ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

باب ڇهون: بي وقت خيال جي نشوونما

”تون ڇا ٿو خيال ڪرين ته ڊاڪٽر هن کي ڇا چوندو؟“ ڪوليا جلديءَ مان کانئس پڇيو. ”ڪيڏو نه نفرت انگيز بيوقوف، شايد هو نه به هجي؟ مان دوا کي ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگهندو آهيان!“
”اليوشا مري رهيو آهي، مان خيال ٿو ڪريان، ته هن جو يقين آهي.“ اليوشا ماتمي آواز ۾ چيو.
”هيءُ بدمعاش آهن! دوا رڳو فريب آهي! مون کي خوشي ٿي آهي، ته توسان واقفيت پيدا ٿي آهي. هونئن ته ڪرامازوف، مان توکي گهڻي وقت کان سڃاڻندو هوس. مون کي ڏک آهي، ته اسان ڪيڏي نه اندوهناڪ اسباب هيٺ هڪٻئي سان گڏيا آهيون.
ڪوليا جي طبعيت چاهيو ٿي، ته وڌيڪ ڪجهه گرمجوشيءَ سان چوي ۽ ان جو اظهار ڪري، پر هو پريشانيءَ کان چئي نه سگهيو. اليوشا ان کي محسوس ڪيو، مشڪيو ۽ سندس هٿ کي زور ڏنائين.
”مان گهڻي وقت کان ڄاتو ٿي، ته مان تنهنجي هڪ غير معمولي انسان جي حيثيت ۾ عزت ڪريان.“ڪوليا وري ڳالهايو ۽ سندس گفتگوءَ مان يقين پوري ريت نه ٿي ڏٺو. ”مان ٻڌو هو، ته تون صوفي آهين ۽ مڙهيءَ ۾ رهندو آهين. مان ڄاتو ٿي ته تون صوفي آهين، پر..... پر انهيءَ حقيقت مون کي توکان دور نه اڇلايو هو. صحيح زندگيءَ جي تعلق سان اصلاح اچي ويندي..... تو جهڙن ڪردارن سان هميشه ايئن ئي ٿيندو رهندو آهي.“
”تنهنجو مطلب صوفيءَ مان ڇا آهي؟ هو مون کي ڪهڙي شيءِ لاءِ اصلاح ڪندو.“ اليوشا هيءُ ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو هو.
”خدا ۽ ماسوي الله.“
”ڇو تون خدا ۾ ايمان نه ٿو رکين؟“
”مان خدا جي خلاف نه آهيان. بيشڪ خدا هڪ غيب جي ڳالهه آهي، پر..... مان هن ڳالهه جو قائل آهيان، ته ان جي گهرج آهي. هن ڪائنات جي انتظام ۽ ٻين ڳالهين لاءِ سندس ضرورت آهي.... جيڪڏهن خدا نه هجي ها، ته ان جي ڳولها ٿئي ها.“ ڪوليا ايئن چوندي ڳاڙهو ٿي ويو. هو اوچتو پريشان ٿي ويو، ته اليوشا سمجهندو ته هي پنهنجي علم جو اظهار ڪري، پنهنجي بزرگي ٿو ثابت ڪري. جنهن ۾ هن پنهنجي توهين ٿي سمجهي. هن خيال ايندي ئي سندس چهري تي آشفتگي ظاهر ٿي. چوڻ لڳو ته:
”مون کي هي اعتراف آهي، ته ڪنهن به بحث ۾ مون کي نه اچڻ گهرجي.“ هن پنهنجو قطعي فيصلو ڏيندي چيو. ”هي به ٿي سگهي ٿو ته جو ماڻهو خدا کي نه ٿو مڃي، اهو انسان ذات جو دوست هجي. ڇا تنهنجو اهو خيال نه آهي؟ والٽيئر خدا کي نه مڃيندو هو، پر انسان ذات جو دوست هو.“ (هن ڳالهائيندي، دل ۾ خدا بابت خيال ڪيو ته مان وري هن بحث ۾ اچي ويو آهيان).
