باب پهريون: پرهوٽين جي خدمت جي ابتدا
رت ڄڻ ته سندس هٿن مان وهي رَهيو هئو. فينا هيءَ حقيقت بيان ڪري رَهي هئي، پر جيئن فينا جو سڄو خيال ئي وائڙو هو، هـُـن اِيئن سمجهيو ٿي، ته دمتريءَ جي هٿن مان رت وهي زمين تي ٿي ڪـِـريو. پر اِئين نه هو. هيءَ سندس خوف گڏيل فڪر جو جـُـڙتو وهم هو. پيوٽراليچ، خود اُن جي هٿن کي ڏٺو هو، جن تي رت جا داغ موجود هئا ۽ هن کيس هٿن ڌئارڻ ۾ مدد به ڪئي هئي. وٽس هاڻي هي سـِـوال نه هو، ته خيال ڪري ته سندس رت هاڻا هٿ ڪڏهن سـُـڪا، پر کيس فڪر هو، ته اُن دستي سان دمتري فيودورپاولووچ ڪيڏانهن ويو هو؟ ڇا سچ پچ هـُـو فيودورپاولووچ ڏي ويو. هـُـو اُن بابت به ڪهڙي ريت خاطري ڪري ٿي سگهيو. پيوٽراليچ پنهنجي نقطـِّه خيال ڏانهن موٽڻ ٿي گهريو. جيتوڻيڪ هـُـو ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيو هو، پر ضرور هن پيروي تي هو ته دمتري فيودورپاولووچ ٻيو ڪاڏي نه ويو آهي، پر پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن. اُتي ضرور ڪجهه حادثو ٿيو آهي.
جڏهن هـُـو وري ٻيو ڀيرو موٽي آيو، ته فينا ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو، ته مان کيس سموري ڳالهه ڪري ٻـُـڌائي ۽ تنهن کان پوءِ مان کانئس سوال ڪرڻ لڳس، ته تنهنجي هٿن تي، هيءَ رت ڪٿان آيو؟ هن جواب ڏنو ته هيءُ انساني خون آهي ۽ هن هاڻي ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو آهي. هن مون وٽ سڄي قبوليت ڏني ۽ هڪ پاڳل ماڻهوءَ وانگر، مون وٽ ڊوڙندو آيو. مان ويهي رَهيس ۽ خيال ڪرڻ لڳس ته خبر نه آهي، ته هاڻي اَلائجي ڪيڏانهن ويندو؟ مان سوچيندي، سمجهيو، ته هيءُ هاڻي ماڪرو ويندو ۽ منهنجي مالڪياڻيءَ جو به خون ڪندو. مان اُتان ڊوڙيس ته کيس عرض ڪريان، ته منهنجي مالڪياڻي کي نه ماري. مان سندس رهڻ واري جاءِ ڏي ٿي ويس، پر راهه ۾ پلاٽينڪوف جي دڪان تي ڏٺم، ته هـُـو اُن ۾ گهڙي وڃي رهيو آهي ۽ اُن وقت سندس هٿن تي ڪوبه رت جو نشان موجود نه هو. (فينا کيس ڏٺو هو ۽ کيس پوري ريت ياد هو.) فينا جي پوڙهي ڏاڏي به هن شاهديءَ کي جيتري قدر سندس يادگيري هئي، تصديق ڪئي. ٻين ڪن سوالن جي پڇڻ کان پوءِ، پيوٽراليچ گهر ڇڏي ويو. هـُـو، هن وقت، گهر ۾ گهڙڻ واري پهرئين حالت کان به وڌيڪ پريشان ۽ بي آرام ٿي ڏٺو.
