ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

باب ٻيو: خطري جي گهنٽي

اسان جو پوليس ڪپتان مائيڪل ماڪرووچ ماڪروف، پينشن تي آيل ليفٽيننٽ ڪرنل، نهايت عمدو ماڻهو ۽ رنڙ هو. هـُـو ٽي سال اڳ اسان وٽ آيو هو، هن عوام ۾ عزت حاصل ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته هـُـو خاص طور تي اها ڳالهه ڄاڻندو هو ته سماج کي ڪيئن ميل ميلاپ سان هلائجي. وٽس ملاقاتي هميشھ موجود ٿي رهيا ۽ هـُـو اُنهن کانسواءِ رَهي به نه ٿي سگهيو. ڪو نه ڪو سندس کاڌي ۾ شريڪ هوندو هو. هـُـو ميز تي ڪڏهن به مهمان کانسواءِ نه ويٺو. سڀني موقعن تي عام کاڌي جون دعوتون ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اِهي دعوتون عجب ۾ وجهندڙ هونديون هيون. جيتوڻيڪ ظاهر جي خيال کان اِهڙو ته نه ٿي ڏٺو. پر وٽس گهڻو ڪجهه هو. سجي جا ٽڪرا نهايت عمدا وٽس موجود هوندا هئا، شراب به گهڻي اَنداز ۾ کيس ميسر هو، جيتوڻيڪ قسم جي لحاظ کان گهٽ هو.
پهريون ڪمرو، جنهن ۾ مهمان اَچي داخل ٿيندا هئا. اُها ساز ۽ سامان سان سينگاريل ’بليئرڊ ڪوٺي‘ هئي. سڄي ڪمري ۾ انگريزي شرط جي گهوڙن جون تصويرون ڪاري فريم ۾ ڀتين تي ٽنگيل هيون، جي اِهڙي ڪمري جي سينگار لاءِ ضروري سمجهيون وينديون آهن. ڇاڪاڻ ته اَسان کي اڳ ۾ ئي خبر آهي، ته اڪيلي رهندڙ ماڻهوءَ جي ’بليئرڊ ڪوٺي‘ اِيئن ئي ٿيندي آهي. هرهڪ شام تي وٽس تاش راند به ٿيندي ٿي رَهي. جيتوڻيڪ اُها هڪڙي ئي ميز هئي. ڪڏهن ڪڏهن آزاداڻن وقفن ۾، اسان جي شهر جي سڄي سوسائٽي، نوجوان عورتن ۽ سندن نوڪراڻين سان رقص لاءِ، آئي ٿي ۽ سڄي جاءِ ڀرجي ٿي وئي. جيتوڻيڪ مائيڪل ماڪرووچ رنڙ هو، پر هـُـو اَڪيلو نه رهندو هو. سندس بيواهه ڌيءَ پنهنجين ٻن جوان ڇوڪرين سان گڏ رهندي هئي، جن پنهنجي تعليم تازو پوري ڪئي هئي. اُهي وڻندڙ صورت جون هيون ۽ سندن سيرت به پسند جهڙي هئي. جيتوڻيڪ سڀني کي خبر هئي، ته وٽن ڪوبه ڏاج ڏانوڻ ڪونه آهي، اَن هوندي به سڀيئي نوجوان ڇڪجي سندن ناني جي گهر ايندا هئا.
