باب ٻارهون: ۽ خون پڻ ڪونه ٿيو هو
”ها، پر هن گـُـتن ۾ پنهنجي پيءُ کي مارڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ۽ ٻه ڏينهن اڳ، تنهن سانجهيءَ جو جڏهن هن اهو خط لکيو، تڏهن هو چپ هو ۽ رڳو هڪڙي هٽئيءَ سان وڙهيو ڇو ته هڪ ڪرامازوف جهيڙي کانسواءِ رهي نٿو سگهي، برابر! پر مون وٽ ان جو جواب هيءُ آهي ته جيڪڏهن هو، پنهنجي خط موجب، خون جي سٽ سٽي رهيو هو ته ڪنهن هٽئيءَ سان ڪو نه وڙهي ها، ۽ گهڻو ڪري ڪنهن گتي ۾ ئي نه وڃي ها، ڇو ته اهڙي سٽ سٽيندڙ ماڻهو ماٺ ۾ ۽ ڪنڊائتو رهڻ چاهيندو آهي، پاڻ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪنهن کي نظر اچڻ ۽ ٻڌجڻ کان بچڻ جي ڪندو آهي، ۽ اهو سڀ سوچي سمجهي نه پر جبلت جي ڪندو آهي. جيوريءَ جا صاحبو، نفسياتي طريقو ٻٽي ڌار وارو هٿيار آهي، ۽ اسان به اهو ڪم آڻي سگهون ٿا. سارو مهينو گتن ۾ ڪيل واڪا ئي وٺو. ڇا ٻار ۽ گتن مان ٻاهر ايندڙ پياڪ واڪا نه ڪندا آهن: ’ماري وجهندو مان‘ پر هو ڪنهن کي به ڪونه ماريندا آهن. ۽ اهو موتمار خط، ڇا اها پيتل چڙ نه آهي؟ اهو پڻ رڳو جهيڙاڪ جي گتي جي ٻاهران باهوڙ نه آهي ڇا؟ ’مان توهان کي ماري ڇڏيندس! هڙنيءَ کي ماري ڇڏيندس!‘ ڇو اهو خط اهو نٿو ٿي سگهي؟ اسان ان خط کي ’موتمار‘ ڇو چئون، واهيات ڇو نه چئون؟ ڇاڪاڻ ته قيديءَ جي پيءُ جو خون ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪڙي شاهد قيديءَ کي باغ منجهان ڀڄندي ڏٺو، جنهن ڌڪ هڻي ڪيرائي رکيس، انهيءَ ڪري اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو: سڀ ڪجهه ائين ئي ڪيو ويو، جيئن هن لکيت ۾ رٿيو هو، سو خط ’واهيات‘ نه پر ’موتمار‘ آهي.“
”خدا جو شڪر آهي جو اسان هاڻ اصل ڳالهه تي پهتا آهيون: ’جيئن ته هو باغ ۾ هو، ان ڪري لازمي طرح هن ئي قتل ڪيو هوندو.’ انهن ٿورن لفظن ‘ جيئن ته هو، ان ڪري لازمي طرح هن’ ۾ سرڪاري ڌر جو سڄو ڪيس سمايل آهي. هو اتي هو. سو هن لازمي طرح ڪيو هوندو، ۽ سندس اتي هجڻ جي باوجود ان ۾ ’لازمي طرح‘ نه هجي ها ته پوءِ؟ ها، مان مڃان ٿو ته شاهدين - اتفاقن - جي زنجير مان سچ پچ ائين ٿو ڀاسي. پر انهن سڀني حقيقتن کي، سندن هڪ ٻئي سان لاڳاپي کان رک ٽار ڪندي، الڳ الڳ پرکي ڏسو. مثال طور، سرڪاري ڌر قيديءَ جي انهيءَ بيان کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ته هو پيءُ جي دريءَ وٽان ڀڄي آيو هو. اها ٽوڪبازي ياد ڪريو، جيڪا سرڪاري وڪيل قيديءَ تي اوچتو طاري ٿيندڙ ’ادب‘ ۽ ’نيڪ‘ جذبن جي حوالي سان ڪئي. پر جيڪڏهن اهڙو ڪو جذبو هو، جي پٽ جو پيءُ لاءِ ادب نه ته مذهبي ڏيا ته پوءِ؟ ’امڙ ضرور ان وقت مون کي دُعا ڪري رهي هوندي. ’اهي هئا قيديءَ جا شروعاتي پڇاڳاڇا وقت چيل لفظ، ۽ جيئن ئي هن کي پڪ ٿي ته مادام سويتلوف سندس پيءُ جي گهر ڪانهي، تيئن ئي هو اُتان ڀڄي نڪتو. سرڪاري وڪيل جو اعتراض آهي، ’پر هو دريءَ کان ڏسي پڪ نه ڪري سگهيو هوندو.‘ ڇو نه ڪري سگهيو هوندو؟ ڇو؟ قيديءَ جي اشاري تي دري کليل رکي وئي هئي. فيودور پاولووچ متان ڪو لفظ ڳالهايو هجي، ڪو واڪو، ڪا دانهن ڪئي هجي، جنهن مان قيديءَ سهي ڪيو هجي ته هوءَ اتي ڪانه هئي. ڇو اسان ڪائي ڳالهه تصور ۾ آڻيون، جيئن ان کي تصور ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪريون، تيئن اها مڃون به کڻي؟ حقيقت ۾ هزارين ڳالهيون اهڙيون به ٿينديون آهن، جيڪي اونهي ۾ اونهي تصور ۾ به نه اينديون آهن.“
”ها، پر گريگوريءَ در کليل ڏٺو هو، سو قيدي يقيني طرح اندر ويو هوندو، ان ڪري هن ئي کيس قتل ڪيو، جيوريءَ جا صاحبو، هاڻي در کي ٿا وٺون. ڌيان رهي ته ان در بابت اسان وٽ رڳو هڪڙي شاهد جو بيان آهي، پر ان شاهد جي ان وقت اهڙي حالت هئي- پر کڻي ٿا مڃون ته در کليل هو، کڻي ٿا مڃون ته قيديءَ ان جي ترديد ڪري ڪوڙ ڳالهايو آهي، پاڻ کي بچائڻ جي جبلت کان جو قيديءَ واريءَ صورت ۾ اهو بلڪل سڀاويڪ هو، کڻي ٿا مڃون ته هو سچ پچ گهر اندر ويو هو- هون، پوءِ ڇا؟ اهو نتيجو ڪيئن ٿو نڪري ته خون هن ڪيو؟ هو ڌوڪي پيو هجي، ڪمرا ڊوڙندو ڏسندو ويو هجي، پيءُ کي ڌڪو ڏيئي پري ڪيو هجيائين، ۽ جيئن ئي پڪ ٿي هجيس ته مادام سوتيلوف اُتي ڪانهي، اُتان ڊوڙندو نڪري آيو هجي، انهيءَ ڳالهه تي خوش ٿيو هوندو ته هوءَ اُتي ڪانه هئي، ۽ هن پيءُ کي ڪونه ماريو. ۽ شايد ان ڪري ته هو پيءُ کي مارڻ جي ڌُتار کان بچي ويو، ان ڪري ته هن جو ضمير صاف هو ۽ هو کيس نه مارڻ تان خوش هو. هو نج جذبن جي قابل هو، ڪهل ۽ ڪهڪاءَ جي جذبن جو، ۽ هو ويرم پوءِ گريگوريءَ کي اُتاولي جوش وچان ڊاهي رکڻ کان پوءِ سندس واهر لاءِ لوڙهو ٽپي ٿو.“
”سرڪاري وڪيل زبردست فصاحت ۽ بلاغت سان موڪروءِ قيديءَ جي خوفناڪ ذهني حالت بيان ڪئي، جڏهن محبت سندس سامهون موجود هئي ۽ کيس نئين حياتيءَ ڏانهن سڏي رهي هئي، پر هن لاءِ محبت ناممڪن هئي، ڇو ته پيءُ جو رتورت مڙهه پٺيان هيس ۽ مڙهه کان اڳتي هئي ڪرڻي ڀرڻي، ۽ پوءِ به سرڪاري وڪيل هن لاءِ محبت ماڻڻ جي گنجائش، پنهنجي حساب سان، قيديءَ جي نشي واري حالت بابت، ڏوهاريءَ کي ڦاسيءَ گهاٽ ڏانهن وٺي وڃڻ بابت، ان جي اڃا پري هجڻ وغيره بابت ڳالهائڻ جاير رکيو. پر پوءِ به مان پڇان ٿو، وڪيل صاحب، ڪٿي اوهان نئين شخصيت ته ايجاد نه ڪري ويٺا آهيو؟ ڇا قيدي ايترو اڻگهڙيو ۽ اڻاسو آهي جو ان وقت، جنهن وقت سندس هٿ پيءُ جي رت سان رڱيل هئا، تنهن وقت هو سزا کان بچڻ جي طريقن ۽ محبت ماڻڻ بابت سوچي رهيو هو؟ نه، نه، نه! جڏهن اهو چٽيءَ طرح سامهون آيو ته هوءَ ساڻس پيار ٿي ڪري ۽ پنهنجي پاسي ۾ ٿي سڏيس، تڏهن، مان زور ڏيئي چوان ٿو، تڏهن سندس آپگهات ڪرڻ وارو پـُـو، ضرور ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو هوندو. ۽ جيڪڏهن پيءُ کي سچ پچ ماريو هجيس ها ته ضرور پاڻ ماري ڇڏي ها، نه نه، هن ڪونه وساريو هوندو ته سندس پستول ڪٿي رکيل هو؟؟ مون کي قيديءَ جي خبر آهي، سرڪاري وڪيل هن سان جيڪا ڇتي ۽ پٿرائين بيدلي منسوب ڪئي آهي، سا هن جي سڀاءَ سان نٿي ٺهڪي. اها پڪي ڳالهه آهي ته هو پاڻ کي ماري ڇڏي ها. هن پاڻ کي نه ماريو ڇو ته ’سندس ماءُ جي دعائن کيس بچائي ورتو هو‘ ۽ هو پيءُ جي خون کان بيڏوهي هو. هو پريشان هو، ان رات هو موڪروءِ رڳو پوڙهي گريگوريءَ لاءِ ترسيل هو ۽ خدا کي ٻاڏائي رهيو هو ته پوڙهو سنئين لڱين ٿئي، ته سندس ڌَڪُ موتمار نه هجي، ۽ کيس ان تان ڀوڳڻو نه پوي. حقيقتن جي اها سمجهاڻي ڇو نه قبول ڪئي وڃي؟ اسان وٽ ڪهڙو ويساهه جوڳو ثبوت آهي ته قيدي ڪوڙ پيو ڳالهائي؟“
”پر اسان کي هڪ ڀيرو وري ٻڌايو ويندو، ’سندس پيءُ جو مڙهه جو پيو آهي! جي هو کيس مارڻ کان سواءِ نڪتو هليو ويو هو ته پڻس کي ڪنهن ماريو؟‘ مان ورجايان ٿو، سرڪاري ڌر جي سڄي منطق اجها اها آهي. جي هن نه، ته کيس ڪنهن ماريو هو؟ ڪو به ڪونهي، جنهن کي سندس جاءِ تي رکجي.“
”جيوريءَ جا صاحبو، ڇا سچ پچ ائين ئي آهي؟ ڇا اهو قطعي طرح ۽ واقعي صحيح آهي ته ٻيو ڪو به ڪونهي؟ اسان سرڪاري وڪيل کي اهي سڀ آڱرين تي ڳڻيندي ٻڌو آهي، جيڪي ان رات گهر ۾ هئا. اهي پنج هئا. منجهائن ٽي مان مڃان ٿو ته جوابدار نٿا ٿي سگهن. مقتول پاڻ، پوڙهو گريگوري ۽ سندس زال. باقي بچيا قيدي ۽ سميرڊياڪوف، ۽ سرڪاري وڪيل ڊرامائي انداز ۾ واڪو ڪري ٿو ته قيديءَ سميرڊياڪوف ڏانهن اشارو ڪيو ڇو ته سندس نظر ۾ ٻيو ڪو ڪونه هو، ۽ جي ڪو ڇهون ماڻهو هجي ها يا ان جو پرياءُ ئي هجي ها ته هو هڪدم پشيمان ٿي سميرڊياڪوف کي ترڪ ڪري ها ۽ ان ڇهين ماڻهوءَ تي ڏوهه رکي ها. پر، جيوريءَ جا صاحبو، ڇو نه مان اُبتڙ نتيجو ڪڍان؟ ٻه ڄڻا قيدي ۽ سيمرڊياڪوف آهن. مان اهو ڇو نه چوان ته اوهان منهنجي اصيل تي انهيءَ ڪري ڏوهه ٿا رکو جو اوهان وٽ ٻيو ڪو ڏوهه رکڻ لاءِ ڪونهي؟ ۽ اوهان وٽ ڪو ٻيو انهيءَ لاءِ ڪونهي جو اوهان سميرڊياڪوف کي هر شڪ کان ٻاهر رکڻ جو پختو پهه ڪري چڪا آهيو.
