باب ڇهون: سرڪاري وڪيل جي تقرير. ڪردارن جا خاڪا
”جيوريءَ جا صاحبو!“ ، سرڪاري وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”هن ڪيس جو سڄي روس ۾ چؤٻول ٿيو آهي. پر ان ۾ آخر ڇا آهي، جنهن تي اچرچ کائجي، اسان ان کان ڇو هراسجون؟ اسان اهڙن ڏوهن تي ايترا هري جو ويا آهيون! اهائي ڳالهه ته هراسيندڙ آهي ته اهڙا ڪڌا ڪم هاڻ اسان کي ڊيڄارين ئي نٿا. اسانکي هـِـن يا هـُـن ڏوهه کان نه پر ان ڳالهه تان ڊڄڻ جڳائي ته اسان انهن سان هري ويا آهيون. اِهي ڪم، اهي ڪڌا ڪم، جيڪي هاڻوڪي زماني جو اهڃاڻ، ريس نه ڪرڻ جهڙي آئندي جا بدسوڻ آهن، تن ڏانهن اسان جي بي حسيءَ، اسان جي ننهن سوسڙي روش جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڇا اهو اسان جو ڪلپْ (1) آهي، ڇا اهو هڪ اهڙي سماج ۾ جيڪو جوان هجڻ جي باوجود ڳري سڙي رهيو آهي، سونجهه ۽ ساڃهه جو وقت کان اڳ ٿڪجي پوڻ آهي؟ ڪٿي ائين ته نه آهي ته اسان جا اخلاقي اصول پاڙئون پٽجي ويا آهن، يا شايد اسان وٽ اهي ماڳهين آهن ئي ڪو نه؟ مان انهن سوالن جا جواب نٿو ڏيئي سگهان، اهي بهرحال آهن پريشان ڪندڙ، ۽ هرشهريءَ کي نه رڳو لازم آهي پر جڳائي ته انهن کان هراسجي. اسان جي نئين ڄاول پريس اڳيئي خلق جي چڱي خدمت ڪئي آهي، ڇالاءِ جو اهائي آهي جيڪا نه رڳو هاڻوڪي راڄ ۾ نئينءَ مان برپا ڪيل جيوري ڪورٽن جي صاحبن کي بلڪ اسان کي اواڳي ڏاڍ ۽ اخلاقي ابتريءَ کان لاڳيتو باخبر ڪندي رهي ٿي، ۽ اسان ذري گهٽ روز اهڙيون ڳالهيون پڙهندا آهيون، جن جي ڀيٽ ۾ موجوده ڪيس بيرنگ ٿي وڃي ٿو ۽ ذري گهٽ خسيس ڀاسي ٿو. پر وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ملڪ ۾ ڏاڍ وارن ڏوهن جي گهڻائي ڏيکاري ٿي ته اسان پري پري تائين انهيءَ برائيءَ ۾ اهڙا ته وٺجي ويا آهيون جو هاڻ ان کي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
”هڪڙي ڏينهن اسان اعليٰ طبقي جي هڪ شاندار جوان علمدار کي، پنهنجي ڪئريئر جي شروعات ۾ بزدلاڻي ٺڳيءَ سان، ضمير جي سٺ کان سواءِ، هڪ اهڙي علمدار کي، جنهن جا مٿس احسان هئا، ۽ سندس نوڪرياڻيءَ کي ماريندي ۽ سندس قرضي هجڻ جو ڪاڳر توڙي جيڪا روڪڙ سندس کيسن مان هٿ آيس، سا چورائيندي ڏسون ٿا، ”اها مون کي فيشني دنيا ۾ عيش ڪرڻ ۽ ڪئريئر ٺاهڻ جي ڪم ايندي،“ کين مارڻ کان پوءِ هو سندس مٿن هيٺان وهاڻا ڏي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو. هڪ ٻيو جوان سورمو، بهادريءَ جو ٻلو ماڻيندڙ، پنهنجي بالا عملدار ۽ محسن جي ماءُ کي رهزنن وانگر ماري ٿو، ۽ پنهنجي ساٿين کي ساڻس شامل ٿيڻ تي هشڪاريندي چوي ٿو، ”هوءَ مون کي پٽ ڪري ڀانئي ٿي، ۽ ان ڪري منهنجا سڀ چوڻ ڪندي ۽ ڪي احتياطي اُپاءُ نه وٺندي.“ قبوليم ته هو دئت آهي، پر مون ۾ جرائت ناهي جو کيس هن زماني ۾ اڻمٽ چوان. ٻيو ڪو ماڻهو خون ته ڪندو، پر هن جيان ئي محسوس ڪندو ۽ سوچيندو، ۽ روحاني طرح هن جهڙوئي بي ايمان آهي، هو شايد سانت ۾، پنهنجي ضمير سان اڪيلو هوندي، پاڻ کان پڇي ٿو، ”مانُ ڇا آهي، ۽ ڇا رتوڇاڻ کي نندڻ تعصب نه آهي؟“
”شايد ماڻهو منهنجي برخلاف واڪو ڪن ته مان بيمار ذهنيت وارو آهيان ۽ وڦلان پيو، ۽ مان ڀوائتي الزام تراشي پيو ڪريان، ته مان مبالغي کان ڪم پيو وٺان. ڀلي ائين چون، ۽ خدا ٿو ڄاڻي ته جي ائين هجي ته مان پهريون ماڻهو هوندس، جيڪو خوش ٿيندو! ڀلي مون تي ويساهه نه ڪريو، ڀلي مون کي بيمار ذهنيت وارو سمجهو، پر منهنجا لفظ ياد رکجو، جيڪي مان چوان ٿو، ان جي رڳو ڏهين پتي، رڳو ويهين پتي به حقيقت آهي ته پوءِ اها خوفناڪ آهي! ڏسو، اسان جا جوان ڪيئن نه آپگهات پيا ڪن، هئملٽ (1) واري انهيءَ سوال پڇڻ کان سواءِ ته اڳتي ڇا آهي: وٽن انهيءَ سوال جو نالو نشان به ڪونهي ڄڻ ته جيڪي ڪجهه روح سان، يا قبر کان اڳتي اسان سان ڇا ٿيندو، تنهن سان واسطو رکي ٿو، سو سندن ذهنن تان گهڻو اڳ ميسارجي ۽ واريءَ ۾ اونهو پورجي چڪو آهي. اسان جي بدڪارين ڏانهن، اسان جي اوباشين ڏانهن ڏسو. انهن مان گهڻن جي ڀيٽ ۾ هن ڪيس جو بدنصيب شڪار، فيودورپالووچ، جهڙوڪ معصوم ٻار وانگر آهي. ۽ اسان سڀ هن کي سڃاڻيندا هئاسون، هن اسان سان ئي وقت گهاريو هو.
