هن، اڳ ۾ هن حقيقت کي ڏسي ڇڏيو هو، ته ٻن لوهي ريلن جي وچ ۾ ڪو سنئون سڌو ٿي سمهي پوندو، ته گاڏي ان کي ڇهي ئي نه سگهندي. هاڻي کيس اهو ڏسڻو هو، ته اهڙو ڪهڙو ڇوڪرو آهي، جو هن خطرناڪ آزمائش کي پنهنجي سر تي ٿو کڻي. سڀني هن شرط کي مذاق سمجهيو. پر ڪوليا مضبوطيءَ سان چيو، ته هو اِيئن ڪري سگهندو. پهريائين ته هو مٿس کلڻ لڳا ۽ کيس ننڍڙو ڪوڙ ۽ لاف زن سڏڻ لڳا، پر هو هن طعني زنيءَ کان وڌيڪ پختو ٿي ويو، جنهن ڳالهه کيس وڌيڪ کجايو، سا هيءَ هئي، ته هنن پندرنهن سالن جي ٻارن حقارت کان مٿس نڪ کي ٿي موڙيو ۽ چيڙايو. هنن غرور کان کيس ننڍڙو ٻار ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي صحبت جي لائق نه ٿي ڄاتو. هيءَ هڪ نه سهڻ جهڙي بي عزتي هئي.
هاڻي اهو فيصلو ڪيو ويو، ته شام جو اسٽيشن کان اڌ ميل پري وڃي ترسجي، جتان گاڏي، اسٽيشن کي ڇڏي ڪافي تيز رفتاريءَ سان گذرندي. ٻار سڀئي گڏ ٿي ويا. هي سخت اونداهي رات هئي. چنڊ جو ڪوبه نالو ۽ نشان نه هو. مقرر وقت تي ڪوليا، لوهي بند جي وچ ۾ سمهي پيو. پنج ڇوڪرا، جن ساڻس شرط رکي هئي، مٽيءَ جي بند جي هيٺان ٻوٽن جي جهنڊ ۾ وڃي ويٺا. سندس دليون خوف کان لرزي رهيون هيون، جن ۾ خوف ۽ رحم جهلڪا ڏئي رهيا هئا. آخر هنن پري کان گاڏي جي گڙگڙاهٽ کي ٻڌو، جنهن هاڻي اسٽيشن کي ڇڏيو هو. اونداهيءَ ۾ ٻه ڳاڙهيون روشنيون چمڪڻ لڳيون. هوءَ بلا جيئن ويجهو ٿي پئي، تيئن سندس شور وڌيڪ ٿيندو ٿي ويو.
”بند کان ٻاهر ڀڄي وڃ. ڊوڙ. ڊوڙ ۽ ڇوڪرن ٻوٽن جي جهنڊ مان، ڪوليا کي رڙيون ڪري چيو. هوُ خوف کان بي دم ٿي چڪا هئا. پر هاڻي هيءُ سڀ دير سان هو. گاڏي تيزيءَ سان آئي ۽ اڏري وئي، ڇوڪرا ڪوليا ڏي ڊوڙيا. هو بنا ڪنهن چرپر جي سمهيو پيو هو، هو کيس ڇڪڻ ۽ ڌوڏڻ لڳا. هوُ اوچتو اُٿي پيو ۽ بنا ڳالهائڻ جي هلڻ لڳو. هن کين ٻڌايو ته هو اهڙي ريت سمهي پيو هو، جو ڄڻ ته کيس هوش ئي نه آهي. در حقيقت هوُ کين ڊيڄاري رهيو هو. پر حقيقت هيءَ هئي ته هوُ سچ پچ خوف کان بيهوش ٿي ويو هو. گهڻو پوءِ، هن ماءُ سان اُن جو اقرار به ڪيو هو. اهڙي ريت سندس شهرت، هڪ بيباڪ ڪردار جي حيثيت ۾ هميشھ لاءِ قائم ٿي وئي. هوُ اسٽيشن کان گهر اهڙيءَ ريت موٽيو، جو سفيد ڪاغذ کان وڌيڪ سندس رنگ اڇو ٿي ويو هو. ٻي ڏينهن مٿانئس هلڪي بخار جو حملو ٿيو. پر ان هوندي به هو اُن کان بيپرواهه هو ۽ پاڻ کان بيحد خوش هو. هيءُ واقعو هڪدم ته مشهور نه ٿيو، پر جڏهن هوُ پنهنجي شهر ۾ موٽي آيو، ته هي واقعو اسڪول ۾ اچي ويو ۽ ماسترن تائين به وڃي پهتو. ڪوليا جي ماءُ جلدي ۾ ماسترن تائين وڃي پهتي. آخر ۾ ڊارڊانيلوف جو عزت ۽ اثر وارو استاد هو، هن معاملي کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو. سندس فائدي ۾ ڪم ڪيو ۽ معاملو رفع دفع ٿي ويو.
