باب ڏهون: بچاءَ ۾ تقرير. هـِـڪُ ٻئي پاسا وٺندڙ دليل
تقرير جي مـُـنڍ ۾ هن ڪيتريقدر بي ربط ڳالهايو، ائين کڻي چئجي ته بنا سرشتي جي، حقيقتن کي الڳ الڳ کڻندي، توڻي جو آخر ۾ انهن حقيقتن جو ڪـُـل جڙي ويو. سندس تقرير کي هوند ٻن اڌن ۾ ورهائجي: پهرين ۾ هن الزام جي ترديد ۾، ڪنهن ڪنهن مهل طنز ۽ ڪيني کان ڪم وٺندي، ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. پر ٻئي اڌ ۾ هن جو آواز، ويندي هن جو رويو به، بدلجي ويو، ۽ هڪدم دل ڀڄائيندڙ ٿي ويو. ٻـُـڌڻ وارا ڄڻ ته ان ئي انتظار ۾ هئا، ۽ اتساهه وچان ڪـَـنبڻ لڳا.
هن سڌو ڳالهه جو ڳاٽو کنيو، ۽ شروع هينئن ڪيائين ته جيتوڻيڪ هو وڪالت پيٽرسبرگ ۾ ڪندو هو، پر هڪ کان وڌيڪ ننڍن شهرن ۾ اهڙن قيدين جي بچاءَ ۾ پيش ٿيندو رهيو هو. جن جي بيڏوهي هجڻ جي کيس پڪ هئي يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙو اڳ ويچاريل خيال هوس. ”هن ڪيس ۾ مون سان ائين ئي ٿيو آهي،“ هن وضاحت ڪئي. ”اخبارن منڍ ۾ ئي ان ڪيس بابت جيڪي ڇاپيو، تنهن ۾ ڪجهه اهڙو ڏٺم، جنهن مون کي قيديءَ جي پاسي ڪري ڇڏيو. جنهن ڳالهه منهنجو چاهه وڌايو، سا وڪالت جي ڌنڌي ۾ اڪثر درپيش ايندي آهي، پر ورلي اهڙي انتها واري ۽ عجيب انداز ۾، جهڙي هن ڪيس ۾. مون کي ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي تقرير جي پڇاڙيءَ ۾ ڪرڻ جڳائي، پر مان مـُـنڍ ۾ ئي ائين ڪندس، ڇو ته سڌو ڪم تي چڙهڻ، پنهنجي تاثرات کي بچائي نه رکڻ ۽ پنهنجي مواد ۾ ڪفايت ڪرڻ منهنجي ڪمزوري آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها منهنجي اياڻپ هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ اها پرخلوص ضرور آهي. منهنجي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه آهي: قيديءَ جي خلاف ساکـُـن جي هڪ نهوڙي ڇڏيندڙ زنجير آهي، پر ساڳئي وقت هڪ به اهڙي حقيقت ڪانهي، جيڪا پنهنجي ليکي اڪيلي سر پرکجڻ وقت ٽيڪا ٽپڻيءَ اڳيان بيهي سگهي. مان جيئن جيئن اخبارن ۾ ايندڙ خبرون پڙهندو ويس، تيئن تيئن منهنجي خيال جي تصديق ٿيندي وئي، تان جو مون کي قيديءَ جي مائٽن جو نياپو پهتو ته اچي سندس بچاءَ ۾ وڪيل طور پيش ٿيان. مان جلد هليو آيس، ۽ هتي مان پوريءَ طرح قائل ٿي ويس. مون ڪيس کنيو ته جيئن حقيقتن جي ڀوائتي زنجير ٽوڙيان ۽ ڏيکاريان ته هر حقيقت اڪيلي سر وٺبي ته اڻ ثابت ٿيل ۽ پـُـورالي نڪرندي.“
فيتيوڪووچ جي شروعات اها هئي.
