باب ٻيو: ٻـــارَ
انهيءَ ڪري هي ٻئي عورتون گهر کان غير حاضر هيون. ڪراسوتڪين جي خادمه آئيافا، بازار وئي هئي ۽ ڪوليا کي ٿوري وقت لاءِ ڇڏيو ويو هو، ته ٻارن جي نگهباني ڪري: يعني ڊاڪٽر جي ڌيءَ پٽ، جي گهر ۾ اڪيلا هئا. ڪوليا کي گهر جي سنڀال ڪندي، ڪو به خوف ڪونه پئي ٿيو. اُن کان سواءِ وٽس پريوان به هو، جنهن کي حڪم ڏنو ويو هو، ته هوُ سنئون سڌو ٿي ليٽي پوي، بينچ جي هيٺان ڪنهن به چرپر کان سواءِ پيو رهي. ڪوليا هر وقت، ڪمرن ۾ هيڏي هوڏي آيو ۽ ويو ٿي ۽ وري هال ۾ آيو ٿي، ڪتو پنهنجي مٿي کي لوڏي رهيو هو ۽ پڇ سان زمين تي ٺڪاءَ ڪري رهيو هو، پر افسوس جو ڪوليا جي سيٽي کان کيس ڇوٽڪارو نه ٿي مليو. ڪوليا اُن بدقسمت کي شوخيءَ سان نهاري رهيو هو، جو وري فرمانبرداريءَ جي سخت ڦندي ۾ هو. هڪ ڳالهه، جا ڪوليا کي تڪليف ڏيئي رهي هئي، سا هئي انهن ٻارن جي نظرداري. هوُ ڪيٽرينا جي هن اوچتي ڪارنامي کي نفرت سان نهاري رهيو هو، پر هن هنن ٻارن کي حد کان وڌيڪ محبت ٿي ڪئي. هن کين اڳ ۾ ئي هڪ تصويرن وارو ڪتاب ڏئي ڇڏيو هو. ناستيا جا عمر ۾ وڏي هئي ۽ اٺن ورهين جي هئي. پڙهي سگهي ٿي. ڇوڪرو ڪوسٽيا، جنهن جي عمر ست ورهيه هئي، ڀيڻ جي پڙهڻ کي نهايت شوق سان ٻڌڻ جو عادي هو. ڪراسوتڪين سندن وندرائڻ لاءِ، اڃا به وڌيڪ ڳالهيون مهيا ٿي ڪيون. هن کين هڪٻئي سان ملائي ٿي بيهاريو ۽ ساڻن فوجي رانديون ڪري رهيو هو يا کين لڪ ڇپ جي راند ٿي ڪرايائين. هوُ اڳ ۾ به کين اهڙي ريت وندرائيندو رهندو هو ۽ کيس ٻارن سان راند ڪرڻ ۾ ڪوبه عار نه هوندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري اسڪول ۾ مشهور ٿيو هو، ته ڪراسوتڪين، گهر ۾ ننڍن ٻارن سان گهوڙي راند ڪندو هو ۽ شرط جي گهوڙن وانگر پنهنجي مٿي کي هڪ طرف رکي ڊوڙندو ٿي رهيو. پر هوُ نفرت سان هن مذاق واري حملي کي رد ڪندو هو. چوندو هو، ته گهوڙي راند پنهنجي هم سن تيرنهن سالن جي ٻارن سان کيڏڻ شرم جي ڳالهه آهي، سو به هن عمر ۾. پر هوُ ٻارن جي تفريح لاءِ اِيئن ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته هوُ کين پيار ڪندو هو. انهيءَ ڪري ڪنهن کي به حق نه هو، ته سندس جذبات جي باعث، ڪو مٿس حرف گيري ڪري. اهي ٻئي ٻار به کيس پيار ڪندا هئا.
