باب پهريون: بدقسمت ڏينهن
پڙهندڙن کي، مان هن کان اڳ ۾ آگاهه ٿو ڪريان، ته مان پاڻ کي هن جي لائق نه ٿو سمجهان، ته اُهو سڀ ڪجهه بيان ڪريان، جو اُن مقدمي ۾ وهيو ۽ واپريو ٿي، يا ترتيب وار اصلي حقيقتن کي پيش ڪريان. مان خيال ڪريان ٿو، ته جيڪڏهن مڪمل تشريح سان سڀ ڪنهن شيءِ جو بيان ڪندس، ته مون کي هڪ وڏي ڪتاب جي ضرورت پوندي. اُن ڪري اُهي نقطا، جن مون تي اَثر ڪيو آهي، منهنجي يادگيري ۾ آهن، اُنهن کي بيان ڪريان، اُميدوار آهيان ته مون تي پڙهندڙ اعتراض نه وٺندا. مان اُنهن ڳالهين کي انتخاب ڪيو آهي، جي نهايت دلچسپ آهن ۽ ثانوي حيثيت ٿيون رکن. شايد مان ضروري تفصيل ۽ مکيه ڳالهين کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. مان پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ پڙهندڙ پاڻ ڏسندا ته طاقت آهر مون سڀ ڪجهه ڪيو آهي.
ڪورٽ ۾ گهرائڻ کان اڳ ۾ مان اُن حقيقت کي بيان ڪندس. جنهن مون کي اُن ڏينهن عجب ۾ وجهي ڇڏيو هو، سچ پچ جيئن پوءِ ظاهر ٿيو. اُن حقيقت کي ڏسي ٻيا به حيرت ۾ پيا هئا. اسان سڀني کي خبر آهي ته هن معاملي وڏي دلچسپي پيدا ڪئي هئي. سڀڪو ئي بي صبريءَ سان مقدمي جي شروع ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. گذريل ٻن مهينن کان ماڻهن جي گفتگو، قياس آرائين ۾ عقلي نقطن جو هيءُ موضوع بڻجي ويو هو. هيءَ به سڀني کي خبر آهي ته هيءَ مقدمو سڄي روس ۾ مشهور ٿي چـُـڪو هو. پر اُن هوندي به اسان اِيئن نه سمجهيو ته هيءُ فقط اَسان لاءِ نه پر سڄي روس لاءِ اِهڙي دلچسپي جو سامان ٿو رکي، پر هيءُ حقيقت مقدمي واري ڏينهن ظاهر ٿي.
ملاقاتي نه فقط اسان جي علائقي جي وڏن شهرن مان آيا هئا، پر روس جي ٻين شهرن کان به ماسڪو ۽ پيٽرسبرگ کان به. اُنهن ۾ ڪي وڪيل هئا، ڪي عورتون ۽ ڪيئي عزت وارا ماڻهو. ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي هرهڪ ٽڪيٽ، کسي ٿي وئي. معزز ۽ رسوخ وارن ملاقاتين جي لاءِ، جتي ٽيئي جج ويهڻ وارا هئا. اُنهن جي ميز جي پوئتان - خاص جاءِ تي بندوبست ڪيو ويو هو. آرام ڪرسين جي هڪ قطار اُنهن جي لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي. هيءَ خاص رعايت هئي، جا اڳي ڪڏهن به نه ڏني وئي هئي. هڪ وڏي يڪسانيت ٿي ڏٺي. يعني عام ماڻهن ۾ اَڌ فقط عورتون هيون. جدا جدا حصن مان وڪيلن جو ايڏو وڏو اَنداز آيل هو، جو انتظار ڪندڙن سوچيو ٿي، ته اُنهن کي ڪٿي جاءِ ڏني وڃي؟ ٽڪيٽ جي لاءِ گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ ورهائي ٿي وئي. مان ڏٺو ته ڪمري جي آخر ۾ ٿلهي جي پريان، نهايت جلدي مان هڪ پردو ڏنو ويو. جن ۾ هنن سڀني کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. هي سڀئي بيٺا هئا. اُن هوندي به پاڻ کي خوش قسمت ٿي سمجهيائون ته کين اِها به جاءِ جي تنگي سبب، سڀني ڪرسين کي اُتان هٽايو ويو هو، هن پردي جي پويان، ماڻهن جو وڏوگوڙ، مقدمو هلندي، ڪلهوڪلهي سان لايو بيٺو هو.
