باب تيرهون: سوچ ويچار جو کاريندڙ
”هائو پيءُ جو رت وهائڻ تمام ڀوائتي ڳالهه آهي، پيءُ، جنهن مون کي جنميو، پيار ڏنو، منهنجي خاطر پنهنجو خيال نه ڪيائين، منهنجي ننڍپڻ کان منهنجي اگهائيءَ تان ڏکارو رهيو، منهنجي خوشيءَ خاطر سڄي عمر پاڻ پتوڙيائين، ۽ منهنجين خوشين ۽ منهنجين ڪاميابين ۾ گهاريائين. اهڙي پيءُ کي مارڻ خيال ۾ ئي نٿو اچي. جيوريءَ جا صاحبو، پيءُ، سچو پيءُ ڪهڙو هجي ٿو؟ انهيءَ مهان لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟ انهيءَ نالي ۾ ڪهڙو مهان خيال سمايل آهي؟ اسان هينئر هينئر سچي پيءُ جا ڪجهه اهڃاڻ ٻڌايا، ۽ هن کي ڇا هئڻ جڳائي، جنهن مامري ۾ اسان هن وقت اونها ڳتل آهيون ۽ جنهن تان اسان جون دليون پيڙا ۾ آهن، يعني موجوده مامري ۾ ”پيءُ“ يعني فيودور پاولووچ ڪرامازوف، پيءُ جي تنهن تصور سان ڪو نه ٿو ٺهڪي، جنهن جو اسان هينئر حوالو ڏنو. اها ئي بدنصيبي آهي، ۽ تحقيق ڪي پيئر به بدنصيب هوندا آهن. اچو ته انهيءَ بدنصيبي کي وڌيڪ ويجهائيءَ کان جاچيون: جيوريءَ جا صاحبو، اوهان کي جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي، تنهن جي اهميت کي آڏو رکندي، اسان کي ڪنهن به ڳالهه کان ڪيٻائڻ نه کپي. اهو اسان جو مکيه فرض آهي ته، جيئن ٻهڳڻو سرڪاري وڪيل چوي ٿو، ڪنهن به خيال کان ٻارن يا ڊنل عورتن وانگر نه ڪيٻايون.“
”پر پنهجي گرماگرم تقرير ۾ منهنجي مخالف (اهو منهنجي وات کولڻ کان اڳ ئي منهنجو مخالف ٿي ويو هو) ڪيترائي ڀيرا اعلان ڪيو ’او مان قيديءَ جو بچاءَ ان وڪيل تي نه ڇڏيندس، جيڪو پيٽرسبرگ کان آيو آهي، مان الزام رکان ٿو پر مان بچاءُ به ڪيان ٿو!’ هن اهو اعلان ڪيئي ڀيرا ڪيو، پر اهو ذڪر ڪرڻ وسري ويس ته هن ڀيانڪ قيديءَ تي رڳو هڪڙي ئي ماڻهوءَ ڪهل کاڌي هئي، جنهن کيس پائونڊ بوهي مڱن جو ڏنو هو. ۽ هيءَ ان لاءِ ٽيويهه ورهيه ٿورائتو رهيو هو: اهو قيدي ڇا اهو ياد نه رکندو ته هو ٻاروتڻ ۾ پيءُ جي پوئين باغ ۾ ائين ڊوڙندو وتندو هو جو، مهربان ڊاڪٽر هرزينٽوب چواڻيءَ، ’پيرن ۾ بوٽ ڪونه هوندا هيس ۽ لنڊي پتلون هڪ بٽڻ تي لڙڪندي رهندي هيس؟“
”جيوريءَ جا صاحبو، اسان انهيءَ بدنصيبيءَ کي ويجهائيءَ کان وڌيڪ ڇو ڏسون، ڇو جيڪي اڳيئي ڄاڻون ٿا، وري ورجايون؟ منهنجو اصيل جڏهن هت پنهنجي پيءَ جي گهر پهتو، تڏهن کيس ڇا پڙ پيو، ۽ کيس ڪٺور، خود غرص ۽ دئت ڪري ڇو پيش ڪريون؟ هو اجهل آهي، منهن زور ۽ ڇڙواڳ آهي- اِن تان اسان مٿس ڪيس هلائي رهيا آهيون- پر سندس اهڙي جيوت لاءِ جوابدار ڪير آهي؟ اهڙي شاندار سڀاءَ ۽ ٿورو مڃيندڙ ۽ ڏکڻي دل واري ماڻهوءَ جي اهڙي اڻسهائيندڙ پالنا لاءِ جوابدا ڪير آهي؟ کيس ڪنهن ڪا معقوليت جي سکيا ڏني؟ ڇا کيس پڙهائي روشن خيال ڪيو ويو؟ ڪنهن کيس ننڍي هوندي ٿورو ئي سهي پر قرب ڏنو؟ منهنجي اصيل کي جهنگ جي جانورن جيان رب جي آسري تي ڇڏي ڏنو ويو هو. جدائيءَ جي ڊگهن ورهين کان پوءِ شايد کيس پيءُ سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ هئي. هن پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪيو هوندو، جڏهن هن سپنن ۾ جن ڀوت ڏسي اُهي هزارين ڀيرا تڙيا هوندا، ۽ پيءُ کي ڳراٽڙي پائي کيس معاف ڪرڻ چاهيو هوندو. پر سندس انتظار ۾ ڇا هو؟ سندس آجيان رُکن طعنن، تنڪن، شڪن شبهن ۽ ڏوڪڙن تان وڙهڻ سان ڪئي وئي. هن کي روزانو برانڊي پيئندي بڇان ڏياريندڙ ڳالهيون ۽ بد نيت نصيحتون ٻڌڻيون پونديون هيون، ۽ انت هن پيءُ کي هن جي ئي ڏوڪڙن سان هن جي ئي پرينءَ کي ڌتاريندي ڏٺو. جيوريءَ جا صاحبو، اهو سخت ڪٺور ۽ بڇان ڏياريندڙ عمل هو! ۽ اهو پوڙهو هميشه پٽ جي بي ادبيءَ ۽ ڪٺورتا جون دانهون پيو ڪندو هو، هن سوسائٽيءَ ۾ مٿس تهمتون هنيون، کيس بدنام ڪيو، سندس گلائون ڪيون، سندس اڻ لاٿل اوڌرون ڪڍي کيس قيد تائين ڪرايو.“
”جيوريءَ جا صاحبو، منهنجي اصيل جهڙا ماڻهو مٿان ڀوائتا، ڇڙواڳ ۽ اجهل هوندا آهن، پر اندران ڪڏهن ڪڏهن بلڪ اڪثر ڪري ڏاڍا ڪونئرا هوندا آهن، توڻي جو ظاهر ناهن ڪندا. منهنجي ڳالهه تي کلو نه، کلو نه! ٻهڳڻو سرڪاري وڪيل ساجهر منهنجي اصيل تي شلر کي- اُتم ۽ سندر کي پسند ڪرڻ تان بيرحميءَ سان کليو هو! سندس جاءِ تي مان ان تان کلڻ نه چاهيان ها. هائو، اهڙا سڀاءَ- مون کي اهڙن سڀائن جي بچاءَ ۾ ڳالهائڻ ڏيو، جو انهن کي اڪثر ۽ بيدرديءَ سان غلط سمجهيو ويو آهي- اهي سڀاءَ سٻاجهائيءَ ۽ انصاف لاءِ ائين کڻي چئجي ته پنهنجي، پنهنجي ڇڙواڳيءَ، پنهنجي ڪرڙائيءَ جي برخلاف، اڪثر اڃايل هوندا آهن- هو ان لاءِ اڻسڌيا اڃايل هوندا آهن. مٿان ڪرڙا ۽ جوشيلا هوندي به، مثال طور، عورت سان پيڙا ڏيندڙ روحاني ۽ اُتانهين محبت ڪري سگهندا آهن. مون تي وري نه کلو، انهن سڀائن سان گهڻو تڻو اها ئي حالت هوندي آهي، پر پنهنجي موهه کي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو اڻ گهڙيل هوندو آهي، لڪائي نه سگهندا آهن، ۽ اهو پڌرو هوندو آهي، ۽ ڏٺو ويندو آهي، پر اندريون ماڻهو اڻڏٺل رهي ٿو. سندس موهه ترت ئي پورو ٿي ويندو آهي، پر هڪ اتم ۽ اعليٰ هستيءَ جي پاسي ۾ اهو بظاهر کهرو ۽ ڪرڙو انسان نئين سر جيئڻ چاهيندو آهي، پاڻ کي سڌارڻ، وڌيڪ چڱو ٿيڻ چاهيندو آهي، وڙائتو ۽ مانائتو ۽ پڻ، اتم ۽ سندر، ان اصطلاح جو ڀلي ڪيترو به مذاق اڏايو ويو هجي.“
”مون سوير ڀرو چيو ته مان پنهنجي اصيل جي مڱڻي جو ذڪر نه ڪندس. پر هڪ اڌ لفظ تڏهن به چوڻ مناسب سمجهان ٿو، اسان هينئر جيڪي ٻڌو، سو ساک نه پر هڪ جنون ۾ آيل ۽ وير تي سنبريل عورت جي وائي هئي، ۽ اهو سندس وڙ نه هو- ته کيس دغاباز چوي، ڇو ته هوءَ پاڻ کيس دوکو ڏيئي چڪي آهي! جيڪڏهن سوچڻ جو ٿورو به وقت ملي ها ته هوءَ اهڙي ساک نه ڏي ها. مٿس ويساهه نه ڪريو! نه منهنجو اصيل دئت ناهي، جيئن هوءَ چوي ٿي.“
