باب ٽيون: هڪ روح جا تـَـاثر: پهريون دردِ دل
”مان بيگناهه آهيان، مان هن رت هارڻ جو ڏوهاري نه آهيان. مان پنهنجي پيءُ کي خون نه ڪيو آهي ..... مان کيس ملڻ گهريو ٿي، پر مان اُن کي مارڻ جو گنهگار نه آهيان. ها، مان نه آهيان.“
اَڃا هن مشڪل سان پنهنجي لفظن کي پورو ڪيو هو، ته گروشينڪا پرَدي جي پويان ڊوڙندي آئي ۽ پاڻ کي پوليس ڪپتان جي پيرن تي اُڇلائي ڇڏيائين.
هـُـن دل ڀـِـڄائيندڙ آواز ۾، ڳوڙها وَهائيندي، هٿ ٻـَـڌي، کين چيو ته، ”اِها منهنجي غلطي آهي، منهنجي! منهنجي بڇڙائي. هن هيءُ سڀڪجهه منهنجي ئي ذريعي ڪيو آهي. مان کيس عذاب ڏئي. اِنهيءَ پاسي ڏي تڙي ڇڏيو هو. مان اُن غريب پوڙهي کي به عذاب ڏنا، جو هاڻي مري ويو آهي. اِها منهنجي بڇڙائي هئي، جو مان کيس اِن حالت تي پهچايو! اِها منهنجي غلطي آهي، پهريائين منهنجي ۽ نهايت بدترين غلطي!“
”هائو، اِها تنهنجي غلطي هئي. تون مـُـک ڏوهاري آهين. تون خطرناڪ، بدپيشه آهين ۽ تنهنجي مٿان ئي اِهو الزام آهي.“ پوليس ڪپتان وڏي آواز ۾، کيس هٿ سان دٻائيندي چيو.
پر اُن کي روڪيو ويو ۽ خاموش ڪيو ويو. پراسيڪيوٽر، سندس هٿ کي ورتو ۽ چيائين، ته هيءَ مهل نه آهي. اوهان ته تحقيقات کي خراب ٿا ڪريو ...... توهان ته مقدمي ۾ خلل ٿا پيدا ڪريو.
نڪولاءِ پارفينوويچ، خوف ۽ جوش مان رڙ ڪري چيو، ته ”دستور موجب ڪم کي اُڪلايو، جيئن هميشھ ڪيو ويندو آهي. ٻي حالت ۾ معاملو مشڪل ٿي پوندو.“
گروشينڪا نهايت بي چينيءَ ۾ کيس دانهن ڪري چيو، ته ”اَسان ٻنهي کي گڏجي سزا ڏيو. جيڪڏهن، هن کي ڦاهيءَ تي وڃڻو هوندو، ته مان به هن سان گڏجي وينديس.“ هوءَ اَڃا به گوڏن ڀر هئي.
”گروشينڪا منهنجي زندگي، منهنجو خون ۽ مون لاءِ مقدس شيءِ!“ مـِـتيا به اُن جي ڀرسان، نڪولاءِ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ گروشينڪا کي پنهنجي آغوش ۾ مضبوطيءَ سان جهلي ورتائين. زورسان چوڻ لڳو ته ”هيءَ ڪنهن به ڳالهه جي ڏوهاري نه آهي. ڪنهن به رتوڇاڻ جي يا ڪنهن ٻي شيءِ جي.“
کيس پوءِ ياد ٿي آيو، ته کيس ڪيترن ئي ماڻهن، زور سان گروشينڪا کان جدا ڪيو هو ۽ اُن کي اُتان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. هو جڏهن هوش ۾ آيو، ته پاڻ کي ڏٺائين، ته هـُـو ميز جي سامهون ويٺو آهي. پنهنجي ڀرسان ۽ پويان ڪيترن ماڻهن کي بيٺل ڏٺائين ۽ جن کي هٿن ۾ فولادي زنجيرون هيون. ميز جي ٻي پاسي نڪولاءِ پارفينوويچ، جاچ ڪندڙ وڪيل ويٺو هو. هـُـو مٿس زور آڻي رَهيو هو، ته هو ميز تي رکيل گلاس مان پاڻي کي پيئي.
”هي توکي تازگي ڏيندو ۽ آرام. ڪوبه خوف نه ڪر.“ هـُـن بيحد مروت سان کيس چيو. مـِـتيا (جيئن هـُـن پوءِ ٻـُـڌايو ٿي) اوچتو سندس هٿ ۾ پيل مـُـنڊين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. جن مان هڪ ۾ ياقوت جي ٽـِـڪَ هئي ۽ ٻيءَ ۾ هڪ زرد قيمتي پٿر. ٻنهي ۾ عجيب چـَـمڪ هئي. گهڻي وقت کانپوءِ، کيس عجب مان ياد آيو ٿي، ته اِنهن ٻن منڊين، ڪهڙيءَ ريت، انهي خطرناڪ جاچ جي وقت ۾، سندس ڌيان کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو هو. اِنهن جو مٿس ايڏو ته اَثر هو، جو هـُـو اُنهن مان پنهنجون اکيون نه ڪڍي سگهيو ۽ سمورو وقت اُنهن ۾ اَٽڪيو رَهيو. ڳالهه سندس منهن تي نه ٿي پيئي. مـِـتيا جي کاٻي پاسي ئي، اُن ساڳي جاءِ تي، جتي اڳ مڪزيموف ويٺو هو، هاڻي پراسيڪيوٽر ويٺو هو. سندس ساڄي طرف، جتي گروشينڪا ويٺي هئي، هاڻي هڪ گلابي ڳلن وارو نينگر ويٺو هو، جنهن کي پراڻو شڪاري لباس پيل هو ۽ سندس اڳيان مس ۽ قلم رکيو هو. هيءُ جاچ ڪندڙ وڪيل جو منشي هو، جنهن کي هـُـن پاڻ سان آندو هو. پوليس ڪپتان هاڻي ڪمري جي پوئين دريءَ وٽ بيٺو هو ۽ سندس ڀرسان ڪلنگوف ويٺو هو.