پر هن موقعي تي سندس طبعيت راند جي طرف مائل نه هئي، کيس پنهنجو ضروري ڪم درپيش هو، جو نهايت پراسرار هو. وقت گذري رهيو هو، آگافيا اڃا بازار کان نه موٽي، جنهن جي سنڀال ۾ هوند، هوُ ٻارن کي ڇڏي وڃي ها. هوُ ڪيئي ڀيرا گهٽيءَ کان گذري، مسواڙيءَ جي ڪوٺي جو دروازو کولي اندر ويندو هو ۽ ڏاڍي شوق مان ٻارن کي ڏسندو هو، جي ڪنهن ڪتاب جي مٿان ويٺا هوندا هئا، جو هوُ کين ڏئي ايندو هو. جڏهن جڏهن هوُ دروازو کولي وٽن ويندو هو، ته کيس ڏسي بيحد خوش ٿيندا هئا ۽ سمجهندا هئا، ته هوُ اندر اچي، انهن جي خوشي ۽ وندر جو سامان پيدا ڪندو. پر هن ڀيري ڪوليا، ايترو ته منجهيل هو، جو دروازو کولي، اُنهن ڏي نه ويو.
آخر يارنهن وڳا ۽ هن پختو ارادو ڪيو، ته جيڪڏهن آگافيا ڏهن منٽن جي اندر موٽي نه آئي، ته هوُ، اُن جي لاءِ وڌيڪ ترسڻ کان سواءِ، ٻاهر هليو ويندو. هن خيال ڪيو، ته هوُ ٻارن کان واعدو وٺندو، ته هوُ سندس غير حاضري ۾ بهادر ۽ باهمٿ ٿي رهندا. نه شرارت ڪندا، نه وري خوف کان دانهون ڪندا. اِيئن خيال ڪندي، هن سياري جي وڏي ڪوٽ کي کنيو، جنهن جي ڪالر تي ٻليءَ جي کل لڳل هئي. هن اُن کي پاتو ۽ شال کي ڪلهن جي چوڌاري ويڙهيائين. ماءُ جي بار بار هن تاڪيد کان، ته اهڙي سردي ۾ هو پيرن ۾ جورابن کي ضرور پائي، ڪناره ڪشي ڪندي، اُنهن کي ڏسندو هال کان گذريو ۽ فقط بوٽ ئي پاتائين. پريزيوان کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ سنبريل ڏسي، فرش تي زور زور سان پنهنجو پـڇ هڻڻ لڳو. سندس سڄو بدن لرزش ۾ اچي ويو هو ۽ ڀؤنڪڻ لڳو. پر ڪوليا، پنهنجي ڪتي جي جوشيلي بي صبري کي ڏسي، ارادو ڪيو، ته هن سندس انتظام ۾ جيئن ته رخنو وڌو آهي، ان ڪري کيس ڪجهه وڌيڪ وقت بينچ جي هيٺان رهڻ گهرجي. هن گهٽيءَ جو دروازو کوليندي، کيس فقط سيٽي جو آواز ڏنو. ڪتو ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ وحشي جانورن وانگر سندس سامهون جهڪي، ليٽ پيٽ ٿيڻ لڳو.
ڪوليا دروازي کي کولي، ٻارن ڏي جهاتي پائي ڏٺو، هو دستور موجب ميز جي سامهون ويٺا هئا، هنن ان وقت پڙهيو ته ڪونه ٿي، پر ڪنهن بحث ۾ سرگرم ٿي ڏٺا. اڪثر هي ٻار انساني زندگيءَ جي حادثن ۽ مسئلن تي بحث ڪندا رهندا هئا. ناستيا جيئن ته عمر ۾ وڏي هئي، ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي هئي. جيڪڏهن ڪوستيا ساڻس متفق نه ٿيندو هو، ته هو هميشھ ڪوليا ڪراسوتڪين کي ٽياڪڙ مقرر ڪندا هئا ۽ سندس فيصلو ٻئي حرف آخر سمجهندا هئا. هن ڀيري ٻارن جو بحث ڪراسوتڪين جي لاءِ بيحد دلچسپ هو. هو گهٽيءَ ۾ ان جي ٻڌڻ لاءِ، خاموش بيهي رهيو. ٻارن ڏٺو، ته هو کين ڌيان ڏيئي ٻڌي رهيو آهي، ان ڪري سندن جهڳڙو اڳي کان به تيز ٿي ويو.