”انسان ذات جي عاشق ٽياس تي چـڙهڻ کان اڳ چيو هو: ”آءٌ سٺو ريڍار آهيان. سٺو ريڍار پنهنجين رڍن لاءِ پنهنجي حياتي گهوري ٿو ته جيئن انهن مان ڪا هڪڙي رڇ به وڃائجي نه وڃي.’ شل اسان کان ڪنهن به ماڻهوءَ جي آتما نه وڃائجي!“
”مون هينئر پڇيو هو ته پيءُ جي معنيٰ ڇا آهي، ۽ چيو هوم ته اهو هڪ مهان لفظ ۽ املهه نالو آهي، پر، صاحبو، ماڻهوءَ کي لفظ سچيتائي سان واپرائڻ گهرجن، ۽ مان شين کي سندن صحيح نالن سان سڏڻ جو اُدم ڪيان ٿو: پوڙهي ڪرامازوف جهڙي پيءُ کي پيءُ نٿو چئي سگهجي، ۽ نه هو ان لائق آهي. هڪ نالائق پيءُ سان اولاد جو پيار لغو ۽ ناممڪن آهي. پيار نانهن مان پيدا نٿو ڪري سگهجي. رڳو خدا ئي نانهن مان ڪجهه پيدا ڪري سگهي ٿو.“
”حواري(1) پيار سان روشن دل سان لکي ٿو: ’پنهنجي اولاد کي چڙ ڏياري غضبناڪ نه ڪريو.‘ انهن پاڪ لفظن جو حوالو مان پنهنجي اصيل خاطر ڪو نه پيو ڏيان، بلڪ مان انهن جو ورجاءَ سڀني پيئرن لاءِ ٿو ڪريان. مون کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته پيئرن کي نصيحت ڪريان؟ ڪنهن به نه، پر مان هڪ انسان ۽ هڪ شهريءَ جي حيثيت ۾ التجا ٿو ڪريان - وات سان! اسان کي ڌرتيءَ تي گهڻو ناهي رهڻو. اسان گهڻائي ڪڌا ڪم ڪريون ٿا ۽ ڪئين ڪڌا ٻول ٻوليون ٿا. اچو ته ڪنهن سڻائي گهڙيءَ ۾ جڏهن اسان سڀ گڏ هجون، هڪ ٻئي کي ڪي چڱا ٻول ٻڌايون. مان اهوئي ڪري رهيو آهيان، مان هن هنڌ هجڻ جو مناسب فائدو وٺي رهيو آهيان. هي منصف اسان کي سڀن کان مٿانهين اختياري هرو ڀرو نه ڏنا آهن. سارو روس اسان کي ٻڌي رهيو آهي! مان رڳو هت موجود پيئرن سان مخاطب نه آهيان، مان سڀني پيئرن کي واڪو ڪري چوان ٿو: ’پيئرو، پنهنجي اولاد کي چڙ ڏياري غضبناڪ نه ڪريو.‘ هائو پهرين اسان پاڻ حضرت عيسيٰ جي حڪم جي پوئيواري ڪريون، ۽ پوءِ پنهنجي اولاد کان ان جي آس رکون، نه ته اسان پيئر نه پر پنهنجن اولادن جا دشمن هونداسون ۽ هو اسان جا اولاد نه پر اسان جا دشمن هوندا، ۽ اسان پاڻ هنن کي پنهنجو دشمن بڻايو هوندو. ’جهڙي هلت اوهان هلندا، تهڙي هلت اوهان سان هلي ويندي.‘ اهو مان نٿو چوان، پر انجيل پاڪ جو فرمان آهي،’جهڙي تڪ تور اوهان ٻين جي ڪندا، تهڙي اوهان جي لاءِ ڪئي ويندي.‘ اسان پنهنجي اولاد کي ڪيئن ميار ڏيئي سگهون ٿا، جڏهن اهو اسان جي تڪ تور اسان جي ئي ماڻ سان ڪن ٿا؟“
”ڪو گهڻو مدو ناهي لنگهيو جو فنلئنڊ ۾ هڪڙي نوڪرياڻيءَ لڪ ڇپ ۾ ٻار ڄڻيو. مٿس چوڪسي رکي وئي ته هڪ دٻو، جنهن جو ڪنهن کي به پتو نه هو، ڀڇنڊيءَ جي ڪنڊ ۾ ڪن سرن جي پٺيان لڌو ويو.اهو کوليو ويو ته اندران نئين ڄاول ٻار جو لاش نڪتو، جنهن کي هن ماري ڇڏيو هو، ساڳئي دٻي مان ٻن ٻين ٻارن جا به هڏاوان پڃرا نڪتا، جن کي هن باسيو، ته ڄڻيندي ئي ماري ڇڏيو هئائين.