اِنهيءَ ۾ ڪوشڪ نه آهي، ته مائيڪل ماڪرووچ، پنهنجي ڪم ۾ بيحد ڪامياب هو. جيتوڻيڪ هـُـو پنهنجي قرض اَدائي ۾ ٻين کان ڪو چڱو نه هو. مان اِيئن وضاحت سان چوندس، ته سندس تعليم ڪا چڱي نه هئي. سندس انتظامي حدن جي طاقت جي سمجهه تي آسرو ٿي نه پئي سگهيو. هـُـو ڪيترن ئي سڌارن کي، جي هن حڪومت جي دور ۾ عمل ۾ آيا ٿي، اُنهن تي هـُـو عمل ڪري نه سگهيو هو. يا ته هـُـو اُٰنهن کي سمجهي نه سگهيو هو،يا اُنهن کي بد ٿي سمجهيائين. هيءَ سندس حالت اِنهيءَ لاءِ به نه هئي، ته کيس پوري سمجهه نه هئي، پر هـُـو آزاد طبع هو ۽ نون سڌارن کي مطالعي ڪرڻ لاءِ کيس وقت نه هو. پاڻ به اِيئن چوندو هو، ته ”مون وٽ هڪ فوجيءَ جي دل آهي، نه ڪنهن منتظم آفيسر جي.“ مثلاً: هن زرعي سڌارن جي آزاديءَ لاءِ، ۽ سندس بنيادي اُصولن جي لاءِ ڪابه واضح راءِ نه ٿي رَکي، پر هن جو ڪجهه به حاصل ڪيو هو، سو اَڻ سڌيءَ طرح، سال به سال عملي ڄاڻ جي وسيلي. جيتوڻيڪ هـُـو پاڻ به زميندار هو. پيوٽراليچ اُن شام جو خيال ڪيو، ته هـُـو ساڻس سندس ڪنهن دوست جي معرفت ملاقات ڪري. پر کيس خبر نه ٿي پئي، ته ڪنهنجي معرفت. هيءُ عجيب اتفاق هو، جو اُن وقت سرڪاري وڪيل ۽ وارونسڪي، اَسان جي ضلعي جو نوجوان ڊاڪٽر، جو تازو اَسان وٽ پيٽرسبرگ کان جو ’طبيب اڪيڊمي‘ مان پنهنجي سند وٺي آيو هو. هـُـو ٻئي، پوليس ڪپتان وٽ ’تاش‘ کيڏي رهيا هئا. آئپولٽ ڪيريلووچ سرڪاري وڪيل (جيتوڻيڪ هـُـو ننڍو سرڪاري وڪيل هو، پر کيس هميشھ سرڪاري وڪيل سڏيندا هئا)، خاص قسم جو ماڻهو هو. سندس عمر پنجٽيهه سال هئي، پر سلهه جي بيماريءَ کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. هـُـن هڪ ٿلهي متاري عورت سان شادي ڪئي هئي ۽ اُن مان کيس ڪو به اولاد نه هو. هـُـو بيڪار ۽ جوشيلو هو، جيتوڻيڪ کيس چڱو ذهن هو ۽ مهربان دل. منجهس جا وڏي ۾ وڏي غلطي هئي، سا هيءَ ته کيس پنهنجي لاءِ مٿانهين راءِ هئي، جا سندس قابليت سان نه ٿي ٺهڪي. هن راءِ منجهس بي آرامي پيدا ڪري ڇڏي هئي. سڀ کان وڌيڪ کيس علم نفسيات جي طرف فنڪاراڻي رغبت هئي. مثال لاءِ هن خاص طور تي انساني دل جي راز معلوم ڪرڻ جو مطالعو ڪيو هو ۽ ڏوهين ۽ ڏوهه جي بابت سندس چڱو مطالعو هو. کيس هميشھ هن دنيا کان شڪايت رهندي هئي، ته هن پنهنجي زندگي ملازمت ۾ گذاري آهي، پر مٿانهين طبقي کان کيس ڪابه شاباس نه ملي آهي، اُٽلو سندس دشمن آهن. مايوس گهڙين ۾ هـُـو، به دڙڪو ڏئي وٺندو هو، ته هـُـو پنهنجي ملازمت ڇڏي ڏيندو ۽ فوجداري مقدمن ۾ وڪيل ٿي ڪم ڪندو. اُميد جي خلاف ڪرامازوف مقدمي، منجهس گهڻي پريشاني پيدا ڪئي. ”هي اُهو مقدمو آهي، جنهن تي سڄي رشيا ۾ ڳالهايو ويندو. جنهن جي مان ئي ابتدا ڪري رَهيو آهيان.“
نڪولائي پارفينووچ نـِـليوڊوف نوجوان جاچ ڪندڙ وڪيل، جو پيٽرسبرگ کان فقط ٻه مهينا اڳ ۾ آيو هو، ٻئي ڪمري ۾ نوجوان عورتن سان ويٺو هو، ماڻهن پوءِ ڳالهه ٿي ڪئي، ته هيءُ هڪ عجيب اتفاق هو، جو هيءُ سڀئي شريف انسان، ڏوهه واري شام جو ڪاروباري حاڪم جي گهر اَچي گڏ ٿيا هئا. معلوم پئي ٿيو، ته اِهو سڀ ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هو. پر هن ۾ سڀ سادگي هئي ۽ جو ڪجهه به ٿيو هو، سو سڀ قدرتي هو.