ناستيا چوڻ لڳي، ته ”مان هن ڳالهه تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪنديس، ته پوڙهيون عورتون، رڌڻي واري باغ ۾ ٻارن کي ڪڏهن به گرميءَ سبب لهي نه اينديون آهن. هاڻي ته سيارو آهي ۽ گرمي ته آهي ئي ڪونه. ان ڪري پوڙهي عورت ڪيٽرينا کي نئون ٻار ڪٿان آڻي ڏيندي؟“
ڪوليا سيٽي ڏيڻ لڳو.
”يا ته اِيئن آهي، ته اهي ٻار ڪٿان کڻي ايندا آهن، پر اهي انهن عورتن جي لاءِ هوندا آهن، جي شادي ٿيل هونديون آهن.“
ڪوستيا عجب مان ناستيا کي ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لڳو ۽ گهري ويچار ۾ پئجي ويو هو.
آخر هن چيو ته ”ناستيا تون ڪيڏو نه بيوقوف آهين.“ هيءُ جملو هن نهايت پختگيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان چيو. ”ڪيٽرينا کي ٻار ڪيئن ٿيندو، جڏهن ته هوءَ پرڻيل ئي نه آهي؟“
ناستيا غصي ۾ ڀرجي وئي. ”مان سمجهان ٿي ته کيس مڙس آهي، پر هو قيدخاني ۾ آهي. ان ڪري ئي کيس هاڻي ٻار ٿيڻ وارو هوندو.“ هن اطمينان سان چيو.
”ڇا! اهو سچ آهي، ته ڪيٽرينا جو مڙس جيل ۾ آهي؟“ ڪوستيا نهايت سنجيدگيءَ سان، کانئس اهو معلوم ڪرڻ گهريو.
ناستيا پنهنجي پهرئين حقيقت کي فراموش ڪندي، تحڪماڻي آواز ۾ چيو، ته کيس مڙس ڪونه آهي، تون هن ۾ برابر آهين. پر هوءَ چاهي ٿي، ته شادي ڪري. ان ڪري هوءَ ان تي خيال ڪندي رهي ٿي. اهڙي ريت خيال ڪندي ڪندي، ان کي حاصل ڪيو اٿس، پر اهو سندس مڙس نه آهي پر ٻار آهي.“
”پر سچ پچ اِيئن هوندو.“ ڪوستيا پوري ريت غالب ٿيندي قبول ڪيو.“ پر ”تو، اڳ ۾ ته اِيئن چيو ئي نه هو. تون ڪيئن ٿي ڄاڻين ته مان ان کي سمجهان؟“
ڪوليا، اندر قدم رکندي، کين چيو ته ”ٻارو هيڏي اچو. مان ڏسان ٿو، ته اوهان خطرناڪ ماڻهو آهيو.“
ڪوستيا مشڪندي کانئس پڇيو، ته ڇا پريزيوان به ساڻس آهي؟ اِيئن چئي هن پوءِ ڪتي کي آواز ڏنو ۽ آڱرين سان اشارا ڪرڻ لڳو.
”ٻارو مان نهايت مشڪل ۾ آهيان.“ ڪراسوتڪين نهايت ڳنڀير ٿي کين چيو. ”اوهان کي منهنجي مدد ڪرڻ کپي. آگافيا جي شايد ڪٿي ٽنگ ڀڄي پئي آهي. انهيءَ ڪري هوءَ پوئتي موٽي نه سگهي آهي. مون کي ان جو يقين آهي. مان ٻاهر ويندس. ڇا اوهان مون کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيندا؟“
ٻار هڪٻئي کي انتظار مان نهارڻ لڳا. سندن مشڪندڙ چهرن ۾ بي آرامي اچي وئي. پر اڃا تائين، هنن ان حقيقت کي نه سمجهيو هو، جيتري قدر سمجهڻ جي اميد ٿي رکيائون.