”تحقيق اهو صحيح آهي ته سميرڊياڪوف تي ڏوهه رکڻ وارا فقط قيدي، سندس ٻه ڀائر ۽ مادام سويتلوف آهن. پر ٻيا به آهن، جيڪي مٿس ڏوهه رکن ٿا: سوال جا، شڪ جا، مبهم اطلاع جا، امڪان جي احساس جا اُڏندڙ افواهه آهن. آخر ۾، اسان وٽ حقيقتن جي ميلاپ جي ڏاڍا ڏَسَ ڏيندڙ ساک آهن، جا، مان مڃان ٿو، ڪافي نه آهي. اسان وٽ پهرين آهي ٺيڪ ان ڏينهن پوندڙ دورو، جنهن جي سچائيءَ جو سرڪاري وڪيل ڪنهن سبب کان، وڏي هشياريءَ سان بچاءُ ڪيو آهي. ان کان پوءِ اچي ٿو سميرڊياڪوف جو، ڪيس هلڻ کان ترت اڳ اوچتو آپگهات ڪري ڇڏيو. پوءِ آهي اوتري ئي ڇرڪائيندڙ شاهدي، جيڪا قيديءَجي وڏي ڀاءُ، جنهن کي ننڍي ڀاءُ جي بي گناهيءَ جي پڪ هئي، اڄ ڪورٽ ۾ ڏني ۽ نوٽن جي ٿهي پيش ڪري سميرڊياڪوف کي ڏوهي ٺهرايو. هائو، مان سرڪاري وڪيل ۽ ڪورٽ سڳوريءَ جي انهيءَ خيال سان سهمت آهيان ته ايون ڪرامازوف کي ڪاپاري تپ آهي، ته سندس چريائپ جي حالت ۾ ڏنل بيان هڪ مئل ماڻهوءَ تي ڏوهه رکي پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ جي چوٽ تي پهتل نراسائي مان ڪيل ڪوشش به ٿي سگهي ٿو. پر وري سميرڊياڪوف جو نالو ورتو وڃي ٿو ۽ اسرار جو ڏس ملي ٿو. ڪائي ته ڳالهه آهي جا اپٽاري نه وئي آهي، جا اڻپوري آهي، ۽ شايد اها ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اُپٽاري وڃي. پر هينئر اسان ان ۾ نٿا وڃون، ان کي پوءِ ڏسبو.“
”ڪورٽ سڳوريءَ ڪيس جي ٻڌڻي جاري رکڻ جو پهه ڪيو آهي، پر انهيءَ وچ ۾ سرڪاري وڪيل سميرڊياڪوف جي ڪردار جو جنهن صفائيءَ ۽ ڏات سان نقشو چٽيو آهي، مان تنهن بابت ٻه چار ڳالهيون ڇو نه چئي وٺان. مان هن جي ڏات کي واکاڻيان ٿو، پر ساڻس سهمت نٿو ٿي سگهان. مان سميرڊياڪوف سان مليو آهيان، ساڻس ڳالهائي ڏٺو اٿم، هن مون تي بنهه ٻيو اثر ڇڏيو. هو صحت ۾ هيڻو، پر سڀاءَ ۾، حوصلي ۾، سرڪاري وڪيل جي نقشي جي برخلاف، هيڻو نه هو. سرڪاري وڪيل جي خيال ۾ هو ڊڄڻو هو، پر مون هن ۾ انتهائي