باب يارهون: ڪا رقم ڪانه هئي، ڦر ڪانه ٿي
”جيوريءَ جا صاحبو،“ هو شروع ٿيو. ”ڪوبه نئون بي تعصب ماڻهو ڏسندو ته هن کي هڪ ڳالهه ڏاڍي عجيب لڳندي، ۽ اُها آهي ڦر جو الزام ۽ اهو ثابت ڪرڻ ناممڪن هجڻ ته ڪا شئي هئي جا چوري ٿي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته رقم چوري ٿي هئي، ٽئي هزار روبل، پر اِهي روبل هئا به سهي سا ڪنهن کي ڄاڻ ڪانهي. ٿورو سوچيو، اسان ان بابت ڪيئن ٻڌو ۽ ڪنهن کان ٻڌو آهي؟ جنهن اڪيلي ماڻهوءَ اُهي ڏٺا ۽ چيائين ته اهي لفافي ۾ وڌا ويا هئا، سو هو خاص نوڪر سمرڊياڪوف. هن ان بابت آفت کان اڳ قيديءَ ۽ سندس ڀاءُ، ايون ڪرامازوف، کي ٻڌايو هو. مادام سويتلوف کي به انهن بابت ٻڌايو ويو هو. انهن ٽنهي مان ڪنهن هڪڙي به اهي نوٽ اکين سان ڪو نه ڏٺا هئا. ڪنهن به نه، رڳو سميرڊياڪوف ڏٺا هئا.“
”اتي سوال اهو ٿو اٿي ته اهي سچ پچ هئا به سهي ۽ سميرڊياڪوف اهي ڏٺا هئا ته پوءِ هن آخري ڀيرو ڪڏهن ڏٺا هئا؟ جيڪڏهن سندس مالڪ کيس ٻڌائڻ کانسواءِ اهي نوٽ لفافي ّمان ڪڍي ورائي روڪڙ پيتيءَ ۾ وجهي ڇڏيا هجن ته پوءِ؟ ڌيان رهي ته سميرڊياڪوف جي چوڻ موجب، نوٽ گاديلي جي هيٺيان رکيا ويا هئا. قيديءَ ضرور اهي ڇڪي ڪڍيا هوندا، پر ان هوندي به بستري تي ڪو گهنج نه هو، اهو روبڪاريءَ ۾ چٽيءَ طرح لکيل آهي. بستري تي سعيو ڪري نفيس ۽ بيداغ چادرون وڇايل هيون. اهي قيديءَ جي رتهاڻن هٿن کان لوئجڻ کان ڪيئن بچي ويون؟“
”پر مون کان پڇيو ويندو: فرش تي پيل ڦاٽل لفافي بابت ڇا ٿا چئو؟ هائو، ان لفافي بابت هڪ ٻه لفظ ڳالهائڻ ضروري آهي. مون کي ٻهڳڻي سرڪاري وڪيل جي واتان اهو ٻڌي ٿوري حيرت ٿي هئي ته اهو لفافو نه هجي ها، اُتي فرش تي پيل، رهجي ويل نه هجي ها ته ڪنهن کي به اُن جي هجڻ جو ۽ ان ۾ پيل نوٽن جو ۽ ان ڪري انهن جي قيديءَ هٿان چوري ٿيڻ جو پتو نه پوي ها. سو، سرڪاري وڪيل جي پنهنجي چوڻ موجب، پني جو ڦاٽل ٽڪرو ئي اڪيلي ثابتي آهي، جنهن تي ڦر جو الزام مدار رکي ٿو: ’نه ته ڪنهن کي به ڦر جي خبر نه پوي ها ۽ نه ئي شايد رقم جي.‘ پر ڇا رڳو اها حقيقت ته اهو پني جو ٽڪر فرش تي پيل ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته ان ۾ رقم هئي ۽ ته اها رقم چوري ٿي وئي؟ ۽ پوءِ به اهو اعتراض اُٿاريو ويندو ته هن اها رقم آخري ڀيرو ڪڏهن ڏٺي هئي؟ مون سميرڊياڪوف سان ڳالهايو هو، ۽ هن مون کي ٻڌايو هو ته هن لفافي ۾ رقم آفت کان ٻه ڏينهن اڳ ڏٺي هئي. پوءِ ڇا اهو سوچي نٿو سگهجي ته پوڙهي فيودور پاولووچ جنهن بند ڪمري ۾ اڪيلو پنهنجي پرينءَ جو انتظار ٿي ڪيو، تنهن وقت ڪاٽڻ لاءِ لفافو ڦاڙي کوليو هوندو ۽ نوٽ ڪڍي ورتا هوندائين؟ ٿي سگهي ٿو ته هن پاڻ کان پڇيو هجي، ’لفافي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ متان کيس اعتبار نه اچي ته ان ۾ نوٽ آهن، پر جڏهن مان کيس انڊلٺ جي رنگن وارن ٽيهن نوٽن جي ٿهي ڏيکاريندس تڏهن هوءَ متاثر ٿيندي ۽ پڪ ئي پڪ هن جو وات پاڻي پاڻي ڪندو.‘ سو هو لفافو ڦاڙي رقم ڪڍي ٿو وٺي ۽ لفافو پٽ تي ڦٽو ٿو ڪري ڇڏي، هو پاڻ مالڪ آهي ۽ ڪا ثابتي ڇڏڻ جو ڪو اُلڪو ڪونهيس.“
”ٻڌو، صاحبو، ان نظرئي ۽ اهڙي عمل کان وڌيڪ ڪائي ڳالهه ممڪن آهي؟ ان جو سوال ڇو نٿو پئدا ٿئي پر جي اهڙي ڪا ڳالهه هجي ته ڦر جو الزام ڦهڪو وڃي ڪندو، جيڪڏهن رقم ڪانه هئي ته ان جي چوري به ڪانه ٿي هئي. جيڪڏهن پـَـٽَ تي لفافي جو هئڻ ان ڳالهه جي ثابتي سمجهي سگهجي ٿو ته ان ۾ رقم هئي، ته پوءِ مان اهو ڇو نه سمجهان ته اهو فرش تي ان لاءِ پيل هو جو مالڪ پاڻ ان منجهان رقم ڪڍي اهو اتي ڦٽي ڪري ڇڏيو هو.“
”پر مون کان پڇيو ويندو، جيڪڏهن فيودور پاولووچ لفافي مان رقم ڪڍي ورتي هئي ته اُها وئي ڪيڏانهن، ڇو ته پوليس جڏهن گهر جي جهڙتي ورتي هئي، تڏهن اُها اُتي ڪا نه ملي هئي؟ پهرين ته ان رقم مان ڪجهه روڪڙ پيتيءَ مان ملي هئي، ۽ ٻيو ته ٿي سگهي ٿو ته هن اُها تنهن صبح جو يا اڳئين سانجهيءَ جو ٻاهر کڻي وڃي ڪنهن ٻئي ڪم آندي هجي، ڪنهن کي ڏني هجي يا ڪاڏي موڪلي ڇڏي هجي، متان هن پنهنجو خيال ۽ جيڪي ڪرڻ جو رٿيو هئائين، اهو سڄي جو سڄو مٽائي ڇڏيو هجي ۽ سميرڊياڪوف کي اڳواٽ ٻڌائڻ ضروري نه سمجهيو هجي. ۽ جيڪڏهن ان سمجهاڻيءَ جي صحيح هجڻ جو تر جيترو به امڪان آهي ته پوءِ قيديءَ تي ڪيئن ايتري پختائيءَ سان ڦـُـر لاءِ خون جو ۽ سچ پچ ڦر ڪرڻ جو ڏوهه رکي سگهجي ٿو؟ ائين ڪرڻ رومانس جي راڄ ۾ حد دخلي ٿيندو. جيڪڏهن اهو چيو ٿو وڃي ته ڪا شيءَ چوري ٿي آهي ته اها شئي پيدا ڪئي وڃي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان جو هجڻ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ثابت ڪيو وڃي، ان هوندي به ڪنهن به اهي نوٽ ڪڏهن ڏٺا ئي ڪو نه هئا.“