”هائو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن روس ۽ يورپ جا مکيه ڏاها روس ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي نفسيات جو اڀياس ڪندا، ڇو ته اهو موضوع اهڙي اڀياس جي لائق آهي، پر اهو اڀياس اڳتي هلي آرام سان ڪيو ويندو، جڏهن اڄوڪي دور جي درناڪ اُبت سـُـبت گذري چڪي هوندي. تڏهن اهو اڀياس بي ريائي ۽ سوجهه سان ٿي سگهندو، تنهن کان وڌيڪ جيترو مان ڪرڻ جهڙو آهيان. هاڻي اسان هڄيا آهيون يا هڄي وڃڻ جو مـِـنهنُ ڪندا آهيون، توڻي جو حقيقت ۾ اسان تماشي مان مزو پيا وٺندا آهيون، ۽ اهڙي زورائتي ۽ مستاني جذبات سان پيار ڪندا آهيون، جيڪا اسان جي پرواهه ۽ لاڏ ڪوڏ سان نپايل آلسپڻي کي ڪتڪتائي ڪري. يا، ٻارن وانگر، اسان ڊيڄاريندڙ ڀوتن کي هٿ سان پري ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ پنهنجا مٿا وهاڻن هيٺان لڪائي انتظار ڪندا آهيون ته اهي ڀوت ٽري وڃن ته اسان پنهنجي راندين ۽ کيل تماشي ۾ شروع ٿيون. پر اسانتي لازم آهي ته ڪنهن ڏينهن حياتي ڳنڀير سچيتائيءَ سان شروع ڪريون ۽ پاڻکي هڪ سماج جي حصي طور ڏسون. وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي سماجي حيثيت مان ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪريون، يا گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ ڏس ۾ اڳتي وڌڻ شروع ڪريون.
”اڳين دور جو مهان ليکڪ (1) روس کي ڪنهن اڻڄاتل ماڳ ڏانهن چوپيري ڀڄندڙ تيز رفتار ٽروئيڪا(2) سان ڀيٽيندي، واڪو ڪري ٿو، ”اڙي ٽروئيڪا، بگيءَ جهڙي ٽروئيڪا، توکي ڪنهن ايجاد ڪيو،“ ۽ فخر سان مستيءَ ۾ وڌيڪ چوي ٿو ته ساري دنيا جا انسانو، ادب ۽ احترام سان هٽي بيهو ۽ ڇڙواڳ ڀڄندڙ ٽروئيڪا کي لنگهي وڃڻ جو رستو ڏيو. ائين هجي ته هجي، ڀل اهي پري ٿي بيهن، ادب ۽ احترام سان يا نه، پر مون مسڪين جو خيال آهي ته مهان ليکڪ پنهنجي ڪتاب جي اها پڄاڻي يا ته ٻاراڻي ۽ اياڻي پـُـراميديءَ جي گهڻائيءَ کان يا وري سندس زماني واري سينسرشپ جي ڊپ کان ڪئي آهي، ڇا لاءِ ته ٽروئيڪا کي ڇڪيندڙ سندس ٽيئي سورما سوباڪيوچ، نازڊرائوف ۽ تتچ چيفخوف هئا ته پوءِ اها ڪنهن به مناسب ماڳ تي ڪونه پڄڻي هئي، کڻي ان جو هڪليندڙ ڪير به هجي. اهي سورما اڳينءَ پيڙهيءَ مان هئا. اسان وارا پاڻ وڌيڪ ڪـَـسا آهن.......“
اپولٽ ڪرلووچ جي تقرير اتي پڳي ته تاڙين جو ڦهڪو پئجي ويو. ٽروئيڪا واري تشبيهه واکاڻي وئي هئي. تاڙين جو ڦهڪو ڪي پل ئي هليو، ان ڪري صدر ماڻهن کي چتاءُ ڏيڻ ضروري نه ڄاتو، ۽ رڳو تاڙين وڄائيندڙن ڏانهن شوخيءَ مان ڏٺائين. پر اپولٽ ڪرلووچ همتائجي ويو، انهيءَ کان اڳ ڪنهن به هن کي تاڙيون وڄائي داد نه ڏنو هو. هو ساري ڄمار ڪڏهن به ٻـُـڌو نه ويو هو، ۽ هاڻ اوچتو ساري روس جا ڪن کيس ٻـُـڌي رهيا هئا.
