باب پنجون: ٽئين سخت آزمائش
سرد مهريءَ مان کيس نهاري رهيا هئا ۽ هنن کانئس ڪي ٿورا سوال پڇيا. مـِـتيا سندن چهرن مان ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهيو.
”هـُـو شايد ڪاوڙ ۾ پنهنجي بي عزتيءَ جي خيال ۾ آهن،“ مـِـتيا سوچيو. ”ڀلي هو اِنهيءَ حالت ۾ هجن.“
جڏهن هـُـن ٻڌائڻ شروع ڪيو، ته آخر هـُـن فيصلو ڪيو، ته گروشينڪا جي اَچڻ واري ’نشاني‘ کي استعمال ڪري، ته سندس پيءُ کي خبر پوي، ته گروشينڪا اَچي وئي آهي، ۽ هـُـو دريءَ کي کولي. تڏهن وڪيلن سندس لفظ ’نشاني‘ ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. ڄڻ، ته هـُـو پوريءَ ريت اُن لفظ جي معنيٰ سمجهڻ ۾ ناڪام بڻجي ويا هئا. هـُـو اِهڙيءَ ريت اُن لفظ جي سمجهڻ کان قاصر ٿي ڏٺا، جو مـِـتيا اُن کي پـَـرکي ورتو. آخر هـُـو اُن گهڙيءَ جي ذڪر تي آيو، جڏهن سندس پيءُ دريءَ مان ليئا پائي رهيو هو. سندس نفرت جوش کائي اُٿي هئي ۽ هن دستي کي ڇڪيو. مگر اوچتو ئي اوچتو ڪنهن خيال کان هـُـو رڪجي ويو. هـُـو ڀت کي ويهي ڏسندو رهيو ۽ هـُـو هن کان خبردار هو، ته سندس پيءُ جون اکيون مٿانئس کتل هيون.
”صحيح“ . جاچ ڪندڙ عملدار چيو. ”تو هٿيار کي ڇڪي ورتو هو،..... پوءِ ڇا ٿيو؟“
”پوءِ مان کيس قتل ڪيو ..... اُن کي مٿي تي ڌڪ هنيم ۽ سندس مغز ڦاٽي پيو ..... ها، اوهان جي اِهائي ڪهاڻي هوندي. اِهائي!“
سندس اکين ۾ اوچتو چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ سندس آواز ۾ آيل ڪاوڙ، اوچتو جاڳي پئي، جنهن ۾ روح جي غير معمولي بغاوت شامل هئي.
”اسان جي ڪهاڻي،“ نڪولائي پارفينووچ وري دهرايو. ”ٺيڪ آهي ۽ تنهنجي؟“
مـِـتيا پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون ۽ ڪيترو وقت خاموش ٿي ويو.
”شريف انسانو! منهنجي ڪهاڻي؟ ٺيڪ آهي، اُها هن ريت آهي.“ هن نرمائيءَ سان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”شايد هي ڪنهن جا ڳوڙها هئا يا منهنجي ماءُ جون دعائون يا ڪنهن نيڪ فرشتي مون کي اُن وقت چميو هو، مان نه ٿو ڄاڻان، پر اُن وقت شيطان تي فتح حاصل ٿي چـُـڪي هئي. مان دريءَ کان ڊوڙيس ۽ لوڙهي ڏي ڀڳس. منهنجي پيءُ تي خوف طاري ٿيل هو، هن پهريون ڀيرو مون کي ڏٺو هو، رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ دريءَ کان ٽپو ڏئي، پوئتي هـَـٽي ويو. مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي، ته مان باغ جي آرپار ٿي لوڙهي ڏانهن ڊوڙيس ..... اُن گريگري مون کي جهليو، مان اُن وقت لوڙهي تي ويهي چڪو هوس.“
هن وقت، هن پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ ڌيان سان ٻـُـڌي رهيا آهن. مـِـتيا جي روح تي ڪاوڙ جي دوري، نفرت جي حالت پيدا ڪئي.
”شريف انسانو، هن گهڙيءَ ۾ اوهان مون تي ڇو کلي رهيا آهيو.“ هـُـو اوچتو بگڙي ويو.
”تون ڪيئن ٿو اِيئن خيال ڪرين؟“ نڪولائي پارفينووچ کيس چيو.
توهان منهنجي ڪنهن به لفظ کي معتبر نه ٿا سمجهو، تڏهن اِيئن ٿئي ٿو. مان بنا شڪ سمجهان ٿو، ته مان هاڻي نهايت خطرناڪ نقطي تي اَچي ويو آهيان. پوڙهي جو مٿو ڀڳل آهي ۽ هـُـو اُتي پيو آهي ۽ مان ڊرامائي انداز ۾ ٻڌائي رهيو آهيان، ته مان هن کي ڪيئن قتل ڪرڻ ٿي گهريو ۽ مان ڪيـئن دستي کي ڇڪي ورتو هو - مان ڪيئن اوچتو دريءَ کان ڀڄي ويس. هڪ رومانُ آهي ۽ هڪ شعر آهي! ڄڻ ته ڪو، ڪنهن جي لفظ تي اعتبار به ڪري سگهي ٿو. ها، ها! شريف انسانو اوهان طعني باز آهيو.“
هـُـو اُن وقت ڪرسيءَ تي اِيئن ڦرڻ لڳو، جو منجهانئس چـَـرچـَـر جا آواز اَچڻ لڳا.
جاچ ڪندڙ عملدار کيس اوچتو چيو، ته ”تون ڏسين ٿو،“ هن ڄڻ ته مـِـتيا جي جوش کي خيال ۾ ئي نه ورتو هو، ”پر تو هيءُ ڏٺو هو، ته باغ جو دروازو کليل هو؟“
”نه اُهو کليل نه هو.“
”اٰهو کليل نه هو؟“
اُهو بند هو، پر اُن کي کولي ڪير ها؟ کڏ ۾ وجهو دروازي کي. ٿورو ترسو. هـُـو پاڻ اوچتو گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو. ڄڻ ته کانئس ڇـِـرڪ نڪري ويو.
”ڇا اوهان دروازي کي کليل ڏٺو هو؟“
”هائو اُهو کليل هو“ .
”پوءِ دروازو ڪير کوليندو؟ جيڪڏهن اوهان اُن کي نه کوليو آهي، ته“ مـِـتيا سخت حيرت مان واڪو ڪري چيو.