”جڏهن مان وڃان، ته اوهان ڪابه شرارت نه ڪجو. اوهان الماڙي تي چڙهي، پنهنجون ٽنگون نه ڀڃجو. اڪيلائي ۾ نه ڊڄجو نه دانهون ڪجو؟“
ٻارن جي چهرن مان گهري مايوسي ظاهر ٿيڻ لڳي.
”مان اوهان کي هڪ شيءِ انعام طور ڏيکارڻ گهران ٿو. اها ننڍڙي ٽامي جي هڪ توب آهي. ان ۾ جيڪڏهن بارود وڌو وڃي، ته اها باقاعده ڇٽي پوندي.“
انهيءَ گهڙي ٻارن جون اکيون خوشيءَ کان چمڪي اٿيون. ”اسان کي اها توب ڏيکار.“ ڪوستيا، سڄو ئي خوشيءَ سان ڀرجي ويو.
ڪراسوتڪين پنهنجو هٿ کيسي ۾ وڌو ۽ هڪ ڌات جي ننڍڙي توب ڪڍي، ميز تي رکيائين.
”توهان هن جي لاءِ هرڪا ڳالهه پڇي سگهو ٿا. هن جي ڦيٿن کي ڏسو. ”هن رانديڪي کي ميز تي گهمايو. هن مان ٺڪاءُ به نڪري سگهندو. جيڪڏهن هن کي بارود سان ڀريو وڃي، ته اها ڇٽي به پوندي.“
”ڇا! اها ڪنهن کي ماري به سگهي ٿي؟“
”بيشڪ! اها ڪنهن کي ماري به سگهي ٿي، پر شرط اهو آهي ته نشان چڱيءَ ريت ورتو وڃي.“
ان کان پوءِ ڪراسوتڪين کين سمجهائڻ شروع ڪيو، ته ڪٿي بارود وڌو وڃي ۽ ڪهڙي جاءِ تي لبلبي کي زور ڏنو وڃي؟ کين ان ۾ هڪ ننڍڙو سوراخ ڏيکاريائين، ته جڏهن لبلبي جو ڌڪ لڳندو، ته ان مان بارود ڌماڪو ڪري نڪري ايندو.
ٻار کيس پوري ڌيان سان ٻڌي رهيا هئا، سندن تصور ۾ اها ڳالهه وڌيڪ کپي وئي هئي، ته اها توب ڌڪ به هڻي سگهي ٿي.
”ڇا توکي بارود به آهي،“ ناستيا کانئس معلوم ڪرڻ گهريو.
”هائو.“
”اسان کي بارود به ڏيکار.“ ناستيا مشڪندي کيس عرض ڪرڻ جي انداز ۾ چيو. ڪراسوتڪين وري کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ هڪ ننڍڙي شيشي کوليائين، جنهن ۾ ٿورو سچو پچو بارود پيل هو. ٿورو انداز گندرف جو به ڪڍيائين. جو ڪاغذ جي پـُـڙيءَ ۾ هو. ڪجهه بارود کڻي تريءَ تي رکيائين ۽ چوڻ لڳو ته:
”ماڻهوءَ کي هميشھ خبردار ٿيڻ گهرجي، ته هن شيءِ جي ڀرسان باهه نه هجي. نه ته هيءُ ڦاٽي پوندي ۽ اسان سڀني کي ماري وجهندي.“ ڪراسوتڪين کين جذباتي طرح خطري کان آگاهي ڏني.
ٻارن نهايت خوف مان ان بارود کي ڏٺو. هنن ان جي ڏسڻ مان فقط پاڻ کي وندرائڻ گهريو. پر ڪوستيا چاهيو ٿي ته ان کي ڇٽندو به ڏسي.