”ڪو گهڻو وقت ناهي گذريو ته پيٽرسبرگ ۾ هڪڙو ارڙهن ورهين جو نوجوان، جيڪو گهوريئڙو هو، سو ڏينهن ڏٺي جو ڪهاڙيءَ سان هڪڙي رقمون مٽائيندڙ جي دڪان ۾ ويو ۽ دڪان جي سنڀاليندڙ کي، خاص نوجوانن واري بيڊپائيءَ سان اُڦٽ ماري ڇڏيائين، ۽ پندرهن سو روبل کڻي هليو ويو. پنج ڪلاڪ پوءِ پڪڙجي پيو، ۽ پندرهن روبلن کانسواءِ جيڪي هن خرچ ڪري ڇڏيا هئا، باقي سموري رقم وٽانئس هٿ آئي هئي. جڏهن خون کان پوءِ دڪان جو مالڪ موٽيو، تڏهن هن پوليس کي نه رڳو چوري ٿيل رقم جو پورو پورو انگ ٻڌايو، پر اهو پڻ ٻڌايائين ته ان ۾ ڪيترا نوٽ ۽ ڪيترا سونا سـِـڪا هئا، ۽ اهي ساڳيا نوٽ ۽ سـِـڪا ڏوهيءَ وٽان هٿ آيا هئا. ان تي خونيءَ سڄي سچي ڪئي هئي. جيوريءَ جا صاحبو، اها آهي ثابتي! ائين ٿئي ٿو ته مان رقم بابت ڄاڻان ٿو، اها ڏسان ٿو، ڇـُـهان ٿو، ۽ اُن جي وجود کان انڪار نٿو ڪري سگهان. ڇا هن مامري ۾ به ائين آهي؟ توڻي جو هت زندگيءَ ۽ موت جو سوال آهي.“
”ها، مون کي ٻڌايو ويندو، پر اُن رات هو پيالا چاڙهي رهيو هو، ڏوڪڙ اُڏائي رهيو هو، هن وٽ پندرهن سوَن روبلن جو هجڻ ڏيکاريو ويو هو - اها رقم ڪٿان ملي هيس؟ پر اها ئي ڳالهه ته هن وٽ پندرهن سؤ هئا ۽ باقي پندرهن سوَن جو ڪو پتو ڪونهي، ڏيکاري ٿو ته اها ساڳي رقم نه هئي، ۽ ڪڏهن به ڪنهن لفافي ۾ نه رهي هئي. اوائلي پڇا ڳاڇا دوران وقت جو پورو پورو ليکو ڪري ڏٺو ويو ته معلوم ٿيو ته هو انهن نوڪرياڻين وٽان سڌو پرهوتن ڏانهن ڀڳو هو ۽ گهر يا ٻيو ڪاڏي ڪو نه ويو هو. سو هو سمورو وقت ڪنهن نه ڪنهن سان گڏ هو، تنهن ڪري ٽئي هزار اڌواڌ ڪري پندرهن سؤ شهر ۾ ڪٿي لڪائي ڪو نه ٿئي سگهيو. اهائي ڳالهه آهي، جنهن جي ڪري سرڪاري وڪيل اهو کڻي فرض ڪيو آهي ته اهي پندرهن سئو موڪروءِ ڪنهن جهير، چير اندر لڪايل آهن. صاحبو، اوڏولفو واري ڪوٽ جي اونداهي بنديخاني ۾ ڇو ڪو نه؟ ۽ ڏسو جيڪڏهن اهو مفروضو ڦهڪو ٿو ڪري ته ڦـُـر وارو سمورو الزام هوائون ٿي وينديون، ڇو ته انهن پندرهن سوَن جو ڪو وجود ئي ڪو نه هو. جيئن ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته قيدي ٻيو ڪاڏي ڪو نه ويو هو ته پوءِ ڪهڙي ڪرشمي اهي پندرهن سئو غائب ڪري ڇڏيا؟ ۽ اسان اهڙين آکاڻين سان هڪ ماڻهوءَ جي حياتي برباد ڪرڻ تي سنبريل آهيون!
