باب ٽيون: طبي ڄاڻو ۽ اَخروٽن جو پائونڊ
پهريائين جنهن کي ماهرن جي صورت ۾ گهرايو ويو هو، اُهو هرزينسٽيوب هو ۽ هو سفيد وارن سان مٿي کان گنجو هو، سندس عمر ستر ورهيه هئي، وچولي قد وارو ۽ مضبوط بدن وارو ماڻهو هو. شهر ۾ هر ڪنهن ماڻهو کين عزت ٿي ڏني. هو ڪيترن خوبين وارو ڊاڪٽر، نهايت مٿاهون ۽ نيڪوڪار هو. هر مذهبي فرقي وارو مان هو، جنهن بابت به پوري پڪ نه آهي. هو اَسان وٽ ڪيتري وقت کان ٿي رهيو ۽ تعجب ۾ وجهندڙ ٿي رهيو. هو نهايت نيڪدل ۽ انسانيت وارو هو. هو غريب ۽ هارين بيمارن جو علاج مفت ۾ ڪندو ٿي رهيو. هو سندن جهوپڙين ۾ ملاقات لاءِ ويندو هو، کين دوائن لاءِ پيسا ڏيندو هو، پر هو فطرتاََ نٺر خچر وانگر هو، جيڪڏهن، هـُـن هڪ ڀيرو ڪنهن خيال کي پنهنجي دماغ ۾ ويهاري ڇڏيو، ته پوءِ ڪابه تبديلي اُن ۾ نه ايندي هئي. شهر ۾ گهڻو ڪري سڀ هن ڳالهه کان واقف هئا، ته ان مشهور ڊاڪٽر، هرزينسٽيوب جي لياقت لاءِ ڪي نامناسب لفظ چيا هئا. جن مونجهارو پيدا ڪيو هو. جيتوڻيڪ ماسڪو جي ڊاڪٽر ٻڌائي ڇڏيو ته هر بيمار جي ملاقات لاءِ پنجيوهه روبل وٺندو. اُن هوندي به ماڻهو پيسي جي پرواهه نه ڪندي موقعي جي فائدي وٺڻ لاءِ اُن ڏي ٿي ڊوڙيا. هي اڳ ۾ ڊاڪٽر هرزينسٽيوب جا گراهڪ هئا ۽ مشهور ڊاڪٽر سندن علاج وقت، نهايت سختي سان هرزنيٽيسيوب تي تنقيد ڪندي رهيا. جڏهن ڪنهن بيمار جي گهر ملاقات لاءِ ٿي ويو ته کانئن پڇائين ٿي ته ”ڏاڍو چڱو، اوهان کي دوا ڪير ڏيندو آهي؟ هرزنيسٽيوب؟ پوڙهو ڊاڪٽر ظاهر آهي ته اِنهن ڳالهين کي ٻڌو هئائين ۽ اِهڙي ريت ٽي طبيب، ماهر جي صورت ۾ هڪٻئي جي پويان شاهدي ڏيڻ آيا.
ڊاڪٽر هرزنٽسيوب، لئي پئي ظاهر ڪيو ته قيدي جي ذهني طاقت جي بابت جو خدشو ظاهر ڪبو ويو آهي، اُها هٿ جي ٺاهيل حقيقت آهي. هن جي پنهنجي راءِ لاءِ دليل ڏنا، مان هتي، اُنهن کي ترڪ ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته معمول جي مطابق، قيدي جي بابت ابتي طور، ڪيتريون ڳالهيون، سندس ماضيءَ ۾موجود آهن، پر هاڻي به ظاهر آهن. جڏهن کيس چيو ويو ته هاڻي جي بابت. سندس ذهني قوت جي لاءِ ڪهڙو ثبوت آهي؟ اُن پوڙهي ڊاڪٽر، نهايت ساده دليءَ سان اشارو ڪيو، ته جڏهن قيدي عدالت گاهه ۾ داخل ٿيو، تڏهن اسباب جي لحاظ کان، غير معمولي نظر هئي. يعني هو هڪ سولجر وانگر اَندر ٿيو، سندس سنئين سڌي نظر هئي ۽ اِها سندس طبعي عادت هئي، ته کٻي پاسي نهاري، جتي عوام جي ميڙ ۾ عورتون ويٺل هيون. جيئن ته هو صنف نازڪ جو نهايت شوقين آهي. هو خيال ڪندو هوندو، ته هنن عورتن جو اُن جي لاءِ ڪهڙو خيال آهي؟ پوڙهي پنهنجي راءِ هڪ خاص اَنداز ۾ پوري ڪئي.