”جيوريءَ جا صاحبو!“ هن اُمالڪ احتجاج ڪيو، ”مان هن پاسي نئون آهيان. مون وٽ ڪي اڳ جـُـڙيل خيال ڪونهن. قيدي ڏاڍو وڳوڙي ۽ بي لغام سڀاءَ وارو آهي. منهنجي ته نه پر شايد شهر ۾ چڱن ڀلن جي بيعزتي ڪري کين اڳيئي پنهنجي برخلاف ڪري ڇڏيو اٿس. بيشڪ مان مڃان ٿو ته هتان جي آبرو وارن جو کيس بد اخلاق سمجهڻ حقي واجبي آهي. قيدي چيڙاڪ ۽ ويڙهاڪ طبيعت جو ڌڻي آهي، تڏهن به هتان جي سوسائٽيءَ ۾ سندس آجيان ڪئي ويندي هئي، ويندي منهنجي ٻهڳڻي دوست سرڪاري وڪيل جي گهر ۾ پڻ!“
(ڌيان لائق: انهن لفظن تان ڪي ٻه ٽي ٻڌڻ وارا کليا ۽ چپ به ٿي ويا، پر سندن کل سڀني ٻڌي. اسان کي پتو هو ته سرڪاري وڪيل جي گهر ۾ سندس مرضيءَ جي خلاف متيا جي آجيان ٿيندي هئي، رڳو ان ڪري جو سندس زال الائجي ڪيئن متيا ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي هئي. هوءَ ڏاڍي نيڪ ۽ ستياوان عورت هئي. پر ساڳئي وقت پورالي، ريچڪي ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ مڙس جي مخالفت ڪرڻ واري به هئي. بهرحال متيا جو ڪو گهڻو اچڻ وڃڻ ڪو نه هون.)
”تنهن هوندي به مان اهو چوڻ چاهيندس“ ، فيتيوڪووچ چوندو رهيو، ”ته منهنجو مخالف هونءَ آهي ته پنهنجي دماغ وارو ۽ انصاف پسند، پر پنهنجي اڀاڳي اصيل جي خلاف غلط تعصب جو شڪار ٿي ويو آهي، پر اهو بلڪل سڀاويڪ آهي ڇو جو اهو بدنصيب انسان آهي ئي ان لائق. ويل اخلاق ۽ ان کان وڌيڪ ويل ذوق اڪثر ڪري بي ترس هوندا آهن. اسان ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي تقرير ۾ قيديءَ جي سڀاءَ ۽ هلت جو سخت ڇيد ٿيندي ٻڌو، ۽ هن جو ڪيس ڏانهن سخت تنقيدي رويو به ظاهر هو، ۽ تنهن کان وڌيڪ هن نفسياتي موشگافيون به ڪيون، جيڪي هو هوند نه ڪري ها، جيڪڏهن قيديءَ خلاف هن جو تعصب ٿورو به ڄاڻيل واڻيل ۽ بغض وارو هجي ها، پر ڪي اهڙيون ڳالهيون به آهن، جيڪي ههڙن مامرن ۾ حد کان چڙهيل بغض واري ۽ ڄاڻيل واڻيل نا انصافيءَ واري رويئي کان وڌيڪ خراب، ويندي موتمار، هونديون آهن. تڏهن پاڻ وڌيڪ ڳڙ ٻڙ ٿئي ٿي، جڏهن اسان فنڪاريءَ واريءَ جبلت، ائين کڻي چئجي ته ڪو رومانس سرجڻ جي خواهش هٿان گهلجي وڃون ٿا، خاص ڪري تڏهن جڏهن خدا اسان کي نفسياتي ادارڪ سان نوازيو هجي. جڏهن مان هيڏانهن اچي رهيو هوس، تڏهن پيٽرسبرگ ۾ مون کي چتاءُ ڏنو ويو، ۽ پاڻ مون کي به اندازو هو، ته هت مون کي هڪ اهڙو ٻهڳڻو مخالف ملندو، جنهن جي نفسياتي ادارڪ ۽ لطافت کيس قانوندان حلقن ۾ تازن ورهين اندر مخصوص قسم جي مشهوري ڏياري آهي. نفسيات گهري برابر آهي، پر کائي ٻئي پاسا ٿي .“ (خلق ۾ ٽهڪ)، ”توهان مون کي شخصي مشابهت تي ضرور معاف ڪندا، مان خوش گفتاريءَ جي هام نٿو هڻان. پر مان سرڪاري وڪيل جو ڪو به نڪتو مثال طور کڻندس.“