”والٽيئر خدا کي مڃيندو هو، پر صفائي سان نه. منهنجو اهو خيال آهي. جيتري قدر مان ڄاڻان ٿو، ته ٻي طرف هو انسان ذات سان ايڏو پيار نه رکندو هو.“ اليوشا خاموشيءَ سان کيس جواب ڏنو. جنهن ۾ نرمائي هئي ۽ جواب فطرتي ٿي ڏٺو. معلوم پئي ٿيو ته هو ڄڻ ته پنهنجي هم عمر سان ڳالهائي رهيو آهي يا اڃا به پاڻ کان ڪنهن وڏي عمر واري سان. ڪوليا تي جنهن ڳالهه وڌيڪ اثر ڪيو، سا هئي ته کيس ۽ والٽيئر(1) جي راءِ بابت، پنهنجي نفس تي پورو پورو اعتماد هو. هن سڄي سوال کي ڇڏي ڏنو هو، ته ڀلي ڪوليا ان بابت پاڻ فيصلو ڪري.
”تو والٽيئر کي پڙهيو آهي؟“ اليوشا ڳالهه کي ختم ڪيو.
”نه، مان ايئن نه چئي سگهندس، ته ان کي پڙهيو اٿم، پر مان سندس تصنيف ”ڪانڊيڊ کي پڙهيو اٿم، سو به روسي ترجمي ۾........ جو هڪ واهيات، کل جوڳو، پراڻو ترجمو آهي.......“ (ورائي، ورائي پڙهيو اٿم).
”تون ان کي سمجهي سگهيو آهين؟“
”بلڪل چڱيءَ ريت..... پر اوهان ايئن ڇو ٿا سمجهو، ته مان ان کي سمجهي نه سگهيو هوندس؟ ان ۾ واقعي گهڻو مونجهارو آهي. مان اهو به ڄاڻان ٿو، ته هو هڪ فلسفياڻو ناول آهي ۽ هن پنهنجي هڪ فڪر جي تبليغ ڪرڻ گهري آهي.“ ڪوليا هاڻي ساڻس رلڻ ملڻ ٿي گهريو. ”مان سوشلسٽ آهيان ڪرامازوف، مان هڪ سوشلسٽ آهيان، جنهن ۾ ڪابه اصلاح اچي نه ٿي سگهي. ڪوليا هيءَ ڳالهه اوچتو چئي ڏني ۽ بنا ڪنهن مقصد جي.
”تون سوشلسٽ!“ ، اليوشا کليو. توکي وقت ئي ڪٿان مليو، جو تون ايئن بڻجي وئين؟ مان خيال ڪريان ٿو، ته تون تيرنهن ورهين جو هوندين؟“
ڪوليا اک کي ٻوٽي ۽ کوليو.
پهريائين ته مان تيرنهن ورهين جو نه آهيان، پر چوڏنهن ورهين جو. پندرنهن ڏينهن کان پوءِ، مان چوڏنهن ورهين جو ٿيندس.“ هو غصي مان گلنار ٿي ويو. ٻي ڳالهه ته مان هن سمجهه کان ته وڏي نقصان ۾ اچي ويندس ته منهنجي عمر جو هنن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو؟ سوال آهي ته منهنجو ڪهڙو اعتقاد آهي، ته اها ڳالهه منهنجي عمر ڪيتري آهي؟ ڪيئن هيءُ صحيح آهي نه؟
”جڏهن تون وڏو ٿيندين، ته توکي خبر پوندي ته اعتقاد جو عمر سان ڪهڙو واسطو آهي؟ مون کي پاڻ حيرت ٿي لڳي، ته تون ٻين جي خيالن کي ظاهر ڪري رهيو آهين.“ اليوشا کيس پيار ۽ سنجيدگيءَ سان چيو. پر ڪوليا گرم ٿي وچ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”ڇڏ، توکي تابعداري ۽ تصوف کپي. توکي هيءُ قبول ڪرڻ گهرجي، ته عيسائي مذهب مثال طور هاڻي فقط انهيءَ لاءِ ڪمائتو آهي، ته شاهوڪار ۽ طاقت وارا، هيٺانهين طبقي وارن کي غلام بڻائي رکن. ايئن برابر آهي نه؟“
”اڙي! مان ڄاڻان ٿو ته تو، هيءُ ڪٿان پڙهيو آهي؟ ڪهڙن بيوقوفن سان تنهنجي دوستي آهي؟ مون کي پڪ آهي، ته اها ڳالهه ڪنهن توکي ٻڌائي آهي.“ اليوشا زور سان کيس چيو.