جاچ ڪندڙ وڪيل، کيس نرمائيءَ سان چيو ته ”ڪجهه پاڻي پيءُ.“ هيءُ کيس ڏهون ڀيرو هو، جو هن کي پاڻيءَ پيئڻ جي دعوت ڏئي رهيو هو.
”مان پاڻي پيتو آهي عزيز، ..... ها، مان پيتو آهي ...... پر ..... اڄ جناب مون کي سزا ڏي ۽ مهٽي ڇڏ .... منهنجي قسمت جو فيصلو ڪر!“ مـِـتيا واڪو ڪري چيو، ته سندس اکيون خوفناڪ طرح سان کليل هيون ۽ هـُـو جاچ ڪندڙ وڪيل کي چـِـتائي ڏسي رهيو هو.
”ها تڏهن تون پـَـڪ سان ظاهر ٿو ڪرين، ته تون پنهنجي پيءُ جو قاتل نه آهين؟“ جاچ ڪندڙ وڪيل، زور ڏيندي، نرمائيءَ سان کانئس پڇيو.
”مان ڏوهي نه آهيان، پر مان هڪ ٻئي پوڙهي ماڻهوءَ جي خون جو ذميوار آهيان، پنهنجي پيءُ جو نه آهيان. جنهن لاءِ مان ڳوڙها ٿو ڳاڙيان! مان اُن کي ماريو آهي، مان اُن کي ماريو آهي ۽ اُن کي زمين تي ڪيرايو آهي، پر مان ٻئي خون جي بابت ڪجهه به ٻڌائي نه ٿو سگهان. اِهو هڪ خوفناڪ قتل آهي، جنهن جو مان گنهگار نه آهيان، پر ڪنهن منهنجي پيءُ کي ماريو؟ جيڪڏهن مان، نه ته ٻيو ڪير هن کي ماري سگهي ٿو؟ هيءَ عجيب، غير معمولي ۽ اَڻ ٿيڻي حقيقت آهي.“
”هائو، هن کي ڪير ماريندو؟“ جاچ ڪندڙ وڪيل، پنهنجي جواب کي شروع ڪيو، پر پراسيڪيوٽر ائپولٽ ڪيريلووچ، کيس نهاريندي مـِـتيا کي چيو ته:
”توکي پوڙهي ملازم گريگري ويسيلوويچ بابت انتظار ڪرڻ نه کپي. هـُـو جيئرو آهي ۽ هوش ۾ آهي. باوجود کيس سخت ڌڪ لڳو هو، جيئن هن پنهنجي زباني ڏني آهي ۽ تون به اِيئن ٿو، چوين، هـُـو موت کان بچي ويو آهي ۽ جيئرو رهندو. ڊاڪٽر جي اِها راءِ آهي.“
”جيئرو! هـُـو جيئرو آهي.“ مـِـتيا هٿن کي مهٽيندي زور سان چيو. سندس چهرو چمڪڻ لڳو. خدايا! مان سندءِ هن اعجاز لاءِ شڪرانو اَدا ڪريان ٿو، جو تو مون جهڙي بدسيرت ۽ گنهگار کي نوازيو آهي. هيءُ منهنجي دعا جو اَثر آهي، مان سڄي رات دعائون گهرندو رهيو هوس. هن پوءِ پنهنجي مٿان صليب جون ٽي ڀيرا نشانيون ڪڍيون. هـُـو سچ پچ خوشيءَ کان ساهه نه ٿي کڻي سگهيو.
”ها، ته اِنهيءَ گريگري کان، اَسان کي تنهنجي بابت ضروري ثابتيون مليون آهن، ته تون ......“ پراسيڪيوٽر اَڃابه سلسلي سان ڳالهائي ها، پر مـِـتيا اوچتو، ڪرسيءَ تان ٽپو ڏيئي اُٿيو.
”خدا جي واسطي هڪ منٽ شريف انسان! فقط هڪ منٽ، مان هن تائين وڃڻ گهران ٿو.“
”هن وقت مون کي معاف ڪر، اِيئن ٿي نه سگهندو.“ نڪولاءِ پارفينووچ، ڄڻ ته رڙ ڪرڻ چاهي. هـُـو پڻ ٽپو ڏيئي اُٿي بيٺو. مـِـتيا کي اُن ماڻهوءَ جهلي ورتو، جنهن کي هٿڪڙيون لڳل هيون، پر هو، پنهنجو پاڻ ويهي رهيو ......