”قيدي باغ منجهان ڀڄندو لوڙهو ٽپيو ۽ نوڪر اچي جهليس ته کيس ٽامي جي مهري هڻي ڊاهي رکيائين. پوءِ هو واپس باغ ۾ ٽپيو، ۽ پنج منٽ اهو ڏسڻ ۾ وڃايائين ته نوڪر کي ماري رکيو هئائين يا نه، ۽ سرڪاري وڪيل قيديءَ جي انهيءَ بيان تي وسهڻ کان انڪاري آهي ته هو پوڙهي گريگوريءَ ڏانهن ترس وچان ڊوڙيو هو. ’نه‘ هو چوي ٿو، ’هو اهو ڏسڻ لاءِ ڊوڙيو هو ته سندس ڏوهه جو اڪليو شاهد مري ويو هو يا جيئرو هو، ۽ ائين ڪري هن ڏيکاريو ته قتل جو جوابدار هوئي هو، ڇو ته ڪنهن به ٻئي سبب جي ڪري ڊوڙندو نه موٽي ها.‘ اها آهي نفسيات: پر ساڳيو طريقو اختيار ڪندي ان کي مامري جي ٻئي پاسي کان لاڳو ڪبو ته نتيجو ڪو گهٽ وسهڻ جوڳو نه نڪرندو، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته قيديءَ هيٺ ٽپو اڳواٽ احتياط جي ڪري ڏنو، اهو ڏسڻ لاءِ ته شاهد جيئرو هو يا نه، جڏهن ته هو فوتي پيءُ جي ڪمري ۾، جيئن سرڪاري وڪيل پاڻ دليل ڏي ٿو، ڦاٽل لفافي جي شڪل ۾ پنهنجي خلاف هڪ اهم ساک ڇڏي آيو هو. لفافي تي لکيل هو ته ان ۾ ٽي هزار روبل آهن. ’جيڪڏهن هو اهو لفافو پاڻ سان کڻي وڃي ها ته دنيا ۾ ڪنهن کي به ان بابت، ۽ ان ۾ پيل نوٽن بابت، ۽ اهو ته اها رقم قيديءَ چورائي آهي، پتو نه پوي ها.‘ اهي سرڪاري وڪيل جا پنهنجا لفظ آهن. سو اوهان هڪڙي پاسي احتياط ۾ سخت ڪوتاهي ڏسو ٿا، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن جا هوش خطا آهن ۽ ڊپ ۾ هڪ اهم سڳ فرش تي ڇڏيو ڀڳو ٿو وڃي ۽ جنهن ٻه منٽ پوءِ هڪ ٻيو ماڻهو به ماري ڇڏيو آهي، تنهن لاءِ اسان کي فرض ڪرڻو آهي ته سخت ڪٺور ۽ چٻ چٿ ڪندڙ دور انديش هو. پر اهو مڃجي به کڻي ته هو ائين آهي ته منهنجي خيال ۾ اها نفسياتي موشگافي آهي، جنهن موجب مان هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ ڪاڪيشيا جي باز جهڙو رت پياڪ ۽ تکي نظر وارو ته ٻي گهڙيءَ ۾ ڇڇوندر جهڙو ڪانئر ۽ انڌو ٿي ٿو وڃان، پر جيڪڏهن مان ايترو ئي رت پياڪ، ڪٺور چٻ چٿ ڪندڙ آهيان جو جڏهن ماڻهو ماري ٿو ڇڏيان، تڏهن موٽي وڃي ڏسان ٿو ته هو منهنجي خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ جيئرو ته ناهي، پوءِ مان پنهنجي شڪار جي خبر لهڻ ۾ پنج منٽ وڃائي ٻين شاهدن کي نظر اچڻ جو جوکو ڇو کڻان؟ ڇو پنهنجي رومال سان سندس نرڙ اُگهي اهو رتهاڻو ڪريان ته جيئن پوءِ اهو منهنجي خلاف ثابتيءَ طور پيش ٿئي؟ جيڪڏهن قيدي اهڙو ئي ڪٺور ۽ چٻ چٿ ڪندڙ هو ته پوءِ هن ڇو ڪو نه نوڪر کي ان ٽامي جي مهريءَ جا ڌڪ هڻي هڻي اُڦٽ ماري ڇڏيو ۽ هن جو پنهنجي خلاف شاهد بنجڻ جو اُلڪو ختم نه ڪيو.
