باب چوٿون: ٻي سخت آزمائش
”بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي.“ جاچ ڪندڙ وڪيل جواب ڏنو. سندس آواز سرد مهريءَ وارو هو ۽ نڪولائي پارفينووچ کان بلڪل ٻيءِ طرح جو هو.
”مان اوهان کي ٻڌائي آيو آهيان، ته نڪولائي پارفينووچ جيتوڻيڪ اسان وٽ پوءِ آيو هو، پر کيس شروع کان ئي ائپولٽ ڪريووچ لاءِ وڏي عزت هئي ۽ سندس يارِ غار هو. هـُـو اڪيلو فرد هو، جنهن کي، هن ۽ سندس غير معمولي لياقتن ۽ نفسيات جي جوهر جو پورو پورو يقين هو. هـُـو سٺو مقرر هو ۽ انصاف جي تڪليفن کان پوريءَ ريت واقف هو. هن سندس ساراهه پيٽرسبرگ ۾ ٻڌي هئي. ٻي طرف نوجوان نڪولائي پارفينووچ اُهو ماڻهو هو، جنهن کي اَسان جي مختصر جاچ ڪندڙ عملدار، دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ٿي چاهيو.“ ماڪرو ڏي ايندي رستي تي موجود مقدمي جي بابت، هنن ٻنهي جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي چـُـڪو هو. هاڻي جڏهن ته هيءَ ميز جي سامهون ويٺا هئا، تيز لياقتن واري ننڍي آفيسر، پنهنجي وڏي آفيسر جي سامهون هر ڳالهه ۾ دخل ڏيئي، اُن ڏانهن اِشارو ٿي ڪيو. پوءِ اُهي ٿورا لفظ هئا، يا نگاهه يا اک ٻوٽ.
”شريف انسانو! مون کي اِجازت ڏيو، ته مان اوهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان ۽ اوهان اُن مان ڪي ڀوائتا سوال نه پڇو. مان اوهان کي لحظي ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس.“ مـِـتيا کين جوش مان چيو.
”نهايت چڱو، مهرباني، پر اِنهيءَ کان اڳي، جو اسان تنهنجي سلسلي کي غور سان ٻـُـڌون، تون اسان کي اِجازت ڏيندين، ته اسان توکان ڪا حقيقت پڇون، جنهن ۾ اَسان جي گهڻي دلچسپي آهي. منهنجو مطلب آهي، اُنهن ڏهن روبل کان، جي اوهان ڪالهه پنجين بجي، پنهنجي دوست پيوٽراليچ پروهيٽن کان، پستول گروي رکندي ورتا هئا؟“
”ها ورتا هئا، شريف انسانو! هائو مان ڏهه روبل ورتا هئا، اوهان کي وڌيڪ ڇا کپي؟ ڳالهه ته فقط ايتري آهي، مان شهر ويس ۽ پستول گروي رکيم.“
”تون شهر موٽي وئين؟ تون شهر کان ٻاهر به ويو هئين ڇا؟“
”هائو، مان پنج ورسٽ (ميل) ٻهراڙي ۾ سفر تي ويو هوس. ڇا توهان اِهو نه ٿا ڄاڻو؟“
جاچ ڪندڙ عملدار ۽ نڪولائي پارفينووچ، پاڻ ۾ نگاهن کي ملايو.