”نيٺ به ته هي ڪرامازوف ڪٽنب آهي ڇا، جنهن جي ساري روس اندر ايتري بدناموسي ٿي آهي؟“ هن تقرير جو سڳو سوريندي چيو. ”شايد مان وڌاءُ ڪري رهيو آهيان، پر مون کي لڳي ٿو ته اڄ جي پڙهيل لکيل طبقي جا ڪي بنيادي گڻ ان ڪٽنب جي تصوير ۾ جهلڪن ٿا. ها، البت ننڍي پئماني تي جيئن پاڻيءَ جي ڦڙي ۾سج جو اولڙو! اهو ناخوش،بدخصلت ۽ بي مهار پوڙهو، جيڪو ان ڪٽنب جو سرواڻ هو ۽ جنهنجو انت اهڙو درناڪ ٿيو، تنهن بابت سوچيو. وڏو گهراڻو پر ٻين تي بار، سو غير متوقع شاديءَ وسيلي چڱيرڙي ڌن جو مالڪ بڻجي ٿو وڃي. هو هڪ خسيس ٺڳ، چاپلوس، مشڪرو ۽ چڱيءَ پر اسريل ذهانت رکندڙ شخص هو، جيڪو وياج تي اوڌرن ڏيڻ جو ڌنڌو ڪري جيئن پوءِ شاهوڪار ۽ بي ڊپو ٿيندو ويو. هن جا هٿ جوڙ ۽ چاپلوسيءَ وارا پرڪار الوپ ٿي ويا ۽ رڳو ڪيني ۽ ٽوڪ واري ڪـَـلپُ وڃي رهيو. روحاني لحاظ کان هو پٺتي پيل هو، جڏهن ته منجهس جيئڻ جي سگهه بي حساب هئي، هن حياتيءَ ۾ سواءِ نفس پرستيءَ جي ڪجهه نٿي ڏٺو، ۽ پنهنجي اولاد کي به اِن ئي رنگ ۾ نپائي وڏو ڪيائين. هڪ پيءُ تي اولاد ڏانهن جيڪي جوابداريون عائل آهن، تن جو کيس ڪو احساس ئي ڪونه هو. هو انهن جوابدارين جو مذاق اڏائيندو هو. هن جا ننڍڙا ٻار نوڪرن بلي هئا، ۽ هو کانئن جان ڇٽڻ تي خوش هو، ۽ کين صفا وساري ڇڏيو هئائين. پوڙهي جو متو هو: مون کان پوءِ ڀلي ٻوڙان ٻوڙ ٿئي. هو شهري ذميواريءَ ۾ ڪوتاهيءَ جو سخت ۽ مريضاڻي خودغرضيءَ جو مثال هو. مان خوش هجان پوءِ ڀلي دنيا پئي سڙي رک ٿئي، مون کي پرواهه ناهي. ۽ هو خوش هو، راضي هو، ويهه ٽيهه ورهيه ٻيا به ساڳيءَ ريت جيئڻ جي سڌ هيس، هن پنهنجي پٽ کان کيس ماءُ کان ورثي مليل ڏوڪڙ ٺڳي ڪري ڦـُـري ورتا ۽ اهي پٽ جي سنگتياڻي کي ڌتارڻ جي بلي ڪيا. نه مان قيدي جي بچاءَ جي سموري ذميواري پنهنجي پيٽرسبرگ کان آيل وڪيل دوست تي ڇڏڻ نٿو چاهيان. مان اهو سچ پاڻ ئي چوندس. مان سمجهي سگهان ٿو ته هن پنهنجي پٽ جي دل ۾ پنهنجي خلاف ڪيتري ڪدورت سٿي ڇڏي هئي.
”ويچاري پوڙهي بابت بس ايترو ڪافي آهي، هو پنهنجو ڪيتو لوڙي چڪو آهي. اچو ته اهو ياد ڪريون ته هو پيءُ به هو، اڄ جي پيئرن جهڙو پيءُ، ڇا مان اهو چئي ناانصافي پيو ڪريان ته هو هاڻوڪي زماني جي پيئرن مان گهڻن جهڙو ئي هو؟ افسوس! منجهانئن گهڻا رڳو ان ڳالهه ۾ مختلف آهن ته هو کليو کلايو ڪلپ جو مظاهرو نٿا ڪن، ڇو ته هو وڌيڪ پڙهيل ۽ مهذب آهن، پر هنن جي سوچ بنيادي طرح اها ساڳئي آهي، جهڙي هن جي هئي. شايد مان نراس وادي آهيان، پر توهان مون کي معاف ڪرڻ قبولي چڪا آهيو. اچو ته اها ڳالهه اڳواٽ ئي مڃي وٺون ته توهان کي مون تي ويساهه ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. پر مون کي ڳالهائڻ ڏيندا. سو مون کي جيڪي چوڻو آهي، چوڻ ڏيو، ۽ منهنجو چيل ڪجهه نه ڪجهه ضرور ياد رکجو.“
”هاڻي ان ڪٽنب جي سرواڻ جي اولاد جي ڳالهه کڻجي. انهن مان هڪڙو قيديءَ جي صورت ۾ اسان جي سامهون موجود آهي: منهنجي باقي سڄي تقرير هن بابت ئي هوندي، ٻن ٻين جو مان رڳو سرسري ذڪر ئي ڪندس.