”وري جڏهن هن موٽي وڃي ڏٺو ته ڪٿي شاهد جيئرو ته نه هو، تڏهن پنهنجي خلاف هڪ ٻيو شاهد واٽ تي رهايو ويو، يعني اها سڃاڻي ٽامي جي مهري، جيڪا هـُـن زائفن کان ورتي هئي ۽ جيڪا اُهي پوءِ ساک ڏيئي ٿي سگهيون ته هن ئي کانئن ورتي هئي، ۽ ائين به ناهي ته مهري هن کان واٽ تي ڪري پئي هجي ۽ ٻيهر کڻڻ وسري وئي هجيس، بلڪ هن اها زور سان اڇلائي هئي، ڇو ته اها اُتان پندرهن وکون پري ملي هئي، جت گريگوري ڪريل هو. هن ائين ڇو ڪيو؟ رڳو انهيءَ ڪري ته هن کان ماڻهو، پوڙهو نوڪر مري پيو هو ۽ هن مهري پاراتو ڏيندي پري اُڇلائي ڇڏي جو اها خوني هٿيار هئي. ضرور ائين ئي هوندو نه ته وٽس اها ايتري پري اُڇلائڻ جو ٻيو ڪهڙو سبب هو؟ ۽ جيڪڏهن هو ماڻهو مارڻ تان ڏک ۽ ڪهل جوڳو هو ته پوءِ هو پيءُ کي مارڻ جو ڏوهاري نه هو. جيڪڏهن هو پيءُ کي ماري ها ته پوءِ هو ڪهل وچان ڊوڙي وڃي ٻئي شڪار جي خبر نه لهي ها. تڏهن هن جي سوچ ٻي هجي ها، کيس پاڻ بچائڻ جو اونو هجي ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته کيس ڪهل ٻهل جو خيال ئي نه اچي ها. برخلاف ان جي، هو نوڪر جي خبر لهڻ ۾ پنج منٽ وڃائڻ جي بدران هن جو مٿو ڦاڙي ڇڏي ها. ڪهل ۽ پرائي اُون جي گنجائش هئي، انهيءَ ڪري جو تنهن وقت تائين هن جو ضمير صاف هو. هت اسان وٽ نفسيات مختلف آهي. جيوريءَ جا صاحبو، مون اهو طريقو ڄاڻي واڻي اهو ڏيکارڻ لاءِ اختيار ڪيو آهي ته اوهان ان سان ڪجهه به ثابت ڪري سگهو ٿا. سڄو دارو مدار ان تي آهي ته اهو ڪير ٿو ڪم آڻي، نفسيات، ٻيو ته ٺهيو، تمام ڳنڀير ماڻهن کي به رومانس گهڙڻ تي هرکائيندي آهي، سو به بيخياليءَ ۾. صاحبو، مان نفسيات جي غلط استعمال جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.“
ڪورٽ ۾ پسنديدگيءَ ۽ سرڪاري وڪيل تي کلڻ جا آواز وري ٻڌڻ ۾ آيا. مان تقرير جا تفصيل ڪو نه ورجائيندس. پر ان جا ڪي ٽڪرا، ڪي اهم نڪتا نقل ڪندس.