”مان چوان ٿو ته تون ڪهڙي خيال کان ايئن چوين ٿو، ته مان اهو پڙهيو آهي؟ يقيناً مون کي نه وري ڪنهن ڪو ٻڌايو به آهي. منهنجو هيءُ پنهنجو خيال آهي..... مان حضرت عيسيٰ عليه السلام جو مخالف نه آهيان. هو انسان دوست شخصيت جو مالڪ هو. جيڪڏهن هو اڄ جيئرو هجي ها، ته انقلابين جي قطار ۾ سرواڻي ڪندو هجي ها. هن ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي.“
”اڙي، تو هيءُ ڪٿان معلوم ڪيو؟ ڪنهن بيوقوف توکي هيءُ سبق ڏنو آهي.“ اليوشا کيس جواب ڏنو.
”هاڻ، سچائي ظاهر ٿي پوندي! مون کي ريڪيٽن سان اڪثر ڳالهائڻ جو موقعو ملندو آهي، پر........ پوڙهي بلينسڪي به مون کي ائين ئي ٻڌايو هو.“
”بلينسڪي؟ مون کي ياد نه آهي. هن شايد ڪنهن جاءِ تي ايئن لکيو آهي.“
جيڪڏهن هن ايئن نه به لکيو هجي، ماڻهو چون ٿا ته هن ايئن چيو آهي. مان هڪڙي ماڻهو کي ايئن چوندي ٻڌو...... پر ان جي پرواهه نه آهي.
”پر تو ڪڏهن بلينڪسي(1) کي پڙهيو به آهي؟“
”نه..... مان سندس سڀ تصنيفون ته نه پڙهيون آهن.... پر مان سندس ٽٽيانا(1) مان هڪ ٽڪرو پڙهيو آهي. ڇا هوءَ آنيجئن سان هلي نه وئي هئي.“
”تون آنيجئن جي پويان نه وڃ. ڪڏهن به نه..... هيءُ اڳ ۾ ئي سمجهي ڇڏ؟“
”ڇا، تون مون کي ننڍڙو سميوروف ٿو سمجهين؟“ ڪوليا جوش مان چيو. پر مهرباني ڪري، مون کي انقلابي نه سمجهه. مان اڪثر ريڪيٽن تي افسوس کائيندو آهيان. جيتوڻيڪ مان ٽٽيانا جو ذڪر ڪيو آهي. پر مان زالن جي آزادي جو طرفدار نه آهيان، پر مان هن خيال جو آهيان ته زال، شرف ۾ مرد کان گهٽ آهي ۽ کيس اطاعت ڪرڻ کپي. نيپولين چيو هو، ته زال جو ڪم آهي اُڻڻ.”ڪوليا ڪنهن سبب کان مشڪيو. ذري گهٽ مان هڪ طرح، ان عظيم شخص جي نقطي سان متفق آهيان. مان پاڻ ايئن سمجهان ٿو، ته پنهنجو ملڪ ڇڏي، آمريڪا ڏي وڃڻ ڪيڏي نه بيوقوفي ۽ نالائقي آهي. آمريڪا ڏي وڃڻ مان فائدو؟ جڏهن هتي انساني خدمت لاءِ گهڻو ڪجهه موجود آهي. خاص ڪري اڄ ڪلهه ته ان جي گهڻي ضرورت آهي. اسان لاءِ تار آواز عمل جون گهڻيون ئي راهون کليل آهن. مان اهوئي جواب کيس ڏنو هو.“
”تنهن جو مطلب ڇا آهي؟ تو اهو جواب ڪنهن کي ڏنو هو؟ ڇا توکي ڪنهن صلاح ڏني آهي، ته تون آمريڪا وڃين؟“
مان هن ڳالهه جي تصديق ٿو ڏيان، ته مون کي اها صلاح ڏني ٿي وئي هئي، پر مان قبول نه ڪئي. اليوشا هيءُ ڳالهيون تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهن. هن حقيقت جي ٻي ڪنهن کي خبر نه ڪج. مان فقط توسان ئي، هنن حقيقتن جو اعتراف ڪيو آهي. مان نه ٿو چاهيان، ته مخفي پوليس جي چنبي ۾ ڦاسي پوان ۽ زنجير واري پل تي وڃي سبق وٺان.