”در سچ پچ کليل هو ۽ تنهنجي پيءُ جو قاتل، اُن مان ئي اندر ويو هوندو.گناهه جي تڪميل ڪرڻ کانپوءِ، اِنهيءَ ئي دروازي مان نڪري ويو هوندو.“ جاچ ڪندڙ عملدار ڄاڻي واڻي هن حقيقت کي ظاهر ڪيو. ڄڻ ته سندس هرهڪ لفظ مـِـتيا جي قلب ۾ تير ۽ نشتر هڻي رهيو هو. ”هيءُ ته صاف ظاهر آهي، ته خون ڪمري ۾ ٿيو آهي ۽ نه دريءَ جي رستي. جيئن تلاشي ورتي وئي آهي، اُن مان يقين ٿي ويو آهي، اُن کانسواءِ جسم جي جاءِ ۽ ٻين ڳالهين مان اِيئن ئي معلوم ٿيو آهي. اِنهيءَ ڪارڻ ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش نه آهي.
مـِـتيا، بلڪل حيرت زده بڻجي ويو.
آخر هن واڪو ڪري چيو ته ”اِها اَڻ ٿيڻي ڳالهه آهي! مان .... مان اندر نه ويو آهيان. مان اوهان کي پـَـڪ ۽ خاطري ڏيان ٿو، ته دروازو سمورو وقت بند هو، جيستائين مان باغ ۾ هيس. مان فقط دريءَ وٽ بيٺو هوس ۽ دريءَ مان ئي کيس ڏٺو هوم. بس .... بس اِهائي ڳالهه آهي. مون کي هرهڪ شيءِ پوئين منٽ تائين به ياد آهي، پر جيڪڏهن مون کي ياد نه به هجي، ته ڳالهه اِهائي آهي. مان ئي ڄاڻان ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪوبه اِهي نشانيون ڄاڻي نه ٿو سگهي، پر مان، سميرڊياڪوف ۽ مقتول، اُن نشانيءَ کانسواءِ، دنيا جي ٻئي ڪنهن به ماڻهو لاءِ هـُـو دروازو نه کولي ها.“
”نشانيون، ڪهڙيون نشانيون؟“ جاچ ڪندڙ عملدار جنوني حالت ۾ عجب مان هٻڇ سان چيو. هن وٽ اُن وقت پنهنجي مرتبي ۽ خودداريءَ جو ڪوبه نشان نه رهيو هو. منجهس شوق ۽ نرمي اَچي وئي هئي. کيس هڪ مکيه حقيقت جي بوءِ اَچڻ لڳي، جنهن بابت کيس اڳ ڪابه خبر نه هئي. کيس خوف پئي ٿيو، ته متان مـِـتيا شايد راز نه کولي!
”سو توکي اُنهن جي خبر نه آهي؟“ مـِـتيا توهين آميز مذاق سان کيس اک هڻي مشڪيو. ”ڇا ٿئي جيڪڏهن مان توکي اِهو نه ٻڌايان؟ توهان کي ٻئي هنڌان ڪٿان به هيءَ معلومات ملي نه سگهندي، ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف، منهنجي پيءُ ۽ مون کان سواءِ، اِنهن نشانين جي ٻئي ڪنهن کي به خبر نه آهي. خدا کي اُن جي خبر آهي، پر هـُـو اوهان کي نه ٻـُـڌائيندو، پر اِها دلچسپي جهڙي حقيقت آهي. ڪنهن کي به خبر نه آهي، ته اوهان اُن تي ڪهڙي تعميل ڪندا. ها، ها، شريف انسانو، اوهان تسلي رکو، اوهان کي سڄي حقيقت ٻڌائيندس. اوهان جي دلين ۾ ڪو ٻيو بيوقوفيءَ جو خيال آهي. توهان کي خبر نه آهي، ته هن ماڻهوءَ سان ڪيئن هلڻ گهرجي! اوهان کي ته هڪ قيديءَ کان خود اُن جي خلاف ثابتي وٺڻي آهي، جنهن ۾ سندس ئي نقصان آهي. ها مان عزت وارو انسان آهيان ۽ اوهان نه.“
جاچ ڪندڙ عملدار بنا ڪنهن ڀڻ ڀڻ جي اهو سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ويو. هـُـو
بي صبريءَ مان، نئين حقيقت کي ٻڌڻ لاءِ ڏڪي رهيو هو. هوريان هوريان وضاحت سان مـِـتيا نشانين بابت کين سڀ ڪجهه ٻڌايو، جي فيودورپاولوچ، سميرڊياڪوف لاءِ ايجاد ڪيون هيون. هن کين پوريءَ طرح ٻڌايو، ته دريءَ تي ڪيترن ڌڪن هڻڻ سان ڪهڙو ٿي مطلب نڪتو؟ هن ميز تي ڌڪ هڻي ڏيکاريا. جڏهن نڪولائي پارفينووچ کانئس پڇيو، ته فرض ڪجي، ته هن جڏهن هيءَ نشاني ڏني، ته گروشينڪا آئي آهي تڏهن واقعي سندس پيءُ اِيئن سمجهيو هو، ته گروشينڪا آئي آهي.
”هاڻي جيئن وڻي، تيئن اوهان پنهنجي مناري کي بڻايو.“ مـِـتيا کين چيو ۽ وري عزت واري نموني کانئن پري ٿي ويو.
ها، تڏهن اِهي نشانيون تنهنجي پيءُ، اُن جي نوڪر ۽ توکان سواءِ ٻيو ڪوبه نه ٿو ڄاڻي؟ ٻيو ڪوبه نه؟ نڪولائي پارفينووچ، هڪ ڀيرو وڌيڪ کانئس پـَـڪَ ڪرڻ گهري.
”هائو سميرڊياڪوف ۽ خدا. خدا لاءِ به لکي ڇڏيو. اِهو به شايد اوهان کي ڪم اَچي وڃي. اُن کانسواءِ خدا جي اوهان کي ضرورت به آهي.“
واقعي هنن اڳ ۾ لکڻ شروع ڪري ڏنو هو، پر جڏهن هـُـو لکي رهيا هئا، تڏهن جاچ ڪندڙ عملدار اوچتو ڪجهه چوڻ لڳو، ڄڻ ته هـُـو ڪنهن نئين خيال کي قائم ڪري رهيو هو.
”پر جيڪڏهن سميرڊياڪوف به اِهي نشانيون ڄاڻي ٿو ۽ تون پيءُ جي قتل کان قطعي انڪاري آهين، ته اِيئن ٿي نه ٿو سگهي، ته هن قبول ڪيل نشانين کي کڙڪايو هجي ۽ تنهنجي پيءُ کي لالچايو هجي، ته دروازو کولي ۽ اُن کان پوءِ ..... ڏوهه ڪيائين.“
مـِـتيا اُن تي مڪمل ريت طعني ڀري نگاهه وڌي، جنهن مان پوري نفرت ظاهر پئي ٿي. سندس خاموش نگاهون ايتريون، ته ڊگهيون ٿي ويون هيون، جو جاچ ڪندڙ عملدار اکيون ڇنڀڻ لڳو.