سڀ کان وڌيڪ سنئين سـِـڌي ۽ آسان شيءِ، هن لاءِ اِها هئي، ته سـِـڌو فيودورپاولووچ ڏي وڃي ۽ معلوم ڪري ته اُتي ڪو واقعو ته نه ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٿيو آهي، ته اُهو ڇا آهي؟ جڏهن کيس واقعي جي اهميت پوري ريت معلوم ٿي، ته هـُـن پختو اِرادو ڪيو، ته هـُـو پوليس ڪپتان ڏي هليو وڃي. پر رات جي اونداهي هئي ۽ فيودورپاولووچ جا دروازا نهايت مضبوط هئا، اُن ڪري کيس دروازو کڙڪائڻو ئي پوندو. سندس واقفيت فيودورپاولووچ سان معمولي هئي. اِنهيءَ ۾ ڇا آهي، هـُـو دروازو کڙڪائيندو ۽ هـُـو کوليندا. پر جيڪڏهن اُتي ڪجهه نه ٿيو هوندو، ته فيودورپاولووچ پنهنجي ٽوڪ بازيءَ جي نموني، سڄي شهر ۾ پکيڙي ڇڏيندو ته هڪڙو اجنبي پروهيٽن نالي، اَڌ رات جو وٽس هلي آيو هو، ته کيس ڪنهن قتل ته نه ڪيو آهي! هيءَ ناحق بدنامي ٿيندي ۽ پيوٽراليچ وري جهان ۾ بدناميءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ کان نه ٿي ڊنو.
پر هن کي جو احساس جو جذبو هو، اُهو ايڏو ته مضبوط هو، جو جيتوڻيڪ هـُـو پنهنجو پير ڪاوڙ مان زمين تي هڻي رهيو هو ۽ پاڻ سان قسم کڻي رهيو هو، ته هن حقيقت کي معلوم ڪرڻ گهرجي. هـُـو وري تيار ٿي هليو. فيودورپاولووچ ڏي نه، پر بيگم هائلڪوف ڏي. هن خيال ڪيو، ته جيڪڏهن اُن دمتريءَ کي ٽي هزار روبل ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ته هـُـو سڌو پوليس ڪپتان ڏي هليو ويندو، پر جيڪڏهن هن اِها ڳالهه قبول ڪئي، ته کيس اِها رقم ڏني اَٿس، ته پوءِ هـُـو پنهنجي گهر موٽي ايندو. ڀلي ته صبح تائين هيءُ معاملو پيو رَهي.
پر هيءَ نهايت مشڪل ڳالهه هئي، ته هـُـو گهڻي بدنامي پنهنجي سر تي کڻي ته يارهين بجي رات جو هڪ فيشنبل بيگم وٽ وڃي، سو به پوري ريت اَجنبي! کيس ننڊ مان اُٿاري ۽ عجب ۾ وجهندڙ سوال پڇي. اِنهيءَ کان چڱو آهي، ته فيودورپاولووچ وٽ وَڃي، پر هي سڄو معاملو ڪجهه اِهڙي قسم جو هو ۽ خاص ڪري هن جهڙن واقعن ۾ بلغمي مزاج وارو باقاعده ڪوبه فيصلو ڏئي نه سگهندو آهي. پيوٽرايليچ، اُن گهڙيءَ ۾ بلغمي مزاج وارو ته نه بڻجي ويو هو، پر کيس ياد ٿي آيو، ته ڪيئن نه خائف ڪندڙ، پريشاني، هوريان هوريان، کيس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ جو آهستي آهستي عذاب ڏيندڙ ٿيندو ٿي ويو ۽ کيس سندس مرضيءَ جي خلاف ڀڻڪائي رهيو هو. پر هـُـو سڄي واٽ پاڻ کي، بيگم وٽ وڃڻ لاءِ، بددعائون ڏيندو ٿي ويو. ”پر مان هن جي تهه تائين ويندس.“ هن اِهو جملو ڏهه ڀيرا ورائي ورائي ٿي چيو. هـُـو پنهنجا ڏند ڪرٽي، پنهنجي دل جي راءِ کي ظاهر ڪري رَهيو هو.
اُن وقت پورا يارنهن ٿيا هئا، جو هـُـو بيگم هائلڪوف جي گهر وٽ پهتو. کيس گهر جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ جي جلد ئي اِجازت ملي وئي. پر هـُـو جاچ جي خيال کان سوچي رَهيو هو، ته هوءَ جاڳي به ٿي يا نه؟ چوڪيدار اُن بابت ڪوبه جواب ڏئي نه ٿي سگهيو، پر هـُـن کيس فقط اِهو ٻڌايو ته هوءَ دستور موجب پنهنجي بستري ۾ آهي.