”تون گهڻو وقت ياد ڪندين
زنجير واري پل تي ٺهيل گهر.“
توکي ياد آهي، اها عمدي جاءِ آهي. تون ڇو ٿو کلين؟ شايد تون اهو خيال ڪندو هوندين، ته مان ڪوڙ ڳالهائيندو هوندس. اوچتو ڪوليا وحشت زده ٿي چيو ته ڇا ٿي پوندو؟ جيڪڏهن هو اهو ڳولهي لهن ته منهنجي پيءُ جي ڪتابن جي ڪٻٽ ”بيل“ (1) جي هڪ اشاعت موجود آهي ۽ مان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه پڙهيو آهي.“
”اڙي نه، مان ڪٿي ٿو کلان ۽ ٿوري وقت لاءِ، تون اهو به فڪر نه ڪر، ته تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين. نه، نه، مان اهو خيال به نه ٿو ڪري سگهان. هنن سڀني ڳالهين لاءِ، افسوس! نهايت صحيح آهن. پر مون کي ٻڌاءِ تو پشڪن(2) کي پڙهيو آهي، اونجين ئي سهي... تو هاڻي ٽٽيانا لاءِ ڪجهه ٻڌايو.“
”نه، مان ان کي اڃا نه پڙهيو آهي. پر هاڻي مان ان کي پڙهندس. مان ڪنهن جي اثر هيٺ نه آهيان ڪرامازوف. مان ٻئي طرف ٻڌڻ گهران ٿو، پر توهان مون کان اهو سوال ڇو پڇيو؟“
”نه، ڪجهه به نه.“
ڪرامازوف مون کي ٻڌاءِ ته مون سان تنهنجي خطرناڪ نفرت ته نه آهي؟ ڪوليا اوچتو بي پرواهي ڏيکاريندي، اليوشا جي اڳيان پاڻ کي سڌو ڪيو، ڄڻ ته هو ڊرل ڪري رهيو هو. ”اجاين وهمن کي ڇڏي، تون مون کي مهرباني ڪري سچي ڳالهه ٻڌاءِ.“
”مون کي توکان نفرت آهي؟“ اليوشا عجب مان هن کي ڏٺو. ”ڇو ڀلا؟ مان فقط هن لاءِ غمناڪ آهيان، ته تو جهڙي هڪ دلڪش طبعيت، انهيءَ کان اڳي جو تون پنهنجي حياتي شروع ڪرين، هنن بيوقوفي جهڙين پيچيدگين ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندي.“
”منهنجي طبعيت لاءِ تون انتظار نه ڪر“، ڪوليا بنا ڪنهن اطمينان ڏيکارڻ جي وچ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”پر هيءُ به سچ آهي، ته مان بيوقوفيءَ جي حد تائين حساس آهيان. تو هاڻي مشڪيو هو، ان مان مون سمجهيو ته تون.....“
”اڙي منهنجي مشڪڻ جي ته معنيٰ ئي ڪا ٻي هئي. مان توکي ٻڌايان ٿو ته مان ڇو مـُـشڪيس؟ ڪو گهڻو وقت نه ٿيو، مان هڪ جرمن جي تنقيد کي پڙهيو هو، جو روس ۾ ٿي رهيو. سندس تنقيد اسان جي ملڪ جي شاگردن ۽ اڄ ڪلهه جي اسڪول جي ڇوڪرن تي هئي. جنهن جو عنوان هو، ”روسي اسڪول جي ڇوڪرن جو تماشو“ هن لکيو ته ستارن جو هڪ نقشو جنهن بابت هن کي قطعي ڪا خبر نه آهي، هو اوهان کان وٺندو ۽ ٻي ڏينهن جڏهن هو موٽائي ڏيندو، ته ان ۾ گهڻي تصحيح هوندي. ڪابه علميت ڪانه، پر خودرائي وڌيڪ. اهائي حقيقت آهي، جا ان جرمن، روسي اسڪولن جي ٻارن بابت ٻڌائي آهي.“