ڊارڊانيلوف ڪرڙوڍ ۽ ڪنوارو هو، جنهن جي بيگم ڪراسوتڪين سان غير معمولي محبت هئي، جنهن کي سال گذري چڪا هئا. ايتري قدر جو هڪ ڀيري، جنهن کي سال کن گذريو هو، هن خوف کان ڏڪندي، پنهنجي جذبات جي فراواني کان، نهايت عزت سان کيس ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، پر هن کيس صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. سندس خيال هو، ته سندس استدعا کي قبول ڪرڻ، پنهنجي پٽ سان ڄڻ ته دغا ڪرڻ جي برابر ٿيندو. جيتوڻيڪ ڊارڊانيلوف ڪن مخفي ڳالهين مان سمجهي ويو هو، ته غمگين ۽ عصمت مآب بيواهه، ساڻس شادي ڪرڻ ۾ سچ پچ ناراض نه آهي. ڪوليا جي هن چريائيءَ واري شرارت، هن مشڪل کي آسان ڪري ڇڏيو ۽ ڊارڊانيلوف جي خدمتن جي باعث، سندس آرزوئن جي پوري ٿيڻ ۾ اميد پيدا ٿي. جيتوڻيڪ هن اميدواريءَ ۾ ڪا پختگي نه ٿي ڏني. پر ڊارڊانيلوف ايترو ته پاڪائيءَ جو مجسمو هو، جو ڪجهه وقت لاءِ اهو ڪافي هو، ته اُن کان خوش بڻجي وڃي. کيس ڇوڪري سان بيحد پيار هو. پر اُن هوندي به هن محسوس ٿي ڪيو، ته هوُ ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي به سگهندو يا نه. ڪلاس ۾ هوُ ساڻس نهايت سخت ۽ تندپيش ايندو هو. ڪوليا پڻ کيس عزت سان، ڪجهه دور فاصلي تي رکندو هو. هوُ پنهنجي سبق کي چڱيءَ ريت سکندو هو. هوُ پنهنجي ڪلاس ۾ ٻئي نمبر تي هو ۽ ڊارڊانيلوف سان مخصوص هو. سڄي ڪلاس کي هي پختگيءَ سان يقين هو، ته ڪوليا عوامي تاريخ جي مضمون ۾ ايترو هوشيار آهي، جو ڊارڊانيلوف کي به ماري سگهي ٿو. ڪوليا سچ پچ، هن کان اهڙا سوال پڇندو به هو، ته ”ٽراءِ کي ڪنهن آباد ڪيو هو؟“ جنهن جو جواب ڊارڊانيلوف کيس بي سمجهي جهڙو ڏيندو هو. هوُ قومن جي لڏ پلاڻ جي قصي کي ڇيڙيندو هو ۽ عهد قديم جي ڳالهين ۽ حسن جي تاريخ جي داستانن ۾ وڃي پوندو هو. پر اهو سوال ته ٽراءِ ڪنهن آباد ڪيو هو؟ پنهنجي جاءِ تي جواب کان سواءِ رهجي ويندو هو. ايتري قدر جو ڪوليا جي سوال کي مهمل ۽ بي معنيٰ سمجهيو ويندو هو. هي حالات ڏسي ڇوڪرن کي يقين ٿي ويو هو، ته ڊارڊانيلوف اهو به نه ٿو ڄاڻي ته ٽراءِ کي پهريائين ڪنهن آباد ڪيو هو. هوڏانهن ڪوليا کي هي خبر اسماراگنوف جي ڪتاب مان پئي هئي، جو ڪتاب، سندس پيءُ جي ڪتابن مان هو. آخر سڀئي ٻارهن سوال ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا، ته ٽراءِ کي پهريائين ڪنهن آباد ڪيو هو؟ پر ڪراسوتڪين هن راز کي ظاهر ڪرڻ نه ٿي گهريو ۽ سندس علم جي شهرت پنهنجي جاءِ تي قائم رهجي وئي.
ريل گاڏي جي واقعي کان پوءِ ڪوليا جي طبعيت ۾ ماءُ جي لاءِ عجيب تبديلي پيدا ٿي وئي هئي. جڏهن اينا فيڊرووينا بيگم ڪراسوتڪين، پٽ جي بيهودي روش کي ٻڌو، ته هوءَ خوف کان پاڳل ٿيڻ جي قريب وڃي پهتي. مٿس جنون جا خطرناڪ حملا ٿيڻ لڳا. جي ڪيترا ڏينهن لاڳيتا هلندا ٿي رهيا. آخر ڪوليا، ماءُ جي بيماريءَ کان سخت هراس ۾ اچي ويو. هن پاڻ سان انجام ڪيو، ته هوُ وري اهڙيون شرارتون نه ڪندو. هن ماءُ جي حاضريءَ ۾، حضرت عيسيٰ عليـھ السلام جي تصوير جي سامهون ۽ پيءُ جي يادگيري ۾ ٿي قسم کنيو. بي پرواهه ڪوليا اهڙي ريت هنجون هارڻ لڳو، ڄڻ ته ڇهن ورهين جو ننڍڙو ٻار آهي. اُهو سڄو ڏينهن هيءُ ۽ سندس ماءُ، هڪٻئي سان ڀاڪر ۾ چنبڙي روئندا رهيا. ٻي ڏينهن ڪوليا، دستور موجب بي احساس ٿي اُٿيو، پر هو اڳي کان وڌيڪ خاموش، وڌيڪ فڪر وارو بڻجي پيو.