”شريف انسان! ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي. مان ته هن کي فقط هڪ منٽ ڏسڻ ٿي گهريو، مان کيس ٻڌائڻ ٿي چاهيو، ته اُهو سڀ رَتُ ڌوپي ويو ۽ گم ٿي ويو، جو سڄيءَ رات منهنجي دل تي بار هو. مان هاڻي خوني نه آهيان! شريف انسان، هوءَ منهنجي مڱيندي آهي.“ هن سڀني ڏي چوڌاري نهاريندي متانت ۾ عزت سان چيو. ”مان تنهنجو بيحد شڪرگذار آهيان شريف انسان! تو، هڪ منٽ ۾ مون کي نئين زندگي ڏئي ڇڏي آهي ..... اِهو پوڙهو انسان، مون کي ڀاڪر ۾ کڻي گهمائيندو هو. مان جڏهن ٽن ورهين جو ننڍڙو ٻار هوس، تڏهن هـُـو ٽب ۾ مون کي وهنجاريندو هو. هيءُ مون کي پنهنجي پيءُ وانگر هو.“
”اُنڪري تون .....“ جاچ ڪندڙ وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”شريف انسان! مون کي هڪ منٽ وڌيڪ مهلت ڏي.“ مـِـتيا کيس وچ ۾ روڪيندي چيو. هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي رکي ۽ ٻنهي هٿن سان منهن کي ڍَڪي ڇڏيو. ”شريف انسان! مون کي هڪ گهڙي خيال ڪرڻ ڏئي ۽ چڱيءَ ريت ساهه کڻڻ ڏئي. هيءُ سڀ ڪجهه جو ٿي رهيو آهي، نهايت پريشان ڪندڙ آهي، شريف انسان! ماڻهو دهل ته ڪين آهي!“
”ٿورو پاڻي وڌيڪ پيءُ.“ نڪولاءِ پارفينوويچ، کيس آهستي چيو. مـِـتيا، پنهنجي چهري تان هٿ کڻي ورتا ۽ ٿورو مـُـرڪيو. سندس اکين مان اطمينان ظاهر ٿيڻ لڳو. هـُـو ڄڻ، ته هڪ گهڙيءَ ۾ بلڪل بدلجي چـُـڪو هو. سندس سڄو انتظار ختم ٿي ويو هو. هيءُ هاڻي ٻيهر، اِنهن ماڻهن جهڙو ئي هو، هنن سان سندس واقفيت به هئي. هـُـو هڪ ڏينهن اڳ ۾، جڏهن ڪجهه به نه ٿيو هو، ساڻن هڪ مقامي مجلس ۾ گڏ هو. هيءَ حقيقت ٻڌائيندي، اَسان کي ياد رکڻ کپي، ته پوليس ڪپتان جي پهريائين اَچڻ تي، هن دل کولي سندس مرحبا ڪئي هئي، پر پوءِ آخري مهيني جي وچ ۾ خاص طرح مـِـتيا کي ڪڏهن به نه سڏيو هئائين، پر جڏهن هـُـو ٻئي اتفاقاََ گهٽيءَ ۾ ملي ٿي ويا، ته مـِـتيا کيس منهن ۾ گهنج وجهندي ٿي ڏٺو ۽ هن فقط ظاهرداريءَ جي لياقت جي مدنظر سلام ٿي ڪيو. سندس پراسيڪيوٽر سان واقفيت ايتري گهـَـري نه هئي. جيتوڻيڪ هيءُ سندس زال، سان جا هڪ مزيدار ۽ ڪمزور فطرت جي مالڪـ$$$ هئي، مروت جي باعث ملاقاتون ڪندو هو، پر کيس اِها خبر نه پوندي هئي، ته اِيئن ڇو ڪـَـري رهيو آهي. هوءَ ساڻس هميشھ وڏيءَ حـُـب مان ملندي هئي. معلوم ٿو ٿئي، ته هوءَ ڪنهن سبب جي ڪري، آخر تائين، هن ۾ دلچسپي وٺندي رَهي. وٽس جاچ ڪندڙ وڪيل جي ملڻ لاءِ ڪو وقت ڪونه هو، جيتوڻيڪ هـُـو، ساڻس ٻه دفعا اڳ ۾ ملي چـُـڪو هو، ۽ پاڻ ۾ عورتن جي باري ۾ گفتگو به ڪئي هئائون.