مان هيءَ ٻڌائيندس ته هو روسي زبان چڱي ريت ڳالهائي رهيو هو. پر اصطلاح اڪثر جرمن زبان جي طرز ۾ اَدا ٿي ڪيائين، جن کيس گهڻي تڪليف نه ٿي ڏني. ڇاڪاڻ ته هي سندس ڪمزوري هئي جو کيس هيءَ خيال هو ته هو روسين کان به وڌيڪ روسي زبان ڳالهائي ٿو سگهي. هو روسي پهاڪن کي استعمال ڪرڻ جو به ڏاڍو شوقين هو. سندس خيال هو، ته روسي پهاڪا، دنيا جي اَندر، وڌيڪ عمدا ۽ مفصل آهن. مان هي به ٻڌائيندس ته هو گفتگو ۾ ايڏو ته نسيان ۾ مبتلا هو، جو اڪثر معمولي لفظن کي به وساري ٿي ڇڏيائين. اُهي ڪڏهن ڪڏهن ته سندس دماغ کان نڪري ٿي ويا. جيتوڻيڪ هو، اُنهن کي پوري ريت ڄاڻي به پيو. اِهائي ساڳي حالت کيس جرمن ٻولي ڳالهائيندي به پيش آئي. اِهڙن وقتن تي هو هميشه هٿن لوڏڻ جو عادي هو، ڄڻ ته ڪوشش ڪري رهيو هو، ته وڃايل لفظن کي پنهنجي قبضي ۾ نه پيو آڻي. سندس هنن لفظن ته قيدي اندر ايندي ئي، عورتن کي ڏٺو. حاضرين ۾ دلچسپ چوپچو پيدا ٿي. اسان جون سڀئي عورتون، اسان جي پوڙهي ڊاڪٽر کي چاهينديون ٿي رهيون. کين اِها خبر هئي، ته سڄي حياتي ڪنوارو رهيو هو ۽ عمدين عادتن وارو مذهبي ماڻهو آهي. پر اُن هوندي به عورت جي لاءِ سندس مٿانهون خيال هو. سندس اُميد جي خلاف مشاهدي، ماڻهن ۾ کيس بي ڍنگو بڻائي ڇڏيو.