اِنهن مان ڪي خاتون، جي خاص ڪري پري کان آيون هيون، گيلري ۾ پنهنجي بهترين لباس ۾ موجود هيون، پر عورتن جي اڪثريت اِهڙي هئي، جن لباس جي طرف پنهنجو ڪوبه توجهه نه ڏنو هو. سندن چهرن مان پريشانيءَ جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا. هڪ خاص حقيقت هيءَ هئي، جنهن کي پوءِ ڏٺو ويو، ته سندن اڪثريت متيا جي طرف هئي ۽ هنن چاهيو ٿي، ته کيس آزاد ڪيو وڃي. هن مان گهڻو ڪري ايئن معلوم پئي ٿيو، ته هو عورتن جي دلين جو فاتح آهي. هيءَ به عام خبر ته ٻه رقيب عورتون، هن مقدمي ۾ اچڻ واريون آهن. اِنهن مان هڪ ڪيٽرينا ايونونا هئي، جا سڀني جي عام دلچسپيءَ جو باعث هئي. اُن بابت غير معمولي ڳالهيون ٿي ٻڌايون ويون. متيا جي بابت سندس حيرت ۾ وجهندڙ ڪهاڻيون، جي سندس ڏوهه کان الڳ قسم جون هيون. سندس غرور ۽ شاهاڻا تعلقات خاص ڪري ماڻهن جي بحث هيٺ هئا. (شهر جو هرهڪ ماڻهو سندس ڏسڻ کان وانجهيل نه هو) هيءَ ڳالهه مشهور هئي، ته هن سرڪار کي درخواست ڏني آهي، ته هوءَ ان گنهگار سان گڏ قيد ۾ وڃي ۽ سائبيريا جي کاڻين ۾ پهچڻ کان پوءِ ساڻس شادي ڪري. گروشينڪا جو سڄي ڪورٽ ۾ بيصبريءَ سان انتظار ٿي ڪيو ويو. عوام وڏي شوق ۽ پريشانيءَ مان هنن ٻن رقيبن جي گڏجاڻيءَ کي نهاري رهيو هو. هڪ مغرور ۽ شاندار ڇوڪري ۽ جادوگر، پر گروشينڪا، ضلعي جي زالن ۾ ڪيٽرينا کان وڌيڪ مشهور هئي. هنن اڳ ۾ هن عورت کي ڏٺو هو، جنهن فيودورپاولووچ ۽ سندس پٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. هو سڀئي عجب ۾ هيون، ته ڪهڙي ريت پيءُ ۽ پٽ هن عام ۽ معمولي روسي ڇوڪريءَ جي محبت ۾ جڪڙجي ويا هئا، جا ايڏي حسين به نه هئي.
مختصر ته وڏيون ڳالهيون ٿي رهيون هيون. هيءَ به حقيقت هئي ته شهر ۾ اِهڙا ڪيئي خاندان موجود هئا، جن جا متيا جي بابت پاڻ ۾ جهڳڙا ٿي هليا. ڪيتريون عورتون پنهنجي مردن سان، راءِ جي اختلاف جي سبب، هن خطرناڪ مقدمي ۾ جهڳڙنديون ٿي رهيون. اُن ڪري هي فطري سبب هو، ته هيءَ مرد، پنهنجي عورتن جي راءِ جي خلاف قيدي کان بدگمان ٿي، ڪورٽ ۾ آيا. اُن ڪري، حقيقت ۾ ايئن چئي سگهيو ٿي، ته اُن مجبوري ۾ عورتن کان وڌيڪ مرد، قيد جي خلاف هئا. اُنهن ۾ وڏو تعداد اُنهن جو هو جن جي منهن ۾ گهنج هئا ۽ جن مان سندن انتقامي جذبو ظاهر هو. سچ پچ ته متيا به شهر ۾ رهي ڪيترن ماڻهن کي ايذايو هو. منجهن ڪي اِهڙا به بلند رتبي وارا روح موجود هئا، جي شخصي طرح متيا جي قسمت سان ڪابه دلچسپي رکندڙ نه هئا. پر هي سڀئي مقدمي ۾ دلچسپي رکندڙ هئا ۽ سندن اڪثريت سندس آزاديءَ لاءِ انتظار ۾ هئي، جن ۾ وڪيل داخل نه هئا. کين اخلاقي نقطئه نگاهه کان وڌيڪ قانون ۾ دلچسپي هئي.