هيءَ حقيقت آهي، ته ڇهه هفتا پوءِ، هوُ اهڙي حادثي ۾ اچي ويو، جنهن جي ڪري سندس نالو اسان جي منصف تائين پهچي ويو، هيءُ حادثو بلڪل ٻي نوع جو هو، جنهن مان سندس بيوقوفيءَ ۽ کل جهڙي شرارت، اڳئين کان به وڌيڪ ٿي نظر آئي. هن اُن ۾ ڪو به وڏو حصو نه ورتو هو، پر ٻين جي تقليد ڪئي هئائين. سندس ماءُ اڃا به رُني ۽ لرزي ٿي. هو اڃا به وڌيڪ بي چين ٿي ڏٺي، جنهنڪري ڊارڊانيلوف جون اميدون وڌيڪ سرسبز ٿينديون ٿي نظر آيون. هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته ڪوليا سمجهي ويو هو، ته ڊارڊانيلوف جي دل ۾ ڪهڙيون اميدون آهن. اُن ڪري هوُ کانئس متنفر هو. ايتري قدر جو ماءُ جي حاضريءَ ۾ به هوُ هن نفرت جو اظهار ڪندو ٿي رهيو. هوُ اشارن ۽ رمزن ۾ ظاهر ڪندو ٿي رهيو، ته ڊارڊانيلوف جي من ۾ ڇا وهي واپري ٿو؟ پر ريل گاڏي واري واقعي کان پوءِ، سندس روش ۽ استاد جي عزت ۾ گهڻي تبديلي اچي وئي هئي. هن هنن رمزن ۽ اشارن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ ماءُ جي اڳيان ڊارڊانيلوف جي لاءِ وڏي عزت سان سندس بيحد شڪرگذاري پئي ظاهر ٿي. پر جڏهن ڪنهن به ملاقاتي جي سامهون، ڪوليا جي حاضري ۽ ڊارڊانيلوف جو ذڪر ٿي آيو، ته هوءَ گلاب جي گل وانگر ڳاڙهي بڻجي ٿي وئي. اُن وقت ڪوليا بي چينيءَ کان يا ته دريءَ کان ٻاهر نهاريندو هو يا بوٽن کي ڏسندو هو، يا غصي مان پنهنجي ڪتي پريزيوان کي سڏيندو هيو. پريزيوان قد ۾ نهايت وڏو هو ۽ سندس جسم تي بي انداز پشم هئي ۽ ڏسڻ جو نهايت بد هو. ڪوليا هڪ مهينو اڳ ۾، ان کي پنهنجي گهر ۾ کڻي آيو هو ۽ معلوم ٿي نه سگهيو هو، ته هن ڪهڙي سبب کان اُن کي گهر ۾ پنهنجي دوستن کان لڪائي رکيو هو. هو ان حيوان کي آزاريندو ٿي رهيو ۽ اُن سان گڏ تربيت به ڏيندو ٿي رهيو. کيس طرحين طرحين رانديون سيکاريندو ٿي رهيو. اُن ڪري هي غريب ڪتو، جڏهن هوُ اسڪول جي سبب گهر کان غير حاضر هوندو هو، ته زور سان ڀؤنڪندو هو. جڏهن هو، گهر موٽي ايندو هو، ته خوشيءَ کان ٽپا ڏيڻ شروع ڪندو هو. هوُ زمين تي اهڙيءَ ريت ليٽي پوندو هو، ڄڻ ته هو مري ويو آهي ۽ ٻيون به عجيب حرڪتون ڪندو هو. حقيقت ۾ هوُ اهي سڀئي بازيون ڪري ڏيکاريندو هو، جي کيس سيکاريون ويون هيون. هيءُ هنر هو ڪنهن حڪم يا اشاري تي نه ڪندو هو، پر پنهنجي حق شناسيءَ جي جوش جي انتها کان مجبور ٿي ڪندو هو.
هتي مون کان هيءَ حقيقت ٻڌائڻ وسري وئي هئي، ته ڪوليا ڪراسوتڪين اهو ڇوڪرو هو، جنهن کي، هڪ ڇوڪري چاقو هنيو هو. هن ڪتاب جي پڙهندڙن کي ياد هوندو، ته ڪپتان اسنگيريوف جي پٽ اسلوشيا، پنهنجي پيءُ جي بچاءَ ۾، جنهن بابت هو کيس چيڙائي رهيا هئا، کيس گهرو زخم رسايو هو.