مـِـتيا تشريح ڪندي جواب ڏنو، ته ”اوهان گدڙ کي وري ڦاسايو آهي. توهان مرونءَ کي پڇ کان ورتو آهي. ها، ها، جاچ ڪندڙ عملدار، مان ته اِيئن ئي ٿو ڏسان. توهان اِيئن خيال ڪيو آهي، ته مان اُن تي ٽپو ڏيندس ۽ توهان جي اشاري تي اُن کي ڦاسائيندس ۽ پنهنجي پوري زور سان واڪا ڪري چوندس، ته سميرڊياڪوف قاتل آهي. توهان قبوليت ڏيو، ته اوهان جي دل ۾ اِهي خيال آهن يا نه؟ قبوليت ڏيو، ته مان اڳتي وڌان!“
پر جاچ ڪندڙ عملدار ڪابه قبوليت نه ڏني. هن پنهنجي زبان کي روڪي ورتو ۽ ترسيو.
”توهان غلط آهيو، مان اِيئن ڪڏهن به واڪا نه ڪندس، ته سميرڊياڪوف قاتل آهي.“ مـِـتيا چيو.
”تون اُن ۾ فقط شڪ به نه ٿو آڻين؟“
”ڇو، اوهان منجهس شڪ آڻيو ٿا؟“
”هـُـن ۾ پڻ شڪ آڻي ٿو سگهجي.“
مـِـتيا پنهنجي نگاهن کي زمين ۾ کپائي ڇڏيو.
”مذاق کي ٻاهر رکو.“ اُداسائيءَ مان چيو، ”ٻـُـڌو، شروع کان ئي، بلڪل اُن گهڙيءَ کان، جڏهن مان اوهان کان ڊوڙي پردي جي پويان ويو هوس، مون کي سميرڊياڪوف جو خيال، دل ۾ موجود هو. مان هتي ويهي، اِيئن واڪا ڪندو ٿي رَهيس مان معصوم آهيان، ۽ سمورو وقت خيال ڪندو رهيس، ته سميرڊياڪوف! مان سميرڊياڪوف کي ڪو دماغ مان ڪڍي نه سگهيس. مان پڻ هاڻي سميرڊياڪوف لاءِ پئي خيال ڪيو ۽ هڪدم! پر ٿورن سيڪنڊن لاءِ، پر پوءِ مان خيال ڪيو، ته شريف انسانو نه، هيءُ سميرڊياڪوف جو ڪم نه آهي.
”اِهڙيءَ حالت ۾ تون ٻئي ڪنهن ۾ شڪ رکي سگهين ٿو؟“ نڪولائي پارفينووچ خبرداريءَ سان کانئس پڇيو.
”مون کي ڪابه خبر نه آهي، ته ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ اَلائجي هن ۾ خدا جو هٿ آهي يا شيطان جو .....؟ پر سميرڊياڪوف ٿي نه ٿو سگهي.“ مـِـتيا فيصلا ڪـُـن انداز ۾ چيو.
”پر اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جو توکي يقين ۽ وضاحت ڏياري ٿي، ته هيءُ ڏوهي نه آهي؟“
”پنهنجي فيصلي ۽ پنهنجي اَثر کان. ڇاڪاڻ ته سميرڊياڪوف سخت بزدل نموني جو ڪردار آهي. هيءُ فقط بزدل نه آهي، پر سڄيءَ دنيا جي بزدليءَ جو نچوڙ آهي، کيس هڪ چـُـوزي جي دل آهي. جڏهن هن مون سان ڳالهايو آهي، هـُـو مون کان ڪنبندو رهندو آهي. کيس خوف هوندو آهي، ته مان کيس قتل نه ڪري وجهان. جيتوڻيڪ مان ڪڏهن به مٿس هٿ نه کنيو آهي. هـُـو منهنجي پيرن تي ڪرندو آهي ۽ ٻت ٻت ڪندو آهي. هـُـو منهنجي هنن بوٽن کي چمي ڏيندو آهي، جنهن جو مطلب آهي، ته مان کيس نه ڊيڄاريان. توهان ٻڌو ٿا نه؟ اِنهيءَ لاءِ ته مان کيس نه ڊيڄاريان. ڪهڙي ڳالهه ڪجي! مان ته کيس پيسا به آڇيا هئا. هـُـو رِين رِين ڪرڻ وارو چوزو آهي - بيمار، مرگهيءَ وارو ۽ ڪمزور دل جو ماڻهو آهي. ايتري قدر جو اَٺن سالن جو ٻار به کيس مار ڏئي سگهي ٿو. وٽس ڪو لڇڻ ئي ڪونهي. جو اُن کي ٻڌايو وڃي. شريف انسانو، سميرڊياڪوف ٿي نه ٿو سگهي. کيس نه پيسي جي پرواهه آهي ۽ نه وري منهنجي سوکڙين کي ڪڏهن قبول ڪيو اَٿس. اُن کانسواءِ پوڙهي ماڻهوءَ جي قتل ڪرڻ مان سندس ڪهڙو مطلب ٿي پورو ٿيو؟ هـُـو ته سندس پٽن وانگر هو .... هن جو جسماني پـُـٽ. توهان کي اُن جي خبر آهي؟“
”اسان اِهو داستان ٻڌو آهي، پر تون پنهنجي پيءُ جو پڻ پـُـٽ به آهين، جا توکي خبر آهي، پر اُن هوندي به تون سڀ کي چوندو ٿو وتين ته تون پنهنجي پيءُ کي قتل ڪندين؟“
”اِهو هڪ دڙڪو پڻ، هڪ بيهودگي ۽ ڪميڻائپ، پر مون کي ڪوبه خوف نه آهي. شريف انسانو، ڇا هيءَ بنيادي حقيقت نه آهي، جا اوهان مون کي منهنجي منهن تي چئو ٿا، ڇاڪاڻ ته اِها حقيقت مان ئي اوهان کي ٻـُـڌائي آهي. مان فقط کيس قتل ڪرڻ نه ٿي گهريو، پر شايد اِيئن ڪريان به ها. اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڇا! مان اوجهڙ ۾ وڃي، اوهان کي سڀ ڪجهه پاڻ ٻڌايو آهي، ته مان کيس ويجهو، ويجهو قتل ڪرڻ تي پهتو هوس، پر مان کيس قتل نه ڪيو آهي. منهنجي محافظ فرشتي مون کي بچائي ورتو - اِهائي ڳالهه آهي، جنهن کي اوهان پنهنجي جاچ ۾ نه آندو آهي. اِهوئي سبب آهي، جو اوهان وٽ اِها بنيادي حقيقت بڻجي وئي آهي، پر مان ته هن کي قتل نه ڪيو آهي. مان هن کي قتل نه ڪيو آهي، توهان ٻڌو به اَٿا، مان هن کي قتل نه ڪيو آهي.“
هو بيحد پريشان ٿي ويو هو. هـُـو سڄي سوال جواب ۾ ڪڏهن به ايترو غمزده نه ٿيو هو.
