باب ستون: تاريخي جائزو
اِتي اپولٽ ڪرلووچ تفصيل سان قيديءَ جي گروشينڪا سان موتمار عشق جو ورنن ڪيو. هـُـن اُتان شروع ڪيو، جڏهن قيدي ”جوانڙيءَ جي گهر تي کيس مار ڏيڻ ويو.“ ”مان سندس پنهنجا لفظ پيو ورجايان.“ سرڪاري وڪيل وضاحت ڪئي، ”پر ڇوڪريءَ کي مار ڏيڻ جي بدران سندس پيرن ۾ ويهي رهيو. اِها هن جي عشق جي ابتدا هئي. ساڳي وقت قيديءَ جو پيءُ پڻ ان جوانڙيءَ تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. هڪ عجيب ۽ موتمار اتفاق، ڇو جو ٻئي همراهه هڪ ئي وقت کيس دل ڏيئي ويٺا هئا، توڻي جو هـُـوءَ سندن اڳي کان ڏٺل هـُـئي. وينگس ٻنهي ۾ اهڙو ته زور آور نينهن جاڳايو، جهڙو ڪرامازوفن ۾ ئي جاڳي سگهي ٿو. هـُـنَ پاڻ مڃيو آهي: ’مان ٻنهي تي کـِـلندي هـُـيس.‘ اوچتو کيس هنن جي مذاق بنائڻ جي خواهش ٿي، سو هن ٻنهي کي هڪدم فتح ڪري ورتو.ڪراڙو هو ته ناڻي جو پوڄاري، تڏهن به ان ئي وقت کيس ٽي هزار روبل ڏيڻا ڪيائين، پر جلد ئي هو اِن تي به خوش هو ته جي هوءَ ساڻس پرڻجي ته هوند هو پنهنجي ساري ملڪيت ۽ نالو سندس قدمن ۾ رکي. اسان وٽ ان ڳالهه جي چڱي ثابتي آهي ۽ قيدي، سندس ڪم بختي ظاهر آهي، اسان جي آڏو آهي. پر جوانڙيءَ جي ’راند‘ اِهائي ته هـُـئي. جادوگرياڻيءَ هـِـن اڀاڳي جـُـوان کي ڪا آس اُميد ڪانه ڏياري، تان جو هـُـو آخري وقت تي وٽس وڃي گوڏا کوڙي ۽ هٿ، جيڪي پڻس ۽ رقيب جي رت سان رڱيل هئا، ڊگهيري ويهي رهيو. کيس اِن حالت ۾ ئي پڪڙيو ويو. جوانڙيءَ کي اهڙو پڇتاءُ ٿيو، جو سندس پڪڙجڻ وقت واڪو ڪري چيائين، ’مون کي به هن سان گڏ سائبيريا موڪليو، ساڻس هيءَ ويڌن منهنجي ڪري ٿي آهي. اِن جو ڏوهه مون کي ڏيو.‘
”جنهن ٻهڳڻي جـُـوان جو حوالو مون اڳ ڏنو، يعني مسٽر ريڪيٽن، تنهن هن سورميءَ جي ڪردار نگاري مختصر پر اثرائتن لفظن ۾ ڪئي آهي. ’سندس خوشفهميون حياتيءَ ۾ جلد ئي دور ٿي ويون هيون، جو سندس مڱيندو کيس ريهڻ ريبڻ کان پوءِ ڇڏي هليو ويو هو. کيس غربت ۾ ڇڏيو ويو هو، سندس عزت واري ڪنٌنب کيس پـِـٽون پاراتا ٿي ڏنا، ۽ هوءَ هڪ پوڙهي شاهوڪار جي پناه ۾ اچي وئي هـُـئي، جنهن کي هوءَ هاڻي پنهنجو مـُـحسن سمجهي ٿي. سندس جوان دل ۾ گهڻي چڱائي هئي، پر اها سوير ئي ڪڙاڻ جي ور چڙهي وئي هـُـئي. هـُـن دور انديشيءَ کان ڪم وٺندي ڏوڪڙ بچائڻ شروع ڪيا. هـُـن جي سماج جي برخلاف چٿر ۽ چڙ جيئن پوءِ تيئن وڌندي وئي.‘ سندس ڪردار جي هـِـن خاڪي جي آڌار تي اِهو سمجهي سگهجي ٿو ته هوءَ ٻنهي ڄڻن تي شرارت وچان، ساڙ وچان کلي سگهي ٿي.“