”ٺيڪ آهي، هاڻي تون ڪيئن پنهنجي ڪهاڻي شروع کان بيان ڪندين، جو ڪالهه کان يعني صبح کان ۽ اڳتي، سڄو ئي تفصيل سلسليوار اُن ۾ اَچي وڃي؟ مثال طور، اَسان کي اِجازت ڏي، ته اَسان توکان جاچ ڪريون، ته تون ڪالهه شهر کان ڇو غير حاضر هئين؟ اُهو سڀڪجهه ٻڌاءِ، ته تون ڪهڙي وقت شهر مان نڪتين ۽ ڪهڙي وقت موٽي آئين - هيءُ سڀيئي حقيقتون ٻڌاءِ؟“
”اوهان شروع ۾، مون کان اِهڙيءَ ريت پڇو ها.“ مـِـتيا زور سان کلندي کين چيو. ”پر جيڪڏهن اوهان کي پسند هجي، ته اسان حقيقتون ڪالهه کان شروع نه ڪنداسون، پر هڪ ڏينهن اُن کان به اڳ کان شروع ڪنداسون. تڏهن ئي اوهان سمجهي سگهندا، ته ڪيئن، ڇو، ۽ ڪٿي ڪٿي مان ويس؟ شريف انسانو! مان ڪالهه کان هڪ ڏينهن اڳ، شهر جي هڪ واپاري وٽ ويو هوس، جنهن جو نالو سامسونوف آهي. مان اُن کان سلامتيءَ واري ضمانت تي ٽي هزار روبل اُڌارا وٺڻ ويو هوس. شريف انسانو، اِهو ضروري معاملو هو ۽ اتفاقي ضرورت لاءِ هو.“
”مون کي دخل ڏيڻ جي اِجازت ڏي“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس نرمائيءَ سان چيو، ”تون اُن ڪهڙيءَ سخت ضرورت ۾ هئين، جو توکي ٽي هزار روبل گهربل هئا.“
”شريف انسانو، اوهان هن تفصيل ۾ نه پئو. ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇو مون کي اِنهيءَ رقم جي ضرورت هئي؟ هي سڀ بيڪار داستان آهي. هيءَ حقيقت ٽن وڏن جلدن ۾ اَچي سگهي ٿي، ۽ پوءِ ئي اوهان اُن جي تتمي (آخري باب) کي ٻڌي سگهندا.“
مـِـتيا هيءَ سڀ ڪجهه نيڪ نيتيءَ سان چيو، پر هڪ بي صبر رواداريءَ سان، اُن ماڻهو وانگر جو سڄيءَ حقيقت کي انتظار سان ٻڌائڻ لاءِ تيار هجي، ۽ سڄو ئي نيڪ نيتيءَ سان معمور هجي.
”شريف انسانو!“ هن جلديءَ مان پنهنجي تصحيح ڪئي. ”اوهان منهنجي بيقراريءَ کان اَثر نه وٺو. مان اوهان کي وري به اِهو عرض ٿو ڪريان. مون کي اوهان جي لاءِ وڏي عزت آهي ۽ معاملي جي صحيح مقام کي مان ڄاڻان ٿو. اِيئن نه سمجهو، ته مان پيتل آهيان. مان هاڻي بلڪل هوشيار آهيان. شراب پيتل جي حيثيت ۾ به، اوهان جي لاءِ رڪاوٽ نه ٿيندس. اُن چـَـوڻيءَ وانگر، مون تي جو گذري رهيو آهي، اُن کي مان ڄاڻان ٿو، يعني ’اُهو جو سنجيده آهي، وڏو بيوقوف آهي، پر جڏهن هو، پيتل آهي، ته وڏو داناءُ آهي.‘ ها، ها، پر شريف انسانو، هيءَ ڪا صحيح شيءِ نه آهي، ته مان اوهان سان مذاق ڪريان. منهنجو مطلب آهي، ته جيستائين اَسان هڪٻئي کي سمجهي سگهون. اُن کان سواءِ مون کي پنهنجي به عزت آهي، جنهن کي برقرار رکڻ گهران ٿو. مان هن گهڙيءَ جي تفاوتن کي به چڱيءَ ريت سمجهي سگهان ٿو. مان آخر ته ڏوهيءَ جي حيثيت ۾ آهيان. اُن ڪري اوهان سان هڪجهڙي حيثيت کان گهڻو پري آهيان. اِهو اوهان جو عمل آهي، ته منهنجي نگراني ڪريو. مان اوهان ۾ اُميد ٿو رکان، ته منهنجي مٿي تي ٿڦڙون هڻو، ڇاڪاڻ ته مون گريگريءَ سان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، ڇو ته ڪوبه پوڙهي ماڻهوءَ جي مٿي کي ڀڃڻ کان پوءِ، آزاد ٿيڻ جي اُميد نه رکندو. مان سمجهان ٿو، ته اوهان مون کي ڇهه مهينا يا سال شايد اصلاحي گهر (جيل) ۾ بند رکو. مون کي خبر نه آهي، ته اُن جي ڪهڙي سزا آهي؟ پر اِنهيءَ هوندي به مون کي پنهنجي رتبي ۾ ڪوبه نقصان نه پوندو. اِيئن نه؟ ان ڪري شريف انسانو، مان، اوهان جي ۽ پنهنجي وچ ۾ تفاوت کي چڱيءَ ريت سمجهان ٿو ...... پر اوهان کي هيءُ ڏسڻ گهرجي، ته اِهڙن سوالن سان، ته اوهان وڏن عقلمندن کي به منجهائي سگهو ٿا. مثلاََ: تون ڏاڪي تي ڪيئن چڙهين؟ تون ڪٿان چڙهين؟ تون ڪڏهن چڙهين؟ ڪهڙي شيءِ تي چڙهين؟ مان منجهي پوندس، جيڪڏهن اوهان اِهڙيءَ ريت پڇا ڪئي ۽ يقيناً اوهان سڀ ڪجهه منهنجي خلاف ئي ڏيندا. اُن مان نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ يعني ڪجهه به نه! توڙي جو هاڻي مان بيوقوفيءَ سان ڳالهائي رهيو آهيان، اُن کي پورو ڪرڻ ڏيو. اوهان شريف انسانو، وڏيءَ عزت ۽ حيثيت وارا آهيو، مون کي معاف ڪري ڇڏيندا. شريف انسانو، مان هيئن چئي پنهنجي گفتگو کي ختم ڪندس ته غير طبعي سوالن جي طريقي کي ڇڏي ڏيو. منهنجو مطلب آهي، ته ابتدا ڪنهن اَجاين ۽ مصيبت پيدا ڪندڙ سوالن سان نه ڪريو. جيئن ته مان ننڊ مان ڪيئن جاڳيس؟ مون کي ناشتي ۾ ڇا هو؟ مان ڪيئن ٿـُـڪ اڇلائي ۽ اها ڪٿي مون ڦٽي ڪئي؟ اِهڙيءَ ريت اوهان هڪ ڏوهيءَ جي لاءِ ڏکيائي پيدا ڪري، سندس توجهه، ڪين جهڙن مسئلن ڏانهن موڙي ڇڏيندا. اُن بعد اوچتو اوهان اُن کان منجهائيندڙ سوال شروع ڪري ڏيندا، ته تو ڪنهن کي قتل ڪيو؟ تو ڪنهن کي ڦـُـريو؟ ها، ها، اِهوئي اوهان جو باقاعده طريقو آهي؟ اِنهيءَ ۾ ته اوهان جي سڄي مڪاري سمائجي ٿي وڃي. اوهان ڳوٺاڻن جي نگرانيءَ کي ته پري ڪري سگهو ٿا، جيتوڻيڪ مون کي نه. مان اِهي سڀيئي حيلا ڄاڻان ٿو. مان پاڻ ملازمت ۾ رهيو آهيان. ها، ها، ها! شريف انسانو! اوهان ناراض ته نه آهيو؟ منهنجي گستاخيءَ کي معاف ڪريو.“ هو نيڪ نيتيءَ سان کين ڏسندو رهيو، جو نهايت حيرت ۾ وجهندڙ منظر هو. ”اوهان کي خبر آهي، ته هيءُ رڳو مـِـتيا ڪرامازوف، آهي، اُنڪري سندس غلطين کان درگذر ڪيو. هڪ سمجهه واري ماڻهوءَ جي لاءِ، جيتوڻيڪ هيءُ معاف ڪرڻ جي لائق نه آهي، پر اوهان مـِـتيا جي حالت ۾ کيس معاف ڪريو. ها، ها!“
نڪولائي پارفينووچ، کيس ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کليو. جيتوڻيڪ جاچ ڪندڙ عملدار نه کـِـليو. هـُـن پنهنجون اکيون وڏي غور سان مـِـتيا ۾ کپائي ڇڏيون، ڄڻ ته انتظار ۾ هو، ته هو سندس ڪنهن به جملي کي نه وساري ۽ سندس چهري جي ٿوري به هيٺ مٿانهين کان غافل نه رَهي.
”اِهوئي سبب آهي، جو اَسان جي هلت شروع کان وٺي توسان خوشگوار رَهي آهي.“ نڪولائي پارفينوويچ کيس چيو، هـُـو اَڃا به کلي رَهيو هو. ”اسان اِها ڪوشش نه ڪئي آهي، ته توکان پڇون ته صبح سان تون ڪيئن جاڳين ۽ تو ناشتو ڇا جو ڪيو؟ سچ پچ اَسان اُهي سوال پڇيا آهن، جي وڏيءَ ضرورت وارا آهن.“
”مان سمجهان ٿو ۽ مان ڏٺو آهي، جنهن جي ساراهه ڪريان ٿو. مان اَڃا به اوهان جي وڌيڪ تعريف ڪندس، جو اوهان جي هلت مهربانيءَ واري آهي ۽ بي لوث مهربانيءَ واري، جا اوهان جي شاندار دلين جي لائق آهي. اَسان هتي ٽي شريف انسان آهيون ۽ اسان جي وچ ۾ سڀ ڪجهه پڙهيل ۽ تهذيب يافته انسانن وانگر هئڻ کپي، ۽ هڪٻئي ۾ اعتبار جي بنياد تي ٿيڻ کپي. ڇاڪاڻ ته اَسان شاندار پيدائش ۽ عزت رکون ٿا. ڪنهن به حالت ۾، مون کي اِجازت ڏيو، ته مان پنهنجي حياتيءَ جي هر گهڙيءَ ۾ اوهان کي پنهنجو بهترين دوست تصور ڪريان. هن گهڙيءَ ۾ به، جڏهن منهنجي عزت داغدار بڻجي وئي آهي. شريف انسانو! اِهو اوهان جي لاءِ گناهه جو باعث نه ٿيندو، اِيئن نه؟“
”دمتري فيودورپاولووچ، تو اُن جي خلاف، حقيقتون نهايت صاف بيانيءَ سان ٻڌايون آهن.“ نڪولائي پارفينووچ، يقين ڀـَـري آواز ۾ سندس ساراهه ڪندي چيو.