”شريف انسانو!“ پر هـُـن اوهان کي ڇا چيو - ”سميرڊياڪوف کان منهنجو مطلب آهي....؟“ ٿوري ويرم رکي، هن وري چيو ته، ”ڇا مان اِهو سوال پڇي سگهان ٿو؟“
”تون ڪوبه سوال پڇي سگهين ٿو.“ جاچ ڪندڙ عملدار کيس غير معمولي سختيءَ سان چيو. ”ڪوبه سوال جنهن جو مقدمي سان رابطو هجي. اسان ٻڌل آهيون، ته اُن جو جواب ڏيون. اسان سميرڊياڪوف جي ملازم کي، جنهن جي لاءِ تون پڇي رهيو آهين، بستري ۾ بيهوش پيل ڏٺو. جنهن جي مٿان مرگهيءَ جو سخت دورو هو. ٿي سگهي ٿو، ته اِهو دورو مٿس ڏهه ڀيرا پيو هجي. ڊاڪٽر جو اسان سان گڏ هو، اُن کيس ڏسي ٻڌايو، ته ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو رات مشڪل سان جيئرو رَهي سگهي.“
”صحيح، جيڪڏهن اِيئن آهي، ته شيطان ئي کيس قتل ڪيو هوندو.“ مـِـتيا کان اوچتو هيءُ جملو نڪري ويو. ڄڻ ته هـُـو اُن وقت تائين گهريءَ سوچ ۾ هو، ۽ پاڻ کان پڇي رهيو هو ته: ”اِهو سميرڊياڪوف ٿي سگهي ٿو يا نه؟“
”اسان هن ڏي پوءِ اينداسين،“ نڪولائي پارفينووچ، پختگيءَ سان چيو. هاڻي تون جيڪر پنهنجي بيان کي جاري نه رکين؟“
مـِـتيا کين آرام وٺڻ لاءِ چيو. سندس عرض کي نهايت مروت سان قبول ڪيو ويو. آرام وٺڻ کان پوءِ، هن وري پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي، پر هـُـو ڏاڍو غمناڪ هو. هـُـو ٿڪل ۽ اخلاقي طرح زبون هو. حالتن کي خراب ڪرڻ لاءِ جاچ ڪندڙ عملدار کيس غصو ڏياري رهيو هو. ڄڻ ته هيءُ سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي اِهڙين ڳالهين ۽ نقطن جي دخل اندازي ڏيڻ سان ڪيو ٿي ويو. مشڪل سان مـِـتيا هي بيان ڪري رهيو هو، ته ڪهڙي ريت هو لوڙهي تي ويٺو، ڪيئن، گريگريءَ کي مٿي وارو دستو هنيو هئائين ۽ هـُـن کيس ڪيئن کٻي ٽنگ کان جهليو ۽ ڪيئن هـُـو ٽپو ڏيئي، هيٺ کيس ڏسڻ لاءِ لٿو، ته اُن وقت جاچ ڪندڙ عملدار کيس روڪيو ۽ چيائينس ته هـُـو ڏيکاري، ته ڪيئن هـُـو پوريءَ ريت ديوار تي ويٺو هو. مـِـتيا کي عجب لڳو.
”ها، مان اِهڙيءَ ريت ڀت تي ويٺو هوس. هڪ ٽنگ ڀت جي هڪ پاسي هئي، ۽ ٻي، ٻي پاسي.“
” ۽ دستو؟“
”دستو منهنجي هٿ ۾ هو.“
”تنهنجي کيسي ۾، ته نه هو؟ توکي چڱيءَ ريت ياد آهي؟ ڇا اِهو سخت ڌڪ هو، جو تو اُن کي هنيو هو؟“
”اِهو سخت ڌڪ هوندو، پر اوهان سوال ڇو ٿا پڇو؟“
تون اَسان کي ڪرسيءَ تي ويهي ڏيکاريندين، جيئن تون اُن وقت ديوار تي ويٺو هـُـئين؟ اَسان کي اِهو به ڏيکار، ته تو ٻانهن کي ڪيئن تحرڪ ۾ آندو هو، ۽ ڪهڙي طرف ڏئي؟“
”اوهان مون سان مذاق ڪري رهيا آهيو، هائو نه؟“ مـِـتيا گرم ٿي ڳالهائيندڙ ڏانهن ڏٺو، پر هـُـن اُن ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏنو.
مـِـتيا هڪدم ڦريو، ڪرسيءَ تي لانگ ورائي ويٺو ۽ پنهنجي ٻانهن کي هوا ۾ هلايائين.