درجي جي بدگماني ڏٺي، جا سادگيءَ جي تهه هيٺ لڪايل هئي، ۽ چڱو خاصو عقل وارو به هو. کيس ڪم عقل سمجهڻ سرڪاري وڪيل جي سادائپ آهي. هن مون تي تمام واضح تاثر ويهاريو: هن وٽان اٿڻ سان مون کي پڪ ٿي وئي ته هو وڏو ڪيني وارو، بيحد هوَسي، وير وٺو ۽ سخت ساڙ سڙيو آهي. مون هن بابت پڇائون ڪيون: هن کي پنهنجي انس تي چڙ ۽ شرم ايندو هو، ۽ اهو سارڻ تي ڏند ڪرٽيندو هو ته هو ان ڌپ ڪيل لزاويٽا جو پٽ هو. هو نوڪر گريگوريءَ ۽ سندس زال، جن کيس ٻار وتڻ ۾ پاليو هو، تن سان گستاخي ڪندو هو، هو روس کي پٽيندو ۽ ان تي ڇٿرون ڪندو هو، فرانس وڃڻ ۽ فرانسي ٿيڻ جا سپنا ڏسندو هو، اڪثر دانهيندو هو ته وٽس ائين ڪرڻ جا وسيلا ڪونهن. منهنجو خيال آهي ته هن جو ڪنهن سان به پيار ڪو نه هو، سواءِ پاڻ جي، ۽ پاڻ کي ڪا وڏي شئي سمجهندو هو. هن ۾ سڌريلائيءَ بابت ويچار سٺن ڪپڙن، اُجرين قميصن ۽ چمڪندڙ بوٽن تائين محدود هو. پاڻ کي فيودور پاولووچ جو حرامي پٽ (ان جي ثابتي موجود آهي) ڄاڻڻ جي ڪري هو پنهنجي مالڪ جي حلالي پٽن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي حيثيت تي ضرور خار کائيندو هوندو. هنن وٽ سڀڪجهه هو، يا هن وٽ ڪجهه به نه، هنن کي سڀ حق هئا، هو وارث هئا، جڏهن ته هي ڇڙو بورچي هو. هن پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته هن فيودور پاولووچ کي لفافي ۾ نوٽ وجهڻ ۾ هٿ ونڊايو هو. اها رقم، جنهن مان سندس حياتي ٺهي وڃي ها، ان جو ماڳ ضرور هن لاءِ ڌڪار جوڳو هوندو. ان کان سواءِ، هن ٽن هزارن روبلن جا نوان انڊلٺ جي رنگن وارا کڙاڪيدار نوٽ ڏٺا ها (مون کانئس ڄاڻي واڻي اهو پڇيو هو). ڪنهن هوسي ۽ حاسد ماڻهوءَ کي هڪ ئي وقت وڏي رقم ڏيکارڻ کان پاسو ڪريو. هن اڪيلي ماڻهوءَ جي هٿن ۾ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي رقم ڏٺي هئي. انڊلٺ جي رنگن وارن نوٽن ٿي سگهي ٿو ته هن جي سوچ تي روڳي اثر وڌو هجي، پر ان جا ترت نتيجا ڪونه نڪتا.