سڀ ڪوئي، مشهور وڪيل فيٽوڪووچ جي حاضري کان جوش ۾ هو. سندس قابليت مشهور هئي. هيءَ ڪو پهريون مقدمو نه هو، جو هن جدا جدا علائقن ۾ اِهڙي بدنام ڏوهاري جو بچاءُ ٿي ڪيو. پر هن اِهڙن مقدمن ۾ بچاءُ ڪري، پاڻ کي ايترو ته مشهور ڪيو هو، جو سڄي روس ۾ سندس نالو مشهور ٿي ويو هو. اِهڙيون ئي ڳالهيون اسان جي پراسيڪيوٽر ۽ ڪورٽ جي صدر لاءِ به مشهور هيون. چيو ٿي ويو ته ائپولٽ ڪريليووچ، فيٽوڪووچ جي مقابلي کان لرزي رهيو هو. هو شروع ۾ ئي جڏهن پيٽرسبرگ ۾ کيس ڪنهن کان ضرور رنج پهتو هو، هڪٻئي جا دشمن هئا ۽ اسان جي حساس پراسيڪيوٽر هي محسوس ٿي ڪيو، ته پيٽرسبرگ ۾ کيس ڪنهن کان ضرور رنج پهتو هو، جو سندن قابليت جي پوري پوري ساراهه ٿي نه سگهي هئي. هو اُن ڪري ڪرامازوف جي مقدمي ۾ نهايت شوق سان جوش ۾ هو. هو خواب لهي رهيو هو، ته هن مقدمي جي بدولت وڃايل شهرت کي حاصل ڪري وٺندو ۽ پنهنجي قسمت کي ٺاهيندو. چون ٿا ته فيٽوڪووچ سندس گويا انتظار هو. پر حقيقت ۾ هيءَ افواهه پورا نه هئا. اسان جو پراسيڪيوٽر، اُنهن ماڻهن مان نه هو، جو خوف جي وقت دل هاري ويهي. پر ان جي خلاف خوف جي وڌڻ سبب، سندس خود اعتمادي به وڌي ٿي وئي. هي ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي، ته اَسان جو پراسيڪيوٽر - جلد باز ۽ پنهنجي ڪم جو پورو ڄاڻندڙ هو، هو ڄڻ ته مقدمي ۾ پنهنجو روح وجهي ڇڏيندو هو ۽ اُن ۾ ايڏو ته گم ٿي ويندو هو، ڄڻ ته سندس سڄي قسمت ۽ بخت جو اُن جي نتيجي تي دارومدار آهي. قانوني دنيا ۾ هي موضوع کل جهڙو هو. هن امتيازي حالت جي باعث، اسان جي پراسيڪيوٽر وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي، جا شايد کيس شرميلي حالت ۾ ميسر ٿي نه سگهي ها. ماڻهو سندس شوق ۽ نفسيات تي خاص طرح کلندا ٿي رهيا، منهنجي راءِ اهي غلط هئا. اسان جو پراسيڪيوٽر جيئن مان سمجهان ٿو، وڏي گهراڻي وارو هو، جيئن اُن کي سمجهيو ويو هو، پر هو پنهنجي نازڪ تندرستيءَ سبب هو پنهنجي ڌنڌي ۾ بيهڪ حاصل نه ڪري سگهيو ۽ نه وري پوءِ به ڪامياب ٿي سگهيو. اسان جي ڪورٽ جو صدر، اُن جي لاءِ مان فقط هي چوندس ته هو انسانيت وارو ۽ مهذب هو. کيس هر عمل جو پورو