”اِهڙيءَ ريت مان کيس ڌڪ هنيو هو، ۽ اِهڙيءَ ريت مان کيس هيٺ ڪيرايو هو! توکي وڌيڪ ٻيو ڇا کپي؟“
”شڪريه، مان هاڻي توکي اڃا تڪليف ڏئي رهيو آهيان، ته مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندين، ته تون هيٺ ڇو لهي وئين، اِيئن ڪرڻ سان تنهنجي ڪهڙي مراد هئي؟“
”کڏ ۾ وجهينس ..... مان هيٺ ٽپو ڏئي اِنهيءَ لاءِ آيو هوس، ته مان اُن ماڻهوءَ کي ڏسان، جنهن کي مون ڌڪ هنيو آهي ..... مون کي خبر نه آهي، ته مون اِيئن ڇو ڪيو!؟“
”تون جيتوڻيڪ جوش ۾ هـُـئين ۽ اُتان ڀڄندو به ٿي وئين؟“
”هائو، جيتوڻيڪ مان جوش ۾ هئس ۽ اُتان ڀڄڻ ٿي گهريم.“
”تو کيس مدد ٿي ڪرڻ گهري؟“
”مدد! ..... هائو، شايد مان کيس مدد ڪرڻ ٿي گهري ..... پر مون کي ياد نه ٿو اَچي.“
”توکي ياد نه ٿو اَچي؟ تڏهن تون پوريءَ ريت نه ٿو ڄاڻين، ته تون ڇا ڪري رهيو آهين؟“
”اِيئن نه آهي، مونکي سڀ ڪجهه ياد آهي - سڀڪو ئي تفصيل. مان ٽپو ڏيئي هيٺ لهي آيس، ته اُن کي ڏسان. مان پنهنجي رومال سان اُن جي منهن کي اُگهيو.“
”اسان تنهنجي رومال کي ڏٺو آهي. توکي اُميد هئي، ته اُن کي تون هوش ۾ آڻي سگهندين؟“
”مان اِهڙيءَ اُميد ٿي رکي، مون کي اُن جي خبر نه آهي. مون کي فقط اِها پـَـڪ ڪرڻي هئي، ته هـُـو جيئرو آهي يا نه؟“
”ها، ته توکي اِها پـَـڪ ڪرڻي هئي. ٺيڪ آهي پوءِ ڇا ٿيو!؟“
”مان ڊاڪٽر نه آهيان، مان ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيس. مان اُتان هيءُ خيال ڪري ڀڳس، ته مان اُن کي ماري ڇڏيو آهي، پر هـُـو هاڻي چڙهي پيو آهي.“
”نهايت خوب!“ جاچ ڪندڙ عملدار تشريح ڪندي چيو. مهربان! مون کي اِهائي حقيقت کپندي هئي. مهرباني ڪري اڳتي وڌو.“
افسوس مـِـتيا جي مغز ۾ اِها ڳالهه نه آئي، ته کين ٻڌائي، جا کيس ياد به هئي ته هـُـو رحم ۽ افسوس جي باعث هيٺ ٽپو ڏئي آيو هو. جڏهن اُن گوشت جي ڍڳ مٿان بيٺو هو، تڏهن سندس زبان کان ڪي لفظ نڪتا هئا، اُهي ڏک ڀريا لفظ هئا، ته ”تون ته ڏک ۾ اَچي وئين پوڙها ماڻهو - مان تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان؟ تون اِتي پيو رهه.“
جاچ ڪندڙ عملدار فقط هڪ نتيجي تي پهتو، ته ماڻهو اِنهيءَ لاءِ ٽپو ڏيئي هيٺ آيو هو، ته اِهڙيءَ گهڙيءَ ۾، ۽ اِهڙي جوش ۾، هـُـن هيءُ ڏسڻ ٿي گهريو، ته قتل جو فقط اِهو شاهد، جيئرو آهي يا مري ويو آهي! اُن وقت هـُـو وڏيءَ طاقت وارو، ٿڌو، فيصلي وارو ۽ وڏي نگاهه وارو هوندو، جيئن اهڙن موقعن تي اَڪثر ٿيندو آهي ....“ جاچ ڪندڙ عملدار کي تسلي ٿي وئي. ”مان هن منجهيل انسان کي، پيچيدگين سان، اِنهيءَ کان گهڻو وڌيڪ چورايو اَٿم، جو کيس چوڻو هو.“
تڪليف ڏيندڙ نوع ۾، مـِـتيا اڳتي وڌيو، پر هن ڀيري جلد ئي نڪولائي پارفينووچ کيس پاڻ ڏانهن ڇـِـڪي ورتو.
تون ڪيئن فيودوسويا مارڪووينا ملازم ڏي ڊوڙندو وئين؟ تنهنجا هٿ رَت سان ڀريل هئا ۽ جيئن ڏسڻ ۾ ٿي آيو تنهنجو منهن به-؟“
”ها، مان اُن وقت رت کي ڏٺو ئي ڪونه هو.“ مـِـتيا جواب ڏنو.
”اِيئن ٿي سگهي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اِيئن ٿيندو آهي.“ جاچ ڪندڙ عملدار ۽ نڪولائي پارفينووچ، نگاهن ۾ ڪجهه، هڪٻئي کي چيو.
”مان اُن کي نه ڏٺو هو. تون بلڪل صحيح آهين، جاچ ڪندڙ عملدار.“ مـِـتيا اوچتو قبوليت ڏني.
هاڻي مـِـتيا، جي اُها حقيقت ٿي آئي، جو هن اوچتي پختي خيال سان، سڀ ڪجهه پـَـري رکي، پنهنجي خوشيءَ لاءِ راهه ٿي گهڙي. پر هـُـن اِهو مناسب نه سمجهيو، ته هـُـو اڳ وانگر سندن اڳيان دل کولي رکي ۽ کين پنهنجي روح جي راڻيءَ لاءِ ٻڌائي. کيس هيءُ ناپسند هو، ته اِهڙين سردمهر طبعيتن جي اڳيان، اُن جي بابت ڳالهائي، جي مـَـکن وانگر کيس ويڙهي ويا هئا، اُنڪري هـُـو سندس سوالن جا جواب مـختصر طرح ڏيندو رَهيو.
”خير مان فيصلو ڪيو هو، ته پنهنجو خاتمو آڻيان. منهنجي جيئڻ جو هاڻي سامان ئي ڪهڙو هو؟ اِهوئي سوال هو، جو مون کي منهن ۾ ٿي آيو. هـُـن جو پهريون حقدار محبت وارو پهچي چـُـڪو هو، جنهن ماڻهو ساڻس غلط روش اختيار ڪئي هئي! جو پنجن سالن کانپوءِ کانئس محبت وصول ڪرڻ آيو هو ۽ غلط شاديءَ جي لاءِ ...... اُنڪري منهنجي لاءِ سڀ ختم ٿي چڪو هو ..... منهنجي پويان غمناڪي هئي ۽ اِها رت ...... گريگريءَ جي ...... باقي جيئڻ ڇا جو هو؟ اُنڪري مان ويس ته پستول کي ڪڍان، جيئن منهنجو فيصلو هو، اُن ۾ گولي وجهان ۽ سڀاڻي پنهنجي مٿي ۾ هڻان.“
” ۽ اُن کان اڳ ۾ هڪ وڏي دعوت هئي؟“
”هائو، هڪ رات اڳ ۾ هڪ وڏي دعوت هئي، شريف انسانو، هنن سڀني کي کڏ ۾ وجهو. جلدي ڪريو ۽ هن کي پورو ڪريو.... منهنجو مقصد هو، ته مان هتي پاڻ کي گولي نه هڻان، پر ڳوٺ جي ٻاهران. مان اِهو فيصلو ڪيو هو، ته پنجين وڳي صبح جو پاڻ کي پورو ڪريان. مان هڪ بيان لکي، پنهنجي کيسي ۾ رکيو هو. مان اِهو پروهيٽن وٽ ليکو هو، جڏهن مان پستول کي گولين سان ڀريو هو. اِجهو هيءُ آهي، اُهو خط. هن کي پڙهو، جيتوڻيڪ اهو اوهان جي لاءِ نه آهي!“ هـُـن اِهو جملو نفرت مان چيو. هـُـن اِهو خط پنهنجي صدريءَ جي کيسي مان ڪڍيو ۽ ميز تي اُڇلايائين. وڪيلن اُن کي وڏيءَ حيرت سان پڙهيو ۽ رواجي طور اُن کي مقدمي جي ٻين ڪاغذن سان گڏ رکيائون.