”ڇٽڻ وقت، هن کي باهه لڳي ويندي؟“ هن معلوم ڪرڻ گهريو.
”نه، اِيئن نه ٿيندو.“
هن جستجو ڪرڻ واري آواز ۾ کيس چيو، ته ”مون کي اهو ڇوڙي ڏيکار؟“
”مان اوهان کي ڇوڙي ڏيکاريان ٿو. هن کي وٺ پر منهنجي موٽي اچڻ تائين پنهنجي ماءُ کي نه ڏيکارجو. هوءَ هن کي سچو پچو بارود سمجهي، يا ته خوف کان مري ويندي، يا اوهان کي خوب سيکت ڏيندي.“
”ماءُ اسان کي ڪڏهن به لڪڻ نه هڻندي.“ ناستيا هڪدم کيس جواب ڏنو.
”مان ڄاڻان ٿو. مان هيءُ پنهنجي جملي کي پوري ڪرڻ لاءِ چيو آهي. هن موقعي کان سواءِ اوهان وري ڪڏهن به پنهنجي ماءُ سان ٺڳي نه ڪجو. منهنجي موٽڻ تائين چپ رهجو. سو ٻارڙو، هاڻي مان ٻاهر وڃان؟ مان جڏهن وڃان ته نه اوهان ڊڄجو نه دانهون ڪجو.“
”اسان دانهون ڪنداسين.“ ڪوستيا مشڪندي چيو. سندس اکيون اڳ ۾ ڳوڙهن سان ڀريل هيون.
”اسان رئنداسون، توکي يقين هئڻ کپي، ته اسان رئنداسون. ناستيا بزدليءَ جو مظاهرو ڪندي تڪڙ مان چيو.
”اڙي ٻارو! اڙي ٻارو! اوهان جي هيءَ عمر ڪيڏي نه خطرناڪ آهي. ڪوبه ڪم ٿي نه ٿو سگهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه آهي، ته اوهان وٽ رهان. وقت گذرندو وڃي ٿو، اُف! خبر نه آهي ته ڪيترو وقت ترسڻو پوندو.“
ڪوستيا کيس ليلائي چيو، ته پريزيوان کي حڪم ڏي ته مردو بڻجي وڃي؟
انهيءَ کان سواءِ چارو نه آهي. اسان کي پريزيوان سان واسطو قائم ڪرڻ گهرجي. مان پريزيوان سان. ڪوليا ڪتي کي حڪم ڏيڻ لڳو، ته هن پنهنجون بازيون شروع ڪري ڏنيون.
هو کهرن وارن وارو ڪتو هو، سندس قد ۽ جسم پورو پنو هو. سندس وارن جو رنگ، لـِـلي جي گل جي رنگ جهڙو ڀورو هو ۽ سڄي اک کان انڌو هو. سندس کٻو ڪن چيريل هو. هو ڀؤنڪيو به ٿي ۽ ٽپا به ٿي ڏنائين. هو پنهنجي پوين ٽنگن تي بيٺو به ٿي ۽ گهميو به ٿي. هو ٽنگون هوا ۾ مٿي ڪري زمين تي ليٽي به ٿي پيو. هو ليٽڻ وقت ايڏو ته خاموش ۽ سخت بڻجي ٿي ويو، جو ڄڻ ته مري ويو آهي. جيئن ئي سندس پويون کيل هلي رهيو هو، دروازو کليو ۽ آگافيا بيگم ڪراسوتڪين جي خادمه، چاليهن ورهين جي مضبوط ڪرڙوڍ عورت، جنهن جي منهن تي ڪيئي ماتا جا داغ هئا، ظاهر ٿي. هوءَ بازار کان موٽي هئي ۽ سندس کٻي هٿ ۾ سودي سان ڀريل ڇٻي هئي. هوءَ خاموش بيهي رهي ۽ ڪتي کي ڏسندي رهي. جيتوڻيڪ ڪوليا سندس موٽڻ لاءِ بيحد منتظر هو، پر هن پنهنجي تماشي ۾ ڪابه ڪثر نه وڌي. مقرر وقت لاءِ کيس مردي جي صورت ۾ رکڻ کان پوءِ، آخر هن سيٽي ڏني. ڪتو ٽپو ڏئي اٿيو ۽ خوشيءَ کان پڇ لوڏيندو رهيو، ڄڻ ته هن پنهنجي فرض کي پوريءَ ريت سرانجام ڏنو هو.