”ها، اِهو سورنهن آنا سچ آهي.“ ڪوليا اوچتو کلڻ لڳو. ”بلڪل ايئن، جرمن کي شاباش آهي، پر هن چڱائيءَ جي پاسي کي ڏٺو ئي نه آهي. ڪيئن ايئن آهي نه؟ خودرائي هوندي، اها جوانن وٽ هوندي ئي آهي، ڇو ته انهن وٽ ننڍپڻ کان روح جي آزادگي آهي. ان کان سواءِ خيال ۽ اعتقاد جي پختگي به. جيڪڏهن وٽن اصلاح جو ذوق هوندو، ته وٽن اصلاح اچي ويندي. هو جرمن نوجوانن وانگر وقت جي مسئلن بابت ڪڏهن به انڌي تقليد تي هريل نه آهن. پر ان هوندي به جو جرمن دوست چيو آهي، ان لاءِ کيس آفرين هجي. پر جرمني وارا چاهين ٿا، ته ساڳي وقت سندن گلي کي گهٽيو وڃي. جيتوڻيڪ هو سائنس ۽ ٻي علوم ۾ مٿانهون درجو رکن ٿا. پر سندن گلو گهٽيو وڃي.“
”ڇو، ڪهڙي ڳالهه لاءِ سندن گلو گهٽيو وڃي؟“ اليوشا مشڪندي چيو.
”خير مان بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهيان، مان اها ڳالهه قبول ٿو ڪريان. مان ڪڏهن ڪڏهن حد کان وڌيڪ ٻاراڻيون ڳالهيون ڪندو آهيان. جڏهن مان خوش هوندو آهيان، ته پاڻ کي روڪي نه سگهندو آهيان ۽ بي ربط ڳالهيون ڪندو آهيان. پر ڪن لائي ٻڌو، اسان هتي ڪين جهڙن مسئلن تي ڳالهائي رهيا آهيون. هن ڊاڪٽر به پنهنجي معائني کي پورو نه ڪيو آهي، شايد هو اليوشا جي ماءُ ۽ عاجز نينا جو به ملاحظه ٿو ڪري. مون کي هيءَ نينا ڏاڍي پسند آهي. جڏهن اسان ٻاهر ٿي آياسين، ته هن سرگوشي ڪندي مون کي چيو ته ”تون اڳ به ڇو نه آيو هئين؟“ سندس آواز ۾ ملامت ٿي ڏٺي. منهنجي نظر ۾ هو نيڪدل ۽ رحم جي لائق ڇوڪري آهي.“
”هائو، هائو. هاڻي تون اڪثر پيو ايندين ۽ توکي معلوم ٿي ويندو، ته هوءَ ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهي؟ اهڙن ماڻهن جي ڏسڻ مان تون گهڻو ڪجهه پرائي سگهندين.“ اليوشا گرمجوشيءَ مان چيو. ”اهڙين ڳالهين جو ٻين شين کان وڌيڪ اثر ٿيندو آهي.“
”ها، هاڻي مون کي ڪيڏو نه ڏک ۽ افسوس ٿو ٿئي، ته مان جلدي ڇو نه آيو هوس؟“ ڪوليا پنهنجي شديد جذبات جو اظهار ڪندي چيو.