”جيوريءَ جا صاحبو! ڇا هوءَ انهن ٻارن جي ماءُ هئي؟ هن کين ڄڻيو برابر هو، پر ڇا هوءَ سندن ماءُ هئي؟ ڇا ڪوئي کيس ماءُ جي سڳوري نالي سان ڪوٺڻ جي جرئت ڪندو؟ اچو ته دلير ٿيون، لفظن ۽ خيالن کان ائين نه ڊڄون جيئن اسٽروفسڪيءَ جي ناٽڪ ۾ ماسڪو جون عورتون ڪن لفظن جي اُچارن کان ڊڄن ٿيون. نه، اچو ته ثابت ڪريون ته گذريل ٿورن ورهين ۾ ٿيل ترقي اسان کي به ڇهيو آهي، ۽ چٽيءَ طرح چئون ته پيءُ ڇڙو اهو ناهي جيڪو ٻار کي جنمي، پر اهو آهي جيڪو جنمي به ٿو ۽ ان ڏانهن پاڻ تي عائد ٿيندڙ فرض به پورا ڪري ٿو.“
”هائو، برابر، پيءُ لفظ جي اها ٻي معنيٰ، اها ٻي تشريح به ڪئي وڃي ٿي، جنهن موجب ڪو به پيءُ، پوءِ ڀلي دئت هجي، ڀلي هو اولاد جو دشمن هجي، منهنجو پيءُ ئي رهي ٿو، رڳو انهيءَ ڪري جو هن مون کي جنميو. پر اها معنيٰ ائين کڻي چوان ته اهڙي ڳجهه ڳجهاندر معنيٰ آهي. جيڪا منهنجي سمجهه کان مٿي آهي، ۽ رڳو ائين وسهي سگهان ٿو، جيئن ٻين ڪيترن اهڙين سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهين تي ايمان آڻيندو يا اعتقاد ڪندو آهيان. جن لاءِ منهنجو دين مون کي حڪم ڪندو آهي. پر ان حالت ۾ ان کي زندگيءَ جي اصل ميدان مان ٻاهر رکيو وڃي. زندگيءَ جي اصل ميدان کي تحقيق پنهنجا حق آهن ۽ ان سان گڏوگڏ اهو اسان تي ڳرا فرض ۽ جوابداريون به عائد ڪري ٿو. انهيءَ ميدان ۾ جيڪڏهن اسان شفيق - في الحقيقت ڪرستان، ٿي رهڻ چاهيون ٿا پوءِ اسان تي لازم آهي بلڪ جڳائي ته رڳو تن عقيدن تي عمل ڪريون، جن کي عقل ۽ تجربن سچو ٺهرايو هجي ۽ جيڪي ڇيد جي ڪوٺاريءَ منجهان لنگهيا هجن، ٿوري ۾ ائين چئجي ته اسان تي لازم آهي ته عقل موجب عمل ڪريون ۽ نه ڪي ائين ڄڻ سپني ۾ هجون، جيئن ڪو هاڃو نه ڪريون، جيئن ڪنهن سان اُگرو ورتاءُ ڪري کيس تباهه نه ڪري ڇڏيون. تڏهن اهو سچ پچ ڪرستاني ڪم هوندو، نه رڳو صوفياڻو پر ساڃاهه وارو ۽ پراپڪاري پڻ......“
ان گفتي تي ڪورٽ ۾ زبردست تاڙيون وڳيون، پر فيروڪووچ کين هٿ لوڏي جهڙوڪر اها التجا ڪئي ته کيس بنا رنڊڪ جي پنهنجي ڳالهه جي پڄاڻي ڪرڻ ڏني وڃي. ڪورٽ ۾ اوڏيءَ جو اوڏي مهل چپ چپات ٿي وئي. مقرر تقرير جاري رکي.