مـِـتيا مـُـرڪندي کيس چيو، ته ”تون نهايت شائسته وڪيل آهين، نڪولاءِ پارفينوويچ! مان هاڻي تنهنجي مدد ڪندس. شريف انسان! مان هاڻي پاڻ کي بلڪل نئون انسان ٿو سمجهان. مان توکي جيڪو سادگيءَ ۽ سڌيءَ طرح سان خطاب ڪري رهيو آهيان، اُن تي ناراض به نه ٿجانءِ. مان شراب به پيتو آهي ۽ اِها ڳالهه مان توسان بلڪل صاف طرح ڪري رهيو آهيان. نڪولاءِ پارفينووچ، مان سمجهان ٿو، ته پنهنجي عزيز ميوسوف وٽ، مان اوهان سان مليو آهيان. شريف انسان! شريف انسان! تون اِيئن نه ڄاڻ ته مان ڪو توسان برابريءَ جو ڍونگ ڏيکاري رَهيو آهيان. مان چڱيءَ ريت سمجهان ٿو، ته ڪهڙي سلسلي ۾ مان تو وٽ ويٺو آهيان. بيشڪ منهنجي لاءِ خطرناڪ شڪ موجود آهي .... جو مون کي تڪليف ڏيئي رهيو آهي .... جڏهن گريگري اِهڙي ثابتي ڏيئي چـُـڪو آهي .... نهايت خطرناڪ گناهه، مان سمجهان ٿو، اُهو نهايت ڀوائتو آهي، ڀوائتو. پر شريف انسانو! مان چاهيان ٿو، ته هن سڄي معاملي کي اسان گهڙيءَ ۾ پورو ڪري ڇڏيون. شريف انسانو! ڌيان ڏيئي ٻڌو، مان ڄاڻان ٿو، ته مان معصوم آهيان. اُن ڪري اسان کي هـِـن معاملي کي هڪ گهڙيءَ ۾ پورو ڪرڻ گهرجي. ڇا اسان اِيئن نه ٿا ڪري سگهون؟ “
مـِـتيا، گهڻو تڪڙو، بي چينيءَ ڀريو ۽ منجهيل ڳالهائيندو ويو. اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته هـُـو ڄڻ ٻڌندڙن کي پنهنجو بهترين دوست، تصور ڪري رهيو هو.
”سو هاڻي، اسان لکنداسون، ته تون اُن تهمت کان قطعي انڪاري آهين، جا تو تي مڙهي وئي آهي.“ نڪولائي پارفينووچ، کانئس اَثر وٺندي چيو. هـُـو تنهنجي سيڪريٽريءَ ڏي جهـُـڪيو ۽ کيس آهستگيءَ سان لکڻ لاءِ، چوڻ لڳو:
اِنهيءَ کان اڳي، جو هـُـو سيڪريٽري کي ڪجهه لکائي، مـِـتيا اُن کي چيو، ته ”لـِـک ۽ ڇا لکندين؟ چڱو لـِـک، مان قبول ٿو ڪريان ۽ عزيز دوست مان پوري قبوليت ٿو ڏيان، فقط هيءَ ته ...... ترس، ترس، پر هيءُ لـِـک ته مان پنهنجي بيهودگيءَ جي ڪري، مان هڪ پوڙهي جي مٿان مصيبت آڻڻ جو ڏوهاري آهيان. اَڃا به وڌيڪ منهنجي دل جي گهرائين ۾ ٻي ڳالهه به آهي، جنهن جو به مان گنهگار آهيان، پر هن حقيقت جي لکڻ جي ضرورت نه آهي، (ُهو، هڪدم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڦريو.) اِها منهنجي ذاتي زندگي آهي، شريف انسان! اِنهيءَ سان تنهنجو ڪوبه لاڳاپو نه آهي. اِيئن کڻي چوان، ته منهنجي دل جي گهرائين سان تنهنجو ڪهڙو واسطو ..... پر مان پنهنجي پيءُ جي خون جو ڏوهي نه آهيان. اِهو وحشياڻو خيال آهي. يقيناً اِهو وحشياڻو خيال آهي ..... مان اُن کي ثابت ڪندس ۽ تون اُن کان ضرور متاثر ٿيندين ..... شريف انسان! تون کلندين. تون پنهنجو پاڻ، پنهنجي مـَـشڪ تي کلندين .....“
”دمتري فيودورپاولووچ تحمل ڪر“ ، جاچ ڪندڙ آفيسر کيس چيو. هـُـن چاهيو ٿي ته مـِـتيا جي جوش کي جيتري قدر ٿي سگهي گهٽ ڪري. ”اِنهيءَ کان اڳي جو اَسان پنهنجي جاچ کي وڌايون. مان چاهيان ٿو، ته تون منهنجي سوال جي جواب ۾ اِهو قول ڪندين، ته تون پنهنجي پيءُ کي ناپسند ڪندو هئين ۽ ساڻس لاڳيتو جهڳڙن ۾ هئين. هن کان اَڌ ڪلاڪ اڳ ۾ تو هتي ئي چيو هو، ته تون کيس قتل ڪرڻ گهريو ٿي، پر تو کيس نه ماريو آهي.“
ڇا مون اِيئن چيو هو؟ شريف انسان! ته پوءِ اِيئن ئي آهي! مان پريشانيءَ ۽ ناخوشيءَ مان کيس مارڻ ٿي گهريو ..... ڪيترائي ڀيرا مان اِيئن ڪرڻ ٿي گهريو ... ناخوشيءَ جي باعث، ناخوشيءَ جي باعث!
