باب چوڏهون: ڪڙمي پختار هن ٿا
ان ئي مهل اپولٽ ڪردووچ ڪي اعتراض وارڻ لاءِ اٿي بيٺو. ماڻهن کيس ڌڪار سان ڏٺو، ڪن عورتن بڙ بڙ ڪئي: ”ڇا؟ ان جو مطلب ڇاهي؟ هي سچ پچ ڪو اعتراض وارڻ ٿو چاهي؟“ جيڪڏهن سندس زال سميت عورتن جي سڄي دنيا به احتجاج ڪري ها ته به ڪير کيس ان گهڙيءَ روڪي نه سگهي ها. هو هئڊر ٿي ويو هو، جذبات وچان ڏڪي رهيو هو، سندس پهريان جملا سمجهڻ کان ٻاهر هئا، ساهه چڙهي ويو هوس، چٽو ڳالهائڻ به نه پئي ٿيس، ڀـُـلجي ڀـُـلجي ٿي ويو، پر سـُـتت ئي پاڻ سنڀالي ورتائين. مان سندس اِن نئين تقرير جا ٿورا جملا نقل ڪندس.
”مون کي رومانس ڪتڻ تان جهڙڪيو ويو هو. پر هيءُ بچاءُ ڇا هڪ رومانس مٿان ٻيو رومانس نه آهي؟ رڳو شاعريءَ جي اڻهوند هئي، فيودور پاولووچ پنهنجي محبوبڙيءَ جي اوسيئڙي ۾ لفافو ڦاڙي کولي ٿو ۽ فرش تي اُڇلي ٿو ڇڏي. اسان کي ويندي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪي هن عجيب ڪم ڪندي آکيو. ڇا اها انومان جي اڏام نه آهي؟ ۽ اسان وٽ ڪهڙي ثابتي آهي ته هن رقم ڪڍي ورتي هئي؟ هن جيڪي آکيو، سو ڪنهن ٻڌو؟ ڪم عقل پاڳل سميرڊياڪوف جي ڪايا پلٽ ڪري کيس بائرن(1) جو هيرو بڻايو ويو آهي. جيڪو پنهنجي ناجائز ڄم جو وير سماج کان ٿو وٺي. ڇا اهو بائرن جي طرز جو رومانس نه آهي؟ ۽ اهو پٽ جيڪو پيءُ جي گهر ۾ گهڙي کيس خون ڪرڻ کان سواءِ خون ڪري ٿو، سو رومانس ئي ناهي. هيءَ سـِـسـِـيفس(2) آهي، جا اسان کي اهڙي پرولي ٿي ڏي، جيڪا پاڻ نٿي ڀڃي سگهي. جيڪڏهن هن کيس خون ڪيو ته خون ڪيائين، ۽ هن جو کيس خون نه ڪرڻ کان سواءِ خون ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو سـِـر پير ڪٿي آهي؟“
”ان کان پوءِ اسان کي ڇنڊ پٽائي ٿي وڃي ته اسان جو ٽرائبيون صحيح ۽ صحتمند خيالن جو ٽرائبيون آهي، ۽ ان صحتمند خيالن جي ٽرائبيون کان اهو گنڀير اعلان ٿو ٿئي ته پيءُ جي خون کي ’پيءُ گهات‘ ڪوٺڻ تعصب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، جيڪڏهن ’پيءُ گهات‘ تعصب آهي، ۽ جيڪڏهن هر ٻار کي پيءُ کان اهو پڇڻو آهي ته هو کيس ڇو ٿو پيار ڪري ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟ ڪٽنب جو ڇا ٿيندو؟ لڳي ٿو ته ’پيءُ گهات‘ ماسڪو جي واپارين جي عورتن جو للائو آهي. روسي انصاف جي تقدير ۽ آئيندي لاءِ سڀني کان وڌيڪ امـُـلهه ضمانتن کي اسان جي اڳيان تمام گمراهه ۽ ڇسي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي، محض هڪڙو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، ۽ اهو مقصد آهي هڪ اهڙي ڳالهه لاءِ جواز پيدا ڪرڻ، جنهن جو ڪو جواز ڪونهي. بچاءَ جو وڪيل واڪو ڪري.’کيس پنهنجي ٻاجهه سان پيڙي ڇڏيو:‘پر ڏوهه ڪندڙ ايترو ئي ته گهري ٿو، ۽ سڀاڻي ڏٺو ويندو ته هو ڪيترو پيڙجي ويو آهي. ڇا بچاءَ جي وڪيل رڳو قيديءَ کي ڇڏي ڏيڻ جي گهر ڪري انڪسار کان ڪم نه ورتو آهي؟ ڇو نه پيءُ گهاتڪ جي مان ۾ خيراتي ادارو برپا ڪري سندس ڪارنامي کي ايندڙ پيڙهين لاءِ يادگار بڻايو وڃي. مذهب ۽ انجيل پاڪ کي درست ڪيو ٿو وڃي. اها سڀ مايا آهي، ۽ اسان جي عيسائيت ئي سچي آهي، ڇو جو ان کي عقل ۽ عام فهم جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويو آهي. ۽ ائين هو حضرت عيسيٰ (عليه السلام) جي ڪوڙي شبيهه کڙي ڪن ٿا! ’جهڙي تڪ تور اوهان ڪندا، تهڙي ئي اوهان جي ڪئي ويندي،‘ بچاءَ جي وڪيل واڪو ڪيو هو، ۽ هڪدم اهو انومان ڪيائين ته حضرت عيسيٰ (عليه السلام) اسان کي سيکاري ٿو ته ائين ئي توريو، جيئن اوهانکي توريو وڃي. ۽ اهو اچي ٿو سچ ۽ صحتمند سوچ جي طرفان! اسان انجيل پاڪ تي رڳو ان وقت نظر وجهون ٿا، جنهن وقت اسان کي تقرير ڪري ٻڌندڙن تي پنهنجي انجيل جي ڄاڻ جو رعب ويهارڻو هوندو آهي. اهو پاڪ ڪتاب بيشڪ اصلوڪي رچنا آهي ۽ ان کان خاص اثر پيدا ڪرڻ جو ڪم به وٺي سگهجي ٿو. پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ! پر حضرت عيسيٰ (عليه السلام) جنهن ڳالهه جي هدايت ڪري ٿو، سا بلڪل مختلف آهي: هو اسان کي ائين ڪرڻ کان خبردار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هچاري دنيا ائين ئي ڪري ٿي. پر اسان کي جڳائي ته معاف ڪريون ۽ ٻيو ڳل پيش ڪريون، ۽ پنهنجن آزاريندڙن سان اهو ورتاءُ نه ڪريون، جيڪو هو اسان سان ڪن ٿا. اسان جي خداوند اسان کي اهوئي سيکاريو آهي، ۽ نه اهو ته اولاد کي پيءُ جي خون کان منع ڪرڻ تعصب آهي. ۽ اسان کي سچ ۽ صحتمند خيالن واري ٽرائبيون کان پنهنجي ڌڻيءَ جي انجيل درست ناهي ڪرائڻي، اهو ڌڻي جنهن کي بچاءَ وارو وڪيل رڳو انسان ذات جو ٽياس تي چڙهيل عاشق سڏي ٿو، توڻي جو سڄو ديندار روس هن کي هيئن ٻاڏائي ٿو: ’جو تون اسان جو خداوند آهين!‘“