ماسڪو جي ڊاڪٽرن کان جڏهن واري تي پڇيو ويو، ته هنن وضاحت ۽ صفائي سان ٻڌايو، ته هو ذهني طور تي معمول جي خلاف ٿو سمجهي. هن دماغي فتور ۽ جنون تي فاضلاڻي ۽ طويل گفتگو ڪئي. هن دليل ڏيندي چيو، ته جيڪي به حقيقتون مليون آهن، ته قيدي ڪيترن ڏينهن کان بنا ڪنهن شڪ جي قيد ٿيڻ کان اڳ ۾ دماغي فتور ۾ مبتلا هو، جيڪڏهن هن ڏوهه ڪيو به آهي، ۽ اُن جو کيس پورو احساس به هوندو، پر اِهو سڀ غير اِرادي هو، ڇاڪاڻ ته وٽس، اُن مريض نبض تي قبضي ڪرڻ جي طاقت ئي موجود نه هئي. هن عارضي دماغي فتور کان سواءِ، ڊاڪٽر جنون جي تشريح به ڪئي، جنهن مان سندس لفظن جي مطابق اڳتي انديشو هو ته سندس خوس ۾ پورو خلل پيدا ٿي پوي. (مان هتي هيءَ ٻڌائڻ ٿو گهران ته مان هيءَ حقيقت پنهنجي لفطن ۾ ڏني آهي مگر ڊاڪٽر عالمن ۽ ڌنڌي وارن جي ٻوليءَ ۾ اُن کي سمجهايو ٿي) سڀئي معمولي سمجهه ۽ منطق جون خلاف ورزيون. هو مسلسل چوندو رهيو، ته اُنهن شين جي نسبت مون سان نه ڏيو. جن کي مون نه ڏٺو آهي. مثلاً ڏوهه جو ٿيو آهي. اُهو پاڻ هن ڊرامي جو انجام. ڪالهه کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ جڏهن هو مون سان ڳالهائي رهيو هو، هـُـن بنا ڪنهن سبب جي مون ۾ اکيون کپائي ڇڏيون هيون. هو اُميد جي خلاف کلندو رهيو، جڏهن ته کلڻ لاءِ اِهڙي شيءِ ئي ڪانه هئي. هن مسلسل ۽ ناقابل تلافي جوش کي ڏيکاريو ۽ عجيب الفاظ استعمال ڪندو رهيو. برنارڊ! اخلاقيات، ٻيا اُنهن جهڙا ڪيئي لفظ، ڊاڪٽر اُن کان پوءِ جنون تي آيو. سڀ کان وڌيڪ هيءَ حقيقت هئي، ته قيدي. رڳو ٽن هزار روبل جي ڳالهه نه ٿي ڪئي، جنهن بابت هن پاڻ سمجهيو ٿي ته هن ٺڳي ڪئي آهي. هن وٽ فقط غير معمولي جوش هو، جيتوڻيڪ هو اُن جي ڀيٽ ۾ ٿورو گهڻو، ٻين بدبختين ۽ تڪليفن جي لاءِ ڳالهائي سگهيو ٿي. اِنهن سڀني حقيقتن جي روشنيءَ ۾، هن پنهنجي ماضي ۾ به، جڏهن جڏهن ٽي هزار روبل جو ذڪر ٿي آيو، ته هـُـو پاڳل ٿي بڻجي ويو. اُن هوندي به هن جي لاءِ معلوم ٿيو آهي، ته هن حقيقت ۾ نه سندس ڪا دلچسپي هئي نه وري خودپرستي هئي.
”مان پنهنجي فاضل هم منصب جي راءِ بابت چوندس.“ ماسڪو جي ڊاڪٽر، پڇاڙي ۾ طنزيه طور چيو ته ”ڊاڪٽر، قيدي، عدالت گاهه ۾ ايندي عورتن ڏي نهاريو، هيءَ حقيقت کـِـلَ جهڙي آهي ۽ بلڪل بي بنياد آهي، مان تصديق ٿو ڪريان، ته قيدي، سڌي نگاهه جي بجاءِ عورتن کي ڏٺو. مان ايئن چوندس ته هن ٻاراڻي نظريي ۾ بنيادي ريت ڪوبه آواز نه آهي. اُن هوندي به هن ڳالهه کي قبول ٿو ڪريان، ته عدالت گاهه ۾ ايندي، جتي سندس قسمت جو فيصلو ٿي رهيو آهي. کيس فطرتاََ سامهون ڏسڻو نه هو، اِها سندس ذهني ڪمزوري جي علامت بڻجي ها ۽ ساڳي وقت مان هيءَ به چوندس، ته هن کاٻي پاسي عورتن کي ڏسڻ نه ٿي گهريو. پر ان جي خلاف هن سڄي پاسي ڏسڻ ٿي گهريو، ته جئين پنهنجي قانوني صلاحڪار کي ڏسي، جنهن جي مدد تي. سندس اميدون قائم آهن ۽ جنهن جي بچاءَ تي سندس مستقبل رکيل آهي. ڊاڪٽر پنهنجي راءِ کي وضاحت ۽ مضبوطيءَ سان ظاهر ڪيو.