”توکي پروهيٽن وٽ رڳو هٿن ڌوئڻ جو به خيال نه آيو؟ توکي اِهو به خوف نه ٿيو ته متان اُن مان ڪو شـَـڪ جاڳي پوي؟“
”ڇا جو شڪ ۽ شبهو؟ شڪ پيدا ٿئي پيو يا نه؟ مان هتي ساڳئي خيال سان، نه آيو هوس ۽ پنجين بجي مان پاڻ کي گولي هڻي پورو ڪـِـري ڇڏيان ها. جڏهن اوهان وقت تي ئي نه پهچو ها، ته ڇا ڪريو ها! جيڪڏهن اِيئن نه ٿئي ها، جو ڪجهه منهنجي پيءُ سان ٿي گذريو آهي، ته اوهان کي ڪابه خبر نه پوي ها، ۽ نه وري هيڏي اَچو به ها. ها، هي شيطان جو ڪم آهي. اِهو شيطان هو، جنهن منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو، ۽ اِهو شيطان ئي هو، جنهن جي معرفت اوهان هن حقيقت کي جلدئي معلوم ڪري ورتو. توهان هتي ڪيئن ايترو جلدي پهتا.“ اِها ڪرامت آهي، يا خواب!“
”مسٽر پروهيٽن اَسان کي ٻڌايو هو، ته تون جڏهن وٽس ويو هئين، ته تنهنجي هٿن ۾ ....... رت جي داغن سان ڀريل..... تو وٽ پيسا هئا ..... تمام گهڻي رقم ...... سـَـؤُ روبل جي نوٽن جي ٿهي هئي، جنهن کي سندس ملازم ڇوڪري به ڏٺو هو.“
”شريف انسانو، اِهو سچ آهي، مون کي ياد آهي، اِيئن برابر هو.“
”هاڻي، اُن مان نهايت ٿوري ڳالهه پيدا ٿئي ٿي.“ نڪولائي پارفينووچ کانئس پڇڻ شروع ڪيو، ته ”تون ٻڌائي سگهندين، ته تو اِها رقم اوچتو ڪٿان هٿ ڪئي؟ جڏهن حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ۽ وقت جي اَندازي مان ڏِسڻ ۾ اَچي ٿو، ته تون گهر ويو ئي نه هئين.“ نڪولائيءَ جي آواز ۾ مروت ٿي ڏٺي.
جاچ ڪندڙ عملدار جي ڀرون ۽ سوال تي تشنج پيدا ٿي ويو. سوال بلڪل وضاحت سان پڇيو ويو هو، پر هن نڪولائي پارفينووچ جي سوال کان پوءِ ڪجهه نه ڳالهايو.
”نه، مان گهر نه ويو هوس.“ مـِـتيا بلڪل صاف ۽ قبول ڪندي جواب ڏنو، پر هـُـو زمين ڏي نهاري رهيو هو.
”مون کي اِجازت ڏي ته مان پنهنجي سوال کي وري دهرايان.“ نڪولائي پارفينووچ پنهنجي سوال ڏي وڌيو، ڄڻ ته هـُـو اُن مضمون ڏي آهستگيءَ سان چرندو ٿي ويو. ”تو ڪٿان ۽ فوري طور تي ايڏي رقم حاصل ڪري ورتي، جڏهن تنهنجي ئي قبوليت موجب، ساڳي ڏينهن پنجين بجي .....“
”مون کي ڏهه روبل جي ضرورت هئي، جنهن جي لاءِ مان پروهيٽن وٽ پنهنجو پستول گروي رکيو هو. اُن کان پوءِ بيگم هائلڪوف ڏي ويو هوس، ته کانئس ٽي هزار روبل قرض وٺان، پر هن مون کي نه ڏنا ۽ اِهڙيءَ ريت ٻين وٽ به ويس.“ مـِـتيا جلديءَ مان وچ ۾ دخل ڏيندي چيو. ”هائو شريف انسانو، مان ڏاڍي گهرج ۾ هوس. اوچتو هزارين روبل ملي پيا. توهان ڄاڻو به ٿا، شريف انسانو! توهان ٻنهي کي هاڻي اِهو خوف درپيش آهي، ته هاڻي هيءُ اَسان کي نه ٻڌائيندو، ته اِها رقم کيس ڪٿان هٿ آئي؟ ڪيئن اِيئن آهي نه؟ توهان جو خيال برابر درست آهي. اوهان کي اِها خبر ڪڏهن به نه پوندي.“ مـِـتيا هرهڪ لفظ کي ڳڻي ۽ ڳوتي، غير معمولي فيصلي ڪندڙ انداز ۾ چيو. وڪيل ويرم لاءِ خاموش ٿي ويا.
”مسٽرڪرامازوف توکي ڄاڻڻ کپي، ته اَسان کي اِنهيءَ ڄاڻ جي شدت سان ضرورت آهي.“ نڪولائي پارفينووچ، آهستي ۽ صاف طرح کيس چيو.
”مان اِهو ڄاڻان ٿو، پر اوهان کي نه ٻڌائيندس.“
جاچ ڪندڙ عملدار به دخل ڏيڻ شروع ڪيو ۽ کيس وري به ياد ڏياريائين، ته ”قيديءَ کي پوري آزادي آهي، ته هـُـو ڪنهن سوال جو جواب ڏئي يا نه ڏئي؟ پر جيڪڏهن اُن ۾ سندس فائدو هجي، پر پنهنجي خاموشي سان، پاڻ کي هـُـو جو نقصان پهچائي ٿو، خاص ڪري اِهڙي مقدمي ۾، نهايت وڏو آهي ......“
”شريف انسانو! اڳتي وڌو اڳتي. ڪافي آهي. مان هن فضول گفتگوءَ کي اڳ ۾ به ٻـُـڌي چڪو آهيان.“ مـِـتيا وري به وچ ۾ دخل اَندازي ڪئي. مان پاڻ ڏسان ٿ و، ته اِهو سوال ڪيترو نه اهم آهي ۽ اِها حقيقت نهايت ضروري آهي، پر اُن هوندي به مان ٻـُـڌائيندس.“
”اسان جو ڇا؟ اِهو تنهنجو پنهنجو عمل آهي. تون پاڻ کي پاڻ نقصان پهچائي رهيو آهين.“ نڪولائي پارفينووچ کيس پريشانيءَ مان چيو.