اتي صدر مداخلت ڪئي، ۽ حد کان وڌيڪ جوش ۾ آيل مقرر کي روڪيو ته وڌاءُ نه ڪري، حد نه ٽپي، وغيره. جيئن صدر اهڙي صورتحال هميشه ڪندا آهن. ٻڌندڙ پڻ لـُـڇ پـُـڇ ۾ هئا. خلق بي آرام هئي، ويندي چڙ مان واڪا پڻ ڪيا ويا. فيتيوڪووچ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي، هو فقط مٿي چڙهيو ۽ پنهنجو هٿ دل تي رکي ڪاوڙيل لهجي ۾ وڏي وقار سان ڪي لفظ چيائين. هن وري ”رومانس“ ۽ ”نفسيات“ کي هلڪو ۽ ٽوڪ سان ڇـُـهيو، ۽ مناسب هنڌ تي حوالو ڏنو، ”جپيٽر(1) تون ڪاوڙيل آهين، ان ڪري غلط آهين.“ جنهن تي ٻڌندڙن پسنديءَ جا ٽهڪ ڏنا - ڇو جو اپولٽ ڪردووچ ڪنهن به طرح جـُـپيٽر جهڙو نه. انهيءِ تهمت بابت ته هو جوان ٽهيءَ کي پنهنجا پيئر مارڻ جي سکيا ڏيئي رهيو آهي. فيتيوڪووچ وڏي ڏيان سان چيو ته هو ان جو جواب نه ڏيندو. سرڪاري وڪيل جي اِن الزام بابت هو عيسائي شرع جي خلاف رايا ظاهر ڪري رهيو هو. فيتيوڪووچ چيو ته اهو شخصي الزام هو ۽ کيس آس هئي ته ڪورٽ سڳوريءَ ۾ اهڙن الزامن کان آجو رهندو. جيڪي سندس شهري ۽ وفادار رعيت جي حيثيت ۾ سندس ناماچار کي ڇيهو رسائن. اِتي صدر کيس به روڪيو، ۽ فيتيوڪووچ پنهنجي تقرير ڪورٽ سڳوريءَ اڳيان سيس نمائي پوري ڪئي. جنهن تي ڪورٽ ۾ ويٺلن پسنديءَ جي ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ اسان جي عورتن جي راءِ ، اپولٽ ڪـِـردووچ سدا لاءِ چيڀاٽجي ويو.“
پوءِ قيديءَ کي ڳالهائڻ جو وارو ڏنو ويو. متيا اٿي بيٺو ۽ تمام گهٽ ڳالهايائين. هو بدني توڙي ذهني طرح سخت ٿڪجي پيو هو، صبح جو ڪورٽ ۾ گهڙڻ وقت هن جي منهن مان جا سگهه ۽ بيپرواهي بکي رهي هئي، سا ذري گهٽ اَلوپ ٿي وئي هئي. هو ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن اهڙي آزمودي منجهان لنگهيو هجي، جنهن کيس باقي ڄمار لاءِ اهڙي ڳالهه سيکاري ڇڏي هجي، جيڪا هـُـن هاڻي تائين ڪو نه سمجهي هجي. هن جو آواز نستو هو، ۽ اڳي جيان واڪا ڪونه ڪيائين. لهجي ۾ نهٺائي، هار ۽ متيا جا رنگ هئا.