آبيوليٽ ڪيريلووچ جي زال ڏندن جي سور ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان بيمار هئي، هـُـو مجبور هو، ته هـُـو سور وارين دانهن کان ٿوري وقت لاءِ پـَـري هليو وڃي. ڊاڪٽر پنهنجي طبعيت کان مجبور هو، هـُـو پنهنجي شام تاش راند ڪرڻ کانسواءِ گذاري نه ٿي سگهيو. نڪولا نليوڊوف، ٿورا ڏينهن اڳ ۾ اِرادو ڪيو، ته مائيڪل ماڪرووچ جي گهر وڃي ۽ سندس وڏيءَ ڏهٽيءَ اولگامائلوونا کي چيڙائي ۽ کيس چوي، ته هـُـو سندس مخفي رازن کان واقف آهي. مثلاََ: هـُـو ڄاڻي ٿو، ته اڄ سندس ڄمڻ جو ڏينهن آهي ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي اِن لاءِ لڪايو اَٿائين، ته پنهنجي گهر، پنهنجي دوستن کي رقص جي دعوت نه ڏي ۽ خواهه مخواهه چيڙائي، ته هـُـو سندس حقيقي عمر کي سڄي شهر ۾ مشهور ڪندو. مائيڪل ماڪرووچ جي ڏهٽين هن کي ’شيطان‘ جو لقب ڏنو هو ۽ هـُـو هن لقب تي بيحد خوش هو. هيءَ ڳالهه ٻـُـڌائڻ ضروري آهي، ته نڪولا هڪ تربيت ورتل نوجوان هو ۽ هڪ شريف خاندان مان هو. سندس خيال نهايت پاڪ هئا. هـُـو خوش گذارڻ ۽ تفريح وارن سان هميشھ گڏ گذارڻ جو متلاشي هو. هـُـو پاڪ هو ۽ دوستيءَ ۽ عفت کان پير هرگز ٻاهر نه ٿي ڪڍيائين. عضوا ننڍڙا ۽ جسم ڪمزور هيس. اُن ڪري وڏيون منڊيون سندس ننڍين آڱرين تي پئي ٿي چمڪيون. هـُـو پنهنجي ڪم ۾ ڏکيو ۽ سختگير هو. کيس هي خاص خدائي ڏات هئي، ته هـُـو خونن ۽ ڳوٺاڻن جي ڏوهن ۾، سوال جواب جي سلسلي ۾، حقيقت کي سمجهي وٺندو هو. هـُـن فقط پنهنجي عزت حاصل ڪري ورتي هئي، پر يقيناً هـُـو سندن حيرت کي وڌائڻ ۾ به ڪامياب هو.
پيوٽراليچ، جڏهن پوليس ڪپتان وٽ ويو، ته هو بلڪل خاموش هو. هن ڏٺو ته هـُـو سڀئي ڄڻ اِنهيءَ معاملي کان واقف آهن ۽ تاش راند کي ختم ڪري ڇڏيو اَٿائون. سڀ بيٺا هئا ۽ ڳالهيون ڪري رَهيا هئا. نڪولاءِ پارفينووچ به نوجوان عورتن کي ڇڏي ڏنو هو ۽ بحث ۾ سرگرمي ڏيکارڻ لاءِ وڃي پهتو. پيوٽراليچ کي هي عجب ۾ وجهندڙ ڳالهه معلوم ٿي، ته سچ پچ پوڙهي فيودورپاولووچ، اُن شام جو سندس خون ڪيو ويو آهي ۽ ڦـُـريو ويو آهي. اِها خبر کين، هاڻي هاڻي ملي هئي.