”صاحبو! ڇا اوهان اهو ڀانئيو ٿا، ته ٻار وڏا ٿين ٿا ۽ عقل کان ڪم وٺڻ لڳن ٿا ته هو اهڙن سوالن کان ٽارو ڪري ويندا؟ نه، هو ائين نه ڪندا، ۽ اسان هنن تي ڪا ناممڪن پابندي نٿا مڙهي سگهون. هڪ جوان هستي جڏهن پنهنجي نالائق پيءُ کي ڏسي ٿي ته سندس دل ۾ اهڙا ئي پيڙا ڏيندڙ سوال پاڻمرادو اَٿن ٿا، خاص ڪري تڏهن جڏهن هو پنهنجي پيءُ کي پاڻ جيڏن جي عاليشان پيئرن سان ڀيٽي ٿو. انهيءَ سوال جو روايتي جواب هيءُ آهي: هن تو کي جنميو ۽ تون هن جو رت ۽ ماس آهين، ۽ انهيءَ ڪري تون سندس تابعداريءَ لاءِ ٻڌل آهين، جوان پاڻمرادو سوچي ٿو: ’پر جڏهن مون کي جنمايائين، تڏهن مون سان پيار هيس؟‘ هو پڇي ٿو ۽ اُڻ تـُـڻ جيئن پوءِ وڌيس ٿي، ’ڇا اهو منهنجي خاطر هو جو مون کي جنمايائين؟ اُن گهڙي هن کي منهنجي ڪا خبر ڪانه هئي، نه ئي منهنجي جنس جو پتو هوس.‘ ان گهڙيءَ ان ڪامتا جي گهڙيءَ جڏهن شايد مڌ جي ڀڙڪايل باهه ۾ جلي رهيو هو، ۽ هن مون کي نشي ۾ رهڻ جي رغبت ڏني آهي. مون لاءِ بس ايترو ئي ڪيو اٿائين...... ڇو مان کيس رڳو انهيءَ ڪري پيار ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهيان، نه هن مون کي جنميو آهي پر پوءِ واري حياتيءَ ۾ مون لاءِڪجهه به نه ڪيو آهي؟“
”شايد هيءُ سوال اوهان کي گهڻا کهرا ۽ ڪٺور لڳن پر هڪ جوان ذهن کان پاڻ تي ناممڪن پابنديءَ جي آس نه رکو. ’فطرت کي در کان هڪاليندا، ته اها دريءَ منجهان اڏامندي اندر ايندي.‘ ۽ وڏي ڳالهه ته اسان کي لفظن کان ڊڄڻ نه کپي، ۽ لازم آهي ته سوال جو نبيرو عقل ۽ ماڻهپي جي تقاضائن موجب ڪريون ۽ نه ڪي ڪـِـن ڳجهه ڳجهاندڙ خيالن موجب، اهو ڪيئن نبرندو؟ اجهو هيئن: پٽ پيءُ آڏو بيهي ۽ پڇي: ’بابا، ٻڌايو ته مان توهان کي پيار ڇو ڪريان؟ بابا، مون کي ڏيکاريو ته مون تي لازم آهي ته توهان کي پيار ڪريان،‘ ۽ جيڪڏهن پيءُ پٽ کي جواب ڏيئي سگهي ۽ کيس سٺو سبب ڏيکاري سگهي ته پوءِ پيءُ پٽ جو ناتو سچو ۽ پورو هوندو، ۽ ڪنهن پـُـر اسرار تعصب تي نه پر عقل واري، ذميوار ۽ پراپڪاري بنياد تي بيٺل هوندو. پر جيڪڏهن پيءُ جواب نٿو ڏئي سگهي. سبب نٿو ڄاڻائي سگهي، ته پوءِ مائٽاڻو ناتو نٿو رهي. هو پٽ لاءِ پيءُ نه رهندو ۽ پٽ کي حق آهي ته کيس اوپرو يعني دشمن سمجهي. جيوريءَ جا صاحبو! اسان جي ٽرائبيون(1) کي سچن ۽ صحتمند خيالن جو مڪتب هجڻ کپي.“