”انهن مان وڏو اڄ جي ٻين جوانن وانگر پڙهيل ڪڙهيل ۽ ذهين آهي. سندس ڪنهن شيءِ ويساهه نه رهيو آهي. هو پنهنجي پيءُ جيان اڳيئي گهڻو ڪجهه رد ڪري چڪو آهي. اسان سڀني هن کي ٻڌو آهي. هتان جي سوسائٽيءَ ۾ سندس آجيان ٿيندي هئي. هن پنهجا خيال ڪڏهن ڪونه لڪايا،ان ڪري مان پاڻ کي هن بابت هڪ فرد طور نه پر ڪرامازوف ڪٽنب جي ڀاتيءَ جي حيثيت ۾ ڪجهه کلي ڳالهائڻ ۾ حق بجانب ٿو سمجهان. جيڪو ٻيو شخص هن ڪيس سان ويجهو لاڳاپو رکندڙ هو، سو ڪالهه رات پنهنجي ئي هٿان مري چڪو آهي. منهنجي مراد ان آزاريل احمق سان آهي، جيڪو جيئري فيودور پاولووچ جو خاص نوڪر ۽ گهڻو ڪري سندس حرامي پٽ هو، يعني سميرڊياڪوف. شروعاتي پڇاڳاڇا ۾ هن مون کي اوڇنگارون ڏيندي ٻڌايو هو ته نوجوان ايون ڪرامازوف ڪيئن کيس پنهنجي روحاني گستاخيءَ سان ڊيڄاري ڇڏيو هو، هن جو چوڻ هو ته دنيا ۾ هر ڳالهه جائز آهي، ۽ آئنده ڪنهن به ڳالهه جي منع نه هئڻ کپي. هن مون کي سدائين اهو سيکاريو.“ منهنجي خيال ۾ هن احمق جي مٿي وڃائڻ ۾ ان نظريي جو وڏو هٿ هو، ايئن برابر آهي ته هن کي جيڪي مرگهيءَ جا دورا پوندا هئا، تن ۽ هن آفت پڻ سندس حواسن جي چوڙ آلوڙڻ ۾ هٿ ونڊايو هوندو، پر هن جي واتان هڪ ڏاڍو مزيدار گفتو نڪتو هو، جيڪو هوند ڪنهن وڌيڪ سياڻي ماڻهوءَ کي سونهين ها، ۽ مون ان ڪري ئي ان جو ذڪر ڪيو آهي: ”جيڪڏهن ڪو پٽ سڀني کان وڌيڪ فيودورپاولووچ جهڙو آهي ته اهو ايون ڪرامازوف آهي.“
ان گفتي سان مان سندس ڪردار جو خاڪو پورو ٿو ڪريان، ڇو ته وڌيڪ ڪجهه چوڻ اسڀاويڪ ٿيندو. اوهه! مان جوان جي آئيندي بابت ڪي وڌيڪ نتيجا ڪڍڻ ۽ ڪانءَ وانگر ٽان ٽان نٿو ڪرڻ گهران. اسان اٰڄ هن ڪورٽ ۾ مشاهدو ڪيو ته سندس جوان دل ۾ اڃا ڪي سٺا جذبا موجود آهن. هن جو هڏ اڃا ڪٽنب لاءِ ڪرڪي ٿو، ۽ ان جذبي کي سندس بيويساهي ۽ ڪلپ، جيڪي سندس پنهنجي خود مختيار سوچ جو نتيجو نه پر ورثي مليل وصف آهن، ختم نه ڪري سگهيا آهن.