پر اُميد جي خلاف، ڊاڪٽر واراونسڪي جو فيصلو ماهرن جي جدا جدا راين جي وچ ۾، جو تفاوت هو، اُنهن کي آخري ڪڙي تي پهچائي ڇڏيو. سندس راءِ قيدي، هاڻي يا اُن کان اڳ ۾ بلڪل صحيح حالت ۾ هو، جيتوڻيڪ ايئن ٿي سگهي ٿو، ته گرفتاريءَ کان اڳ ۾ هو پريشان هجي ۽ جوش ۾ هجي. هي شايد ڪيترن مونجهارن پيدا ڪندڙ سببن جي باعث هجي. حسد، ڪاوڙ ۽ ساندهه شراب جو استعمال ۽ ٻيون ڳالهيون، پر هي پريشاني جون حالتون، ذهني فتور جي باعث ٿي نه ٿيون سگهن، جنهن جو هت ذڪر ڪيو ويو آهي. هي سوال ته قيديءَ کي آخر کٻي ڏسڻو هو يا سڄي، اُن جي نماڻي راءِ قيدي کي فطرتاََ ڪورٽ ۾ داخل ٿيندي ئي سـِـڌو نهارڻ کپندو هو. جيئن هن ڪيو به آهي. کيس اُنهن ججن کي ڏسڻو هو، جي سندس قسمت جو فيصلو ڪرڻ وارا هئا ۽ اُهي اِتي ئي ويٺا هئا. اُن ڪري جيئن هن سامهون ڏٺو آهي، اُن مان هن ڏيکاريو آهي، ته سندس دل ۽ دماغ پوري ريت جاءِ تي هو. نوجوان ڊاڪٽر، پنهنجو نماڻو اظهار ڪيو جو ڪجهه گرميءَ سان هو.
”شاباش ڊاڪٽر!“ پنهنجي جاءِ تان متيا اُٿندي واڪو ڪري چيو. بلڪل اِيئن، ڪيئن به هجي متيا کي روڪيو، پر نوجوان ڊاڪٽر جي راءِ ججن ۽ عام ماڻهن تي خطرناڪ اَثر ڇڏيو ۽ جيئن پوءِ معلوم ٿيو. سڀ ڪنهن سندس راءِ کي قبول ڪيو، پر ڊاڪٽر هرزينسٽيوب کي جڏهن شاهد جي حيثيت ۾ گهرايو ويو، ته هو اُميد جي خلاف متيا جي لاءِ ڪارائتو بڻجي ويو. جيئن ته هـُـو شـَـهر جو هڪ پراڻو رهندڙ هو ۽ ڪرامازوف خاندان کي چڱي طرح سڃاڻندو هو ۽ سالن کان ڄاڻندو هو. هن فريادي ڌر کي وڏيون قيمتي ڳالهيون ٻڌايون. اوچتو، هو ڪنهن ڳالهه کي ياد ڪري چوڻ لڳو ته:
”هيءُ غريب نوجوان، شايد ڪنهن ٻي قسم جي حياتي گذاري ها، جيئن مون کي خبر آهي، ته وٽس ننڍپڻ ۾ ۽ پوءِ به هڪ نيڪ دل هئي. پر روسي پهاڪو ٻڌائي ٿو، ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي هڪ مٿو آهي، ته چڱو آهي، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو سياڻو ماڻهو وٽس گڏجڻ لاءِ آيو ته هيءَ اُن کان به چڱو، ڇاڪاڻ ته اِهي پوءِ ٻه مٿا هوندا، نه هڪ“
هڪ سئو چڱو آهي پر ٻه مٿا هوندا، ته اُن کان وڌيڪ چڱا، سرڪاري وڪيل بي صبريءَ سان کيس چيو، کيس خبر هئي ته پوڙهي ماڻهو کي آهستي آهستي ۽ ڇٻي چٿي ڳالهائڻ جي عادت آهي. هن اَثر کان بلڪل بي پرواهه هو ته هو دير جو سبب بڻجي ٿو. هو پنهنجي جرمن خاصيت کي سنئون سڌو ۽ ڪـُـند نموني ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پوڙهو مذاق ڪرڻ جو به شوقين هو.