”شريف انسانو، اِهي ڀوائتا سوال ڪافي آهن، جن ۾ فقط فريب آهي.“ مـِـتيا پـُـر شوق لهجي ۾ چيو. هن صورت ۾ اَسان ڪنهن نتيجي تي جلدي نه پهچي سگهنداسون. ڇا مان صحيح نه آهيان؟“
”مان تنهنجي سمجهه ڀري صلاح جي پٺ وٺندس،“ جاچ ڪندڙ عملدار مـِـتيا کي خطاب ڪندي وچ ۾ ڳالهايو، پر ”مان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي سوالن کي بند نه ڪندس. هاڻي هيءُ ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي، ته توکي اُن رقم جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ منهنجو مطلب خاص طرح ٽن هزارن سان آهي.“
”مون کي ڇو ٽن هزارن جي ضرورت هئي ...... هڪ ڳالهه لاءِ، ۽ ٻيو ته ....... ٺيڪ آهي، مون کي قرض اَدا ڪرڻو هو.“
”اِهو قرض ڪنهن جو هو؟“
”شريف انسانو، مان هن جو جواب ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان. مان اِهو جواب ڇو نه ٿو ڏيان؟ اِهو اِنهيءَ لاءِ نه آهي، ته مون کي اُن جي بيان ڪرڻ جي جرئت نه آهي، يا اِنهيءَ مان، مون کي ڪو نقصان پهچندو، پر اُن جي ڪابه اهميت نه آهي ۽ هيءُ معاملو منهنجي زندگيءَ سان واسطو ٿو رکي. مان اِهو نه ٻـُـڌائيندس. هيءُ هڪ اُصول جو معاملو آهي. اِها منهنجي ذاتي زندگي آهي ۽ مان ڪڏهن به نه چاهيندس، ته ڪو منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل ڏئي. هن مقدمي ۾ اوهان جو هي سوال بي فائدي آهي. هي منهنجو ذاتي معاملو آهي. مون کي قرض اَدا ڪرڻو هو. مون کي عزت سان قرض ڏيڻو هو، پر اِهو ڪنهن کي ڏيڻو هو؟ اِهو نه ٻڌائيندس.“
”اسان کي اِجازت ڏي، ته اِهو نقطو درج ڪريون.“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس چيو.