مارفا اگناتووينيا، گريگري جي زال، اُن وقت به جڏهن هـُـو لوڙهي جي ڀرسان بيهوش پيو هو، پنهنجي بستري ۾ گهري ننڊ ۾ هئي ۽ اُن دوا جي بدولت، جنهن کي اُن ورتو هو، شايد صبح تائين به نه جاڳي ها. هـُـو سميرڊياڪوف جي خطرناڪ ۽ جنون ڀري رڙ کان جاڳي، جو ٻي ڪمري ۾ بيهوش پيو هو. اِها رڙ هميشھ سندس دوري کي ظاهر ڪندي هئي، مارفيا اُن کان ڊڄي ۽ پريشان ٿي ويندي هئي. هـُـو ڪڏهن به اُن جي عادي نه ٿي سگهي هئي. هـُـوءَ ٽپو ڏيئي ۽ ننڊاکڙي حالت ۾ سميرڊياڪوف جي ڪمري ۾ هلي وئي. پر اُتي اوندهه هئي ۽ هوءَ فقط بيمار جي تڪڙي ساهه کڻڻ ۽ سندس ڪشمڪش کي ٻـُـڌي رَهي هئي. هن کان رڙ نڪري وئي. هـُـو مڙس کي سڏڻ لاءِ وئي ٿي، ته اوچتو کيس ياد آيو، ته جڏهن هوءَ اُٿي هئي، ته سندس مڙس بستري تي نه هو. هوءَ وري کٽ ڏي موٽي وئي. هٿوراڙيون ڏئي ڏسڻ لڳي. پر بسترو بلڪل خالي هو. تڏهن هن خيال ڪيو ته هـُـو ضرور ٻاهر ويو آهي - پر ڪاڏي؟ هوءَ ڏاڪڻ ڏي وڌي ۽ خوف مان کيس سڏڻ لڳي. پر کيس ڪوبه جواب نه آيو. پر ٿورو پرڀرو کيس ڪنهن جي ڪـُـنجهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آواز اوندهه ۾ باغ کان اَچي رَهيو هو. هن ڌيان ڏيئي ٻـُـڌو. ڪنجهڻ جو آواز وري آيو ۽ کيس هاڻي پـَـڪ ٿي، ته آواز باغ مان اَچي رهيو آهي.
”خدايا! هيءُ آواز ته ڄڻ لزاويٽيا سميرڊشڪووينيا جو نالو ۽ فرياد آهي. هوءَ ڊڄندي ڏاڪڻ کان هيٺ لـَـٿي ۽ ڏٺائين، ته باغ جو دروازو کـُـليل آهي. ”منهنجو پيارو ضرور اِتي آهي. ويچارو!“ هن خيال ڪيو. هـُـو دروازي تائين هلي وئي ۽ اوچتو ٻڌائين ته گريگري، کيس مارفا، مارفيا ڪري سڏي رهيو آهي. سندس آواز ڪمزور ۽ خوفائتو آهي.
”خدايا! اسان کي مصيبتن کان بچاءِ!“ . مارفيا ڀڻڪندي، اُن آواز ڏي ڊوڙي. اِهڙي ريت هن گريگريءَ کي ڳولي ورتو هو. هن کيس لوڙهي وٽ نه ڏٺو هو، جتي هو ڪـَـريو هو، پر ويهه قدم پرڀرو هو. پوءِ ظاهر ٿيو هو، ته هـُـو چــُـرندو ۽ رڙهندو اُتي پهتو هو. کيس هوش ۾ اَچڻ لاءِ گهڻو وقت لڳو هوندو. مٿس بيهوشي وري وري طاري ٿيندي ٿي رَهي. هن هڪدم ڏٺو، ته هـُـو سڄو رَت سان ڀـَـريو پيو آهي. هـُـن پنهنجي آواز کي پري تائين پهچائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ ڪجهه چوڻ ٿي گهريائين.
”هن خون ڪيو آهي ..... سندس پيءُ خون ٿي ويو آهي .... بيوقوف رڙيون ڇو ٿي ڪرين ..... ڊوڙ ..... ڪنهن کي وٺي اَچ.“
پر مارفيا رڙيون ڪندي رَهي. جڏهن ڏٺائين، ته سندس آقا جي ڪمري جي دري کليل آهي ۽ جڏهن ڏٺائين ته اندر روشني آهي، تڏهن هـُـوءَ اوڏانهين ڊوڙندي وئي ۽ فيودورپاولوچ کي سـَـڏ ڪرڻ لڳي. جڏهن کيس ڪوبه آواز نه آيو، ته هـُـن دريءَ مان ليئو پائي ڏٺو. هن کي هڪ ڀوائتو منظر نظر آيو. سندس آقا سنئون سڌو، بنا ڪنهن چـُـرپـُـر جي زمين تي ليٽيو پيو آهي. سندس هلڪي رنگ جي قبا ۽ اڇي قميص، رت ۾ ٻـُـڏل آهن. ميڻ بتي وڏي روشنيءَ سان ميز تي چمڪي رَهي هئي ۽ اُن جي چمڪ فيودورپاولووچ جي لٿل منهن تي صاف پئجي رَهي هئي. خوفزده مارفيا، دريءَ کان ٿيندي، باغ کان ڊوڙندي ٻاهر نڪتي، وڏي دروازي جي ڪـَـڙي کي لاٿائين ۽ نهايت تيزيءَ سان پنهنجي پاڙي واريءَ مارياڪانڊيٽيوينيا وٽ وئي، جتي ماءُ ۽ ڌيءَ ٻئي آرام ۾ هيون. پر هـُـو ٻئي مارفيا جي وڏيءَ دانهن ۽ دروازي جي ڌڪن تي سجاڳ ٿيون. مارفيا دانهون ڪندي ۽ روُئندي، کين مکيه ڳالهه ٻڌائي ۽ کين مدد لاءِ التجا ڪئي. هيءُ هڪ اتفاق هو، جو فوما پنهنجي آوارا گرديءَ کان موٽي آئي هئي ۽ هن ماءُ ۽ ڌيءَ سان ان رات اَچي رَهي هئي. هـُـو سڀئي گڏجي اُٿيون ۽ واردات جي جاءِ ڏي هليون.