”تو اِيئن ڪرڻ گهريو ٿي. تون هن قبوليت جو اقرار ڪندي، کولي ٻڌائيندين، ته اُهي ڪهڙيون ناگوار حالتون هيون، جن توکي پنهنجي مائٽن جي خلاف ايتري نفرت جي حد تي پهچايو هو؟“
”شريف انسان! هن تفصيل بيان ڪرڻ مان فائدو،“ مـِـتيا پنهنجي ڪلهن کي پريشانيءَ کان سوڙهو ڪيو ۽ زمين ڏي نهارڻ لڳو. ”مان ڪڏهن به پنهنجي جذبات کي لڪائڻ نه گهريو آهي. هيءَ ڳالهه شهر ۾ هرڪو ڄاڻي ٿو. مان زوسيما جي حجري ۾ ٿورو وقت اڳ، هن حقيقت جو اعلان ڪري چـُـڪو هوس ..... ۽ ساڳي ڏينهن شام جو، مان پنهنجي پيءُ کي ماريو هو. مان کيس ذري گهٽ قتل ڪيو هو. مان قسم کڻي چوان ٿو، ته مان ٻيهر به وٽس آيو هوس، ته شاهدن جي سامهون، کيس قتل ڪريان ..... ها هزار شاهدن جي سامهون! مان گذريل مهيني کان وٺي، وڏي واڪي، اِهو آواز ڪڍندو رهيو آهيان. هرڪو توکي اِها حقيقت ٻڌائيندو ........ حقيقت تنهنجي منهن ۾ حيرت کي آڻي وڌو آهي. اِها حالت پنهنجو پاڻ ڳالهائي ٿي، مگر شريف انسان، جذبات ڪاٻي شيءِ آهي. شريف انسان! (مـِـتيا جي منهن ۾ گهنج پئجي ويا.) مان سمجهان ٿو، ته منهنجي جذبات جي باري ۾ توکي سوال پڇڻ جو ڪوبه حق نه آهي. مان ڄاڻان ٿو، ته تون پنهنجي عهدي جو ذميدار آهين، پر هيءُ منهنجو پنهنجو، ذاتي ۽ قريبي معاملو آهي، پر ...... جيئن ته مان اڳ به پنهنجي جذبات کي راز بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ..... مثال لاءِ هوٽل ۾، مان هيءَ ڳالهه سڀني سان ڪندو رهيو آهيان، اِهڙيءَ ريت، هاڻي به اُن کي راز بڻائڻ نه ٿو گهران. شريف انسان! مان ڄاڻان ٿو، ته هن معاملي ۾ پنهنجي خلاف نهايت خطرناڪ حقيقتون موجود آهن، مان سڀني کي چئي ڇڏيو هو، ته اُن کي ماريندس. هاڻي بلڪل اوچتو، هـُـو قتل ڪيو ويو آهي. اُن ڪري مان ئي سندس قاتل هوندس! ها، ها! شريف انسان! مان توکي هن ڳالهه جي مڃڻ جي اجازت ڏيندس. مان هن بدناميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهيان. جيڪڏهن مان نه آهيان، ته ڀـَـلا ٻيو ڪير اُن کي ماريندو؟ اِهوئي نتيجو ٿو نڪري، هائو نه! واقعي جي مان نه آهيان، ته ٻيو ڪير هوندو؟ شريف انسان! مان اِهو ڄاڻڻ ٿو گهران ۽ اُن تي زور ٿو ڏيان.“ اِهي لفظ هـُـن زور ڏيئي چيا. ”کيس ڪٿي قتل ڪيو ويو آهي؟ ڪهڙيءَ ريت کيس ماريو ويو آهي؟ ڇا سان کيس ماريو ويو آهي؟ مون کي اهي سڀئي حقيقتون ٻـُـڌايو.“ هـُـن جلديءَ مان پنهنجي وڪيلن ڏي نهاريندي، کين چيو.
”اسان کيس سندس مطالعي واري ڪمري ۾ ڏٺو. هـُـو زمين تي پٺيءَ ڀـَـر پيو هو، ۽ سندس مٿو ٽڪرا ٽڪرا ٿيل هو.“ پراسيڪيوٽر کيس چيو.
نڪولائي پارفينووچ وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته: ”اَسان کي پنهنجو سلسلو قائم رکڻ گهرجي.“
”اِهو نهايت خطرناڪ واقعو آهي،“ مـِـتيا ڏڪي ويو. هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي ٽـِـڪائي ۽ پنهنجي منهن کي سڄي هٿ ۾ جهليو.
نڪولائي کانئس پڇيو ته: ”اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن توکي مجبور ڪيو، ته تون ساڻس ايڏي نفرت رکين؟ تو عام ۾ به اُن جو اظهار ڪيو آهي. مون کي هاڻي يقين آهي، ته هن جو بنياد ساڙ ئي هو.“
”هائو ساڙ، پر فقط ساڙ نه.“
”پيسي جي بابت جهڳڙو؟“
”هائو پيسي جي به ڳالهه هئي.“
”ٽي هزار روبل تي جهڳڙو هو، جنهن کي تو پنهنجي ورثي جو حق ٿي سمجهيو؟“
”ٽي هزار، اُٺن کان گهڻو مٿي“ ڪاوڙ مان مـِـتيا جواب ڏنو. ”ڇهن هزارن کان به مٿي، شايد ڏهن هزارن کان به مٿي، جن جي لاءِ مان ماڻهن کي رڙيون ڪري ٻـُـڌائيندو هوس، پر پوءِ مون ٽن هزارن کي ڪافي سمجهيو. مون کي اِنهن ٽن هزارن جي بيحد گهرج هئي ...... مون کي سندس ٽن هزارن جي ٿـَـهي جي خبر هئي، جي هـُـو پنهنجي وهاڻي جي هيٺان، گروشينڪا کي ڏيڻ لاءِ هميشھ تيار رکندو هو. مان خيال ڪيو، ته اِهي پيسا مان آسانيءَ سان چورائي سگهندس. هائو شريف انسانو! مان اِنهن پيسن کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو ......“
پراسيڪيوٽر، جاچ ڪندڙ آفيسر ڏانهن وضاحت لاءِ ڏٺو، ۽ هن بيوقوفيءَ تي چاهيو ته کيس اک جو اشارو ڪري.