ڄاڻو هو، اُن مان جي رايا نڪري سگهيا ٿي، اُن کان باخبر هو، هو لالـچي ضرور هو، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي مستقبل جي فڪر سان وابسته نه ٿي رکيو. سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد هي هو، ته هو ترقي پذير خيالن جو حامي ئي رهي. هو پڻ وڏي تعلقات واري ۽ ملڪيت جو مالڪ هو. جيئن اَسان کي پوءِ خبر پئي، ته کيس ڪرامازوف مقدمي جي لاءِ وڏو احساس هو. پر هيءُ سندس احساس سماجي نقطئه نگاهه کان هو نه پنهنجي شخصي حيثيت کان. هو اُن ۾ هڪ سماجي هواس ۽ دماغ جي حيثيت ۾ دلچسپي وٺي رهيو هو. اسان جي سماجي حالتن واري ڪردار ۽ تقسيم جي هو پيداوار هو، مقدمي ۾ سندس شخصي طرفداري ان جي غمناڪ حيثيت، ڏوهين ۽ خود قيدي بابت خلاف ۽ توجهه واري نه هئي. جيئن اسان جو خيال شايد صحيح هجي.
ججن جي اَچڻ کان اڳ ۾ سڄي ڪورٽ ماڻهن سان ڀرجي چڪي هئي. اسان جي ڪورٽ شهر ۾ هڪ عمدو هال آهي. ويڪري، مٿانهين ۽ آواز ٻڌڻ لاءِ بهترين عمارت آهي. ججن جي ساڄي پاسي جي شهه نشين تي هئا. ميز ۽ ڪرسين جون قطارون، مقدمي جي ڏيندڙن لاءِ هيون. کٻي پاسي قيدي ۽ سندس بچاءَ جي صلاحڪارن جي جاءِ هئي. ڪورٽ جي وچ ۾، ججن جي ڀرسان، ڏوهه سان لاڳو شيون رکيون هيون. اُتي فيودورپاولووچ جي اڇي پـَـٽَ جي شبخوابي واري قبا موجود هئي، جنهن تي رت جا داغ ها. اُهو بدقسمت پتل جو دستو به هو، جنهن لاءِ چيو ٿي ويو ته اُن سان خون ڪيو ويو هو. متيا جي قميص، جنهن جي ٻانهن تي رت جا داغ هئا، سندس ڪوٽ جنهن جي کيسي جي مٿان رت جا داغ هئا. جنهن ۾ هن رومال وڌو هو. رومال پاڻ رت ۾ ٻڏل هو، جنهن جو رنگ هاڻي زردو ٿي ويو هو. پستول، گولين سان ڀريل هو. جنهن کي متيا، پروهيٽن وٽ خودڪشيءَ لاءِ ڀريو هو، جنهن کي ماڪرو ۾ تريفان هٿ ڪيو هو. اُهو لفافو، جنهن ۾ گروشينڪا کي ڏيڻ لاءِ ٽي هزار روبل وڌا ويا هئا. واڱڻائي رنگ جو سنهو ڌاڳو، جنهن سان لفافي کي ٻڌو ويو هو ۽ ٻيون به شيون جي هاڻي مون کي ياد نه آهن. هال ۾ ڪجهه مفاصلي تي عوام جي ويهڻ جون جايون هيون. ججن جي شهه نشين جي سامهون، شاهدن جون ڪرسيون موجود هيون جن کي شاهدي کان پوءِ اتي ويهاريو ويو هو.