”بي فائدي عشق ۽ اخلاقي ابتريءَ جو مهينو، جنهن دوران اسان جي قيديءَ پنهنجي مـَـڱ کي دوکو ڏنو ۽ هن پاران امانت طور سونپيل رقم کائي ويو، تنهن آخرڪار سندس اِها حالت ڪئي جو هو ڇتو، مـُـسـلسل رقابت وگهي اصل چريو ٿي پيو، رقابت به ڪنهن سان يعني پنهنجي پيءُ سان! ۽ وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ هـُـئي ته پاڳل پوڙهو پـُـٽ جي پريمڪا کي انهن ٽن هزار روبلن جي ٻل تي ريبي ۽ ڌُتـاري رهيو هو، جيڪي پـُـٽ ماءُ کان مليل ورثي جو حصو سمجهندي پنهنجي ملڪيت ٿي ڄاتا ۽ جيڪي کانئس پڻس ٺڳي رهيو هو. هائو، مان مڃان ٿو ته اِهو سڀ برداشت کان ٻاهر هو! اهو ماڻهوءَ کي چريائپ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو. ڳالهه رقم جي نه هئي، پر اِن حقيقت جي هئي ته ان رقم کي ايتري بڇان ڏياريندڙ بيدرديءَ سان سندس خوشيءَ کي برباد ڪرڻ تي خرچ ڪيو ٿي ويو.“
پوءِ سرڪاري وڪيل اهو بيان ڪيو ته پيءُ کي مارڻ جو خيال قيديءَ جي دماغ ۾ ڪيئن آيو هو. پنهنجي انهيءَ نظريي جي فائدي ۾ حقيقي مثال ڏنائين.
”شروع شروع ۾ هـُـن اِها ڳالهه رڳو گـُـتن ۾ ڪئي-- هو سڄو مهينو اِها ڳالهه ڪندو رهيو. هو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي ۽ پنهنجن سنگتين ساٿين کان ڪا به ڳالهه نه لڪائيندو آهي، ويندي کين پنهنجا خطرناڪ شيطاني خيال به ٻڌائي ڇڏيندو آهي، هو ٻين کي پنهنجن خيالن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ جو شوقين آهي، ۽ ڪنهن سبب جي ڪري اها آس رکندو آهي ته جن کي هو پنهنجو اندر ڏي ٿو، سي ساڻس همدردي ڪندا، سندس سڀني اهنجن ۽ اُلڪن جو احساس ڌاريندا، سندس پاسو کڻندا، ۽ ڪنهن ڳالهه ۾ سندس مخالفت نه ڪندا. جيڪڏهن هو ائين نه ڪن ته هو تپي باهه ٿي گتي جا ٽپڙ ڀڃڻ لڳندو آهي. (ان کان پوءِ ڪئپٽن سنگريوف واري واقعي جو ذڪر آيو.) جن قيديءَ کي ٻڌو، تن نيٺ اهو سوچڻ شروع ڪيو ته متان هن جي نيت ڌمڪين کان وڌيڪ جي هجي، ۽ ايڏي چڙ دڙڪن کي ڪاروائيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.“
اتي سرڪاري وڪيل خانقاهه ۾ ڪٽنبن جي گڏجاڻيءَ جو، اليوشا سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جو، ۽ ويڙهاند جي ان ڀوائتي ڏيک جو ذڪر ڪيو، جڏهن قيدي مانيءَ کان پوءِ پيءُ جي گهر ۾ ڪاهي پيو هو.