”مون کي ٻڌايو ويندو ته هو ڪو نه ٻڌائي سگهيو هو ته جيڪي پندرهن سو وٽس هئا، سي ڪٿان آندا هئائين، ۽ هر ڪنهن کي پتو هو ته اُن رات کان اڳ وٽس ڏوڪڙ هو ئي ڪونه. ٻڌايو، اهو پتو ڪنهن کي هو؟ قيدي صاف صاف ۽ بنا هٽڪ جي ٻڌايو آهي ته هن اها رقم ڪٿان آندي هئي ۽، جيوريءَ جا صاحبو، اوهان کي اها وضاحت قبول ڪرڻ کپي ته ان کان وڌيڪ وسهڻ جوڳو ۽ قيديءَ جي سڀاءَ ۽ مزاج سان ٺهڪندڙ ٻيو ڪجهه ڪونهي. سرڪاري وڪيل کي سندس پنهنجي رومانس مـَـنڊي ڇڏيو آهي. هڪ ڪمزور ارادي وارو ماڻهو جنهن پنهنجي مڱ جا اهڙي ذليل ڪندڙ نموني ۾ آڇيل ٽي هزار روبل ورتا هجن سو، اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي، انهن مان اڌ ڪڍي سبي ڪو نه ٿي سگهيو ۽ ائين ڪيو به هوندائين ته هر ٻئي ڏينهن ٽوپا اُڊيڙي سئو سئو ڪڍندو ويو هوندو تان جو هڪ مهيني ۾ سڀ کپائي ڇڏيا هوندائين. اوهان کي ياد هوندو ته اهو جنهن لهجي ۾ چيو ويو هو، اهو ترديد سهندڙ نه هو. پر جي ان جي صفا ابتڙ ٿيو هجي ته پوءِ؟ اوهان رومانس اُڻي رهيا هجو، سو به بنهه الڳ قسم جي ماڻهوءَ بابت ته پوءِ؟ ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان ڪو ٻيو مختلف ماڻهو ايجاد ڪري ويٺا آهيو.“
”شايد مون کي ٻڌايو ويندو ته وٽن انهيءَ ڳالهه جا شاهد موجود آهن ته کيس مڱ کان مهينو اڳ جيڪي ٽي هزار روبل مليا هئا، سي هن هڪڙي ڏينهن ۾ کائي کپائي ڇڏيا هئا. سو هو اها ٻي يعني چورايل رقم ئي اڌواڌ ڪري ٿي سگهيو. اهي شاهد ڪير آهن؟ سندن شاهديءَ جو ملهه هن ڪورٽ ۾ اڳيئي ظاهر ٿي چڪو آهي. تنهن کان سواءِ، ٻئي جي هٿ ۾ نوٽن جي ٿهي وڌيڪ وڏي لڳندي آهي ۽ انهن شاهدن مان ڪنهن به اها رقم ڳڻي ڪا نه هئي. هنن رڳو ڏسي اندازو لڳايو هو. ۽ سئڪسيموف نالي شاهد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قيديءَ جي هٿ ۾ ويهه هزار هئا. اوهان ڏٺو، جيوريءَ جا صاحبو، نفسيات ٻٽي ڌار وارو هٿيار آهي. مان هاڻي ٻي ڌار آزمائيندس ۽ ڏسجو ان مان ڇا ٿو پرگهٽ ٿئي.