ٽي بجي سڀئي جج اچي پهتا. هڪ صدر، ٻيو اعزازي جسٽس آف پيس ۽ ٽيون پراسيڪيوٽر (سرڪاري وڪيل) سندن پويان جلدي پهچي ويو، پريزيڊنٽ قد جو بندرو، مضبوط، پنجاهه ورهين جو چڱو ٿلهو ٿي ڏٺو. سندس کـَـلَ ضعيف معدي جي مريض جهڙي هئي. سندس وار ڪارا هئا، پر معلوم پئي ٿيو ته هـُـو اڇا ٿيڻ وارا آهن کيس هڪ سرخ بيج لڳل هو الائجي ڪهڙي اعزاز لاءِ هو. اِهو مون کي ياد نه آهي. پراسڪيوٽر ۽ ٻين مون تي وڏو اَثر ڪيو هو. زرد ٿي ڏٺو ۽ ايئن کڻي چئجي ته سندس رنگ سائو هو، سندس چهرو ڄڻ ته جلدي سنهو ٿي ويو هو. شايد هڪڙي ئي رات ۾ ڇاڪاڻ ته مان ٻه ڏينهن اڳ ۾ کيس چڱو صحتمند ڏٺو هو. پريزيڊنٽ اُن وقت پڇڻ شروع ڪيو، ته سڄي جيوري حاضر آهي.
پر مان هن ريت بيان ڪري نه سگهندس، ڇو ته ڪي شيون مون به نه ٻڌيون ۽ ڪن کي نه به ڏٺو. ڪي شيون مون کان به وسري چڪيون آهن. جيئن مان اڳ چئي چڪو آهيان، ته اُنهن مان ڪيتريون ادبي طور تي نه مون کي وقت آهي نه جاءِ جو هر شيءِ کي جا اُتي چئي ويئي هئي، ان جو ذڪر ڪريان. مان فقط هيءَ ڄاڻان ٿو، ته ڪنهن به جيوري جي ميمبر ڪنهن به طرف تي ڪو اعتراض نه هو. مون کي باهن ئي جيوري جي ماڻهن جي خبر آهي. چار شهر جا ننڍا عملدار هئا ۽ واپاري هئا. ڇهه زراعت پيشيور ۽ شهر جا هنرمند هئا. مقدمي کان پوءِ به مون کي ان جي ڪارروائي گهڻو وقت ياد هئي، عام ماڻهن ۾ سوال مسلسل پڇيا ٿي ويا، خاص ڪري عورتن ته اِهڙو نازڪ، پيچيدو، نفسيات وارو مقدمو، معمولي آفيسرن ۽ هارين جي راءِ تائين موقوف رکيو ٿي ويو؟ هڪڙو آفيسر، اُن کان به وڌيڪ هاري ايڏي ساري معاملي کي ڪيئن سمجهي سگهيا هوندا؟ چارئي آفيسر جي ’چوري‘ ۾ شامل هئا، انهن کي ڪوبه ضمير نه هو ۽ هيٺئين درجي وارا هئا. انهن مان فقط هڪ جو شاهد سڀني ۾ ننڍو هو، ۽ باقي عمر جا وڏا ٿي نظر آيا. هو سماج اَندر ايترا مشهور نه هئا ۽ تمام ٿوري تنخواهه تي وقت گذاريندا ٿي رهيا. جن کي وڏيءَ عمر واريون ۽ ضدي زالون هيون ۽ ٻارن جو وڏو ميڙ. جن کي نه بوٽ هئا، نه جوراب. هو گهڻو ڪري پنهنجي واندڪائيءَ جي وقت تائين تاش کيڏيندي گذاريندا ٿي رهيا ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ به ڪتاب نه پڙهيو هئائون. ٻئي واپاري عزت وارا ٿي ڏٺا، پر مٿن حيرت جهڙي خاموشي ۽ نااُميدي ڇانئيل هئي، هڪڙي جي تازي ڏاڙهي ڪوڙيل هئي ۽ يورپين نموني لباس پيل هئس، ٻي کي ننڍي ۽ ڀوري ڏاڙهي هئي ۽ سرخ نيتي ۾ هڪ بـِـلو سندس ڳچيءَ ۾ پيل هو. هنرمند ۽ هارين جي لاءِ ڪجهه چوڻ جي ضرورت نه آهي. اسٽوپوريجنوسڪ جا ڪاريگر، اڪثر هاري آهن ۽ زمينن تي ئي ڪم ڪندا آهن. انهن مان ٽن کي يوروپي لباس هو. اُن ڪري هو شايد وڌيڪ غليظ ۽ ٻين کان وڌيڪ اَڻ وڻندڙ ٿي لڳا. هي ڏسي شايد عجب لڳي، جيئن مون کي لڳو ٿي، ته هي ماڻهو ههڙي مقدمي ۾ ڪهڙي راءِ قائم ڪري سگهندا؟ ان هوندي به سندن چهرن مان سختي ٿي نظر آئي.