”تون مٿي ڏاڪڻ تي وڃي پڇا ڪر. هوءَ جيڪڏهن توسان ملڻ گهرندي ته ملندي. پر جيڪڏهن هـُـن نه ملڻ چاهيو ته بس.“
پيوٽرايليچ مٿي ته چڙهي ويو، پر هتي کيس ڪابه سولائي نظر نه آئي. پيادو سندس نالو ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو، پر هن هڪ ڇوڪريءَ کي سڏي ورتو. پيوٽر نهايت نرميءَ سان پر زور ڏيندي عرض ڪيو، ته هوءَ، بيگم کي ٻڌائي ته شهر جو هڪ سرڪاري آفيسر جنهن جو نالو پروهيٽن آهي، ڪنهن ضروري ڪم جي لاءِ وٽس ملڻ لاءِ آيو آهي. جيڪڏهن اِهو خاص نه هجي ها، ته هيءُ ڪڏهن به نه اَچي ها. ”مهرباني ڪري اِهي ئي لفظ کيس چئج.“
هوءَ هلي وئي، ۽ هيءُ لنگهه وٽ اُن جو انتظار ڪرڻ لڳو. بيگم هائلڪوف اڳ ۾ ئي پنهنجي سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ هئي ۽ کيس اَڃا ننڊ نه آئي هئي. هوءَ مـِـتيا جي ملاقات کان پوءِ، وياڪل هئي. هوءَ طبعيت جي حالت مان سمجهي وئي هئي، ته سندس رات مٿي جي سور کان ڏاڍي ڏکي گذرندي. هاڻي ته هن سور سان گڏ، کيس جوش به هو. هوءَ هن اطلاع تي عجب ۾ پئجي وئي. هن غصي مان ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته رات جي وڳڙي ۾، شهر جو سرڪاري ڪامورو، ساڻس ملاقات ڪرڻ اَچي، سو به قطعي اجنبي، هن جي دل ۾، زناني پريشاني ۽ عجب کي پيدا ڪيو. پر هن ڀيري پيوٽر ايلووچ، خچر وانگر نٺر بڻجي ويو. هن وري به ملازمه کي عرض ڪيو، ته اڳين لفطن سان گڏ ٻيو به نياپو کڻي وڃي ته:
”هـُـو نهايت ضروري ڪم سان آيو آهي. جيڪڏهن هوءَ هاڻي کيس نه ملندي ته پوءِ کيس بيحد ڏک ٿيندو.“
بعد ۾ هن بيان ٿي ڪيو، ته ”اُن رات، هـُـن پوريءَ ريت جوکم پنهنجي سر تي کنيو هو.“
ملازمه، کيس عجب مان ڏسندي رَهي ۽ پوءِ هوءَ وري پيغام کڻي وئي. بيگم هائلڪوف تي اَثر پيو. هـُـن ٿورو خيال ڪيو ۽ ملازمه ڇوڪريءَ کان سندس شڪل ۽ صورت پڇيائين. جڏهن خبر پيس ته هو چڱي پوشاڪ پهريل آهي ۽ نوجوان ۽ اخلاق وارو آهي، تڏهن ڪجهه سوچڻ لڳي. اَسان کي هتي هيءُ ياد رکڻ گهرجي، ته پيوٽر چڱو سهڻو ۽ نوجوان هو. آخر بيگم هائلڪوف سندس ملاقات لاءِ دل ٻڌي. هـُـوءَ ڊگهي قبا ۽ سليپر ۾ هئي، پر هن پنهنجي ڪلهن تي هڪ ڪاري شال وجهي ڇڏي. ’آفيسر‘ کي چيو ويو، ته ملاقاتين جي ڪمري ۾ ترسي. هيءَ اُها ساڳي ڪوٺي هئي، جنهن ۾ مـِـتيا ساڻس گڏيو هو. بيگم ملاقاتي سان ملڻ لاءِ آئي. سندس چهرو سخت ۽ معلومات ڄاڻڻ وارو ٿي ڏٺو. کيس ويهڻ جي آڇ ڪرڻ بدران، هوءَ کانئس هڪٻئي پٺيان سوال پڇندي وئي.