”ٻهگڻي سرڪاري وڪيل وڏي هوشياريءَ سان اسان جي آڏو ان انومان جي فائدي ۽ مخالفت ۾ دليل پيش ڪيا ته سميرڊياڪوف ڏوهي هو يا نه، ۽ اسان کان خاص طور تي پڇيائين ته هن وٽ دوري جي مـِـنهن ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو. پر ٿي سگهي ٿو ته هن مـِـنهن نه ڪيو هجي ۽ دورو سچ پچ پيو هجيس، ۽ سچ پچ ڇڏي ويو هجيس، شايد پوريءَ طرح نه، پر هو سرت ۾ اچي ويو هجي، جيئن مرگهيءَ جي مريض سان ٿيندو آهي.“
”سرڪاري وڪيل پڇي ٿو ته سميرڊياڪوف ڪهڙي گهڙيءَ خون ڪيو هوندو. پر اها گهڙي وڏي سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. متان هو ان گهڙيءَ گهري ننڊ مان جاڳيو هجي (ڇا لاءِ ته هو ستل هو، مرگهيءَ جي دوري کان پوءِ هميشه گهري ننڊ کڄي ويندي آهي)، جنهن گهڙيءَ پوڙهي گريگوريءَ وڏي واڪي دانهن ڪئي هئي: ’پيءُ گهات!‘ اوندهه ۽ سانت ۾ انهيءَ دانهن سميرڊياڪوف کي جاڳائي ڇڏيو هوندو، يا ٿي سگهي ٿو ته هو ڪلاڪ اڳ پنهنجو پاڻ جاڳي پيو هجي.“
”هو هنڌ تان لهي ذري گهٽ بيخياليءَ ۾ ۽ بنا ڪنهن خاص مقصد جي، دانهن جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو. هن جو مٿو دوري پوڻ جي ڪري اڃا گهوماٽيل آهي، ۽ سندس حواس اڃا اڌ سـُـتل آهن! پر باغ ۾ پهچي هو بتي ٻريل دريءَ ڏانهن ڏسي ٿو، جتي هو مالڪ کان، جيڪو کيس ڏسي ضرور خوش ٿيو هوندو، ڏاڍي خراب خبر ٻڌي ٿو. هن جو دماغ هڪدم ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. هو پنهنجي مالڪ کان سمورو تفصيل ٻڌي ٿو، ۽ هري هري سندس گهوماٽيل مغز ۾ هڪ خيال روپ وٺي ٿو. خيال خوفناڪ آهي، پر ساڳي وقت هرکائيندڙ ۽ اهڙو دل سان لڳندڙ آهي جو ان کان پاڻ جهل نه ٿيندي، پوڙهي کي ماري ڇڏجي، ٽئي هزار روبل کڻجن، ۽ سڄو ڏوهه پٽهنس تي رکجي. جيئن ئي کيس احساس ٿيو هوندو ته هو ڪو نه ڦاسندو، تيئن ئي ڏوڪڙن جو، مال غنيمت جو موهه ويڙهي ويو هوندس. هاءِ، اهي اوچتا ۽ جهلڻ کان زور ريچڪ تڏهن اڪثر وٺ ڪندا آهن، جڏهن سڻائو وجهه هوندو آهي، ۽ خاص ڪري انهن خونين کي، جن اڳي ڪڏهن خون جو نه سوچيو هجي. سو سميرڊياڪوف متان اندر ويو هجي ۽ پنهنجي خيال تي عمل ڪيو هجيس. ڪهڙي هٿيار سان؟ ڇو، باغ مان کنيل سروٽي پٿر سان، پر ڇا لاءِ، ڪهڙي مقصد سان؟ ڇو، ٽن هزارن روبلن لاءِ، جن سان سندس حياتي ٺهي وڃڻي هئي. نه نه مان پاڻ کي رد نه ڏيئي رهيو آهيان . رقم جو وجود هوندو ۽ شايد رڳو سميرڊياڪوف کي پتو هو ته اها رقم ڪٿان لڀندي، سندس مالڪ ڪٿي رکندو هو، ۽ رقم جو ڍڪ فرش تي پيل ڦاٽل لفافو؟“