”بيشڪ اوهان هيءُ نقطو لکو، ته مان ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهيان. اِهو منهنجي
بي عزتيءَ جو باعث آهي ۽ مان اِيئن ئي خيال ڪريان ٿو. توهان هيءُ ڀلي لکو ۽ پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو.“
”مون کي اِجازت ڏي سائين، ته مان توکي خبردار ڪريان ۽ توکي هڪ ڀيرو وڌيڪ يادگيري ڏياريان، متان تون اُن کان خبردار نه هجين،“ جاچ ڪندڙ عملدار هڪ خاص اَنداز ۽ سخت لـَـهجي ۾ کيس چيو، ته ”توکي هرڪو حق حاصل آهي، ته تون اُن سوال جو، جو هاڻي توکي ڪيو ويو آهي، جواب نه ڏئين ۽ اَسان کي ڪوبه حق نه ٿو پهچي، ته توکي اُن جواب لاءِ مجبور ڪريون، جنهن کي تون ڪنهن سبب جي ڪري ٻڌائڻ نه ٿو گهرين. اِهو مڪمل طرح تنهنجي فيصلي تي منحصر آهي ۽ اِهو تنهنجو ذاتي معاملو آهي، پر هيءُ اَسان جو فرض آهي، ته اِهڙن مقدمن جي حالت ۾ اَسان توکي ٻڌايون، ته اِيئن ڪندي، ڪهڙي درجي جو زخم پاڻ کي پهچائي رهيو آهين؟ مان هاڻي توکي عرض ڪندس، ته پنهنجي سلسلي کي جاري رک.“
شريف انسانو! مان ڪاوڙ ۾ نه آهيان ..... مان ......“ مـِـتيا ترديد ڪرڻ واري لهجي ۾ چيو. ”ها شريف انسانو، مان اِنهيءَ ڪري سافسوف ڏي ويو هيس.“
هتي اُن ڪهاڻيءَ کي وري دهرائڻ جي ضرورت نه آهي، جا اڳ ۾ ئي پڙهندڙن کي ٻڌائي وئي آهي. مـِـتيا بي صبريءَ سان منتظر هو، ته جيئن هو ڪابه حقيقت ترڪ نه ڪري ۽ سڀ تفصيل سان ٻڌائي. اُن وقت هـُـو تڪڙ ۾ به هو، ته سڄي ڪهاڻي جلدي پوري ڪري. جيئن جيئن هو پنهنجو بيان ڏيندو ٿي ويو، هـُـو لکندا ٿي ويا. اُن ڪري هـُـو کيس مٿي ڇڪيندا ٿي ويا. جيتوڻيڪ مـِـتيا کي هيءَ ڳالهه ناپسند هئي، مگر هو بجاآوري ڪندو ٿي رهيو. هـُـو ڪاوڙ ۾ به آيو ٿي، پر سندس روش وڻندڙ هئي. هـُـن اُن جو مظاهرو به ڪيو ۽ کين وقت بوقت چوندو رَهيو، ته ”هيءُ ملائڪ لاءِ به ڪافي آهي، ته بي صبر بڻجي وڃي.“ يا کين چيائين ٿي، ته ”شريف انسانو! هيءُ اوهان جي لاءِ چڱو نه آهي، جو اوهان مون کي جوش ۾ ٿا آڻيو.“
جيتوڻيڪ هـُـو بيزاريءَ جهڙي گفتگو ڪري رهيو هو، پر پنهنجي روش کي قائم رکڻ لاءِ پاڻ کي پوريءَ ريت سنڀالي رهيو هو. هـُـو کين ٻڌائندو رهيو، ته ڪيئن سافسوف ٻه ڏينهن کيس بيوقوف بڻائي رکيو هو. (هـُـو هاڻي مڪمل طرح سمجهي ويو هو، ته کيس بيوقوف بڻايو ويو هو.) واچ جي وڪري مان ڇهه روبل جي کيس پنهنجي مسافريءَ لاءِ حاصل ٿيا هئا، اُها ڳالهه وڪيلن جي لاءِ هڪ نئين ڳالهه ٿي پئي. هـُـو هڪدم منجهس دلچسپي وٺڻ لڳا. توڙي جو هن حقيقت کان مـِـتيا جي سخت توهين هئي، پر هنن هن کي لکڻ گهريو، ته هيءَ ثانوي يقيني حالت هئي، جنهن اِهڙا اسباب پيدا ڪيا هئا، جو اُن وقت مشڪل سان هن جي کيسي ۾ ڪا ڪچي ڪوڏي به رهي هوندي. مـِـتيا هوريان هوريان مضبوط ٿيندو ويو. تنهن کان پوءِ، هن لياگاوي جي ملاقات جو ذڪر ڪيو، ۽ ٻڌايائين ته هـُـن ڪيئن نه، اُها رات تنگ ۽ تاريڪ جهوپڙيءَ ۾ گذاري هئي، ۽ ڪهڙي ريت هـُـو وري شهر ڏي موٽي آيو هو! هاڻي هـُـن ڪنهن خاص حالت جي بغير ٻڌائڻ شروع ڪيو، ته گروشينڪا جي رقابت جي باعث کيس ڪهڙي ڪهڙي عذاب کان گذرڻو پيو هو؟
کيس خاموشي ۽ ڌيان سان ٻـُـڌو ٿي ويو. هنن کانئس هيءَ حقيقت خاص طور تي پڇي، ته هـُـو ڪهڙن سببن جي ڪري ماريا ڪانڊريٽووينيا جي گهر ۾ تاڙ جي لاءِ وڃي لڪيو هو، جو گهر، فيودورپاولووچ جي باغ جي پويان هو ۽ اُتي هن گروشينڪا جي لاءِ ڪهڙي نظرداري ڪئي ۽ سميرڊياڪوف کان کيس ڪهڙو اطلاع مليو؟ هنن، هن حقيقت تي خاص ڌيان ڏنو ۽ اُن کي لکي ڇڏيائون. هن پنهنجي رقابت کي گرم جوشيءَ سان ٻڌايو ۽ نهايت ڊيگهه سان. جيتوڻيڪ هـُـو اِيئن ڪندي پنهنجي اندروني جذبات جي باعث شرمسار به پئي ٿيو. اِيئن کڻي چئجي، ته هـُـو پنهنجي ’عام بدناميءَ‘ هوندي به سچ ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي ظاهر ظهور شرمساريءَ تي قابض ٿي چڪو هو. پر تيز ۽ تـُـز سختيءَ، جنهن کان، جاچ ڪندڙ عملدار ۽ وڪيل ڪم وٺي رَهيا هئا. اُن مٿس اثر وڌڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هـُـو پنهنجي آکاڻي ٻڌائيندو رهيو، مٿس هن روش خاطرخواه اَثر ڪيو.