آخر صدر فيودورپاولووچ، ڪرامازوف جي قتل جي مقدمي جو آغاز ڪيو، مون کي ياد نه آهي، ته هن ڪهڙي ريت اُن کي بيان ڪيو. ڪورٽ جي نقيب (سڏ ڪرڻ واري) پڪاريو ته قيديءَ کي حاضر ڪيو وڃي ۽ متيا ظاهر ٿيو. ڪورٽ ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. ايتري قدر جو ’سـُـئيءَ‘ جي ڪرڻ جو آواز به جيڪر ٻڌڻ ۾ اچي. مون کي خبر نه آهي، ته ٻين تي ڇا گذريو؟ پر متيا مون تي ڪو چڱو اَثر نه وڌو. هو پنهنجي نئين فراڪ ڪوٽ ۾ هڪ خطرناڪ سينگاريل بانڪو ٿي نظر آيو. مون پوءِ ٻڌو ته هن موقعي جي لاءِ هن ماسڪو مان پنهنجي خاص درزيءَ کان اِهو ڪوٽ ٺهرايو هو، جنهن وٽ سندس ماپ اڳ ۾ ئي موجود هئي، کيس ڪارا ڪپڙي جا هٿن ۾ جوراب پيل هئا ۽ سوٽي قميص هيس، سو وال جيڏا ڊگها قدم هڻندو، سڌي نگاهه رکندو پنهنجي جاءِ تي اُتي اچي ويٺو. جنهن کي ڪابه ترتيب نه ڏني وئي هئي. ايتري ۾ بچاءَ جي ڪائونسل يعني، مشهور فيٽوڪوويج اَندر گهڙيو ۽ ڪورٽ جي هڪ طرف کان ٻي طرف تائين ڀڻ ڀڻ مچي وئي. هو قدآور ۽ ڏسڻ جهڙو هو، هو ڊگهين سنهين ٽنگن وارو هو ۽ اِهڙيءَ ريت سندس ڊگهيون ۽ ڪومايل آڱريون هيون. ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ ننڍا وار، پر انهن کي چڱيءَ ريت ڦڻي ڏنل هئي، کيس ننڍڙا چپ هئا، جي ڪڏهن ڪڏهن، نفرت ۽ مشڪڻ ۾ خم کائي ٿي ويا. هو چاليهن ورهين جو ٿي ڏٺو، سندس چهرو حسين نظر اچي ها، جيڪڏهن سندس اکيون وڏيون هجن ها. اکيون غير معمولي طور تي هڪٻئي سان قريب ٿي ڏٺيون - جن جي وچ ۾ سنهڙو نڪ اکين کي هڪٻئي کان جدا ڪري رهيو هو. پر اُن هوندي به سندس چهرو متاثر ڪندڙ هو. هو شام جي لباس ۾ هو ۽ کيس ٽاءِ به ٻڌل هئي.