”آفت کان ٻه مهينا اڳ ڪيٽرينا ايوانونا قيديءَ کي ٽي هزار روبل سونپيا هئا ته ٽپال رستي سندس ڀيڻ کي ڏياري موڪلي. پر سوال آهي، ڇا اهو سچ آهي ته اهي کيس ذليل ۽ خوار ڪندڙ نموني ۾ ڏنا ويا هئا، جيئن هن ڪورٽ ۾ ساجهر چيو ويو؟ انهيءَ خاتون جيڪو پهريون بيان ڏنو هو، سو مختلف هو، بلڪل مختلف. ٻئي بيان ۾ اسان رڳو چڙ ۽ وير جون وايون ٻڌيون، گهڻي وقت کان لڪايل ڌڪار جون وايون، ۽ اها حقيقت ته سندس پهريون بيان ڪوڙو هو، اسان کي حق ڏي ٿي ته اسان سندس ٻيو بيان به ڪوڙو سمجهون. سرڪاري وڪيل انهيءَ پهرين بيان کي ڇـُـهيو ئي ڪو نه، بلڪ (سندس پنهنجا لفظ) ڇـُـهڻ جي همت ئي ڪو نه ٿيس. ائين ئي سهي. مان به ڪو نه ڇـُـهندس: پر ايترو ضرور چوندس ته ڪائي اُتم ۽ اعليٰ اُصولن واري هستي، جهڙي هيءَ جوان خاتون آهي، جيڪڏهن اهڙي هستي، مان چوان ٿو، قيديءَ کي برباد ڪرڻ جي ظاهر ظهور مقصد سان پاڻ کي هن ڪورٽ ۾ ڏنل پنهنجي پهرين بيان جي ترديد ڪرڻ ڏي ٿي ته پوءِ اهو صاف ظاهر آهي ته اها ترديد بي ريائيءَ ۽ ٿڌي دماغ سان نه ڪئي وئي آهي. ڇا اسان کي ائين سمجهڻ جو حق ناهي ته هڪ وير تي سندرو ٻڌي بيٺل عورت گهڻو وڌاءُ ڪري سگهي ٿي؟ هن خاص ڪري قيديءَ کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِ رقم آڇڻ واري ڳالهه برابر وڌائي ڪئي هوندي. نه، اها اهڙي نموني آڇي وئي هئي جو اها وٺڻ ممڪن هو، خاص ڪري قيديءَ جهڙي سڄي ماڻهوءَ لاءِ جنهن کي پيءُ وٽان اُهي ٽئي هزار ستت ملڻ جو آسرو هو، جيڪي هن سمجهيو ٿي ته هو لهڻي. اها هن جي سوچ جي ڪوتاهي هئي، پر سوچ جي اها غير ذميوار ڪوتاهي ئي هئي. جنهن کيس اهو ويساهه ڏنو ته پڻس ڏوڪڙ ڏيندس، ته کيس ڏوڪڙ ملندا، سو هو هميشه سونپيل رقم رواني ڪري پنهنجو قرض لاهي سگهي ٿو.“
”پر سرڪاري وڪيل اهو مڃڻ کان انڪاري آهي ته قيدي ساڳئي ڏينهن رقم اڌو اڌ ڪري هڪڙو اڌ ننڍڙي ڳوٿريءَ ۾ سبي ڇڏيو هو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته قيديءَ جو سڀاءُ اهڙو نه هو، کيس اهڙو خيال نه پئي اچي سگهيو. پر هن پاڻ ڪرامازوفن جي مجموعي سڀاءَ بابت ڳالهايو. هن زور ڏيندي چيو ته ڪرامازوف هڪ ئي وقت ٻه ڇيهه ڳڻي ڳوتي سگهي ٿو. ڪرامازوف سڀاءَ بس اهڙو ئي ٻه پاسائون آهي. ٻن ڇيهن جي وچ ۾ گهٽ وڌ ٿيندڙ. زوردار کل خوشيءَ ۾ مگن هوندي به اهو پاڻ کي ٻئي پاسي جي چـُـرچ تي روڪي سگهي ٿو، ۽ ٻئي پاسي آهي سندس عشق. اهو ٻيو عشق، جيڪو