”هاڻي اچو ٽئين ڀاءُ تي. هو ديندار ۽ حليم طبع جوان آهي، جيڪو پنهنجي وڏي ڀاءُ جي حياتيءَ بابت ٻـُـسي ۽ تباهه ڪندڙ نظريي ۾ ڀائيوار نه آهي. هن خلق جي خيالن، يا جيڪي ڏاهن جي ڪن حلقن ۾ ان نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو، تنهن سان چهٽيل رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو خانقاهه سان واڳيل رهيو، ۽ ذري گهٽ راهب ٿيڻ وارو هو. مون کي لڳي ٿو ته هن ان ڊنل نراسائيءَ کي، بنا ارادي جي، دغا ڏني آهي، جيڪا اسان جي ڏکويل سماج جي ڪيترن ئي ماڻهن جي رهبري ڪري ٿي، اهي ماڻهو ڪلپ ۽ ان جي کاريندڙ اثرات کان ٽهندا آهن ۽ سڄي شرارت جو ذميوار يورپ جي روشن خياليءَ کي سمجهڻ جي غلطي ڪندا آهن. اها نراسائي کين سندن اباڻي مٽيءَ ڏانهن يا جيئن هو پاڻ چوندا آهن، ڌرتي ماءُ جي، ائين کڻي چئجي، ڇاتيءَ ڏانهن موٽائي وٺي ويندي آهي. جن جهور ماءُ جي سڪي ويل اُرهن تي هو ڊنل ٻارن وانگر ننڊ پئجڻ ۽ هميشه لاءِ سمهي رهڻ جي سڌ ڪندا آهن، ته جيئن انهن ڏهڪائن کان پاڻ بچائن جيڪي ڊيڄاريندا رهندا اٿن.“
”منهنجي دعا آهي ته اهو شاندار جوان هر ڪا ڪاميابي ماڻي: شل سندس جوانن وارو آدرشواد ۽ خلق جي خيالن ڏانهن لاڙو پئوڻا پئجي، جيئن اڪثر ڪري ٿيندو آهي، اخلاقي لحاظ کان ٻـُـسي تصوف ۽ سياسي لحاظ کان انڌي وطن پرستيءَ ۾ نه مٽجي وڃن. اهي ٻه عناصر روس لاءِ وڏو خطرو آهن، تنهن خطري کان وڌيڪ جيڪو يورپي خيالن کي غلط سمجهڻ ۽ بيفائدي اختيار ڪرڻ سبب، ان کي وقت کان اڳ زوال جي صورت ۾ درپيش آهي ۽ جنهن زوال جو شڪار وڏو ڀاڻس ٿي چڪو آهي.“
وطن ۽ تصوف پرستيءَ جي ذڪر تي ٻن ٽن ماڻهن تاڙيون وڄايون. اپولٽ ڪرلووچ پاڻ پنهنجي خوشڪلاميءَ جي وهڪري ۾ وهي ويو هو. جيڪي هن هن وقت تائين چيو هو، تنهن جو هلندڙ ڪيس سان خير ڪو واسطو هو، ۽ اهو ڪي قدر اڻچٽو به هو: پر هن بيمار ۽ سلهه ۾ ورتل همراهه تي حياتيءَ ۾ هڪڙو ڀيرو پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جي خواهش جو غلبو هو. ماڻهن پوءِ چيو ته هن ايون تي جا نڪته چيني ڪئي هئي، تنهن جا ڪي ٻيا اجوڳا سبب هئا، ڇو جو ايون هڪ ٻه ڀيرا کانئس بحث ۾ کٽيو هو، ۽ اپولٽ ڪرلووچ هاڻ اهو ياد ڪندي بدلو وٺڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر مون کي ان انومان جي سچ هجڻ جي خبر ڪانهي. بهرحال اهو سڀ رڳو تعارفي نوعيت جو هو، ۽ پوءِ واري تقرير سڌيءَ طرح ڪيس سان لاڳاپيل مامرن بابت هئي.
”پر هاڻي سڀني کان وڏي ڀاءُ ڏانهن موٽون ٿا.“ اپولٽ ڪرلووچ ڳالهائڻ جاري رکيو. ”اهو ڀاءُ اسان جي آڏو قيديءَ جي شڪل ۾ موجود آهي. سندس سماجي جيوت ۽ ڪرت پڻ سامهون آهن. موتمار ڏينهن اچي ويو آهي، ۽ هر ڳالهه مٿاڇري تي اچي چڪي آهي. جتي سندس ڀائر يورپيت ۽ خلق جي خيالن جي نمائندگي ڪندا نظر اچن ٿا، اتي هيءَ رشيا(1) جي جيئن اها آهي، نمائندگي ڪندو نظر اچي ٿو. اوهه، پر ساري رشيا جي نه، ساري رشيا جي نه! ائين هجي ته رب اسان جي حفاظت ڪري! هوءَ، اسان جي امڙ رشيا، پنهنجي بوءِ ۽ آواز سوڌي اسان وٽ هت آهي. هو پاڻ - مهاڙو آهي. نيڪيءَ ۽ بديءَ جو حيرت انگيز ميلاپ آهي، تهذيب ۽ شلر (2) جو چاهيندڙ آهي، تڏهن به گتن ۾ ڌمچر مچائي ٿو ۽ پنهنجن گهاٽن يارن جي ڏاڙهين جا وار پٽي ٿو. ۽ ها، هو سٺو ۽ وڙائتو به آهي، پر تڏهن جڏهن ساڻس سڀڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هجي. اتم آدرش کيس اتساهيندا، تمام گهڻو اتساهيندا آهن، پر تڏهن جڏهن اهي پنهنجو پاڻ اچن، تڏهن جڏهن اهي آسمان مان ڪرن، تڏهن جڏهن انهن لاءِ ڏوڪڙ نه ڏيڻا پون، کيس ڏوڪڙ ڏيڻ ڪو نه وڻي، پر وٺڻ جو وڏو شوق اٿس. هو هر معاملي ۾ ائين آهي. هن کي هر ڪا شئي کپي (ان کان گهٽ تي راضي نه ٿيندو) ۽ سندس واٽ ۾ ڪائي رنڊڪ نه وجهو ته هو به وڙائتو ٿي ڏيکاريندو. هو لالچي ناهي، بنهه نه: پر کيس ڏوڪڙ کپن، چڱا چوکا ڏوڪڙ، ۽ توهان ڏسندا ته هو اهي سڀ ڪيتري نه درياهه دليءَ سان، انهيءَ ڪني بڇڙي شئي کي ڪيتري نه حقارت سان، هڪڙي رات جي الوٽ عياشيءَ ۾ اُڏائي ڇڏي ٿو. پر جي ڏوڪڙ نه هوندس ته اهي ڏاڍي گهرج مهل هٿ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. پر اهو سڀ پوءِ: اچو ته واقعن کي ترتيب وار وٺون.