”مذاق کي ڇڏيو، شريف انسانو،“ مـِـتيا پنهنجي اکين کي مٿي کڻي، پختگيءَ سان ٻنهي ڏي نهاريو. مون کي شروع کان ئي خفيف شبهو هو، ته اَسان ڪنهن حقيقت تي احمق بڻجي وينداسون. پر پهريائين جڏهن مان پنهنجي زباني ڏيڻ شروع ڪئي هئي، ته خاموشي ۽ اونداهي هئي، ۽ سڀ ڪا ڳالهه پئي ٻـُـڏي ۽ تري، مان ايترو ته سادو هوس، جو مان پنهنجي ابتدا ئي هن فڪر سان ڪئي هئي، ته ٻنهي طرفن جي وچ ۾ پورو پورو اعتبار رهندو، پر هاڻي مان پاڻ کي ئي ڏسان ٿو، ته اِها رازداري رهي ئي نه آهي ۽ اُن جي لاءِ ڪو سوال ئي نه ٿو اُٿي. منهنجي حالت ۾ اسان لاءِ ضروري هو، ته هن نحس ۽ منجهائيندڙ منزل تي اَچي وڃون. هاڻي اسان اُتي پهچي ويا آهيون! اِها ناشـُـدني به آهي ۽ اِتي پڄاڻي به ٿئي ٿي! پر مان هن لاءِ اوهان کي ڪوبه ڏوهه نه ڏيندس. توهان فقط منهنجي لفظ تي اعتبار نه ٿا ڪري سگهو. مان بيشڪ هن کي سمجهان ٿو.“
هـُـو وري اَداس اُداس خاموشيءَ ڏانهن هليو ويو.
”ڇا تون، هن مکيه حقيقت جي لاءِ، پنهنجي خاموشيءَ جي پختي فيصلي کي بدلائي نه ٿو سگهين؟ اَسان کي ڪا ٿوري حقيقت ئي هن معاملي بابت ڏي، جا ايتري مضبوط آهي ۽ توکي لالچائي ٿي، ته تون اُن جو انڪار ڪرين. سو به اِهڙي نازڪ موقعي تي، جڏهن تون پوريءَ ريت خطري ۾ گهيريل آهين؟“
مـِـتيا ماتم زده نموني ۾ مشڪيو، ڄڻ ته هو خواب ۾ هو.
”شريف انسانو، مان اِنهيءَ کان گهڻو وڌيڪ نيڪ طبعيت وارو آهيان، جيئن اوهان سمجهو ٿا. مان اوهان کي اُن جو سبب به ٻڌائيندس، ته هاڻي اِيئن ڇو ٿيو ۽ ڪجهه اشارو به. جيتوڻيڪ اوهان اُن جي لائق نه آهيو. شريف انسانو! مان هن جي لاءِ وڌيڪ نه ڳالهائيندس. ڇاڪاڻ ته اِهو منهنجي عزت جي لاءِ داغ ٿيندو. هن سوال جو جواب، ته مان اِها رقم ڪٿان آندي، خون ۽ پنهنجي پيءُ کي ڦرڻ کان به وڌيڪ ڏک ڏيندڙ ٿيندي! جيڪڏهن مان اُن کي خون ڪيو هجي ها يا ڦريو هجي ها. اِهوئي سبب آهي، جو مان اوهان کي نه ٿو ٻڌائڻ گهران. هي سڀ اُن ڏک جي سبب کان آهي. شريف انسانو، ڇا اوهان اِهو به لکڻ چاهيو ٿا؟“
”هائو، اَسان اهو به لکنداسون.“ نڪولائي پارفينووچ هٻڪندي چيو.
”توهان منهنجي هن ندامت کي نه لکو. مان اوهان کي هيءُ سڀڪجهه نيڪدليءَ جي ڪري ٻڌايو آهي. مان جيڪر اوهان کي نه ٻڌايان ها. مان اِيئن چوان ته، هيءُ سڀ ڪجهه اوهان جي لاءِ تحفي طور هو ۽ اوهان اُن تي هڪدم زور ڏئي رهيا آهيو - چڱو لکو. جيڪي اوهان کي وڻي سو لکو.“ هن نفرت جي جهـَـلڪ سان پنهنجي گفتگو کي پورو ڪيو. ”مون کي اوهان کان ڪوبه خوف نه آهي ۽ منهنجو سـَـر اَڃا به اوهان جي اڳيان بلند آهي.“
”پر تون پنهنجي ندامت جي حقيقت کي ٻڌائي نه ٿو سگهين؟“ نڪولائي پارفينووچ خطري کي پنهنجي سـَـر تي کڻي چيو.
جاچ ڪندڙ عملدار سخت بگڙجي ويو.
”نه، نه، توهان پاڻ کي تڪليف ۾ نه وجهو. مان سزا پنهنجي هٿن سان ڀوڳي رهيو آهيان. مان پنهنجي هٿن سان گهڻو ئي پوکي چـُـڪو آهيان، جيئن اوهان ڏسو ٿا. توهان اِنهيءَ جي لائق ئي نه آهيو. ڪوبه نه آهي ..... ختم. شريف انسانو. مان اڳتي ڪجهه به نه چوندس.“
هيءُ سڀ ڪجهه نهايت وضاحت سان چيو ويو، نڪولائي پارفينووچ، اُن تي وڌيڪ زور نه ڏنو. پر هن ائپولٽ ڪريليوويچ جي اکين مان ڏٺو، ته هن اُميد لاهي نه ڇڏي آهي.