”سوير ڀرو جڏهن سرڪاري وڪيل پنهنجو اهو سيبتو نظريو پيش ڪري رهيو هو ته ڪرامازوف جهڙو ناتجربيڪار چور لفافو فرش تي پيل ڇڏي وڃي ها ۽ سميردياڪوف جهڙو ڪو همراهه پنهنجي خلاف ڪا ساک ڇڏڻ کان پاسو ڪري ها، تڏهن مون کي ٻڌڻ سان خيال آيو ته مان ڪائي اڳيئي ٻڌل ڳالهه ٻڌي رهيو آهيان، ۽ اوهان اعتبار ڪندا ته مان ٻه ڏينهن اڳ سميرڊياڪوف جي واتان ٻڌي چڪو هوس ته ڪرامازوف ڇا ڪري ها. اها ڳالهه ٻڌڻ سان ئي کـُـپي وئي هئم. مون کي خيال آيو هو ته هن ۾ هٿراڌو سادائپ هئي، ته کيس ان ڳالهه جي ڏس ڏيڻ جي اتاولائي هئي ته جيئن مان ان کي شايد پنهنجو خيال ڪري سمجهان. ائين کڻي چئجي ته هن اهو خيال اٽڪل سان ٽنبيو هو. ڇا هن اهو ساڳيو خيال اٽڪل سان پڇا ڳاڇا وقت ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي مغز ۾ ته نه ويهاري ڇڏيو ۽ سندس دل ۾ وڌو هو؟“
”مون کان پڇيو ويندو ته پوڙهي مائيءَ يعني، گريگوريءَ جي زال بابت ڇا ٿو چوان؟ هوءَ سڄي رات اگهي همراهه جو ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ ڀر وٽان ٻڌندي رهي هئي. هائو هوءَ ٻڌندي رهي هئي، پر اها ساک ڀروسي جوڳي بلڪل ناهي. مان هڪڙي ڪراڙيءَ کان واقف هوس، جنهن دانهون ڪيون هيون ته اڱڻ واري ڪتي کيس سڄي رات سمهڻ نه ڏنو هو. پوءِ خبر پئي ته ويچارو ڪتو رات جو رڳو هڪ يا ٻه ڀيرا ئي ڀونڪيو هو. پر ائين ٿيندو آهي. ڪو ستو پيو هوندو ۽ ڪنجهه ٻڌندو ته جاڳائڻ تي چڙندو. پر اوڏيءَ جو اوڏيءَ مهل وري سمهي رهندو، ۽ ٻه ڪلاڪ پوءِ وري ڪنجهه ٻڌي، وري اٿي پوندو ۽ وري سمهي رهندو، ۽ ٻه ڪلاڪ پوءِ وري ساڳي ڳالهه، سڄي رات ۾ ڪل ٽي ڀيرا. صبح جو اهو ستل همراهه جاڳڻ سان دانهن ڪندو ته ڪنهن کيس سڄي رات ڪنجهي ڪنجهي سمهڻ نه ڏنو، ۽ کيس اوس ائين ئي لڳندو. ننڊ ۾ ٻن ٻن ڪلاڪن جون وٿيون کيس ياد ئي ناهن، کيس رڳو جاڳ جون گهڙيون ياد آهن، سو هو سمجهي ٿو ته هو سڄي رات جاڳندو رهيو آهي.“
”سرڪاري وڪيل پڇي ٿو ته هن آخري خط ۾ باسيو ڇو نه؟ ڇو هن جي ضمير کانئس هڪڙي وک کڻائي، ٻي نه؟ پر معاف ڪجو، ضمير جو مطلب آهي پڇتاءُ، ۽ آپگهاتي رڳو نراسائي محسوس ڪندو ۽ پڇتاءُ نه. نراسائي ۽ پڇتاءُ ٻه بنهه الڳ الڳ شيون آهن. نراسائي وير وٺو ۽ پرچاءُ نه ڪندڙ ٿي سگهي ٿي، ۽ آپگهاتيءَ کي پاڻ ۾ هٿ وجهندي انهن لاءِ ڌڪار ٻيڻو ٿيندو محسوس ٿيو هوندو، جن کان هو ساري ڄمار سڙندو رهيو هو.“