”جيوريءَ جا صاحبو، آءٌ ڇا چوان؟ مون لاءِ فيصلي جي گهڙي اچي وئي آهي. مان پاڻ تي خدا جو هٿ محسوس ٿو ڪريان! هڪ غلط ڪار انسان جو انت اچي ويو آهي! پر آءٌ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي وري به چوان ٿو ته مون پنهنجي پيءُ کي مارڻ جو ڏوهه ناهي ڪيو. آءٌ آخري ڀيرو ورجايان ٿو ته مون هن کي نه ماريو هو! آءٌ غلط ڪار هيس پر، چڱائي سان چاهه هوم. مون هر گهڙي پاڻ سڌارڻ جو اُدم ڪيو، پر جهنگلي جانور وانگر گهاريم. آءٌ سرڪاري وڪيل جو ٿورائتو آهيان. جنهن مون کي منهنجي باري ۾ ڪيئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون. جن جو پتو به نه هوم، پر اهو سچ ناهي ته مون پنهنجي پيءُ کي ماريو هو، سرڪاري وڪيل غلط آهي، آءٌ پنهنجي وڪيل جو به ٿورائتو آهيان. هن کي ٻڌندي آءٌ رنو هوس، پر اهو سچ ناهي ته مون پنهنجي پيءُ کي ماريو هو. کيس ائين ڀانئڻ جو ضرور نه هو، ۽ ڊاڪٽرن تي ويساهه نه ڪريو، آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان، فقط منهنجو هنيانءُ ڀريل آهي. جيڪڏهن اوهان مون کي ڇڏي ڏنو، جيڪڏهن اوهان مون کي وڃڻ ڏنو ته آءٌ اوهان کي دعائون ڪندس. آءٌ چڱو ماڻهو ٿيندس. آءٌ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي قول ٿو ڏيان ته چڱو ماڻهو ٿيندس! پر جيڪڏهن اوهان مون کي ڏوهي ٺهرايو ته آءٌ پاڻ پنهنجي ترار پنهنجي مٿي تي ڀڃندس ۽ ان جا ٽڪر چمندس. پر مون کي ڇڏي ڏيو، مون کان منهنجو خدا نه ڦريو! آءٌ پاڻ کي سڃاڻان ٿو، آءٌ بغاوت ڪندس! منهنجون هنيانءُ ڀريل آهي، صاحبو، مون کي ڇڏي ڏيو.“
هو پنهنجي ڪرسيءَ تي ذري گهٽ ڪري پيو: سندس آواز ڀرجي آيو هو: آخري جملو ڏکيو اُچاري سگهيو هو. پوءِ جج سوال پڇڻ لڳا ۽ ٻنهي ڌرين کي چيائين ته پنهنجا نتيجا وچوري وٺن، پر مان انهن جا تفصيل بيان ڪونه ڪندس. آخرڪار جيوري صلاح مشوري لاءِ اٿي وئي. صدر ڏاڍو ٿڪل هو، ۽ هن جي جيوريءَ کي آخري تلقين ڪجهه مڙيوئي نٻل هئي، ”بي ريا ٿجو بچاءَ واري وڪيل جي خوش ڪلاميءَ کان متاثر نه ٿجو، پر تڏهن به دليلن جي تڪ تور ڪجو. ياد رکو ته توهان تي وڏي ذميواري رکيل آهي.“ وغيره وغيره.
جيوري اُٿي وئي، ۽ ڪورٽ مهمل ٿي وئي. ماڻهو به اٿيا ته ڄنگهون ساهين، پڻ گڏ ٿيل هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪن. ڇاندو پاڻي ڪن. ڏاڍي دير ٿي وئي هئي، رات جو ذري گهٽ هڪ اچي ٿيو هو، پر ڪو به هليو ڪو نه ويو هو: تاءُ ايترو ته گهڻو هو جو ڪنهن کي به وڃي آرامي ٿيڻ جو خيال تائين نه آيو. سڀ ٻڏندڙ دلين سان اوسيئڙي ۾ هئا. پر شايد عورتن لاءِ ائين چوڻ وڌاءُ ٿيندو ڇو ته سندن اوسيئڙي ۾ سخت بيصبري ته هئي پر دلين ۾ ڪو الڪو نه هونَ. سندن خيالن ۾ رِهائي اڻٽر هئي. فيتيوڪووچ کي به پنهنجي ڪاميابيءَ جو يقين هو. هو ماڻهن جي گهيريّ ۾ هو. جيڪي کيس مبارڪون ڏيئي رهيا هئا. ۽ سندس للو پتو ڪري رهيا هئا.