سندس دل ۾ ڀڙڪي اُٿيو هو ۽ اِن عشق لاءِ کيس پئسا کپندا هئا، تنهن کان گهڻا وڌيڪ جيڪي پنهنجي سنگتياڻيءَ سان پيئڻ کائڻ لاءِ کپندا هيس. جيڪڏهن هوءَ کيس چوندي ’مان تنهنجي آهيان، فيودور پاولووچ نه کپيم‘ ته پوءِ پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ ڏوڪڙ کپن. اهو پيئڻ کائڻ کان وڌيڪ اهم هو. ڇا ڪرامازوف اهو سمجهڻ ۾ ناڪام رهي ٿي سگهيو؟ اهوئي اُلڪو ته کيس نهوڙي رهيو هو. هن جو اها رقم ڌار ڪري ڪنهن هنگامي ضرورت لاءِ لڪائڻ ۾ ڪهڙي اهڙي ناممڪن ڳالهه آهي؟“
”پر وقت وهامندو ويو، فيودور پاولووچ قيديءَ کي آسري وارا ٽي هزار روبل نه ڏنا، ان جي ابتڙ هن ٻڌو ته پڻس اها رقم ان وينگس کي ڌتارڻ جي ڪم آڻڻ چاهي ٿو، جنهن سان سندس يعني قيديءَ جي پريت هئي. ’جيڪڏهن فيودور پاولووچ مون کي نه ڏنا،‘ هن سوچيو، ته ’ڪيٽرينا ايوانونا مون کي چور سمجهندي.‘ ۽ پوءِ کيس خيال سجهيو ته هو ڪيٽرينا ايوانونا وٽ ويندو ۽ کيس اهي پندرنهن سئو پيش ڪندو، جيڪي هن ڳچيءُ سان ٻڌي ڇڏيا هئا. ۽ چوندو، ’مان بدمعاش برابر آهيان پر چور ناهيان.‘ هت اوهان وٽ ٻٽو سبب آهي ته هو ڳوٿريءَ جو ٽوپو اڊيڙي اُن ۾ پيل رقم سئو سئو ڪري ڇو نه کپائيندو. اوهان قيديءَ کي خودداريءَ کان محروم ڇو ٿا سمجهو؟ هائو، هو خوددار آهي، جو سندس اهو مادو غلط جاءِ تي آهي ۽ اڪثر ڀل ڪري ٿو: تڏهن به اهو بلڪل موجود آهي، ۽ بيحد زوردار آهي ۽ هن اهو ثابت ڪيو آهي.“
”پر هاڻي سـُـٽ وڌيڪ منجهي وڃي ٿو. هن جي رقابت واري پيڙا چوٽ تي پهچي وڃي ٿي، ۽ اهي ساڳيا ٻه سوال هن جي تپيل دماغ کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ آزارين ٿا: ’جي ڪيٽرينا ايوانونا کي موٽائي ٿو ڏيان ته گروشينڪا سان هلي وڃڻ جا سببَ ڪٿان مهيا ڪندس؟‘ هي جو هن ان مهيني دوران مستيون ڪيون، پيالا چاڙهيا ۽ گتن ۾ ڌمچر ڪيا ته اهو شايد ان ڪري هو ته هو وڏي وئل ۽ تاءَ ۾ هو، جيڪو سندس سهپ کان ٻاهر هو. انهن ٻن سوالن ايترو ته سوڙهو ڪيس جو هو آخرڪار سڀ آسرا لاهي ويٺو. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي آخري ڀيرو پيءُ ڏانهن موڪليو ته کيس ٻاڏائي ٽئي هزاروٺي اچي، پر جواب جي انتظار کان سواءِ هن پاڻ وڃي اندر ٺڪاءُ ڪيو، ۽ دنگ پيءُ کي شاهدن جي موجودگيءَ ۾ مار ڏيڻ تي ڪيائين. ان کان پوءِ کيس ڪنهن کان به ڏوڪڙن ملڻ جو آسرو نه رهيو، پڻس به مار کان پوءِ ڪو نه ڏنا هيس.“