”پهرين پهرين اسان آڏو هڪڙو ويچارو نڌڻڪو ٻار آهي، جيڪو پوئين اڱڻ ۾، جيئن افسوس ته اسان جي پرڏيهه کان آيل لائق هموطن هينئر هينئر چيو، پيرين اگهاڙو ڊوڙندو ٿو وتي. مان وري چوان ٿو ته مان ڏوهيءَ جي بچاءَ ۾ اڳڀرو رهندس. مان هت کيس ڏوهه ڏيڻ لاءِ آهيان ۽ سندس بچاءَ لاءِ پڻ. ها، مان پڻ انسان آهيان، مان پڻ سڀاءَ تي، ڪردار تي، گهر ۽ ٻاروتڻ جي اثر جي ساڃهه رکي سگهان ٿو. پر ٻار وڏو ٿي آفيسر ٿئي ٿو، غيرت وگهي دوبدو لڙائيءَ ۽ ٻي ڪڌي ڪرت تان روسي سرحد وٽ هڪڙي ڏورانهين ڳوٺ ڏانهن تڙيو وڃي ٿو. اتي آفيسر جي حيثيت ۾ ڇڙواڳ حياتي گذاري ٿو. ۽ ها، کيس ڏوڪڙ کپن، سڀني کان اڳ ڏوڪڙ، سو وڏي هڻ هڻان کانپوءِ پيءُ سان نبيرو ڪري ٿو، ۽ پڇاڙيءَ وارا ڇهه هزار کيس اُماڻيا وڃن ٿا. اهڙو خط موجود آهي، جنهن ۾ هن عملي طرح باقي حساب ڪتاب تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، ۽ انهن ڇهن هزارن ملڻ تي پيءُ سان ورثي جي معاملي ۾ تڪرار نبيري ڇڏيو آهي.
”پوءِ اچي ٿي هن جي هڪ اعليٰ ڪردار رکندڙ ۽ عاليشان تعليم ورتل جوان ڇوڪريءَ سان ملاقات. نه نه مان تفصيل ۾ ڪو نه ويندس، جو توهان اهو ساجهر ٻڌي چڪا آهيو. ان ۾ اڀمان ۽ پاڻ گهورڻ جو ذڪر به آيو هو، سو مان چپ رهندس. هڪ هلڪڙي ۽ لچي آفيسر جو سچي عالي ظرفيءَ ۽ اتم آدرش کي مان ڏيڻ همدرداڻي روشنيءَ ۾ ڏيکاريو ويو. پر سـُـتت پوءِ هن ئي ڪورٽ ۾ اسان تمغي جو ٻيو پاسو ڏٺو. مان وري به انهيءَ اندازي لڳائڻ جي ڪوشش آدم نه ڪندس ته ائين ڇو ٿيو، پر ان جا سبب هئا. ساڳي خاتون، گهڻي وقت کان پيتل ڪاوڙ جا ڳوڙها ڳاڙيندي، تهمت رکي ته ٻئي ڪنهن نه پر هن شخص ئي کيس سندس عمل تان تڇ ڄاتو هو، جيڪو عمل غير محتاط ۽ شايد لاپرواهه هوندي به اتم ۽ وڙائتي مقصد سان ڪيل هو. هن، هن پنهنجيءَ مڱ کي اهڙي ته ٺٺول ڪندڙ مرڪ سان ڏٺو هو، جو اها ڪنهن ٻئي جي نه پر هن جي هئڻ ڪري ڏاڍي اڻسهائيندڙ هئي، ۽ اهو ڄاڻندي به کيس اڳيئي دوکو ڏيئي چڪو هو (هن کيس دوکو ڏنو هو جو کيس ويساهه هو ته هوءَ سندس هر ڳالهه، ويندي دغا به، سهي ويندي)، کيس ڄاڻي واڻي ٽي هزار روبل آڇيا، ۽ کيس چٽيءَ طرح، حد کان وڌيڪ چٽيءَ طرح، اشارو ڏنو هو ته هوءَ ڏوڪڙ ڏيئي رهي هئي ته ڀلي کيس دوکو ڏي: چئو، وٺين ٿو يا نه، ڪو شرم حيا به اٿئي يا نه؟ سندس ڦولهيندڙ اکين ۾ اهو گونگو سوال هو. هن ڏانهس نهاريو،صاف ڏٺائين ته سندس ذهن ۾ ڇا هو (هن پاڻ هت اوهان جي اڳيان مڃيو آهي ته سڀ سمجهيائين ٿي) پوءِ به هن اهي ٽئي هزار بنا ڪنهن شرط جي ورتا، ۽ پنهنجي نئين پرينءَ سان گڏجي ٻن ڏينهن ۾ اُڏائي ڇڏيا.“