”توکي ڇا کپي؟“
”مان اوهان جي آرام ۾ خلل وڌو آهي بيگم. مون کي دمتري فيودورپاولووچ جي ڪا حقيقت معلوم ڪرڻي آهي، جنهن سان اوهان جي ۽ منهنجي هڪجهڙي واقفيت آهي.“ پرهوٽين ڳالهائڻ شروع ڪيو.
پر هـُـن مشڪل سان، سندس نالو ورتو هو، جو بيگم جي چهري ۾ سخت غصي جون نشانيون ظاهر ٿيون. هن ذري گهٽ رڙ ڪئي ۽ جوش مان مداخلت ڪئي.
”مان ڪيستائين هن خوفناڪ ماڻهو لاءِ پاڻ کي پريشان رکنديس.“ هن جنون مان چيو. توکي اِهڙي همت ڪيئن ٿي آهي! تون هڪ اِجنبيءَ جي حيثيت ۾ هڪ عزت واري عورت جي آرام ۾ خلل وجهڻ آيو آهين. سو به سندس گهر ۾ ۽ هن اَويلي وقت ۾ ....... تون هڪ عورت تي زور آڻي رهيو آهين، ته تون اُن ماڻهو لاءِ ڳالهائين، جو هن ساڳي ملاقاتي ڪمري ۾، ٽي ڪلاڪ اڳ اِنهيءَ لاءِ آيو هو، ته منهنجو خون ڪري، پر زمين کي قدمن جا ڌڪ هڻندو هليو ويو. اِهڙي ريت ڪهڙو سکر ماڻهو، ڪنهن چڱي گهر مان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. مان توکي ٻڌايان ٿي سائين، ته مان تنهنجي خلاف فرياد داخل ڪنديس. مهرباني ڪري هڪدم هليو وڃ ..... مان ماءُ آهيان، مان، مان .......“
”خون!، هـُـو تڏهن توکي به خون پيو ڪري؟“
”ڇا هن ڪنهن ٻئي کي خون ڪيو آهي؟“ بيگم هائلڪوف کانئس پريشانيءَ مان پڇيو.
”جيڪڏهن تون ٿوري وقت لاءِ بيگم ڌيان ڏئي ٻڌين، ته مان توکي ٻن لفظن ۾ سمجهائي ويندس.“ پرهوٽين کيس جواب ۾ چيو. اڄ پنجين وڳي شام جو دمتري فيودورپاولووچ، مون کان ڏهه روبل قرض ورتو هو. هيءَ حقيقت آهي ته وٽس ڪوبه پيسو ڪونه هو. پر نائين بجي هـُـو مون کي ڏسڻ آيو، اُن وقت سندس هٿ ۾ سـَـوَ سـَـوَ روبل جي نوٽن جا ٿها هئا. مان سمجهان ٿو، ته ٻه يا ٽي هزار روبل هئا. سندس هـَـٿ ۽ چهرو رت سان ڀريل هو ۽ هـُـو پاڳلن وانگر نظر اَچي رهيو هو. جڏهن مان کانئس پڇيو ته اِهي پيسا ڪٿان آندا اَٿئي؟ تڏهن مون کي ٻڌايائين، ته اهي اوهان کان ئي مليا اَٿس. هن ٻڌايو ته اوهان کيس ٽي هزار روبل اِنهيءَ لاءِ ڏنا آهن، ته هـُـو سون جي کاڻين ڏانهن وڃي ......“
بيگم هائلڪوف جو چهرو ڳنڀير بڻجي ويو ۽ منجهس درد پيدا ڪندڙ جوش پيدا ٿيو.