”هائو، اها وڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي. تو پاڻ ڏٺو ته ٻار توکي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيو آهي. هو تنهنجي اچڻ جي انتظار ۾ ڪيڏو نه ڦٿڪيو ٿي.“
”اها مون سان ڳالهه نه ڪر، تو وڌيڪ منهنجي حالت خراب ڪري ڇڏي. پر مان پاڻ کي سنڀالي ورتو آهي. مون پنهنجي خودداري کي روڪي ڇڏيو هو. اجائي فخر، خوديءَ ۽ حيواني جذبات ۾ اچي ويو هوس، جن مان، ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندس. جيتوڻيڪ ان لاءِ، ڇو نه سڄي حياتي جدوجهد ڪندو رهان. ڪرامازوف هاڻي مان ڏسان ٿو، ته مون ۾ ڪيتريون ئي حيواني عادتون اچي ويون آهن!“
”نه، تنهنجي دلڪش طبعيت آهي، جيتوڻيڪ بگاڙي وئي آهي. مان چڱي ريت سمجهي سگهان ٿو، ته ڇو تنهنجو من، نيڪدل، حساس ۽ جذباتي ڇوڪري تي اثر آهي.“ اليوشا پيار مان کيس جواب ڏنو.
”هيءَ اوهان جي مهرباني آهي، جو مون بابت ايئن چئو ٿا. مون کي ڏسو، مان ڪيئي ڀيرا، تانجو هڪ ساعت اڳ ۾ به سمجهيم ٿي، ته اوهان کي مون کان نفرت آهي. مان ڇا ٻڌايان ته اوهان سان منهنجي ڪيڏي نه عقيدت آهي.“ ڪوليا رڙ ڪري چيو.
”پر اوهان ٻين جي عقيدي جي بنياد تي، ايڏا حساس ۽ بدگمان ڇو آهيو؟ اهو به اوهان جي عمر ۾. تون اعتبار ڪندين ته هاڻي، هاڻي، جڏهن تو پنهنجي ڪهاڻي ٿي ٻڌائي، ته مان جيئن توکي ڏٺو ٿي، خيال ڪيم ته تون ضرور حساس هوندين.“
”تو ايئن خيال ڪيو، تنهنجي نگاهه ڪيڏي نه دوربين آهي. مان شرطيه چوان ٿو، ته مان جڏهن قاز بابت ٻڌايو ٿي، ته نهايت جذباتي بڻجي ويو هوس. انهيءَ وقت مان عجب مان اوهان کي ڏٺو ٿي ۽ سمجهيم ته اوهان کي مون لاءِ سخت نفرت آهي، جنهن کي اوهان جلديءَ مان ڏيکاري ڇڏيو هو. ان وقت مان اوهان کي حقارت سان ڏٺو ۽ بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳس. تڏهن مان نهايت تڪڙ مان پنهنجي علم سان هٿ چراند ٿي ڪئي. خاص ڪري جڏهن ته مان هي چوڻي ڪنهن ڪتاب مان پڙهي هئي، پر مان قسم کڻي ٿو چوان ته هيءَ ڳالهه مان پنهنجي خودنمائيءَ کان نه ٿي چئي، پر هيءَ سڀ منهنجي خوشي هئي، جو اهڙي ريت اوهان سان صحبت ٿي ڪيم......... پر هيءَ ڪيڏو نه شرمناڪ آهي، جو ماڻهو پنهنجي خوشيءَ ۾ ٻين جي مٿان اڏامندو وتي. مان هيءُ ڄاڻان ٿو. پر هاڻي مون کي تسلي ٿي آهي، ته تون مون کي نفرت سان نه ٿو ڏسين. اڙي ڪرامازوف مان پوري ريت ناخوش آهيان. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل ۾ اهو خيال به ايندو آهي، ته هيءُ سڀ ماڻهو مون تي کلي رهيا آهن. ان احساس جي ايندي مان چاهيندو آهيان، ته هنن سڀني شين جي نظام کي اٿلائي ڇڏيان.“
”۽ تون پنهنجي لاءِ، سڀني کي پريشاني ۾ وجهڻ ٿو گهرين؟“ اليوشا مشڪندي چيو.