اتي مقرر کي پنهنجي تقرير تاڙين جي زبردست ڦهڪي جي ڪري روڪڻي پئي. بيشڪ اهي سڀ ٻڌندڙ نه هئا، پر سندن چڱي اڌ تاڙيون وڄايون هيون. پيئرن ۽ مائرن وهواهه ڪئي. مهاڙين مان جتي عورتون ويٺل هيون ڪيهون ۽ ريهون ٻڌڻ ۾ آيون. رومال لوڏيا ويا. صدر پنهنجي سموري سگهه سان گهنٽي وڄائڻ لڳو. کيس پڌري پٽ ويٺلن جي روش تي سخت چڙ آئي هئي، پر ڪورٽ خالي نه ڪرايائين توڙي جو اهڙو دڙڪو پڻ ڏنو هئائين. ويندي اوچي حقيقت وارا پوڙها ماڻهو جن جي سيني تي ستارا سجيل هئا ۽ جيڪي ججن جي پٺيان، خاص سندن لاءِ رکيل ڪرسين تي ويٺا هئا، تن پڻ مقرر کي داد ڏنو ۽ پنهنجا رومال لوڏيا. نيٺ مـَـس مـَـس وڃي گوڙ بند ٿيو ۽ صدر پاڻ کي ڪورٽ خالي ڪرائڻ واري دڙڪي تائين محدود رکيو، ۽ فيتيوڪووچ، اُتساهه مان ڀرجي گدگد ٿي، پنهنجي تقرير وري شروع ڪئي:
”جيوريءَ جا صاحبو! اوهان کي اها ڀوائتي رات ضرور ياد هوندي، جنهن بابت اڄ ايترو ڳالهايو ويو آهي، جڏهن پٽ لوڙهو ٽپي وڃي پنهنجي دشمن ۽ آزاريندڙ ۽ جنم ڏيندڙ جي آمهون سامهون بيٺو هو. مان وڏي شد مد سان اصرار ٿو ڪريان، ته هو پيءُ ته هو پٽهنس پيءُ جي گهر ڏوڪڙن ڪاڻ ڪانه ويو هو، ڦر جو الزام جيئن مون اڳ ثابت ڪيو، ڇسو آهي. ۽ هن جو گهر اندر گهڙڻ خون لاءِ به نه هو، بلڪل نه، جيڪڏهن سندس اهڙو ڪو ارادو هجي ها ته هو گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سان ڪو هٿيار ضرور کڻي ها. ٽامي جي مـُـهري هن جهڙپي ته هئي، پر ڇو؟ سا پروڙ ڪانه هيس. مڃيوسين ته هن پيءُ جي دريءَ تي ٺڪ ٺڪ ڪري کيس دوکو ڏنو، مڃيوسين ته هو اندر گهڙي ويو. مون اڳيئي چيو آهي ته مان اها ڏند ڪٿا ڪونه ٿو مڃان. پر جي ائين هيو به کڻي، اسان گهڙي پل لاءِ کڻي مڃون ٿا، ته ائين هو. صاحبو، مان هر سڳوري شئي جو قسم کڻي چوان ٿو، ته جيڪڏهن هو سندس پيءُ نه پر ڪو عام دشمن هجي ها ته قيدي ڪمرو ڪمرو ڊوڙي جاچڻ ۽ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ کان پوءِ ته هوءَ اتي ڪانه هئي، پنهنجي رقيب کي ڪو هاڃو رسائڻ کان سواءِ اُتان تکو تکو نڪتو هليو وڃي ها. هو شايد کيس ڌڪ هڻي ها، وڌيڪ نه، ڇو جو هن وقت ائين سوچڻ ۽ ڪرڻ جو وقت ئي ڪونه هو. هن رڳو اهو ڄاڻڻ ٿي گهريو، ته هوءَ ڪٿي هئي. پر هن جو پيءُ، جنهن کيس سندس ٻاروتڻ کان ئي ڌڪاريو هو. آزاريو هو، ۽ سندس غير فطري رقيب هو، تنهن پيءُ کي ڏسڻ ئي ڪافي هو! اهو ڌڪار جو جذبو هو، جيڪو کيس پاڻ هرتو، اڻ جهليو ويڙهي ويو ۽ سندس مت مارجي وئي. هڪ ئي پل ۾ سڀ ويران وير چڙهي آيو، اها ڪا پاڳلپڻي ۽ چريائپ جي لهر هئي، پر فطرت جي لهر به هئي، جيڪا (فطرت جي هر شئي وانگر) پنهنجي ازلي قانونن جي ڀڃڪڙيءَ جو وير وٺي رهي هئي.