”خدايا! هن ضرور پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ماريو آهي.“ هن هٿن کي مهٽيندي چيو. مان کيس ڪوبه پيسو نه ڏنو آهي. ڪڏهن به نه! ڊوڙ، ڊوڙ، ...... ٻي ڳالهه نه ٻـُـڌاءِ! پوڙهي کي بچاءِ ..... ڊوڙ سندس پيءُ ڏي ڊوڙ .....!“
”مون کي معاف ڪر بيگم، تڏهن تو، کيس ڪجهه به نه ڏنو هو؟ توکي هيءَ حقيقت چڱي ريت ياد آهي، ته تو کيس ڪجهه به نه ڏنو هو؟“
”نه مان ڪجهه به کيس نه ڏنو هو. مان کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. جنهن کي هن پسند نه ٿي ڪيو. هـُـو ڏاڍي جوش مان، زمين تي پير هڻندو نڪتو هو. هـُـو مون تي حملو ڪري آيو هو، پر مان کانئس ترڪي ويس. مان هاڻي توکي سڀ ٻڌايان ٿي ۽ ڪجهه به توکان نه لڪائينديس ...... هن مون ڏي ٿـُـڪ اُڇلائي. ڇا توکي هن ڳالهه تي حيرت نه ٿي لڳي. پر اَسان بيٺا ڇو آهيون؟ .... مون کي معاف ڪر ...... ويهه ..... چڱو آهي ته تون ڊوڙ ۽ اُن مسڪين پوڙهي کي خوفناڪ موت کان بچاءِ!“
”پر جيڪڏهن، هـُـن اُن کي اڳ ۾ ماري ڇڏيو هجي ته.“
”خدايا، هائو! پر هاڻي اَسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تون خيال ڪر ته هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟“
اُن وقت هن پيوٽرايليچ کي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ به ويهي رَهي. مختصر پر صاف طرح پيوٽرايليچ کيس سڄي معاملي جي تاريخ ٻڌائي. خاص اُهو حصو وضاحت سان ٻڌايائين. جنهن کي هن ڏٺو هو. هن کيس فينا سان سندس ملاقات جو ٻڌايو ۽ کيس همام دستي لاءِ به ٻـُـڌايائين. هن سڄي تفصيل، بيگم تي خوف طاري ڪري ڇڏيو. هوءَ منهن کي هٿ ڏئي رڙيون ڪرڻ لڳي.
”تون اعتبار ڪندين؟ مان اڳ ۾ ئي هيءُ سمجهي ورتو هو! مون وٽ اِهڙي خاص طاقت موجود آهي، جو مان جيڪو به خيال ڪندي آهيان، اُن کي عملي صورت ملي ويندي آهي. مان اَڪثر هن خوفناڪ ماڻهوءَ کي ڏسندي رهندي هيس ۽ خيال ڪندي هيس، ته هن ماڻهو جي پڄاڻي منهنجي موت سان ٿيندي ۽ هاڻي وري هيءُ ٿي پيو ..... يعني هن مون کي ته خون نه ڪيو، پر پنهنجي پيءُ کي به ماري وڌو. اهو ڪيئن ٿيو؟ اِها فقط خدا جي مهرباني هئي، جنهن مون کي پنهنجي حفاظت ۾ رکيو هو. وڌيڪ هيءَ به ڳالهه هئي، ته هـُـو مون کي قتل ڪري نه سگهي ها، ڇو ته مان کيس هڪ مقدس تعويذ ۽ شهيد ۽ ولي وار وارا جي ڇڏيل نشانين مان سندس ڳچيءَ ۾ پاتو هو ..... تون خيال ڪري ڏس، ته مان اُن وقت ڪيتري نه موت جي قريب هيس. مان سندس ڀرسان به وئي هيس. هن پنهنجي ڳچي ڊگهي ڪري، مون کي ڏٺو به .... توکي خبر آهي پيوٽراليچ (مان سمجهان ٿي ته هـُـن پنهنجو نالو پيوٽراليچ ٻـُـڌايو هو) منهنجو ڪرامتن ۾ يقين نه هوندو آهي، پر هاڻي هن تعويذ منهنجي لڏندڙ اعتقاد کي ويتر لوڏي وڌو آهي ۽ مان هاڻي سڀ ڪنهن شيءِ کي مڃينديس، جنهن لاءِ تون چوين. تو ڪجهه مربي زوسيما لاءِ ٻڌو آهي؟ ...... پر مون کي خبر نه ٿي پوي، ته مان ڇا ڳالهائيندي وڃان ٿي ....؟ هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، ته اُن تعويذ جي باعث، هن مون ڏي فقط ٿـُـڪ اُڇلائي ..... هي سچ آهي ته هـُـن مون ڏي فقط ٿـُـڪ اُڇلائي ۽ مون کي خون نه ڪيو. هـُـو ٿاٻڙندو هليو ويو! پر اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“
پيوٽراليچ اُٿي بيٺو ۽ هن ظاهر ڪيو، ته هـُـو سـِـڌو پوليس ڪپتان ڏي وڃي رَهيو آهي ۽ کيس سڀ ڪجهه ٻـُـڌائي ڇڏيندو. پوءِ سندس مرضي آهي، ته جيئن به ڪاروائي ڪري.