”مان اهو يقين سان نٿو چئي سگهان.“ سرڪاري وڪيل تقرير جاري رکندي چيو، ”ته قيدي انهيءَ واقعي کان اڳ پيءُ کي مارڻ جو ارادو ڪري چڪو هو. بهرحال، اهو خيال کيس ڪيترائي ڀيرا آيو هو، ۽ هن ان بابت ويچاريو هو. ان لاءِ اسان وٽ حقيقتون آهن، شاهد آهن ۽ سندس پنهنجا لفظ آهن. جيوريءَ جا صاحبو، مان باسيان ٿو،“ هن وڌيڪ چيو، ”ته اڄوڪي ڏينهن کان اڳ مان ٻـُـڏتر ۾ هوس ته قيديءَ سان اڳ - ويچار منسوب ڪجي يا نه. مون کي اها ته پڪ هئي ته هن موتمار گهڙيءَ جو تصور ڪيو هو، پر فقط اهو تصور ئي هو، جنهن تي هن هڪ امڪان طور ويچار ڪيو هو. هن پڪيءَ طرح اهو نه سوچيو هو ته ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏوهه ڪندو.“
”پر مان ته اڄ تائين ٻڏتر ۾ هوس، تيستائين جيستائين اهو خوني خط ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو هو. توهان پاڻ جوان خاتون کي اهو چوندي ٻڌو ”اها رٿ آهي، خون جو پروگرام!“ اجهو ائين هن دکي قيديءَ جي ڏجهاري، نشي ۾ لکيل خط جو ورنن ڪيو. ۽ حقيقت ۾، انهيءَ خط مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته خون جي سڄي ڪاروائي اڳ - رٿيل هئي. خط ٻه ڏينهن اڳ لکيو ويو هو، ۽ هاڻ اسان کي اهو حقيقت طور معلوم آهي ته قيديءَ پنهنجي خوفناڪ ارادي تي عمل کان اٺيتاليهه ڪلاڪ اڳ قسم کنيو هو ته جيئن ئي ايون گهران هليو ويندو، تيئن ئي هو پيءُکي ماري سندس وهاڻي هيٺان رکيل نوٽن وارو لفافو تڳائيندو. توهان ٻڌو: سو هن هر ڳالهه تڪي توري سٽ سٽي هئي، ۽ ان تي ائين ئي عمل ڪيائين، جيئن لکيو هئائين. اڳ - ويچار جي ثابتي پڪي آهي: ڏوهه لازمي طرح ڏوڪڙن لاءِ ئي ڪيو ويو هوندو، اهو چٽيءَ طرح چيل آهي، اهو لکيت ۾ صحيح سان آهي. قيدي پنهنجي صحيح کان انڪار ڪونه ٿو ڪري.
”مون کي ٻڌايو ويندو ته قيديءَ جڏهن خط لکيو، تڏهن هو نشي ۾ هو. پر ان سان خط جو ملهه گهٽ ڪونه ٿو ٿئي. ماڳهين پاڻ وڌي ٿو، جيڪي هن نشي ۾ نه هوندي رٿيو، اهو هن نشي ۾ هوندي لکيو. جيڪڏهن نشي ۾ نه هوندي نه رٿي ها، ته نشي ۾ هوندي اها لکيت ۾ نه آڻي ها. مون کان پڇيو ويندو ته پوءِ هـُـن ان بابت گـُـتن ۾ ڇو ڳالهايو؟ جيڪو ماڻهو اهڙو ڏوهه اڳ - ويچاري ٿو، سو ماٺ رهندي ان کي پاڻ تائين رکي ٿو. برابر، پر هن ان بابت رٿ رٿڻ کان اڳ ڳالهايو هو، تڏهن جڏهن هن ان جي خواهش ڪئي، رڳو ائين ڪرڻ چاهيو هو. تنهن کان پوءِ هن ان بابت گهٽ ڳالهايو. جنهن پوياڙيءَ جو هن ”ميٽرو پولس“ گتي ۾ اهو خط لکيو، تنهن پوياڙيءَ جو هو، پنهنجي عادت جي اُبتڙ، ماٺ ۾ رهيو، توڻي جو هو پي رهيو هو. ٻيو ته ٺهيو، هو بليئرڊ راند به ڪونه کيڏيو، ڪنڊ ۾ ويٺو رهيو، ڪنهن سان ڪونه پئي ڳالهايائين. اهو برابر آهي ته هن ڪنهن ٻئي کي سندس جاءِ تان اٿاري ڇڏيو هو، پر ائين هن بيخياليءَ ۾ ڪيو هو، ڇو ته هو گتي ۾ گهڙڻ سان ڪونه ڪو بکيڙو ضرور ڪندو هو. اهو سچ آهي ته آخري فيصلي کان پوءِ کيس ضرور انديشو ٿيو هوندو ته هن پنهنجي ارادي بابت اڳواٽ حد کان وڌيڪ ڳالهايو هو، متان ان جي ڪري پوءِ هو پڪڙجي پوي ۽ مٿس ڪيس هلي. پر هاڻي ڇا پئي ٿي سگهيو، هو پنهنجا ڳالهايل لفظ موٽائي ته نه پئي سگهيو، پر نصيب اڳ به يا وري ڪئي هيس، هاڻي به ڪندو، کيس پنهنجي بـُـرج ۾ ويساهه هو. مان اهو به مڃان ٿو ته هن آخري آفت کي ٽارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ”سڀاڻي مان ڪنهن نه ڪنهن کان اوڌر وٺڻ جو جتن ڪندس، ۽ جي نه ملي ته رتوڇاڻ ٿيندي.“
اتي اپولٽ ڪردووچ تفصيل سان اُهي جتن بيان ڪيا، جيڪي متيا ڏوڪڙ اُڌارا وٺڻ لاءِ ڪيا هئا. هن قيديءَ جي سئمسانوف سان ملڻ ۽ لياگوئيءَ وڃڻ جو ذڪر ڪيو. ”کيس تنگ ڪيو ويو، مٿس چٿرون ڪيون ويون، هو بکن ۾ باهه ٿيو، ۽ سفر جي خرچ پکي لاءِ پنهنجي واچ وڪيائين (توڻي جو وٽس، سندس چوڻ موجب، پندرهن سو روبل هئا: آهي نه مڃڻ جهڙي ڳالهه!) ۽ موٽي آيو. سڄو وقت کيس اهو اُلڪو ستائيندو رهيو ته هي جو هو پنهنجي پريمڪا کي شهر ۾ ڇڏي پاڻ هليو ويو هو، سو متان هوءَ سندس غيرحاضريءَ ۾ فيودور پاولووچ ڏانهن نه هلي وئي هجي. پو موٽي اچي اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ته هوءَ سندس پيءَ جي ويجهو به نه وئي هئي. هو ساڻس گڏجي سندس سرپرست وٽ ويو (عجيب ڳالهه آهي ته کيس سئمسانوف سان رقابت ڪا نه هئي، جا ڳالهه نفسياتي لحاظ کان دلچسپ آهي). پوءِ هو تڪڙو تڪڙو پٺيري باغ ۾ وڃي بيٺو. جتي کيس خبر پئي ته سميرڊياڪوف کي دورو پيو آهي ۽ ٻيو نوڪر چاڪ ناهي. ميدان صاف آهي، کيس ڏسن جو پتو آهي. ڪيڏي نه هرکائيندڙ ڳالهه آهي!پر هو کجي نٿو: هو هڪڙي خاتون ڏانهن وڃي ٿو، جيڪا ڪافي وقت کان شهر ۾ ترسيل آهي، ۽ جنهن جي اسان وڏي عزت ڪندا آهيون. يعني مادام هلاڪوف هو. هيءَ خاتون اسان جي قيديءَ جي جيوت تي ڪهل واري نظر رکندي آئي هئي. هوءَ کيس ڏاڍي سهڻي صلاح ڏي ٿي ته عياشي ڇڏي ڏي، بي فيض عشق تان هٿ کڻي ڇڏ، گتن اندر ويچار ۾ پنهنجي حياتي ۽ سگهه برباد نه ڪري، سائيبريا وڃي سون جي کاڻين تي ڪم ڪري: ”ائين ڪندين ته تنهنجي وڳوڙي سگهه، روماني سڀاءُ ۽ ايڊونـچر لاءِ اُڃ جي تسڪين ٿيندي!“