”ڇا تون ايترو به نه ٻڌائي سگهندين؟ تون جڏهن پروهيٽن وٽ ويو هئين، ته تنهنجي هٿ ۾ ڪيتري رقم هئي - صحيح صحيح ڪيترا روبل هئا؟“
”مان اِهو اوهان کي ٻڌائي سگهندس.“
”تو مسٽر پروهيٽن کي جيئن ٻڌايو هو، ته بيگم هائلڪوف کان توکي ٽي هزار روبل مليا هئا.“
”شايد مون اِيئن چيو هجي. شريف انسانو، بس، بس. مان اِهو نه ٻڌائيندس ته مون وٽ ڪيترا روبل هئا.“
”تون فقط هاڻي اِهو ٻـُـڌاءِ ته تون هتي ڪيئن آئين ۽ هتي پهچڻ کان پوءِ، تو ڇا ڇا ڪيو؟“
”او، اوهان، هتان جي بابت ماڻهن کان پڇي سگهو ٿا، پر جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي، ته مان اِهو به توهان کي ٻڌائيندس.“
هـُـو سڄي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو، پر اَسان هتي اُن کي نه دهرائينداسون. هن نهايت خشڪ ۽ اَڻ وڻندڙ نموني سان ٻڌايو. محبت جي جذبات جي بابت هـُـن ڪجهه به نه ٻڌايو، پر کين ٻڌايائين، ته حالتن جي نون پرَماڻن موجب، هن پاڻ کي گولي هڻڻ جي خيال کي ترڪ ڪري ڇڏيو. هن تفصيل ۽ حقيقي اِرادي ۾ وڃڻ جي بجاءِ رڳي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن ڀيري وڪيلن به کيس گهڻي پريشاني نه ڏني. اِيئن به هو، ته هن مقام تي سندن لاءِ ڪو ضروري دلچسپي جهڙو نقطو به ڪونه رهيو هو.
”اسان هن جي پوري جاچ پڙتال ڪنداسون. اَسان هن حقيقت ڏي وري موٽي اينداسون، جڏهن شاهدن جي پڇا ڪنداسون. جا پڻ تنهنجي حاضري ۾ ٿيندي.“ نڪولائي پارفينوويچ آخر ۾ چيو. ”هاڻي مون کي اِجازت ڏي ته مان توکي عرض ڪريان، ته تنهنجي قبضي ۾، جو ڪجهه به آهي، اُهو ميز تي ٻاهر ڪڍي رک. خاص ڪري پيسا.“
”شريف انسانو، منهنجي رقم؟ يقينـََـا. مان سمجهان ٿو، ته اِها ضروري شيءِ آهي. مون کي سچ پچ عجب ٿو لڳي، ته اوهان اڳ ۾ اُن جي بابت جاچ ئي نه ڪئي آهي؟ اِهو به سچ آهي، ته مان ڪاڏي ڀڳو نه ٿي ويس. مان اِتيئي ويٺو آهيان، جتي اوهان ڏسو ٿا. اِجها هيءَ آهي، منهنجي رقم! کڻو. مان خيال ڪريان ٿو، ته اِهائي آهي.“
هن کيسي مان سڀ رقم ٻاهر ڪڍي. ايتري قدر جو ننڍن سڪن کي به ٻاهر ڪڍيو، جي فقط ويهه هئا - هن پنهنجي صدريءَ جي کيسن کي به اُٿلايو پٿلايو. هنن رقم کي ڳڻڻ شروع ڪيو. اُها ڪـُـل اَٺ سـَـو ڇٽيهه روبل ۽ چاليهه ڪاپڪس ٿي.
جاچ ڪندڙ عملدار کانئس پڇيو ته ”ڇا سڄي رقم اِهائي هئي؟“
”هائو.“
”تو هاڻي پنهنجي بيان ۾ چيو هو، ته تو پلاٽينڪوف وٽ ٽي سـَـؤ روبل خرچ ڪيا هئا. تو پروهيٽن کي ڏهه ڏنا ۽ ڪوچبان کي ويهه ۽ هتي تو ٻـَـه سـَـؤ کپايا. پوءِ ...“
نڪولائي پارفينووچ، هنن سڀني جو جوڙ ملايو. مـِـتيا کيس مدد ڪرڻ لڳو. هنن پائي پائي کي ياد ڪيو، ۽ اُن کي به حساب ۾ وڌائون. نڪولائيءَ جلد ۾ جوڙ ڪري ملايو.
”هنن اَٺن سـَـون سوڌو، تو وٽ پهريائين پندرنهن سـَـؤ روبل هوندا؟“
”ٿي سگهي ٿو“ مـِـتيا آهستگيءَ سان چيو.
”اِهو ڪيئن آهي، ته ٻيا چون ٿا، ته تو وٽ هن کان وڌيڪ رقم هئي؟“
”ڀلي کين اِيئن چوڻ ڏيو.“
”پر تو به ته اِيئن يقين سان ٿي چيو؟“
”هائو، مان به اِيئن ٿي چيو.“
اسان هن حقيقت کي ٻين جي بيان سان ڀيٽينداسون، جن کان اَڃا پڇيو ئي نه ويو آهي. تون پنهنجي رقم جي لاءِ انتظار نه ڪر. اُن جي پوري پوري خبرداري ڪئي ويندي. آخر ۾ توکي ئي ملندي، پر اِهو ڏسڻو پوندو ۽ ثابت ڪرڻو پوندو، ته تنهنجو اِنهيءَ رقم تي بنا ڪنهن جهڳڙي جي پورو پورو حق آهي ......“
نڪولائي پارفينووچ، اوچتو اُٿي بيٺو ۽ مـِـتيا کي وثوق سان چيائين ته: ”اِهو سندن فرض آهي، ته سندس ڪپڙن ۽ ٻين شين جي جهڙتي ڏي ......“
”بيشڪ شريف انسانو! اوهان منهنجي کيسن کي جنهن ريت اُٿلائي پٿلائي ڏسو، جيڪڏهن اوهان جي خواهش آهي؟“
اِيئن چئي هن سچ پچ پنهنجي کيسن کي اُٿلائڻ پٿلائڻ شروع ڪيو.
”اِهو ضروري آهي، ته تون پنهنجي سڀني ڪپڙن کي لاهه.“
”ڇا اُگهاڙو ٿيان .... اُف! اِنهيءَ ڳالهه کي ڇڏيو. اوهان منهنجي بدن جي اِيئن ڳولها ڪري نه ٿا سگهو، جيئن آهيان! ڇا اِيئن نه ٿا ڪري سگهو؟“
”اِهو تمام ضروري آهي، فيودورپاولووچ. توکي پنهنجا ڪپڙا لاهڻا پوندا.“
مـِـتيا کي رنج ٿيندي قبول ڪرڻو پيو ۽ چيائين ته: ”جيئن اوهان جي مرضي، پر هتي نه پردي جي پويان. پر ڳولا ڪير ڪندو؟“
”پردي جي پوئتان، ٺيڪ آهي؟“
نڪولائي پارفينووچ، منظور ڪندي، پنهنجي ڪنڌ کي جهڪايو. سندس ننڍڙي منهن تي، سنجيدگيءَ جون لڪيريون اُڀري آيون.