رستي ۾ مارفيا ڪانڊيٽيوينيا، کي ياد آيو، ته اٽڪل اٺين وڳي، هـُـن باغ مان، هڪ خوفناڪ دانهن ايندي ٻـُـڌي هئي. اِها گريگري جي هئي. هـُـن مـِـتيا جي ٽنگ کي جهليندي، ’پدرڪشن‘ جو آواز وڏي رڙ سان ڪيو هو.
هـُـن ٻين کي ٻڌايو، ته ڪنهن ماڻهوءَ رڙ ڪئي هئي ۽ اُن کان پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي. اُن جاءِ ڏانهن ڊوڙندي، جتي گريگري پيو هو، جڏهن پهتيون، تڏهن ٻنهي عورتن، فوما جي مدد سان کيس کڻي پنهنجي ڪمري ۾پهچايو. هنن هڪ ميڻ بتي روشن ڪئي ۽ ڏٺائون ته سميرڊياڪوف جي حالت تمام نازڪ هئي. سندس اکيون بگڙيل هيون، ڄڻ ته کوپن مان تارا نڪري رهيا هئا ۽ سندس زبان ٻاهر نڪري آئي هئي ۽ گجي سندس وات کان ٻاهر نڪري رَهي هئي. هنن هڪدم پاڻيءَ سان گريگري جي نرڙ کي آلو ڪيو. پاڻي هڪدم مٿس اَثر ڪيو. هن هڪدم پڇيو ته:
”ڇا آقا قتل ٿي ويو آهي؟“
اُن کان پوءِ فوما ۽ ٻئي عورتون، گهر ڏي ڊوڙيون، پر هن دفعي هنن ڏٺو، ته نه فقط دَري پر باغ وارو دروازو به کليل آهي. جيتوڻيڪ فيودورپاولووچ، گذريل هفتي کان، پاڻ اُن کي قلف ڏيندو هو ۽ ڪنهن کي به اُتان لنگهڻ جي اجازت نه هوندي هئي. خود گريگري کي به، ڪهڙي به حالت ۾ اُتان گذرڻ جي موڪل نه هئي. دروازي کي کـُـليل ڏسي، کين فيودورپاولوچ ڏي ويندي خوف ٿيو، ته متان پوءِ ڪا ٻي ڳالهه نه بڻجي پوي. جڏهن هـُـو موٽي آيون، ته هن کين چيو ته اوهان سـِـڌو پوليس ڪپتان ڏي هليون وڃو. هـُـو پيوٽراليچ کان ڪي ٿورا منٽ اڳ ۾ پهتيون هيون. مارفيا کيس سڄي حقيقت کان واقف ڪيو. اُن ڪري پيوٽر جي ڪهاڻي، قياس آرائيءَ کانسواءِ ڪا نظرئي واري شيءِ ته نه هئي، پر شاهد جي سنئين سڌي قبوليت هئي. هيءَ مجرم جي براهه راست سڃاڻپ هئي. (پر هن پنهنجي دل جي گهراين ۾ دمتريءَ کي هميشھ ڏوهي نه ٿي سمجهيو.