”ها؟ مان سڀني کي پنهنجي لاءِ پريشاني ۾ وجهان ٿو. خاص ڪري پنهنجي ماءُ کي، ڪرامازوف! مون کي ٻڌاءِ ته مان سچ پچ هاڻي به مونجهاري ۾ آهيان؟“
”انهن ڳالهين لاءِ هاڻي خيال نه ڪر، بلڪل نه!“ اليوشا کيس چيو. ”پر نامعقول ۽ مونجهاري“ کان مطلب ڇا آهي؟ ڇا هرهڪ انسان ڪنهن نه ڪنهن نامعقوليت ۽ مونجهاري ۾ گرفتار نه آهي؟ ان کان سواءِ داناءُ ماڻهو، قريب قريب هن کان ڊَنل نه آهن، ته هو نامعقوليت ۾ گرفتار نه ٿي وڃن ۽ هي خيال هميشه سويرئي سوچڻ شروع ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مان ٿورو اڳي ماضي ۾ ان تي سوچڻ شروع ڪيو هو، پر تنهنجي عمر ۾ ڪڏهن به نه. اڄ ڪلهه ته ٻار انهيءَ ۾ مبتلا آهن. هي چريائيءَ جو هڪ قسم آهي. شيطان اجائي فخر جي صورت اختيار ڪئي آهي ۽ سڄي نسل جي اندر داخل ٿي ويو آهي. ها، اهو فقط شيطان ئي آهي.“ اليوشا پنهنجي گفتگو کي پورو ڪيو ۽ بنا ڪنهن مشڪڻ جي، جنهن جو نشان ڪوليا سندس چهري ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. ”تون به ٻين وانگر آهين؟“ اليوشا وري چيو ۽ وڌيڪ هيئن چوندي جواب کي پورو ڪيائين ته، ”منهنجو مطلب آهي، ته تون گهڻن ٻين وانگر آهين. مگر فقط تون ٻين وانگر نه ٿي ۽ بس.“
”توڙي جو ٻيا کڻي ايئن ڇو نه هجن؟“
”هائو ڀلي ٻيا ايئن هجن، پر تون فقط انهن مان نه ٿي. تون سچ پچ ٻين وانگر نه آهين. تون ڪنهن کي پنهنجون برايون ٻڌائيندي شرمندو نه ٿو ٿئين. توڙي جو اهي نامعقول آهن. هن زماني ۾ اهڙي قبوليت ڪير ٿو ڏئي. ڪوبه نه ڏيندو. ماڻهن ته پنهنجي مٿان خود تنقيد جا دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا آهن. ٻين وانگر نه ٿي، توڙي جو تون اڪيلو رهجي وڃين.“
”نهايت عجيب! مان تو بابت غلطيءَ تي نه هوس. تون ڪنهن کي تسلي ڏيڻ ڄاڻين ٿو. مان ڪيترو نه توکي ڄاڻڻ لاءِ انتظار ۾ هوس، ڪرامازوف. مان تنهنجي صحبت لاءِ گهڻي وقت کان منتظر هوس. ڇا تو به منهنجي لاءِ ڪو خيال ڪيو ٿي؟ تو هاڻي ٻڌايو، ته منهنجي لاءِ به خيال ڪندو ٿي رهين.“
”هائو، مون تنهنجي لاءِ ٻڌو هو ۽ تنهنجي لاءِ پڻ سوچيندو ٿي رهيس..... جيڪڏهن تون هيءُ سوال پنهنجي خودپسنديءَ جي سبب کان مون کان ڪرين ٿو، ته هن ۾ ڪوبه حرج نه آهي.“
”ڪرامازوف، تون ڄاڻين ٿو ته اسان جي وچ ۾ اهڙي ريت، جو گفتگو ٿي رهيو آهي، اهو عشق جو اظهار آهي.“ ڪوليا شرميلي طرح چيو ۽ سندس آواز ان ۾ گم ٿي ويو. هيءُ نامعقوليت ته نه آهي؟
”نه، هن ۾ ڪوبه مونجهارو يا نامعقوليت ڪانه آهي. پر جيڪڏهن ان ۾ هجي به، ته ان جي ڪابه پرواهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ بذات خود چڱي شيءِ آهي.“ اليوشا مشڪڻ لڳو.