”ان ساڳي سانجهيءَ جو هن سيني تي، سيني جي مٿين ڇيڙي تي، جتي ننڍڙي ڳوٿري هئي، ڌڪ هنيو ۽ پنهنجي ڀاءُ اڳيان قسم کنيائين ته وٽس بدمعاش نه هجڻ جا سببَ هئا، پر تڏهن به هو بدمعاش رهندو، ڇاڪاڻ جو کيس اڳيئي ڄاڻ هئي ته هو اهي سببَ ڪم نه آڻيندو، ته هن جو سڀاءُ کيس ائين ڪرڻ نه ڏيندو، ته وٽس ائين ڪرڻ جو ست ئي نه هوندو. ڇو، آخر به ڇو سرڪاري وڪيل اليگزي ڪرامازوف جي شاهديءَ کي، جيڪا ايتري سچائيءَ ۽ خلوص سان پاڻيهي ئي قائل ڪندڙ انداز ۾ ڏني وئي، قبول نٿو ڪري؟ ۽ ڇو هو بجاءِ ايئن ڪرڻ جي، اسان کي ڪنهن جهير چير ۾، اڊولفو جي اونداهي بنديخاني ۾ لڪل رقم کي وسهڻ تي مجبور ٿو ڪري؟“
”ساڳئيءَ سانجهيءَ جو پنهنجي ڀاءُ سان ڳالهائڻ کان پوءِ هن اهو موتمار خط لکيو ۽ اهو خط قيديءَ جي خلاف مکيه ۽ ڳري ۾ ڳري ثابتي آهي ته ڦـُـر هن ڪئي هئي! ’مان هر ڪنهن کان پنندس، ۽ جي نه مليم ته جيئن ئي ايون ويندو، تيئن ئي پيءُ کي ماري ڇڏيندس، ۽ گلابي پٽيءَ وارو لفافو گاديلي هيٺان ڪڍي وٺندس.‘ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو خون ڪرڻ جو مڪمل پروگرام هو. ان ڪري خوني هو ئي آهي. سرڪاري وڪيل واڪو ٿو ڪري، ’جيئن هن لکيو، تيئن ئي ڪيو ويو.“
”پر پهريون ته اهو هڪڙي پيتل ماڻهوءَ جو خط آهي، ۽ سخت چڙ جي حالت ۾ لکيو ويو هو، ٻيو ته لفافي جو ذڪر سميرڊياڪوف کان وري ان بابت ٻڌي ٿو ڪري، نه ته پاڻ اهو لفافو ڪونه ڏٺو اٿائين، ٽيون ته هـُـن اهو برابر لکيو پر اوهان ڪيئن ثابت ڪندا ته هن ائين ڪيو به هو؟ ڇا قيديءَ اهو لفافو وهاڻي جي هيٺيان کنيو، ڇا هن کي رقم ملي، ڇا رقم سچ پچ هئي؟ ياد ڪريو، ڇا قيدي رقم کڻڻ لاءِ ڀڳو آيو هو؟ هو چوري ڪرڻ لاءِ نه پر اهو ڏسڻ آيو هو ته هوءَ، جنهن کيس نهوڙي رکيو هو، اُتي هئي يا نه. هو ڪنهن پروگرام تي عمل لاءِ، جيڪو لکيو هئائين، تنهن تي عمل لاءِ نه ڀڳو آيو هو، جيڪي لکيو هئائين يعني اڳ رٿيل ڦر جي لاءِ نه، پر رقابت وچان غضبناڪ ٿي ڀڳو آيو هو. هائو! مون کي ٻڌايو ويندو، پر جڏهن هو اتي پهتو ۽ پيءُ کي ماري ڇڏيائين، تڏهن رقم تي پڻ قبضو ڪيائين . پر ڇا هن سچ پچ خون ڪيو هو؟ ڦر جو الزام مان چڙي رد ٿو ڪريان. ڪنهن ماڻهوءَ کي ڦر جو ڏوهه تڏهن نٿو ڏيئي سگهجي، جڏهن اهو پڪ سان چوڻ ناممڪن هجي ته ڇا چورايو ويو آهي. اهوئي قاعدو آهي. پر ڇا هن خون بنا ڦر جي ڪيو؟ ڇا هن سچ پچ خون ڪيو؟ ڇا اهو ثابت ٿي چڪو؟ ڪٿي اهو پڻ رومانس ته نه آهي؟