”هائو، هاڻي، اِها ڳالهه آهي. جنهن کي مان چئي رهيو آهيان.“ هو پنهنجي حقيقت تي ضد ڪندي چوندو رهيو. هڪ مٿو چڱو آهي ۽ ٻه اُن کان بهتر. مگر هيءَ ڪنهن به اِهڙي ٻي دماغ سان ملي سگهيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جون ڪي خاصيتون هجن، اُن ڪري هن ۾ جي صلاحيتون هيون، سي به وينديون رَهيون. اُهي ڪاڏي ويون؟ مون کان اُهو صحيح لفظ وسري چڪو آهي هو ڳالهائيندو رهيو ۽ سندس هٿ اکين کان مٿي کڄي ويو، ”آوارهه گردي“ ”آوارهه گردي؟“
هائو آوارهه گردي، اِهوئي مون کي چوڻو هو، مان تنهن جون سڀئي صلاحيتون، آوارهه گرديءَ ۾ مبتلا ٿي ويون ۽ هو اِهڙي ته کڏ ۾ وڃي ڪريو، جتي هن پاڻ کي وڃائي ڇڏيو. اُن هوندي به هيءَ شڪرگذار ۽ حساس ڇوڪرو هو، ها مان هن کي چڱي ريت سڃاڻان ٿو. هو جڏهن ننڍو هو ۽ وڏين صلاحيتن وارو هو ته کيس بلڪل وساريو ويو. سندس پيءُ کيس اڱڻ جي پٺ ۾ اُڇلائي ڇڏيو هو. اُن وقت هو بوٽن کان سواءِ پيرين اُگهاڙو ڊوڙندو هو ۽ سندس سوڙهن پانچن وارو پاجامو، هڪ بٽڻ جي حالت ۾ لڙڪندو ٿي رهيو.“
اوچتو اُن ايماندار، پوڙهي جي آواز ۾ جذبات ۽ شفقت اچي وئي هئي. فيٽوڪووچ هيءَ ڏسي پڪي ارادي سان تيار ٿيو. هن ڄڻ ته اِهڙي شيءِ کي سنگهيو هو، جنهن کي هاڻي، هن وٺڻ ٿي گهريو.
هائو، مان اُن وقت نوجوان هوس .... هائو مان اُن وقت پنجيتاليهه ورهين جو هوس ۽ تازو هتي آيو هوس. مان اُن وقت هن ڇوڪر لاءِ ڏاڍو ڪڙهندو هوس. مان پاڻ کي چيو ته ڇو نه هن لاءِ هڪ پائونڊ ..... ڇا جو پائونڊ؟ مون کان وسري ٿو. هن کي ڇا چئبو آهي؟ اِهوئي جو ٻارن کي نهايت مرغوب هوندو آهي. اِهو ڇا آهي؟ اِهو ڇا آهي؟ ڊاڪٽر وري پنهنجي هٿن کي لوڏڻ لڳو. هو هڪ جي پيدائش آهي. اُن کي گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ سڀ کي ڏنو ويندو آهي.
”صوف؟“
نه، نه. اوهان صوفن جو ڊزن وٺي سگهو ٿا، نه پائونڊ. نه هيءَ تمام گهڻي اَندازي ۾ ٿين ٿا. توهان انهن کي وات ۾ وجهي زور ڏيئي ڀڃي سگهو ٿا.