”هيءُ ڇوڪرو نڪولائي پارفينووچ، جنهن سان مان ٿورا ڏينهن اڳ عورتن جي بابت بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪندو هوس ۽ هيءَ بيمار جاچ ڪندڙ آفيسر، هن جي لائق آهن ئي نه، جو هنن سان هي ڳالهيون ڪيون وڃن.“ هن ماتم زده حالت ۾ هيءُ خيال ڪيو. هيءَ وڏي بدنامي آهي. ”صبر ڪري ۽ نماڻو ٿي، پنهنجي دل جي جميعت کي نه وڃاءِ.“ هن پنهنجي خيالن کي مٿئين سٽ جي روشنيءَ ۾ جلد ئي ختم ڪري ڇڏيو. هن وري پنهنجي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌايو. جڏهن هـُـو بيگم هائلڪوف سان پنهنجي ملاقات جي ڳالهه ڪرڻ لڳو، تڏهن سندس روح وري جمعيت ۾ اَچي ويو ۽ هن هيءَ ظريفاڻي ڪهاڻي ٻڌائڻ گهري، جنهن جو هن مقدمي سان ڪوبه واسطو نه هو. پر جاچ ڪندڙ عملدار کيس روڪيو ۽ چيائينس، ته هـُـن کي ڇڏي، ڪن ضروري ۽ مکيه حقيقتن ڏي اَچي. آخر جڏهن هـُـو پنهنجي نااُميديءَ جي حقيقت کي دهرائڻ لڳو ۽ ٻڌايائين، ته جڏهن هن بيگم هائلڪوف کي ڇڏيو، تڏهن هن سوچيو، ته هو ڪنهن کي قتل ڪري، ٽي هزار روبل حاصل ڪري سگهي ٿو. مـِـتيا کين هن حقيقت لکڻ کان نه روڪيو. آخر هـُـو ڪهاڻيءَ جي اُن نقطي تي اَچي ويو، جڏهن گروشينڪا کيس جـَـلُ ڏئي سافسوف جي گهر کان نڪري آئي، جتي هن کيس ٻڌايو هو، ته هوءَ اَڌ رات تائين اُتي رهندي.
”شريف انسانو، مان اُن وقت فينا کي قتل نه ڪيو، اُن جو سبب فقط هيءُ هيو، جو مون کي وقت نه هو.“ هـُـو يڪايڪ هن نقطي تي پهچي، سڄي ڳالهه کي ٽوڙي ويهي رهيو. هيءَ حقيقت به نهايت خبرداريءَ سان لکي وئي. مـِـتيا اُن لاءِ اُداس اُداس ترسيو ۽ وري ٻڌايائين، ته هـُـو ڪيئن پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن ڊوڙيو. اُن وقت جاچ ڪندڙ عملدار کيس اوچتو روڪيو ۽ پنهنجو وڏو پورٽ فوليو کوليائين، جو سندس ڀرسان صوفي تي پيو هو. هـُـن اُن مان ٽامي جو دستو ڪڍيو.
”تون هن شيءِ کي سڃاڻين ٿو؟“ مـِـتيا کي ڏيکاري کانئس پڇيائين.
”اڙي،“ هـُـو اَداسيءَ مان کليو. ”بيشڪ مان هن کي سڃاڻان ٿو. مون کي هن تي نگاهه وجهڻ ڏيو ..... کڏ ۾ وجهوس، هن جو خيال نه ڪريو.“
”توکان هيءُ ٻڌائڻ وسري ويو هو.“ جاچ ڪندڙ وڪيل کيس چيو.