اُن ڪري صلاح ڪئي وئي، ته هن ڪم ۾ وڏي سرگرمي ورتي وڃي. ڊپٽي پوليس انسپيڪٽر کي حڪم ڏنو ويو، ته چئن مشيرن کي ساڻ وٺي، فيودورپاولووچ جي گهر ۾ وڃي، جاچ جي ابتدا ڪن. اِهو رواجي دستور هو ۽ مان اُن ۾ وڃڻ نه ٿو گهران. ضلعي جو ڊاڪٽر جيڪو چوٽيءَ وارن ڄاڻن مان هو، هن ڳالهه تي زور ڏنو، ته پوليس ڪپتان سان گڏ، پراسيڪيوٽر ۽ جاچ ڪندڙ وڪيل به هجن.
مان هتي مختصر طرح واضح ڪرڻ گهران ٿو، ته فيودورپاولوچ بلڪل مرده حالت ۾ لڌو ويو. سندس مغز جا هڏ ڀڳل هئا. پر اِهي ڪنهن سان ڀڳا ويا هئا؟ گهڻو ڪري اُنهيءَ ساڳئي هٿيار سان، جنهن سان پوءِ گريگري تي حملو ڪيو ويو هو. جلد ئي، اُهو هٿيار ملي ويو. گريگري، جنهن کي جيتري قدر ٿي سگهيو ٿي، هڪدم لهي اِمداد پهچائي وئي ۽ هـُـو هفتي اندر منجهيل آواز ۾ ٻڌايو، ته ڪيئن کيس هيٺ ڪيرايو ويو هو. هنن فانوس کڻي لوڙهي جي وَٽِ کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ کين ٽامي جو ننڍڙو دستو ملي ويو. هـُـن باغ ۾ ظاهر ظهور رستي جي وچ تي پيل هو. جنهن ڪمري ۾ فيودورپاولوچ پيل هو، ڪابه گڙٻڙ نه هئي. پر بستري جي ڀرسان، پردي پويان، هنن فرش تان هڪ وڏو ٿلهو لفافو کنيو، جنهن تي لکيل هو:
”ٽن هزار روبلن جو تحفو، منهنجي ملائڪ غريب گروشينڪا لاءِ، جيڪڏهن هوءَ مون وٽ اَچڻ جو اِرادو ڪري؟“ اُن جي هيٺان هيءُ به لکيو ويو هو، ”منهنجي ننڍڙي چوزي لاءِ.“
اُن جي مٿان، ڳاڙهي رنگ جي لاکَ جون ٽي مهرون هيون. پر اُنهن کي ڀڳو ويو هو ۽ لفافي ۾ ڪجهه به نه هو. رقم منجهانئس ڪڍي وئي هئي. هنن زمين تان گلابي رنگ جي ڏوري جو هڪ ٽڪرو به هٿ ڪيو، جنهن سان لفافي کي ٻـَـڌو ويو هو.
پيوٽراليچ جي بيان جي هڪ ٽڪري، وڏو اَثر پيدا ڪيو. پراسيڪيوٽر ۽ تحقيقات ڪندڙ آفيسر نهايت متاثر ٿيا. اِها هيءَ حقيقت هئي، ته دمتري فيودورپاولووچ، صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته هـُـن اِهو فيصلو ڪيو هو ۽ پيوٽر کي ٻڌايو به هئائين. هن هيءُ به ٻڌايو، ته هن پستول کي سندس سامهون گولين سان ڀريو هو، هڪ تحرير لکي پنهنجي کيسي ۾ رکيائين، وغيره وغيره. جڏهن پيوٽراليچ (جنهن کي اَڃا به دمتري جي ڏوهه ثابت ٿيڻ ۾ کيس شڪ هو) کيس ڌمڪايو، ته هـُـو ڪنهن کي ضرور ٻڌائيندو، ته توکي خودڪـَـشي کان روڪي، تڏهن مـِـتيا، کيس ڏند ڪرٽيندي چيو هو، ته ”اِهو نهايت دير سان هوندو“ . اُن ڪري کين ماڪرو وڃڻ لاءِ جلدي ڪرڻ کپي، ته جيئن هـُـو پاڻ کي گولي هڻڻ کان اڳ ۾ هٿ اَچي.
”اِهو صاف آهي، اِهو صاف آهي،“ پراسيڪيوٽر وڏي جوش مان چيو ”اِهي پاڳل ماڻهو اِهڙوئي رستو اختيار ڪندا آهن، ته مان سڀاڻي پاڻ کي ماري ڇڏيندس، اُن ڪري لازمي آهي، ته ڪو دم خوش گذاريان!“
هن ڪهاڻيءَ، ته هـُـن ڪهڙي ريت، شراب ۽ سيڌي کي خريد ڪيو هو، پراسيڪيوٽر کي ايترو ته جوش ڏياريو، جو اڳي ڪڏهن به کيس نه آيو هو.