”اَخروٽ.“
بلڪل اَکروٽ، مان ايئن ٿي چيو. ڊاڪٽر نهايت تحمل سان اُن کي دهرايو. ڄڻ ته هن اُن لفظن کي وڃايل نه سمجهيو هو. مان اُن جي لاءِ، هڪ پائونڊ اَخروٽن جو خريد ڪيو، ڇاڪاڻ ته اَن ٻار لاءِ، ڪنهن به اڳ ۾ اخروٽ جو پاءُ خريد نه ڪيو هو. مان پنهنجي آڱر کنئين ۽ کيس چيم، ته ”ڇوڪرا هي سوغات کڻ“ هو کليو مون وري کيس چيو، ته ”هيءَ سوغات کڻ.“ هو وري به کليو ۽ چپن مان ڀڻڪيو، ته ”هيءَ عجيب سوغات آهي.“ مان هليو ويس. ٻن ڏينهن کان پوءِ، اتان گذريس، هـُـن واڪو ڪري چيو، ته ”چاچا! سوغات واپس کڻ پر کانئس هي لفظ وسري ويا هئا، ته هيءَ عجيب سوغات آهي.“ مان هاڻي آيو آهيان ۽ اوهان جو شڪريو اَدا ٿو ڪريان. ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪنهن به اَخروٽن جو پائونڊ مون وٽ نه آندو آهي. ٽيويهه سال هن حقيقت کي گذري ويا. هڪ صبح جو مان پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ هوس. منهنجا وار اَڇا ٿي ويا هئا ۽ پوڙهو هوس، ڏٺم ته ڪمري ۾ هڪ ڦوهه جوانيءَ وارو اَندر گهڙي آيو. مان جيڪر کيس نه سڃاڻي سگهان ها. هن آڱر مٿي کڻندي چيو، ته ”هيءَ سوغات کڻ“ . هيءَ عجيب سوغات آهي، تون ئي ماڻهو هئين، جنهن کي مون لاءِ هيڏي محبت هئي. اَن کان پوءِ مان پنهنجي مسرت ڀري جوانيءَ کي ياد ۾ آندو ۽ هي گهر جي صحن ۽ مسڪين ڇوڪرو، جنهن کي پيرن ۾ بوٽ به نه هئا. منهنجي دل تي وڏو اَثر پيو. چيومانس، ته ”تون احسانمند ڇوڪرو آهين. ڇاڪاڻ ته تو سڄي حياتي اَخروٽن جي پائونڊ کي نه وساريو آهي، جن کي مان تنهنجي ننڍپڻ ۾ خريد ڪيو هو. مان کيس پنهنجي آغوش ۾ ورتو. دعائون ڪيون مانس ۽ ڳوڙها وهائيندو رهيس. هو به لـُـڙڪ هاريندو رهيو ۽ پوءِ کليو، ڇاڪاڻ ته روسي روئندي به کلندو آهي. مان اهو ڏٺو ۽ هاڻي افسوس .....؟
مان هاڻي به روئان ٿو، جرمن! درويش انسان مان هاڻي به روئان ٿو. متيا اوچتو واڪو ڪري چيو.
ڪيئن به هجي، هن آکاڻي سندس فائدي ۾ وڏو اَثر ڪيو ۽ عوام متاثر ٿيو، پر متيا جي فائدي ۾ وڏو اَثر ڪيٽرينا ايونونا جي شاهد ڪيو، جنهن کي مان سنئون سڌو بيان ڪندس. جڏهن بچاءَ جي شاهدن پنهنجون شاهديون ڏيڻ شروع ڪيون، ته سچ پچ ڏسڻ ۾ آيو ته قسمت ظاهر ظهور متيا جي فائدي ۾ آهي، خاص ڪري هڪ شيءِ وڏو اَثر ڪيو، جا بچاءَ جي وڪيل جي لاءِ به عجب ۾ وجهندڙ هئي، پر اُنهي کان اڳي جو ڪيٽرينا ايونونا کي سڏيو ويو، اليوشا جي شاهدي ورتي وئي. هن هڪ اِهڙي حقيقت کي بيان ڪيو، جنهن هڪ خاص ۽ مکيه نقطي کي فريادي ڌر وٽ ظاهر ڪيو.