اها ڳالهه ڪري اپولٽ ڪردووچ ٻڌايو ته جڏهن قيديءَ کي خبر پئي ته گروشينڪا سامسانوف وٽ ڪونه ترسي هئي ته رقابت جي ماريل، ٿڪ کان چور، اڀاڳي انسان کي اچي آنڌ مانڌ ورايو ته هوءَ کيس دوکو ڏيندي ضرور سندس پيءُ وٽ وڃي ويٺي هوندي. اهو ٻڌائي سرڪاري وڪيل قضا جي موتمار هجڻ تي ڳالهه پوري ڪئي. ”جيڪڏهن نوڪرياڻي کيس ٻڌائي ها ته سانئڻ پنهنجي اڳوڻي چاهيندڙ وٽ موڪروءَ ويل هئي ته ڪجهه به نه ٿئي ها، پر نوڪرياڻيءَ جي مت منجهي وئي ۽ هوءَ پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جا قسم کڻي پڪ ڏيارڻ لڳي. جيڪڏهن قيدي پنهنجي پريتما جي پيڇي ۾ اُڏار نه ڪري ها ته هوند نوڪرياڻيءَ کي اُڦٽ ماري وجهي ها.“
”پر ڌيان رهي ته ڏاڍو تڪڙو هوندي به هن پتل جي مهري پاڻ سان کنئين. اها ڇو؟ ٻيو ڪو هٿيار ڇو نه؟ پر جيئن ته هو سڄو سارو مهينو پنهنجي رٿ تي ويچاريندو ۽ ان لاءِ تياري ڪندو رهيو هو، سو هو ڪابه اهڙي هٿيار جي ڏک ڏيندڙ شئي کنڀي کڻندو، جيڪا نظر ايندس. کيس مهيني کان اها پروڙ هئي ته ڪا به اهڙي شيءِ هٿيار جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي. سو هن هڪدم بنا هٽڪ جي سهي ڪري ورتو ته اها مهري سندس مقصد پورو ڪندي. تنهنڪري هن اها بيخياليءَ ۾ يا بنامرضيءَ جي کنئي هئي. ۽ پوءِ اسان کيس پنهنجي پيءُ جي پٺيري باغ ۾ ڏسون ٿا. ميدان صاف آهي، ڪو ڏسڻ وارو ڪونهي، اوندهه ۽ رقابت. ان شڪ ۾ ته هوءَ اتي هئي، هن وٽ، سندس رقيب وٽ، هن جي ٻانهن ۾ ۽ شايد ان مهل مٿس کلي به رهي هئي، سندس ساهه منجهائي ڇڏيو. ۽ اهو ڪو ٺلهو شڪ نه هو، کليل دوکو هو، پڌرو هو. هوءَ ضرور هتي آهي، او هـُـن بتي ٻريل ڪمري ۾، پردي جي پٺيان ۽ هي ڏجهارو انسان اسان کي ويساهه ڪرائڻ چاهي ٿو ته هو لڪندو دريءَ تائين ويو، ادب سان اندر جهاتي پائي ڏٺائين ۽ چپ چپات ۾ موٽي ويو ته متان ڪا ڀوائتي ۽ غيراخلاقي ڳالهه نه ٿي پوي. هو اسان کي قائل ڪرڻ ٿو چاهي، اسانکي جيڪي سندس سڀاءُ کي سمجهون ٿا، جن کي سندس تنهن مهل واري ذهني حالت جي به سـُـڌ آهي ۽ اهو به پتو آهي ته کيس انهن ڏَسن جي خبر هئي. جن کي ڏسي هو بنا دير گهر اندر گهڙي ٿي سگهيو.“ اتي اپولٽ ڪردووچ اها ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، اهو تفصيلي بحث شروع ڪري ڏنو ته سميرڊياڪوف جو ڪو لاڳاپو هو يا نه.سندس بحث رڳو شڪ پئدا ڪندڙ حالتن جي اپٽار هو. سڀني اهو سمجهيو ٿي. هن انهيءَ شڪ کي ڪين جهڙو ڄاڻندي به وڏي اهميت وارو ڪري ورتو.