وڪيل مستعدي ڏيکاريندي چيو ته: ”اسان هن حقيقت ڏي پوءِ اينداسون، پهريان تون اِجازت ڏي، ته اسان هن حقيقت کي لکون، ته تو اِنهن پيسن کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو.“
”بيشڪ! اوهان اُن کي لکو. مان سمجهان ٿو، ته اِها ٻي حقيقت آهي، جا منهنجي خلاف ٿيندي، پر مان حقيقتن کان خوف نه ٿو کاوان ۽ مان پاڻ ئي پنهنجي خلاف اُنهن کي ٻڌايان ٿو. شريف انسانو! اوهان مون کي جيئن ڏسو ٿا، اُن کان ٻي طرح جو انسان ڪري سمجهو.“ هن اوچتو اُداسائيءَ ۽ پريشانيءَ مان چيو. ”اوهان کي هڪ عزت واري ماڻهوءَ سان معاملو پيو آهي. نهايت مٿانهين عزت وارو ماڻهو! سڀ کان مٿي - اُن کي نگاهه کان ٻاهر نه رکو. اُهو ماڻهو جنهن گهڻيون بيهوديون حرڪتون ڪيون آهن، پر جو پنهنجي دل جي گهرائين ۾، هميشھ ۽ اَڃا به عزت وارو آهي. مان هن حقيقت کي چڱيءَ طرح بيان ڪري نه ٿو سگهان. اِهائي ڳالهه آهي، جنهن مون کي سڄي حياتي عذاب ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي. مان هميشھ عزت جي لاءِ پئي آرزو ڪئي آهي. ڄڻ ته مان عزت جي سمجهه ۽ فڪر جو شهيد هوس. مان اُن کي هڪ فانوس سان ڳولهيندو ٿي رهيس، تشخيص جي فانوس سان، پر اُن هوندي به مان پنهنجي سڄي حياتي خراب ڪمن ۾، ٻين سڀني وانگر وڃائيندو رهيس، شريف انسانو! ... مان هن راهه ۾ اَڪيلو آهيان. اَڪيلو، اَڪيلو! ..... شريف انسانو! منهنجو مٿو سور ٿو ڪري.“ سندس رڳون واقعي ڦـُـنڊي ويون هيون. ”شريف انسانو! مان سندس نگاهن کي برداشت ڪري نه ٿي سگهيس. اُن ۾ اَڻپورو احساس، مستحده پن، سڀني پاڪيزه شين جي خلاف، گستاخي ڀريل نفرت ۽ ايمان جي قلت، موجود هئي. مان اُن جي اِنهن شين کان نفرت ٿي ڪئي، پر هاڻي جيئن ته هـُـو گذري چـُـڪو، مان ڪو ٻيو خيال ٿو ڪريان.“
”تنهنجو، اِنهيءَ مان مطلب ڇا آهي؟“
”مون کي ڪنهن ٻي احساس جو قطعي خيال نه آهي، پر مان سوچيان ٿو، ته مون کي ساڻس ايتري نفرت نه رکڻ کپندي هئي.“
”تون پاڻ کي پشيمان ٿو سمجهين؟“
نه - پشيمان نه، مهرباني ڪري اِهو نه لکجو. مان پاڻ چڱو نه آهيان. اُن ڪري مون کي ڪوبه حق نه ٿو پهچي، ته مان اُن کي خراب سمجهان. اِهائي منهنجي مدعا آهي! اِهو توهان ڀلي لکو، جيڪڏهن اوهان کي پسند اَچي!
اِيئن چوندي، مـِـتيا ماتم زده بڻجي ويو. جيئن جاچ مسلسل ٿيندي رَهي، هـُـو وڌ کان وڌ اُداس بڻجي ويو.