”هنن سڀني کي کڏ ۾ وجهو. مون کي اِها حقيقت لڪائڻ نه کپندي هئي. توهان خيال ڪري سگهو ٿا، ته مان هن کانسواءِ ڪجهه ڪـَـري به ٿي سگهيس؟ هيءُ ڳالهه منهنجي يادگيريءَ کان لـَـهي وئي هئي.“
”مهرباني ڪري اَسان کي ٻڌاءِ، ته تون هن سان ڪيئن هٿياربند ٿئين؟“
”يقين سان مان نيڪ بڻجي اوهان کي ٻڌائيندس، شريف انسانو.“
اُن کان پوءِ مـِـتيا کين ٻڌايو، ته هـُـو ڪيئن اِهو دستو کڻي اُتان ڊوڙيو.
”پر اِهڙي هٿيار کي ساڻ کڻي، تنهنجو اِرادو ڪهڙو هو؟“
”ڪهڙو ارادو؟ ڪوبه مطلب ڪونه هو، مان هن کي هٿ ۾ کڻي، اِيئن ئي ڊوڙيو هوس.“
”جڏهن تنهنجو ڪوبه مطلب نه هو، ته هن کي ڇا جي لاءِ کنيو هـِـئي؟“
مـِـتيا، جو ڪاوڙ جهڙي، شعلي وانگر بڻجي ويو. هـُـن ڄاڻي واڻي ”ڇوڪري“ ڏي نهاريو. نفرت ۽ اُداسيءَ مان مشڪيو. هـُـو گهڻي کان گهڻو شرمسار ٿيڻ لڳو، ته هن، اِنهن ماڻهن کي پنهنجيءَ رقابت جي ڪهاڻي، ايتري صداقت ۽ وضاحت سان ڇو ٻـُـڌائي هئي؟ هن اوچتو زور سان چيو ته: ”دستي جي گمراهي کي ڇڏيو.“
”پر اَڃا به ......“
”هن ڪـُـتن کي پري رکڻ لاءِ ..... اُن وقت اونداهي هئي .... خوف پئي ٿيو، ته هـُـو هليا نه اَچن.“
پر اڳي به ڪن موقعن تي، تو اِهڙو هٿيار کنيو هو، ڇاڪاڻ ته تون اونداهيءَ کان خوف کائيندڙ آهين؟
”اف! شريف انسانو، هنن سڀني ڳالهين کي کڏ ۾ وجهو. هاڻي اوهان سان ڪابه گفتگو نه ٿيندي. مـِـتيا برداشت کان ٻاهر هليو ويو ۽ رڙ ڪري چيائين. هـُـو ڪاوڙ کان ٻاهر ٿي ويو، ۽ سندس رنگ گلابي بڻجي ويو. تڪڙ ۽ جوش مان سيڪريٽري کي چيائين ته:
”هڪدم لک ...... ته مان دستو اِنهيءَ لاءِ کنيو هو، ته پنهنجي پيءُ کي وڃي قتل ڪريان ...... فيودورپاولووچ کي ...... هن سان سندس مٿي ۾ ڌڪ هڻان ... ٺيڪ آهي. هاڻي ته اوهان راضي ٿيا؟ توهان جون دليون هن فڪر کان آزاد ٿيون؟“ هـُـو مخالف وڪيلن ڏي نهارڻ لڳو.
”اَسان چڱيءَ ريت سمجهون ٿا، ته هاڻي تو، جو بيان ڏنو آهي، اُهو غم ۽ ڪاوڙ کان ڏنو آهي. توکان جو سوال ڪيو ويو آهي، اُهو تڪليف ڏيندڙ آهي. جيتوڻيڪ هي سوال حقيقت ۾ ضروري آهن.“ جاچ ڪندڙ عملدار، کيس خشڪ آواز ۾ جواب ڏنو.
”ٺيڪ آهي، شريف انسانو، مان دستو کنيو..... اِهڙي وقت ۾، ڪو اِهڙيون شيون ڇو کڻندو آهي؟ مون کي خبر نه آهي، ته مون اِيئن ڇو ڪيو؟ مان اُن کي کنيو ۽ ڊوڙيس - اِهائي ڳالهه آهي. شريف انسانو، منهنجي لاءِ تحمل اختيارڪريو،نه ته ٻـِـي حالت ۾ مان اوهان کي ڪجهه به نه ٻڌائيندس!“
هـُـو ويهي رهيو ۽ ٺونٺ ميز تي رکيائين ۽ پنهنجو مٿو، هٿن ۾ جهليائين. هـُـو سندن پاسي ۾ ويهي رهيو ۽ ڀت ڏانهن نهارڻ لڳو. هـُـو ڄڻ ته اُلٽيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو. حقيقت ۾ کيس هڪ خطرناڪ موڙ اَچي ويو هو، ۽ هن چاهيو ٿي، ته کين اُٿي ٻڌائي، ته هـُـو هڪ لفظ به هاڻي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. جيتوڻيڪ کيس ڇو نه ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي.