”اَڙي! هو نهايت سـُـٺو ماڻهو آهي. مهائيل ماڪرووچ. مان کيس سڃاڻندي آهيان. بيشڪ هيءُ ئي ماڻهو آهي، جنهن ڏي توکي وڃڻ کپي. ڪيتري قدر نه تون عملي ماڻهو آهين. تو ڪهڙي عمدي ريت هرهڪ ڳالهه کي سوچيو آهي. مان تنهنجي جاءِ تي هجان ها، ته ايڏاهين خيال ئي نه وَڃي ها.“
”خاص طرح جڏهن ته پوليس ڪپتان نهايت عمدو ماڻهو آهي.“ پيوٽرالووچ خيال ڪرڻ لڳو، جو اَڃا اُتي بيٺو هو ۽ خاص طرح اِنهيءَ انتظار ۾ هو، ته تڪڙو نڪري وڃي ۽ جيتري قدر کانئس ٿي سگهي، اُن من موجي عورت وٽان هليو وڃي ۽ کيس خدا حافظ به نه چوي.
”توکي يقين رکڻ گهرجي.“ هوءَ ڳالهائيندي وئي، ته ”جڏهن تون اُن سان ملي موٽي اَچين، تڏهن مون کي اَچي ٻڌائج ته تو اُتي ڇا ڏٺو ....؟ توکي اُتي ڇا معلوم ٿيو .....؟ هـُـو ڪيئن مقدمو قائم ڪندا ....؟ مٿس ڪهڙو ڏوهه مـَـڙهيو ويو آهي ......؟ مون کي ٻـُـڌاءِ، اَسان وٽ ڪا ايڏي وڏي سـَـزا ته ڪانه آهي. آهي ڇا؟ پر يقيني طرح مون وٽ اچجانءِ. پوءِ کڻي رات جا ٽي وڳا هجن، چار يا ساڍا چار ..... مون کي جاڳائج، جيڪڏهن مان نه جاڳان، ته مون کي لوڏي به اُٿارج ..... پر خدايا! مون کي ننڊ ڪٿان ايندي؟ ترس. اِيئن چڱو نه ٿيندو، ته مان توسان گڏجي هلان!؟“
”نه، نه. پر جيڪڏهن تون فقط ٽي سٽون لکي ڏئين، ته تو دمتري فيودورپاولووچ کي ڪابه رقم نه ڏني آهي ..... اِها تحرير ڪم واري ٿيندي ........... جيڪڏهن اُن جي ضرورت پئي ته.......“
”تون يقين رک!“ بيگم هائلڪوف، ٽپو ڏيندي، خوشيءَ مان پنهنجي خبر ڏيندڙ کي چيو ته، ”تون سمجهين سگهين ٿو، ته مان وڏي سادگيءَ سان توکان متاثر ٿي آهيان. مون کي تنهنجي ڪوششن کي ڏسي خوشي ٿي آهي. اِهڙن معاملن ۾ تون چڱي سمجهه رکين ٿو. تون هتي ڪٿي ملازمت ۾ آهين؟ مون کي خوشي ٿي ٿئي، ته تون هتي ملازمت ۾ آهين.“
اِهڙي ريت ڳالهائيندي، هـُـن پيپر جي اَڌ تي هيٺيون سٽون لکيون:
”مان سڄي حياتيءَ ۾ هن بدقسمت انسان کي ڪوبه قرض نه ڏنو آهي. منهنجو مطلب دمتري فيودورپاولووچ ڪرامازوف آهي. (هـُـو سڀ ڪنهن صورت ۾ بدقسمت آهي.) نه وري اڄ مون کيس ٽي هزار روبل ڏنا آهن. مان کيس ڪڏهن به نه ڏنا آهن. هر مقدس شيءِ جو قسم کڻي چوان ٿي. ڪي - هائلڪوف“
”اِجهو هيءَ آهي تحرير.“ هـُـوءَ جلديءَ مان پيوٽراليچ ڏي ڦري ۽ کيس چوڻ لڳي ته: ”وڃ هن کي بچاءِ، اِهو تنهنجو نهايت نيڪ ڪم ٿيندو.“
اُن کان پوءِ، هن سندس مٿان ٽي ڀيرا صليب جو نشان ڪڍيو. هوءَ کيس گهٽيءَ تائين ڇڏڻ لاءِ آئي.