”اهو خيال ڪر ته هيءَ ڪتو آهي!“ آگافيا پـُـر معنيٰ لفظن ۾ کيس ڇينڀيو.
”عورت تو دير ڇو ڪئي آهي؟“ ڪراسوتڪين سختيءَ مان کيس چيو.
”هائو ڇوڪرا! تنهنجو هن سان ڪهڙو واسطو آهي، جي مان دير به ڪئي آهي. جيڪڏهن مان دير سان آئي آهيان، ته مون کي ان جي لاءِ ڪو سـُـهائيندو سبب هوندو.“ آگافيا ڀڻڪندي کيس چيو. هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي وئي. سندس آواز ۾ نه ڪاوڙ هئي، نه ناراضپي جو اظهار. هوءَ بلڪل خوش ٿي ڏٺي. درحقيقت هو پنهنجي خوشنود ننڍڙي آقا سان مذاق ڪري رهي هئي.
”ڌيان ڏئي ٻڌ، مهمل ۽ پوڙهي عورت!“ ڪراسوتڪين صوفي تان اٿندي، ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”دنيا جي اندر، تون سڀني پاڪ شين جو قسم کڻي چوندينءَ، ته تون منهنجي غير حاضريءَ ۾، هنن ٻارن جي چڱيءَ ريت خبرداري ڪندينءَ؟ مان ٻاهر وڃي رهيو آهيان.“
”پر مان قسم ڇا جي لاءِ کڻان؟“ آگافيا کلڻ لڳي. ”مان قسم کان سواءِ به هنن جي سنڀال ڪنديس.“
”نه، جيستائين تون پنهنجي غير فاني ايمان جو قسم نه کڻندينءَ، تيستائين مان نه ويندس.“
”ٺيڪ آهي نه وڃ. منهنجو انهيءَ سان ڇا بگڙندو. ٻاهر سخت سردي آهي، توکي گهر ۾ رهڻ گهرجي.“
”ٻارو“ ڪوليا ٻارن ڏي مڙندي چيو. ”هيءَ عورت اوهان جي سنڀال ڪندي، جيستائين مان موٽي اچان يا اوهان جي ماءُ موٽي اچي، ڇاڪاڻ ته کيس گهڻو وقت اڳ ۾ موٽڻ کپندو هو. هوءَ اوهان کي مزيداريءَ سان ڏينهن جو کاڌو ڏيندي. آگافيا تون به هنن کي ڪجهه ڏي. هائو نه؟“
”مان ڏيندس.“
”خداحافظ ٻارو! مان پنهنجي دل کي سڪون ڏيڻ لاءِ وڃان ٿو.“ هو جيئن آگافيا وٽان گذريو، ته کيس هلڪي آواز ۾ چوندو ويو، ته ”ناني! مون کي اميد آهي ته تون هنن جي ننڍڙي عمر کي خيال ۾ رکي، پوڙهين زالن وانگر، ڪيٽرينا جي بابت واهيات ڳالهيون نه ٻڌائينديئن.“ ان کان پوءِ هن ڪتي کي سڏ ڪيو، ته ”اچ پريزيوان!“
هن دفعي آگافيا، سخت غصي ۾ ڀرجي وئي ۽ کيس رڙ ڪري چيائين، ته ”عجيب ڇوڪرا، تون پنهنجو رستو وٺ. اهڙين ڳالهين ڪرڻ لاءِ توکي چهبڪ هڻڻ گهرجن. ها تون چاهين به اهو ئي ٿو.“