پر قيديءَ تڏهن به کيس قتل نه ڪيو. مان انهيءَ ڳالهه تي قائم آهيان ۽ واڪو ڪري چوان به ٿو!. نه، هن چڙيل بڇان جي اڀام ۾ مـُـهري اولاري، پر کيس مارڻ جي ارادي سان نه، نه ئي هو اهو ڄاڻيندو هو، ته هو مري پوندو. جيڪڏهن اها موتمار مـُـهري هٿ ۾ نه هجيس ها، ته شايد پيءُ کي ڇڙو ڌڪ هڻي ڪيرائي رکي ها، پر کيس قتل نه ڪري ها. هو ڀڳو ته کيس اها ڄاڻ ڪانه هئي ته پيءُ کي ماري ڇڏيو هئائين. اهڙو خون خون نه آهي. نه، اهڙي پيءُ جي خون کي ’پيءُ گهات‘ نٿو ڪوٺي سگهجي. اهڙي خون کي فقط تعصب جي ڪري ئي ’پيءُ گهات‘ چئي سگهجي ٿو.
”پر مان پنهنجي اندر جي اونهائيءَ سان اوهان کان پڇان ٿو: ڇا اهو خون سچ پچ ٿيو هو؟ جيوريءَ جا صاحبو، جيڪڏهن اوهان هن کي ڏوهي ٺهرائي سزا ڏني ته هو پاڻ کي مخاطب ٿي چوندو: هنن ماڻهن مون کي نپائڻ لاءِ، مون کي پڙهائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، منهنجي حالت کي سڌارڻ لاءِ، مون کي بهتر بنائڻ لاءِ، مون کي سٺو ماڻهو بنائڻ لاءِ ڪجهه به نه، هنن ماڻهن مون کي نه کائڻ لاءِ ڏنو آهي ۽ نه پيئڻ لاءَ، نه قيد ۾ نه اوگهڙ ۾ مون سان ملڻ آيا آهن، ۽ هتي مون کي سخت پورهئي سان سزا ڏني اٿن. ليکو لٿ پٿ، هو مون کان هاڻ ڪجهه به نه لهڻن، مون کان ڪو به ڪجهه به هميشه لاءِ نه لهڻي. هي ظالم آهن، مان به ظالم ٿيندس. جيوريءَ جا صاحبو، هو اهوئي چوندو، ۽ مان قسم کڻي چوان ته کيس ڏوهي ٺهرائي اوهان هن لاءِ آساني ڪندا. هن جو ضمير هلڪو ٿي ويندو. هو ان رت کي پاراتا ڏيندو جيڪو وهايو اٿـِـائين، ۽ ان تان پڇتاءُ نه ٿيندس. ساڳئي وقت اوهان هن جي نئين انسان بڻجڻ جي امڪان کي ناس ڪري ڇڏيندا، ڇو جو هو ساري ڄمار هچارو ۽ انڌو ٿي رهندو.“
”پر ڇا اوهان کيس ڪائي تمام ڀوائتي ۽ هيبتناڪ ۽ ايتري ڀيانڪ سزا ڏيڻ چاهيو ٿا، جنهن جو تصور ئي نه ڪري سگهجي، ۽ ساڳئي وقت کيس بچائڻ ۽ سندس اندر وري جيئارڻ به چاهيو ٿا؟ جي ائين آهي ته پوءِ کيس پنهنجي ٻاجهه سان پيڙي ڇڏيو. اوهان ڏسندا، اوهان ٻڌندا ته هو ڪيئن نه ڏڪي ۽ هراسجي ٿو وڃي. ’مان ايڏي ٻاجهه جالي سگهندس؟ مان ايڏو پاٻوهه ڪيئن سهي سگهندس؟ ڇا مان انهيءَ لائق آهيان؟‘ هو اهو ئي آکيندو.“