اُن گهڙيءَ اُميد جي خلاف، هڪ ٻيو منظر پيدا ٿي پيو. جيتوڻيڪ گروشينڪا کي اُتان ڪڍيو ويو هو، پر کيس پـَـري نه نيو ويو هو. هوءَ نيري ڪمري جي بلڪل ڀـَـر واري ڪمري ۾ موجود هئي، جنهن ۾ آڏي پڇا هلي رَهي هئي. هيءُ ننڍو ڪمرو هو، جنهن ۾ هڪ دَري هئي، جنهن جي پريان وڏو ڪمرو هو،جنهن ۾ رقص ۽ دعوت جو بندوبست ڪيو ويو هو. هوءَ اُن ڪمري ۾ ويٺي هئي، پر وٽس فقط ميڪزيموف موجود هو، جنهن کي سخت رنج پهتو هو ۽ ڊنل هو. هو پنهنجي سلامتي لاءِ، ڄڻ ته گروشينڪا کي چهـُـٽي پيو هو. دروازي تي هڪ ڳوٺاڻو ڪنهن ڌاتوءَ جو ٽڪرو کنيو بيٺو هو. هوءَ روئي رَهي هئي، اوچتو سندس ڏک بيحد وڌي ويو. هـُـو ٽپو ڏئي اُٿي. هـُـن پنهنجي ٻانهن کي ڪشادو ڪيو. غم جي گهڻائي کان پارَ ڪڍندي، اُن جي ڪمري ۾ ڊوڙندي وئي. ايترو ته هوءَ اوچتي ۽ اُميد جي خلاف پنهنجي مـِـتيا ڏي وئي، جو ڪو به کيس روڪي نه سگهيو. مـِـتيا سندس روئڻ کي ٻـُـڌي ڏڪي ويو ۽ ٽپو ڏئي اُٿيو. کيس ڪابه خبر نه پئي، ته هـُـو ڇا ڪري رهيو هو؟ پر کين پاڻ ۾ گڏجڻ جي اِجازت نه ڏني وئي. مـِـتيا کي ٻانهن کان جهليو ويو. هـُـو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڪشمڪش ۾ پئجي ويو. هاڻي کيس ٽن چئن ماڻهن سوگهو جهليو. گروشينڪا کي پڻ جهلي ورتائون. مـِـتيا ڏٺو، ته هـُـن هڪ ٻانهن ڏانهس وڌائي. هـُـن کي جيئن گهليندا ٿي ويا، هـُـن رڙيون ڪري کين روڪيو. جڏهن هيءُ منظر پورو ٿيو، ته هـُـو وري پنهنجي هوش ۾ اَچي ويو. اڳي وانگر هـُـو پنهنجي جاءِ تي وڃي ويهي رهيو. سندس سامهون جاچ ڪندڙ ٻه وڪيل هئا، جن کي هـُـن روئندي چيو ته:
”توهان کي هـُـن مان ڇا کپي؟ توهان کيس ڇو عذاب ڏئي رهيا آهيو؟ هـُـن ته ڪجهه به نه ڪيو آهي.“
وڪيل ڪوشش ڪرڻ لڳا، ته کيس ٿڌو ڪن. اٽڪل ڏهه منٽ اِنهيءَ حالت ۾ گذري ويا. آخر مائيڪل مائڪرووچ، جو سمورو وقت غير حاضر هو، اندر تڪڙو تڪڙو گهڙي آيو ۽ وڏي آواز ۽ جوش مان جاچ ڪندڙ عملدار کي چيائين ته:
”هن کي عليحده ڪيو ويو آهي ۽ هوءَ هاڻي هيٺ آهي. شريف انسانو، مون کي اِجازت ڏيو، ته مان هن بدبخت انسان کي ٻه لفظ چوان. مان هن سان اوهان جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائڻ گهران ٿو.“
”بيشڪ مائيڪل مائڪرووچ،“ جاچ ڪندڙ وڪيل جواب ڏنو. ”موجوده حالت ۾ هن جي خلاف ڪجهه به چوڻو نه آهي.“
”منهنجا عزيز دمتري فيودورپاولووچ ڌيان ڏئي ٻڌ.“ پوليس ڪپتان ڳالهائڻ شروع ڪيو. وٽس اُن بدقسمت قيديءَ لاءِ پيءُ جهڙي گرم جوشي ٿي ڏٺي. ”مان پاڻ تنهنجي اگرافينا اليگزينڊرووينا کي هيٺ وٺي ويو آهيان ۽ جاءِ جي مالڪ جي نياڻين کي چيو اٿم، ته اهي سندس چڱيءَ ريت خبرگيري ڪن ۽ سمورو وقت پوڙهو ميڪزيموف ساڻس گڏ رهيو آهي. تون ٻڌين ٿو، مان کيس ٿڌو ڪيو آهي. مان کيس وضاحت سان ٻڌايو آهي، ته توکي پنهنجيءَ حالت کي پاڻ صاف ڪرڻو آهي، اُن ڪري اُن ۾ اَٽڪاءُ نه بڻجي، ۽ نه توکي غمگين بڻائي. جيڪڏهن تو غلط بيان ڏنو، ته پنهنجو سر وڃائي ويهندين. حقيقتاََ مان جو ڪجهه هـُـن سان ڳالهايو آهي، اُن کي هـُـن چڱيءَ ريت سمجهيو آهي. هوءَ سمجهه واري ڇوڪري آهي ۽ نيڪدل. هن منهنجي پوڙهن هٿن کي چميو ۽ تنهنجي مدد لاءِ عرض ڪيو آهي. هـُـن مون کي توڏانهن موڪليو آهي، ته اُن جي لاءِ تون ڪوبه انتظار نه ڪر. مان هاڻي وٽس ويندس ۽ کيس ٻڌائيندس، ته تون بلڪل مطمئن آهين ۽ اُن جي لاءِ توکي ڪو به انتظار ڪونه آهي. تون هن کي چڱيءَ ريت سمجهين ٿو. منهنجي روش هن سان ڪا چڱي نه هئي، پر هـُـو عيسائي روح آهي، شريف انسان! هائو هوءَ هڪ شريف روح آهي ۽ مٿس ڪوبه الزام اَچي نه ٿو سگهي. ها! دمتري فيودورپاولووچ جيئن مان هن کي چيو آهي، تون سانت ۾ ويهندين يا نه؟“
نيڪ طبعيت ڪپتان، رواج جي خلاف کيس گهڻو ڪجهه چيو. اِهو اِنهيءَ ڪري هو، جو گروشينڪا جي مصيبت ۽ پاڻ جهڙي انسان جي تڪليف سندس نيڪ فطرت دل تي وڏو اَثر ڪيو هو، ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. مـِـتيا ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ اُن ڏي ڊوڙي پيو.