”توکي، اُهو ماڻهو ياد آهي، جنهن هڪ واپاري اولسيووف کي قتل ڪيو هو. هن پندرهن سـَـؤ روبل چوري ڪيا هئا، هڪدم وارن کي وڪڙ ڏيارڻ ۽ ٺهرائڻ لاءِ ويو هو. اُن کانپوءِ رقم کي لڪائڻ جي بجاءِ ساڳي ريت، هـُـو ڇوڪرين ڏي هليو ويو هو.“
جاچ ڪري سڀني کي دير ٿي وئي. فيودور جي گهر ۾ ڪجهه ڳولا ڪرڻي هئي ۽ ڪجهه ٻين قانوني ڳالهين کي به ڏسڻو هو. جيئن ته هن ۾ وقت لڳڻو هو، اُن ڪري هنن پنهنجي سنبت کان ٻه ڪلاڪ اڳ، ماڪرو ڏانهن ڳوٺاڻي پوليس جو هڪ آفيسر ملوريڪي ماوريڪيووچ شهرسوف کي موڪلي ڏنو، جو هڪ ڏينهن اڳ شهر ۾ پگهار وٺڻ لاءِ آيو هو. کيس هدايت ڪئي وئي هئي، ته هروڀرو اُتي وڃي، ڪنهن خوف کي نه جاڳائي، پر فقط ’مجرم‘ تي ڪـَـڙي نظر رکي، جيستائين، حاڪم پهچي وڃن. سندس گرفتاريءَ لاءِ، پوليس جي سپاهين ۽ شاهدن جو بندوبست رکي. ماوريڪي کي جيئن چيو ويو هو. هن اِيئن ئي ڪيو. هن پاڻ کي پوري ريت مخفي رکيو، فقط تريفان بوريسووچ کي، جنهن سان سندس واقفيت گهڻي وقت کان هئي، پنهنجي اَچڻ جي مقصد کي ٻڌايو. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن مـِـتيا سان سراءِ جو مالڪ بالاخاني تي مليو هو ۽ هن سندس تبديل ٿيل حالت کي اونداهيءَ ۾ به سمجهي ورتو هو، ڇو ته تريفان جي چهري ۽ آواز ۾ گهڻي تبديلي ٿي ڏٺي. اُن ڪري نه مـِـتيا نه ڪنهن ٻي کي خبر پئي، ته هن جي نگراني ڪئي وڃي ٿي. پستول جي پيتي تريفان کڻي ورتي هئي ۽ مناسب جاءِ تي ڦٽي ڪري ڇڏي هئائين. چئين بجي کان پوءِ، اِيئن کڻي چئجي، ته سج اُڀرڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾، سڀئي آفيسر، پوليس ڪپتان، پراسيڪيوٽر ۽ جاچ ڪندڙ وڪيل، ٻن گاڏين ۾ چڙهي روانا ٿيا، جن کي ٽي گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. ڊاڪٽر اُتي رهجي پيو، ڇاڪاڻ ته کيس صبح سان فيودورپاولوچ جو پوسٽ مارٽم (چيرڦاڙ) ڪرڻو هو، پر هـُـو خاص طرح، ملازم سميرڊياڪوف جي بيماريءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيو هو. هن وڏي تعجب ۽ شوق مان پنهنجي ساٿين کي چيو ٿي، ته ”هي سخت ۽ ڊگها دورا، جي عجيب معلوم ٿين ٿا، اِهي سائنس جي لحاظ کان، ڪافي دلچسپيءَ وارا آهن.“ جيئن هنن کانئس موڪلايو، کلندي کيس مبارڪ ڏني، ته اِهڙي قسم جو مريض کيس هٿ آيو آهي. کين پوري ريت ياد هو، ته ڊاڪٽر چيو ٿي، ته سميرڊياڪوف رات مشڪل سان جيئرو رَهي سگهندو.
هن طوفاني ۽ ڊگهي وضاحت کانپوءِ، اَسان ڳالهه جي اُن وقت ڏانهن موٽون ٿا، جتي اُن کي ڇڏيو هيوسون.