مون کي پوءَ هـُـن ٻڌايو ويو ته هـُـن هڪڙي ٽوليءَ کي چيو: ”بچاءُ وارو وڪيل ۽ جيوري ڏسڻ ۾ نه ايندڙ سڳي ۾ پوئجي ويندا آهن. تقرير ڪندي سهي ڪبو آهي ته پوئجڻ ٿي ويو آهي. مون سهي ڪيو هو. پوئجڻ ٿي ويو آهي. اسان کٽنداسين دلجاءِ ڪريو.“
اسان جا ڪڙمي هاڻي ڇا چوندا؟ هڪڙي بت ۾ ڀريل ٽيڊين اکين ۾ مائيءَ جي سينئرن سان همراهه، جيڪو ويجهي ڇـَـڪَ جو زميندار هو، تنهن هڪڙي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندڙ ٽوليءَ وٽ وڃي پڇيو.
”پر هو سڀ ته ڪڙمي ناهن. چار سرڪاري ڪلارڪ به آهن.“
”هائو، ڪلارڪ به آهن،“ هڪڙي ضلع ڪائونسل جي ميمبر ساڻن شامل ٿيندي چيو.
” ۽ هو ٻلي سان واپاري نذريوف، اهو به ته جيوريءَ ۾ آهي. هن جي خبر اٿوَ؟“
”ڇاهي هن کي؟“
”وڏي عقل وارو آ.“
”پر هو ته ڳالهائيندو ئي ڪونهي.“
”پاڻ چڱو جو ڳالهائيندو ڪونهي. پر پيٽرسبرگ واري همراهه لاءِ کيس ڪجهه سيکارڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. هو پاڻ ساري پيٽرسبرگ کي سيکاري سگهي ٿو. ٻارهن ٻارن جو پيءُ جو ٿيو.“
هڪ ٻي ٽوليءَ ۾ اسان جي علمدارن مان هڪڙي چيو، ”ڇا ٿا ڀانئيو، ڪونه ڇڏيندس ڇا؟“
”ضرور ڇڏيندس.“ هڪ ٻئي اٽل آواز ۾ ورندي ڏني.
”نه ڇڏڻ ته وڏي شرم ۽ خواريءَ واري ڳالهه ٿيندي.“ علمدار چيو.
”سمجهو کڻي ته هن سچ پچ خون ڪيو هو. هتي پيئرن تي پيئر آهن! ۽ هو وڏي جنون ۾ هو.... ڪجهه نه ڪيو هجيس، رڳو مـُـهري هوا ۾ گهمائي هجيس ۽ ائين ڪندي پوڙهي کي ڊاهي رکيو هجيس. پر خاص نوڪر کي هروڀرو وچ ۾ گهلي آيا. اهو ڇسو نظريو هو! جيڪڏهن مان فيتيوڪووچ جي جاءِ تي هجان ها ته سنئون سڌو چئي ڏيان ها، هن ئي کيس قتل ڪيو هو، پر هو ڏوهي ناهي، مار پوين!“
”هن به اهوئي چيو هو. پر مار پوين! کان سواءِ!“
”نه، مـخائيل سيمينو وچ، هن ذري گهٽ گهٽ اهو پڻ چيو هو“ ، هڪ ٽين آواز آکيو.
”صاحبو، لينٽ ۾ هڪڙي ائڪٽريس، جنهن پنهنجي عاشق جي زال جي نڙي ڪپي هئي، ڇٽي وئي هئي.“
”پر هـُـن پوري ڪونه ڪپي هئي.“
”ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هن ڪپڻ شروع ته ڪئي هئي نه.“
”هن جيڪو ٻارن بابت چيو، تنهنجو ان باري ۾ ڇا خيال آ؟ شاندار رهيو نه؟“
”شاندار“
” ۽ جيڪو ”مايا“ بابت چيائين، سو پڻ !“
”ڇڏيو مايا کي.“ ڪنهن ٻئي چيو.