”شريف انسان! مون کي معاف ڪر.“ هـُـن رڙ ڪري چيو. ”مائيڪل ماڪرووچ تو وٽ هڪ ملائڪ جي دل آهي. مان اُن جي لاءِ تنهنجو شڪرانو اَدا ڪريان ٿو. مان مطمئن ۽ خوش رهندس. توهان پنهنجي مهربان روح جي گهرائي مان کيس چئو، ته مان نهايت خوش آهيان. هڪ منٽ جي اندر مان کلڻ شروع ڪري ڏيندس، ڇو ته مون کي هاڻي خبر آهي، ته تو جهڙو ملائڪ اُن جو سنڀاليندڙ آهي. مان هاڻي سنئون سڌو ڪاروائي کي منهن ڏيندس ۽ جيئن ئي آزاد ٿيندس، ته اُن ڏي هليو ويندس. مان ساڻس گڏ هوندس. کيس منهنجي لاءِ ترسڻ کپي.“ هن پوءِ ٻن وڪيلن ڏي منهن ڪري چيو، ته ”هاڻي مان پنهنجي سڄي روح کي کولي، اوهان ڏي متوجهه ٿيندس. مان سڀئي ڳالهيون بيان ڪندس ۽ وڏيءَ خوشي سان اُنهن کي پورو ڪندس. اَسين آخر ۾ اِنهن ڳالهين تي کلنداسون. ڪيئن، اِيئن نه؟ پر شريف انسانو! هوءَ عورت منهنجي دل جي راڻي آهي. اِهو به مان اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان. هڪڙي ٻي ڳالهه به اوهان کي ٻڌايان ٿو، ته مان عزت وارن ماڻهن سان پاڻ کي گڏ ٿو ڏسان. هوءَ منهنجي لاءِ روشني آهي ۽ مقدس آهي. جيڪر اوهان اُن کي ڄاڻو! اوهان سندس دانهن کي ٻـُـڌو، هـُـوءَ چئي رَهي هئي، ته مان توسان گڏ موت لاءِ به تيار آهيان؟ مون وٽ ڇا آهي، هڪ پيسي کان سواءِ فقير آهيان. اُن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ايڏي محبت ڇو؟ مون جهڙو جنوني، بڇڙو ۽ وحشي ۽ بدصورت اِهڙي محبت جي لاءِ ڪيئن لائق ٿي سگهي ٿو. ايتري قدر جو هـُـو مون سان ملڪ بدر ٿيڻ لاءِ به تيار آهي؟ ڪيئن نه هوءَ منهنجي لاءِ اوهان جي قدمن ۾ ڪري پئي هئي؟ اِجهو هاڻي! ...... اُن هوندي به هـُـو مجبور آهي ۽ هـُـن ڪجهه به نه ڪيو آهي! مان ڪيئن نه اُن کي سنوارڻ ۾ مدد ڪريان ۽ ڪيئن نه روئي اُن ڏي ڊوڙان. اوهان اِهو سڀڪجهه هاڻي ڏٺو آهي. شريف انسانو، مون کي معاف ڪريو! پر هاڻي، هاڻي مان بلڪل مطمئن آهيان.
هـُـو ڪرسيءَ جي پٺ ڏي وري ليٽي پيو ۽ ٻنهي هٿن سان منهن کي ڍَڪي، ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو، پر اِهي خوشيءَ جا لـُـڙڪ هئا. هـُـن اِنهيءَ وقت ۾ پاڻ کي سنڀالي ورتو هو. پوڙهو پوليس ڪپتان، نهايت خوش ٿي ڏٺو ۽ اُن سان گڏ وڪيل به. هنن محسوس ڪيو، ته امتحان هاڻي نئين صورت اختيار ڪري رهيو آهي. جڏهن پوليس ڪپتان ٻاهر نڪري ويو، ته مـِـتيا بلڪل خوش هو.
”شريف انسانو، مان هاڻي اوهان جي حڪم جي تعميل لاءِ تيار آهيان ۽ سڄوئي اوهان جي هٿن ۾ آهيان. جيڪڏهن هي بي لطف تفصيل اوهان سڀني جي اڳيان نه هجي ها، ته شريف انسانو، مان اوهان جي حڪم جي تعميل لاءِ حاضر آهيان، پر مان هيءُ ظاهر ڪرڻ گهران ٿو، ته اسان کي پاڻ ۾ هڪٻئي تي ويساهه رکڻ گهرجي. اوهان کي مون ۾، ۽ مون کي اوهان ۾. جيڪڏهن اِيئن نه ٿيو، ته اِها بي نتيجي شيءِ ٿي پوندي ۽ اُها پڄاڻيءَ تائين پهچي نه سگهندي. مان اوهان جي فائدي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. شريف انسانو، اوهان پنهنجو ڪم ڪريو ۽ منهنجي روح کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪريو. اوهان دڙڪن سان مون کي نه هيسايو، پر فقط حقيقت جي مون کان پڇا ڪريو، ته حالتون ڇا آهن؟ مان هڪدم اوهان کي مطمئن ڪندس. وڌيڪ تفصيل کي کڏ ۾ وجهو!“
مـِـتيا اِيئن ڳالهائيندو رَهيو ۽ سوال، جواب وري شروع ٿيا.