”پر توکي اها خبر پئي ڪرامازوف، ته تون پاڻ به هاڻي ڪجهه شرمندو ٿي ويو هئين..... مان ان کي تنهنجي اکين مان ڏٺو. “ ڪوليا هڪدم معصوم وانگر خوشيءَ کان مرڪڻ لڳو.
”شرمندگي ڇو؟“
”ٺيڪ آهي، تو ۾ سرخي ڇو ٿي ايندي وڃي؟“
”اهو تون آهين جو مون ۾ شرمندگي کان سرخي آڻي رهيو آهين.“ اليوشا کليو ۽ هو سچ پچ شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو هو........ ”هاڻ مان ٿورو شرميلو بڻجي ويو آهيان، پر نيڪي ئي ان جي سبب کي ڄاڻي ٿي. مون کي ڪابه خبر نه آهي.....“ هن مونجهاري مان چيو.
”اڙي! مان توسان ڪيڏي نه محبت ٿو ڪريان. مون کي تنهنجو حياءُ ڪيڏو نه پسند ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته تون مون جهڙو آهين.“ ڪوليا پوري يقين سان چيو. سندس ڳل ۽ اکيون چمڪڻ لڳيون.
”توکي ڄاڻڻ کپي ڪوليا، ته تون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو گذاريندين.“ اليوشا جي دل ۾ ڪو خيال آيو، جنهن کي هن ڪـُـمهلي طور تي چيو.
”مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو، ته تون هيءُ سڀ ڳالهيون اڳ ۾ ڪيئن ٻڌائي رهيو آهين!“ ڪوليا هڪدم پنهنجي قبوليت ڏني.
”اهڙي حالت ۾ به تنهنجي حياتي عام طور تي نهايت برڪتن واري هوندي ۽ تون ان کي ايئن بڻائيندين.“
جيڪڏهن ايئن آهي، ته آفرين! تون مون کي ڄڻ پيغمبر ٿو نظر اچين. ڪرامازوف اسان ٻئي گڏجي اڳتي وڌنداسون. توکي خبر آهي، ته مون کي تنهنجي ڪهڙي ڳالهه پسند ٿي اچي؟ اها ته تون مون سان هڪجهڙو هلي رهيو آهين. پر اسان هڪجهڙا نه آهيون. نه اسان نه آهيون. تون مون کان گهڻو بهتر آهين! پر اسان کي گڏ هلڻو پوندو. توکي خبر آهي ته مان گذريل مهيني پاڻ کي چيو ٿي، ته يا ته اسين پاڻ ۾ هڪدم دوست بڻجي وينداسين، يا ته قبر تائين دشمن بڻجي وينداسين!
”تو ايئن چيو ته تون مون سان پيار ٿو ڪرين، مون کي يقين ڏياريو آهي.“ اليوشا خوشيءَ مان کليو.
بيشڪ، مان توکي حد کان وڌيڪ پيار ڪريان ٿو. مان توسان محبت ڪندو رهيس ۽ تنهنجا خواب لهندو رهيس. پر توکي هنن سڀني ڳالهين جي اڳواٽ ڪيئن خبر پئي؟ اڙي، هو ڊاڪٽر اچي ويو. خدايا اسان کي ڇا چوندو؟ ذرا سندس چهري ڏانهن نهار.

___________
(1) والٽيئر: فرانس جو مشهور فلسفي، ناول نگار، ڊرامه نويس ۽ فڪر جي آزاديءَ جو اڳواڻ.
(1) بلينڪسي: روس جو مصنف.
(1) ٽٽيانا: پشڪن جي ڪتاب اوزن اونجين جو هڪ ڪردار.
(1) بيل: هڪ انقلابي رسالو.
(2) پشڪن: روس جو هڪ عظيم مصنف.