”جيوريءَ جا صاحبو، نا انصافيءَ کان خبردار رهجو! مون هينئر جيڪو اوهان جي آڏو رکيو آهي، تنهن ۾ ڇا آهي جيڪو ممڪن نه هجي؟ مون جيڪي دليل ڏنا آهن، تن ۾ ڪا غلطي آهي، ڪا اڻ ٿيڻي آهي، ڪا ڇسائي آهي ته ڳولي ڪڍو. پر جيڪڏهن منهنجن انومانن ۾ ذرڙو به انهن جي گهٽ يا وڌ ٿيڻ جوڳي هجڻ جو امڪان هجي ته قيديءَ کي ڏوهي نه ٺهرائجو. ۽ رڳو ذرڙو ڇو؟ مان هر سڳوري شئي جو قسم کڻي ٿو چوان ته خون جي جيڪا سمجهاڻي مون پيش ڪئي آهي، مان ان ۾ پورو پورو ويساهه رکان ٿو. مون کي جا ڳالهه اُلڪائي ۽ چڙ ٿي ڏياري، سا هيءَ آهي ته سرڪاري ڌر قيديءَ جي خلاف جن حقيقتن جو مانڊاڻ کڙو ڪيو آهي، تن ۾ ڪا هڪ به اهڙي ڪانهي جيڪا يقيني هجي ۽ رد نه ٿي سگهي، ان هوندي به انهن حقيقتن جو ڪٺ هن اڀاڳي انسان کي برباد ڪري ڇڏيندو. هائو، مجموعي تاثر ڏاڍو ڀوائتو آهي: رَتُ، سندس آڱرين مان ٽمندڙ رت، رت هاڻي قميص، ڪاري رات ۾ ”پيءُ گهات!“ جو واڪو، ۽ پوڙهي جو ڦاٽل مٿي سان ڦهڪو. ۽ پوءِ ٻولن، بيانن، تالن پکالن، رڙين واڪن جو سٿ! ووءِ ووءِ! اهو ڪيڏو نه اثر ٿو ڪري، ۽ اهو ذهن کي پنهنجي پاسي لاڙي سگهي ٿو. ياد رکو، اوهان کي ٻڌ ڇوڙ جو قطعي اختيار ڏنو ويو آهي، ۽ اختيار جيترو وڌيڪ هوندو آهي، جوابداري به اوتري ئي ڳري ٿئي ٿي.“
”مون هينئر جيڪي چيو آهي، ان مان ذرو به واپس نٿو وٺان، پر گهڙي پل لاءِ سمجهو کڻي ته مان سرڪاري ڌر سان سهمت آهيان ته منهنجي اڀاڳي اصيل پنهنجا هٿ پيءُ جي رت سان رڱيا آهن، مان ورجايان ٿو ته اهو رڳو انومان ئي آهي، مون کي پنهنجي اصيل جي بيگناهيءَ ۾ تر جيترو به شڪ ڪونهي، پر کڻي ٿو مڃان ته منهنجو اصيل ”پيءُ گهات“ جو ڏوهاري آهي. ان هوندي به جيڪي مان چوان سو ٻڌو. منهنجي دل ٿي چوي ته اوهان آڏو ڪجهه وڌيڪ چوان ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته اوهان جي دلين ۽ دماغن جي وچ ۾ وڏو موجود هوندو... مون کي اوهان جي دلين ۽ دماغن جي حوالي ڏيڻ تان معاف ڪندا. پر، جيوريءَ جا صاحبو، مان پڇاڙيءَ تائين دل جي حضور سان سچ ڳالهائڻ چاهيان ٿو !“
ان تان تاڙين جي ڪيقدر زوردار ڦهڪي تقرير ۾ رخنو وڌو. تحقيق، آخري لفظ ايتري ته دل جي حضور سان اُچاريا ويا هئا جو هر ڪنهن کي لڳو ته هن کي ڪجهه وڌيڪ چوڻو هوندو، ۽ جيڪي چوڻو هوندس، سو وڏي اهميت وارو هوندو. پر صدر تاڙين جو ڦهڪو ٻڌندي ئي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن وري ائين ٿيو ته هو ڪورٽ خالي ڪرائي ڇڏيندو. هر آواز بند ٿي ويو، ۽ فيتيوڪووچ پنهنجي تقرير وري شروع ڪئي ته سندس آواز هيلتائين جنهن لهجي ۾ ڳالهايو هئائين، تنهن کان بلڪل مختلف احساس سان ڀريل هو.