”جيڪا ويڌن اڄ کان اپولٽ سان ٿيڻي آهي، ان جي ڳالهه ڪيو. جوڻس سڀاڻي متيا جي خاطر تارا ڪڍي وٺنديس.“
”هوءَ اتي آهي ڇا؟“
”واهه ڙي واهه، اتي هجي ها ته ڪورٽ ۾ ئي تارا ڪڍي وٺيس ها. ڏندن جي سور کان گهر ۾ پئي آهي. هـِـي هـِـي هـِـي!“
”هـِـي هـِـي هـِـي.“
ٽئين ٽوليءَ ۾:
”مون کي پڪ آهي، هو نيٺ متيا کي ڇڏي ڏيندا.“
”سڀاڻي ’ميٽروپولس‘ ۾ ڌمچر نه مچائي ته مون کي چئجو. پورا ڏهه ڏهاڙا پيئندو رهندو!“
”جهڙو شيطان!“
”شيطان جو هٿ اوس هوندو. هت نه هوندو ڪٿ ته هوندو؟“
”هائو صاحبو، زبردست تقرير هئي، پر پيئرن جا مٿا مـُـهرين سان ناهن ڦاڙبا! نه ته اسان سان الائي ڇا ٿئي؟“
”رَٿ! رَٿ ياد اٿو؟“
”هائو هن گاڏي کي رٿ ۾ مٽائي ڇڏيو هو!“
” ۽ سڀاڻي هو پنهنجي مقصد لاءِ رٿ کي گاڏي ۾ مٽائي ڇڏيندو.“
”اڄڪلهه ڪيڏا نه چلتا پرزا ٿي پيا آهن! روس ۾ هاڻي انصاف به ملندو ڪه الائي نه؟“
اِتي گهنٽي وڳي. جيوري پورو ڪلاڪ ڳڻ ڳوت ڪئي هئي، پورو ڪلاڪ، نه گهٽ نه وڌ. جيئن ئي ماڻهو پنهنجين پنهنجين جاين تي ويهي ويا، ڪورٽ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. مون کي ياد آهي ته جيوريءَ وارا همراهه ڪورٽ ۾ ڪيئن هلي آيا هئا. آخرڪار! مان سوالن جي ترتيب ڪونه ورجائيندس: سچ ته اهي مون کي ياد ئي ناهن رهيا. مون کي رڳو صدر جي پهرين ۽ مـُـک سوال جو جواب ياد آهي: ”ڇا قيدي ڦر لاءِ ۽ اڳواٽ رٿي خون ڪيو؟“ (مون کي سندس لفظن جي پوري يادگيري ڪانهي.) چوڌاري چپ چپات ٿي وئي. جيوريءَ جي سرواڻ، جيڪو ڪلارڪن مان ننڍي ۾ ننڍو هو، تنهن جو چٽو ۽ وڏو آواز ڪورٽ جي موت جهڙي ماٺ ۾ گونجيو:
”ها، ڏوهي!“
۽ هر سوال جو ساڳيو جواب، ”ها، ڏوهي“ بنا ڪنهن ڏوهه هلڪو ڪندڙ رائزنيءَ جي، ڏنو ويو. ان جي ڪنهن کي به اميد نه هئي: ذري گهٽ سڀني جو خيال هو ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ رحم جي سفارش ٿيندي. ڪورٽ ۾ ڇانيل موت جهڙي ماٺ ۾ ڪو رخنو نه پيو. سڀ ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا. اهي به جن کيس ڏوهي ٺهرائڻ ٿي چاهيو ۽ اهي به جيڪي سندس ڇـُـٽي وڃڻ جا ڪانکي هئا. پر ائين رڳو پهرين ويرم لاءِ ئي هو، ۽ ان کانپوءِ زبردست لڙ شروع ٿي ويو. ٻڌندڙ مردن مان گهڻن کي خوشي ٿي هئي. ڪي ته پنهنجي خوشي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪندي هٿ مهٽي رهيا هئا. جيڪي فيصلي سان سهمت نه هئا، سي نهوڙجي ويل ٿي ڏٺا. هنن پنهنجا ڪلها لوڏيا، سـُـس ڦـُـس ڪيائون، پر لڳو ٿئي ته اڃا ڳالهه مغز ۾ ڪو نه ويٺي اٿن. پر عورتن جي جيڪا حالت هئي، سا مان ڪيئن بيان ڪريان؟ مون کي خيال آيو ته هو وڳوڙ ڪنديون. پهرين ته کين پنهنجن ڪنن تي ويساهه ئي نه آيو هو. پوءِ امالڪ سڄي ڪورٽ ۾ رڙيون مچي ويون: ”ڇا مطلب آ ان جو؟ هاڻي ڇا؟“ هو پنهنجين جاين تان ٽپ ڏيئي اُڀيون ٿي ويون. سندن خيال هو ته متان فيصلو وري ويچاري، بدلايو وڃي.. اوڏي مهل متيا اٿي بيٺو ۽ پنهنجون ٻانهون ڊگهيڙي، هنيانءُ ڏاريندڙ آواز ۾ رڙيو:
”آءٌ خدا ۽ حشر جي ڀوائتي ڏينهن جو قسم کڻي ٿو چوان ته آءٌ پنهنجي پيءُ کي مارڻ جو ڏوهي نه آهيان! ڪاتيا مون کي معاف ڪجانءِ! ڀائرو، دوستو، ٻي عورت تي ڪهل ڪجو!“
هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو، ۽ وٺي روڄ راڙو ڪيائين، جيڪو ساري ڪورٽ ۾ ٻڌو ويو، ۽ اهڙي عجيب ۽ غير فطري آواز ۾، جيڪو سندس پنهنجي آواز جهڙو بنهه نه هو. ڪورٽ ۾ سڀني کان پرانهين ڪـُـنڊ کان هڪ چيريندڙ ڪيڪ آئي. اها گرو شينڪا هئي، هوءَ وڪيلن جي تقريرن جي شروع ٿيڻ کان اڳ، ڪورٽ ۾ وري داخل ٿيڻ جي موڪل ٻاڏائي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. متيا کي ٻاهر وٺي ويا، سزا ٻڌائڻ جو ڪم ايندڙ ڏينهن تي رکيو ويو سڄي ڪورٽ ۾ لـُـڙ هو. پـُـر مان ٻڌڻ لاءِ ڪونه ترسيس. البت ڪورٽ کان ٻاهر ويندي ڏاڪڻ تي ڪي جملا ڪنين پيم:
”کيس ويهه ورهيه کاڻين کوٽڻ جي سزا ملندي.“
”گهٽ نه.“
”اسان جا ڪڙمي پـُـختا رهيا آهن.“
” اسان جي متيا سان ويڌن ڪئي اٿئون.“
______________
(1) انگريزي ٻوليءَ جو شاعر لارڊ بائرن (1824-1788) جنهن جي شاعريءَ جي خاص ڳالهه حد کان وڌيڪ تاڻيل جذبات ۽ جوش، بدگماني ۽ عيش پسندي هئي. (ايڊيٽر)
(2) يوناني ديو مالا جي هڪ مادي دئت، جنهن جو مٿو ماڻهوءَ جو ۽ ڌڙ شينهن جو هو. ديوي هيرا کيس ٿيبيس موڪليو هو. هوءَ انهن سڀني کي ڳهي ويندي هئي، جيڪي سندس پرولي نه ڀڃي سگهندا هئا. اها پرولي انت اوئينڊپس ڀڳي، جنهن تان هن پاڻ ماري ڇڏيو يا سندس هٿان مارجي وئي.
(1) Jupiter : آڳاٽي روم جي ديومالا ۾ وڏي ۾ وڏو ديوتا، يوناني ديو مالا جي زيوس جو تـُـل، پڻ سج واري سرشتي ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ وينس کان پوءِ روشن ۾ روشن گرهه.