”پوءِ اسان ڇا وسهون؟ تنهن جوان آفيسر جي ڏند ڪٿا، جنهن سخاوت جي اتم جوش ۾ پنهنجي پڇاڙڪي پونجي به قربان ڪري ڇڏي ۽ ڪنهن پوتيءَ پاڪ جو سنمان ڪيو، يا هيءَ بڇان ڏياريندڙ رُخ؟ قاعدي موجب، ٻن ڇيهن جو وِچُ وٺبو آهي. پر موجوده مامري ۾ اهو صحيح نه ٿيندو. امڪان اهو آهي ته هـُـو پهرين عمل ۾ به سچو اُتم هو، ۽ ٻئي ۾ به تيترو ئي سچو نيچ هو، ۽ ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هـُـو ٿـُـلهي ليکي ڪرامازوف سـُـڀاءُ وارو-- ۽ مان اِهو ٻـُـڌائڻ چاهيان ٿو-- هو، يعني چوٽيءَ تي پهچڻ جوڳو به ۽ تري ۾ ڪرڻ جوڳو به هو. هڪ اهڙي جـُـوان جو تـُـز گفتو ياد ڏياريانوَ ٿو، جنهن ڪرامازوف ڪٽنب جو ويجهائيءَ کان مشاهدو ڪيو آهي، يعني مسٽر رَڪيتـِـن: اِنهن بيپرواهه ۽ اواڳ سـُـڀاءَ وارن لاءِ سندن بيمانائيءَ جو احساس به ايترو ئي لازمي آهي، جيتروڪ وڏ- وڙائپ جو، اِهو بلڪل صحيح آهي، کين اهو غير فطري گاڏوڙ لڳاتار گهرجي. هڪ ئي وقت ٻئي ڇيهه، نه ته هـُـو ڏجهارا ۽ غير مطمئن رهندا ۽ سندن جيوت اڻپوري. هـُـو وسيع آهن، اهڙا وسيع جهڙي امڙ رشيا، هـُـو هر شيءِ پاڻ ۾ سمائن ٿا، ۽ هر شيءِ سان نڀاءُ ڪن ٿا.
”جيوريءَ جا صاحبو، جيئن ته ٽن هزار روبلن جي ڳالهه نڪتي آهي، سو مان ٿوري اڳ-ڪٿ جو جتن ڪندس. ڇا توهان سوچي سگهو ٿا ته هن جهڙو ماڻهو، جنهن اِها رقم اهڙي نموني، ايترو بيعزت، ايترو بيمانو ۽ ايترو ذليل ٿي هٿ ڪئي هجي، سو اُن جو اڌ ساڳي ڏينهن الڳ ڪري، هڪ ننڍڙي ڳوٿريءَ ۾ سـِـبي، سڄو سارو مهينو پاڻ سان کڻي هليو هوندو، ۽ هزار هرکجڻ ۽ لوڙ جي باوجود اها ڳوٿري نه کولي هوندائين، تڏهن به نه جڏهن گتن اندر پيالا چاڙهي عياشي ٿي ڪيائين ۽ تڏهن به نه، جڏهن پنهنجي پريتما کي پنهنجي پيءُ جي چڙهت کان پري وٺي وڃڻ ڪاڻ ضرور گهربل رقم خدا ڄاڻي ڪنهن کان وٺڻ لاءِ ڳوٺ ڀڳو هوندو؟ آخر ڇو، جڏهن ته هو ڳوٿري کولي ان ۾ پيل رقم سان پنهنجي پريتما کي رقيب کان بچائي ٿي سگهيو، رقيب به اهو، جنهن کان هو سخت بدگمان هو. ائين ڪري ها ته کيس ڏوڪڙ هٿ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ نه وڃڻو پوي ها، ۽ هو گهر ۾ رهي پريتما جي چوڪسي رکي سگهي ها- تيستائين، جيستائين هوءَ کيس چوي ها، ”مان تنهنجي آهيان.“ ۽ هو کيس وٺي اهڙي موتمار ماحول کان تمام پري هليو وڃي ها.“
”نه، هن پنهنجي اِن ڪرشماتي ڳوٿريءَ کي هٿ نه لاتو، ۽ ائين ڪرڻ جو سبب ڪهڙو ٿو ٻـُـڌائي؟ مکيه سبب، جيئن مون هينئر هينئر چيو، هيءُ هو ته جڏهن هوءَ چوي ’مان تنهنجي آهيان، مون کي جيڏانهن وڻئي تيڏانهن وٺي هل،‘ تڏهن وٽس کيس وٺي وڃڻ سارو خرچ پکو هجي. پر قيديءَ جا پنهنجا لفظ آهن ته اِهو پهريون سبب ايترو وزن وارو نه هو، جيتروڪ ٻيو. هن جو چوڻ آهي ته جيستائين اِها رقم وٽس هوندي، تيستائين هو چور نه پر بدمعاش رهندو، ڇوته هـُـو جڏهن چاهي، پنهنجي هـَـٿ ڪيل مـَـڱ وٽ وڃي سگهي ٿو ۽ کانئس ٺڳيءَ سان ورتل رقم جو اڌ سندس آڏو پـَـٽ تي رکي چئي سگهي ٿو، ”مون تو وارا اڌ ڏوڪڙ کپائي ڇڏيا آهن، ۽ ڏيکاريو اٿم ته مان ڪمزور، ۽ بدڪردار ماڻهو ۽ بيشڪ بدمعاش آهيان. (خيال رهي ته مان قيديءَ جا پنهنجا لفظ پيو ورجايا). بدمعاش برابر آهيان، پر چور ناهيان. هيءَ اڌ رقم به موٽائڻ نه اچان ها ۽ جيئن باقي اڌ کنئي اٿم، تيئن هيءَ به کڻي ڇڏيان ها!’ زبردست وضاحت! هيءُ مست پر ڪمزور شخص، جيڪو ٽي هزار روبل ايتري بيعزتيءَ سان وٺڻ تي هرکجي ويو هو، ان ساڳي ماڻهوءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو ايتري نرموهي پختائي اچي ٿي وڃي جو هو هزار روبل پاڻ سان گهمائيندو رهي ٿو، پر انهن کي ڇـُـهڻ جو ست نٿو ساري. جنهن سڀاءَ جو اسان ڇيد ڪري رهيا آهيون، ڇا هيءُ ان سان پورو پورو ٺهڪي اچي ٿو؟ نه، ۽ مان توهان کي اهو ٻڌائڻ جو جتن ڪندس ته جيڪڏهن اصل دِمتري ڪرامازوف پاڻ کي ڏوڪڙ سنڀالي رکڻ تي آمادو ڪري ها ته هو انهن حالتن ۾ ڇا ڪري ها.“
”پهرين هـِـرکاءَ تي: مثال طور، جنهن عورت جي سنگت ۾ هن اڌ رقم اڳيئي اُڏائي ڇڏي هـُـئي، تنهن جي وندر ورونهن ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ هـُـو ڳوٿري کولي سئو جو نوٽ ڪڍي ها، ڇوته جهڙي اڌ رقم يعني پنڌرهن سو روبل موٽائڻا، تهڙا چوڏهن سئو ڇو نه؟ هـُـو تڏهن به اهوئي چئي پئي سگهيو ته هـُـو چور ناهي ڇوته چوڏهن سئو روبل آندا اٿائين. ٻئي ڀيري وري هو ڳوٿري کولي ها، ٻيو سئو جو نوٽ ڪڍي ها ۽ ٽين ڀيري به، ۽ چوٿين ڀيري به، تان جو باقي وڃي هڪڙو سئو رهي ها ۽ سوچي ها ته رڳو هڪ سئو موٽائڻ به ڪم اچي سگهي ٿو، ڇوته چور ته سڄي جي سڄي روڪڙ چورائيندو، ۽ پوءِ هو سئو جي انهيءَ پوئين نوٽ کي ڏسي پنهنجي منهن چوي ها، ’رڳو سؤ موٽائي ڏيڻ ٺهي نٿو، چڱو آ ته اِهو پڻ کپائي ڇڏيان!‘ جنهن اصل دمتري ڪرامازوف کان اسان واقف آهيون. سو بلڪل ائين ڪري ها. ان ننڍڙي ڳوٿريءَ جي ڏند ڪٿا کان وڌيڪ حقيقت سان نه ٺهڪندڙ ڳالهه جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. ان کان وڌيڪ تصور کان ٻاهر ڪجهه ٿي ئي نٿو سگهي. پر ان ڳالهه جو ذڪر اڳتي هلي ٿيندو.“
ڪاروائيءَ دوران پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ مالي لاڳاپن بابت جيڪو ظاهر ٿيو هو، تنهن جو سرسري ذڪر ڪندي، اپولٽ ڪرلووچ وري وري اِهو نڪتو اُٿاريو ته معلوم حقيقتن جي آڌار تي اهو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي ته ڪير غلطيءَ تي هو. تنهن کان پوءِ هـُـو مـِـتيا جي مغز ۾ ويٺل انهيءَ خيال ته هـُـن پيءُ کان ٽي هزار لهڻا هـُـئا، تنهن بابت ڊاڪٽرن جي ساک تي آيو.
____________
(1) Cynicism: انساني فطرت لاءِ حقارت ۽ بيشڪ گمان (س ن ح)
(1) هئملٽ، ڊينمارڪ جو شهزادو، نالي شيڪسپيئر جي ناٽڪ جو سورمو.
(1) مراد آهي گوگل (انگريزيءَ ترجمي جو فٽنوٽ) ان روسي ناول نگار جو سڄو نالو نڪولائي وئسيليوچ گوگل ۽ زمانو 52 - 1809 هو.
(2) Troika: روسي بگي، جنهن کي ٽئي گهوڙا ڪلهو ڪلهي سان ڪري ڇڪيندا هئا (س ن ح)
(1) سنڌيءَ ۾ روس مذڪر آهي. جيئن ته ان پئرا ۾ ان کي امـِـڙ سڏيو ويو آهي، ان ڪري هت ملڪ جو انگريزي نالو Russia يعني رشيا، جيڪو مؤنث آهي، ڏنو ويو آهي (س ن ح)
(2) جوهان ڪرسٽوف فريڊرخ وان شلر (1805-1759ع: جرمن ناٽڪ نويس، غنائي شاعر ۽ تاريخ نويس. (س ن ح)