جيوريءَ جا صاحبو، مان اِن دل اُن وحشي پر احسانمند دل کي سڃاڻان! اها اوهان جي ٻاجهه اڳيان سر نوائيندي، اها مهان ۽ پاٻوهيل ڪرت لاءِ اُڃايل آهي، اها رجي ويندي ۽ مٿي چڙهندي. اهڙا روح آهن، جيڪي پنهنجي محدودائپ جي ڪري سڄي دنيا کي الزام ڏيندا آهن. اهڙي روح کي پنهنجي ٻاجهه سان وس ۾ آڻيو، ان کي قرب ڏيو، ۽ اها دل پنهنجي ماضيءَ کي پٽيندي ڇو جو ان ۾ ڪيئي جذبا به آهن. اها دل ويڪري ٿي ويندي، ۽ ڏسندي ته خدا ٻاجهارو آهي، ۽ ماڻهو سٺا ۽ نياءَ وارا آهن. هو هراس ۾ رهندو، کيس هميشه پشيماني ۽ پاڻ مٿان آيل جوابداريءَ جي اون رهندي. پوءِ هو ائين نه چوندو، ليکو لٿ پٿ،‘ پر چوندو، ’مان سڀني جي نظر ۾ ڏوهي آهيان، ۽ مان سڀني کان وڌيڪ نالائق به آهيان.‘ هو پڇتاءَ جا، ڏک جا ۽ سيتل پيڙا جا ڳوڙها ڳاڙيندي واڪو ڪندو: ’ٻيا مون کان وڌيڪ چڱا آهن، هنن مون کي بچائڻ ٿي چاهيو، نه ڪي ناس ڪرڻ!‘ اوهه هيءُ ٻاجهه جو ڪم اوهان لاءِ ڪيترو نه سهنجو آهي، ڇو جو پڪي پختي ثابتي لاءِ اهو اعلان ڪرڻ ڏاڍو ڀوائتو ٿيندو: ’هائو هو ڏوهي آهي.‘
”هڪڙي بي ڏوهيءَ کي سزا ڏيو، تنهن کان چڱو آهي ته ڏهه ڏوهي ڇڏي ڏيو! اوهان ٻڌو ٿا، اسان جي شاندار تاريخ جي گذريل صديءَ کان ايندڙ شاهاڻو آواز ٻڌو ٿا؟ اهو نٿو سونهين ته مون جهڙو تڇ ماڻهو اوهان کي ياد ڏياري ته عدالت جو وجود رڳو سزا ڏيڻ لاءِ نه پر ڏوهه ڪندڙ جي ڇوٽڪاري لاءِ به آهي! ڀل ٻيون قومون ڪيتي لوڙائڻ ۽ قانون جي لفظن جو سوچين، اسان روح ۽ مفهوم - وڃايل جي ڇوٽڪاري ۽ سڌاري - سان چهٽيل رهنداسون. جي اهو سچ آهي، جي روس ۽ ان جو انصاف اهڙا آهن، ته اهو خوشدليءَ سان اڳتي وڌي سگهي ٿو! اسان کي پنهنجين جنوبي ٽورئڪائن کان به ڊيڄاريو، جن کان سڀ قومون بڇان وچان پاسو ڪن ٿيون. ڪائي ريل ڇيل ڊوڙندڙ ٽروئيڪا، نه پر روس جو شانائتو رَٿُ، سڪون ۽ دٻدٻي سان پنهنجي ماڳ ڏانهن هلندو، منهنجي اصيل جي تقدير اوهان جي هٿن ۾، روسي انصاف جي هٿن ۾ آهي. اوهان ان انصاف جو بچاءُ ڪندا، ان کي بچائيندا، اوهان ثابت ڪندا، ته ان تي چوڪسي رکڻ وارا موجود آهن، ۽ اهو ڀلوڙ هٿن ۾ آهي!“
___________
(1) حضرت عيسيٰ جي ٻارهن ساٿين مان هڪڙو. کيس نبي سڳوري پنهنجي پيغام ڦهلائڻ لاءِ اماڻيو هو. (س ن ح)
(1) Tribune : آڳاٽي روم ۾ انهن ٻن يا ڏهن ڄڻن مان هڪڙو جنهن کي عام ماڻهو چونڊيندا هئا، ته سرڪار جي مقابلي ۾ سندن حقن جي حفاظت ڪري، ٿلهو، منبر وغيره جتان تقرير ڪئي وڃي: رومي عدالت ۾ ماجسٽريٽ جي ويهڻ واري جاءِ.