مان ڪيڏي نه تنهنجي ٿورائتي آهيان، جو تون پهريائين مون وٽ آيو آهين. اِهو ڪيئن ٿيو، مان ته توسان اڳ ۾ ملي به نه آهيان. ڪيڏي نه مان خوشي محسوس ڪنديس. جو تون آئنده به منهنجي گهر ۾ ايندين. اِها ڪيڏي نه راحت ڀـَـري ڳالهه آهي، جو هتي تون رَهين ٿو. ڪيڏي نه عملي قوت .......! اُهي تنهنجي سچ پچ ساراهه ڪندا. هـُـو توکي يقيناََ سمجهندا. جيڪڏهن اِهڙي ڪا ڳالهه هجي، ته مان اُن کي پورو ڪنديس. تون يقين رک ته مان نوجوانن کي پيار ڪندي آهيان. هي نوجوان نسل اسان جي ڏکاري ملڪ جو سهارو آهن ..... اسان جي واحد اُميد ..... چڱو وڃ، وڃ ......“
پر پيوٽر اڳ ۾ هلي پيو، نه ته شايد هوءَ اَڃا به کيس نه ڇڏي ها. پر بيگم هائلڪوف مٿس چڱو اَثر ڇڏيو هو ۽ سندس انتظار ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي هئي، سو به اِهڙي اَڻ وڻندڙ معاملي ۾. هر ڪنهن جو مذاق جدا جدا ٿئي ٿو، جنهن کي اسان سڀ سمجهون ٿا. ”هي ڪا ايڏي وڏي عمر جي به نه آهي.“ هن خيال ڪيو ۽ اُن تي کيس خوشي به ٿي. مان جيڪر کيس سندس ڌيءَ کان وڌيڪ پسند ڪريان.“
هوڏانهن بيگم هائلڪوف به هن نوجوان کان خوش هئي. ”ايترو احساس! هڪ نوجوان ۾ ايتري خوبي! سو به اَسان جي وقت ۾. اِهڙا لڇڻ ۽ اِهڙي صورت! ماڻهو ته اِيئن ٿا چون، ته هن دور ۾، نوجوان ڪنهن به ڪم جا نه آهن. پر هيءُ ته مثال آهي، جو ڏيئي سگهجي ٿو. وغيره وغيره“ . سو هوءَ سادگيءَ سان اُن خطرناڪ معاملي کي وساري رَهي هئي. اِهو فقط اِنهيءَ ڪري هو، جو بستري ۾ داخل ٿي رَهي هئي. اوچتو وري کيس يادگيري آئي، ”مان ڪيتري نه موت کي قريب هيس.“ هن زور سان چيو. ”اڙي هي، خوفناڪ هو، خوفناڪ!“
پر هـُـوءَ جلدئي، شيرين ۽ وڻندڙ ننڊ ۾ غافل ٿي وئي.
جيئن ته اُن ڪارائتي نوجوان ۽ هن بيواهه جي وچ ۾ هن ملاقات کي ايترو تفصيل ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي، پر جيئن ته هن عملي ۽ شائسته نوجوان جي حياتيءَ جي نشوونما جو بنياد هي ملاقات نه بڻجڻ واري هئي، اُن ڪري مان هن کي تفصيل سان ڏنو آهي. اَسان جي شهر ۾ اڄ به هيءَ ڪهاڻي عجب سان ٻڌائي ويندي آهي. جڏهن مان ڪرامازوف ڀائرن جي طويل تاريخ پوري ڪئي، ته مان شايد هن بابت به لکان.