”شريف انسانو!“ هن وڏيءَ مشڪل سان پاڻ تي ضابطو ڪندي چيو. ”اوهان ڏسو ٿا، ته مان اوهان کي ڌيان ڏئي ٻڌان ٿو ۽ مان هڪ خواب کان پريشان آهيان ..... هيءُ اُهو خواب آهي، جو مان اَڪثر ڏسندو آهيان - اِهو گهڻو ڪري ساڳيو ئي هوندو آهي ......مون کي نظر ايندو آهي، ته ڪو مون کي پريشان ڪري ڊيڄاري رهيو آهي .... مان اُن کان بيحد خوفزده هوندو آهيان ..... اِنهيءَ لاءِ ته هـُـو مون کي گگهه اوندهه ۾، رات جو ڊيڄاري رهيو آهي .... هـُـو منهنجي پويان هوندو آهي، ۽ مان اُن کان ڪٿي پاڻ کي لڪائيندو آهيان . ڪڏهن دروازي جي پويان، ڪڏهن الماريءَ جي پويان. ڏاڍي بي عزتيءَ جي حالت ۾ پاڻ کي لڪائيندو آهيان. سڀ کان خراب ڳالهه هيءَ هوندي آهي، ته کيس اِها خبر هوندي آهي، ته مان ڪٿي لڪل آهيان، پـُـر هو اِهڙو نمونو اختيار ڪندو آهي، جو ڄڻ ته کيس ڪابه خبر نه آهي. اُن عذاب ۽ پنهنجي خوف مان مزي وٺڻ لاءِ .....هاڻي ڏسان ٿو، ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو، هيءُ سڀ اُن خواب وانگر پيو نظر اَچي.“
”ڇا، اِهڙي ئي قسم جي خواب کي تون ڏسندو آهين؟“ جاچ ڪندڙ عملدار کانئس پڇيو.
”هن جي لکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، پر هيءَ ٻڌڻ جهڙي ڳالهه آهي، ته تون اِهڙا عجيب خواب ڏسندو آهين؟“
”هائو اِيئن برابر آهي، پر توهان کي اُن جي لکڻ جي ڪا ضرورت ڪانه آهي،“ مـِـتيا جي چهري تي مشڪڻ ظاهر ٿيو. ”شريف انسانو، هاڻي، ته خواب جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، هيءَ ته صداقت ڀري حقيقت آهي. هيءَ حقيقي زندگي آهي! مان هڪ هرڻ آهيان ۽ اوهان شڪاري. ٺيڪ آهي، مون کي پنهنجو شڪار بڻائي ڇڏيو.“
”تون غلط آهين، جو اِهڙي ڀيٽ ڪري رهيو آهين. نڪولائي پارفينووچ پنهنجي پڇا کي آهستگيءَ ۽ غير معمولي نرمائيءَ سان شروع ڪري ڏني.“
”نه، مان غلط نه آهيان، ۽ ڪڏهن به غلط نه هوندس.“ مـِـتيا وري جوش ۾ اَچي ويو. جيتوڻيڪ سندس ڪاوڙ، سندس دل کي ظاهر ظهور ڇوٽڪارو ڏنو هو. هـُـو هرهڪ لفظ تي مذاق ڪندو ٿي ويو. ”توهان هڪ ڏوهيءَ يا مقدمي ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ کي، پنهنجي سوالن سان عذاب ڏيو ٿا، پر هڪ خوددار انسان ۽ عزت ڀرئي دل جي لاهه چاڙهه سان، (مان همٿ سان چوان ٿو) نه - توهان کي ويساهه رکڻ گهرجي، ته توهان کي سچ پچ ڪوبه حق نه آهي .... پر-
”دل خاموش ٿي، بردبار ۽ نيازڪش ٿيءُ، تون پنهنجي تسلي کي قابو رک.“
خير، مان اڳتي وڌان؟“ هن اُداسائيءَ سان چيو.
نڪولائي پارفينووچ کيس جواب ڏنو ته: ”جيڪڏهن تون مهرباني ڪرڻ چاهين.“