مون کي ياد آهي، ته صدر پهريائين متيا کان سندس نالو ۽ ٻيا ڪوائف پڇيا هئا. متيا تيزي سان جواب ڏنا ۽ سندس آواز، اُميد جي خلاف اُوچو هو، جنهن صدر کان ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيو ۽ کيس عجب مان نهارڻ لڳو. اُن کان پوءِ اُن ماڻهن جي يادداشت پيش ٿي، جي هن مقدمي ۾ حصي وٺڻ وارا هئا. يعني شاهد ۽ ڄاڻو. هيءَ هڪ ڊگهي يادداشت هئي چار شاهد حاضر هئا. پوسيوف، جنهن ابتدائي جاچ ۾ پنهنجي شاهدي ته ڏني هئي، پر هاڻي پئرس ۾ هو. خاتون هائلڪوف ۽ ميڪزيموف جي پنهنجي بيماريءَ جي ڪري غير حاضر هئا. سميرڊياڪوف پنهنجي اوچتي موت جي سبب غير حاضر سمجهيو ويو، جنهن بابت پوليس سرڪاري طور تي تصديق پيش ڪئي. سميرڊياڪوف جي اوچتي موت سبب ڪورٽ ۾ افراتفري پکڙجي وئي، پيشنگويون ٿيڻ لڳيون. ڪورٽ ۾ حاضر هئڻ وارن مان شايد ڪيترن ئي کي سندس خودڪشيءَ جي خبر ڪانه هئي. ماڻهن تي ڇا اَثر پيو، پر متيا، ڄڻ ته اوچتو ڦاٽي پيو. جيئن ته سميرڊياڪوف جي موت جو بيان گذري ويو. هن پنهنجي جاءِ تان رڙ ڪري چيو ته:
”هو ڪتو هو ۽ ڪتي جي موت مري ويو.“
مون کي ياد آهي، ته ڪهڙيءَ ريت سندس وڪيل ڊوڙندو وٽس ويو ۽ ڪيئن صدر کيس خطاب ڪندي سختيءَ سان چيو، ته ”جيڪڏهن هو وري اِهڙي حرڪت ڪندو، ته مٿس سخت قدم کنيو ويندو.“ متيا ڪنڌ لوڏيو ۽ تابعداري واري آواز ۾ ڪيئي ڀيرا پنهنجي وڪيل کي بنا ڪنهن رنج ۽ افسوس جي چوندو رهيو، ته ”مان وري ايئن نه ڪندس - نه ڪندس. اهو مون کان نڪري ويو، مان وري نه ڪندس.“
اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن مختصر واقعي، جيوري ۽ عام ماڻهن تي ڪو چڱو اثر نه ڪيو. سندس ڪردار ظاهر ٿي پيو ۽ هن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏيو. هن واقعي جو اثر اڃا هو ته ابتدائي ڪيس جو تعارف پڙهيو ويو. هي مختصر هو. پر اُن ۾ موقعي آهر سڀ ڪجهه هو. اُن ۾ فقط هڪ ئي مکيه سبب ڄاڻايو ويو هو، ته هن کي جهـَـليو ويو آهي. هن تي مقدمو ڇو هلايو وڃي ٿو ۽ اِهڙي ريت ٻيون ڳالهيون، پر انهن حقيقتن منهنجي مٿان وڏو اَثر وڌو. منشي هن کي بلند آواز ۽ وضاحت سان پڙهيو ۽ سڄي المياتي ڪهاڻي اَسان جي سامهون ظاهر ٿي پئي. سڀني ڳالهين ڏانهن توجهه ڇڪجي ويو ۽ بدقسمتي ۽ بي رحمي جي روشنيءَ ۾ اصل حقيقت کان ڇوٽڪارو ملي ويو. مون کي ياد آهي، ته ڪيئن نه جلدي ۾ صدر متيا کان تيز ۽ اَثر واري آواز ۾ پڇيو هو ته:
”قيدي تون ڏوهه قبول ڪرين ٿو؟“
”متيا، هاڻي پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ ٻيهر ڇرڪ ڏيندڙ ۽ نفرت جي آواز ۾ چيو ته، ”مان شراب ۽ اُن جي بيهودگي جو ڏوهاري آهيان. مان ڪاهلي ۽ زنا ڪاريءَ جو مجرم آهيان. جڏهن منهنجي قسمت مون کي ڌڪ هنيو هو، مان اُن وقت اقرار ڪيو هو ته مان ايماندار ٿي رهندس، پر مان اُن پوڙهي، پنهنجي دشمن ۽ پنهنجي پيءُ جو قاتل نه آهيان نه - نه اُن کي ڦـُـرڻ جو مجرم آهيان. ائين ٿي نه ٿو سگهي. دمتري ڪرامازوف بدمعاش ته آهي، پر چور نه آهي.“
هو وري ويهي رهيو ۽ ڏڪيو ٿي، جو ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ ٿي آيو. صدر وري مختصر طرح پر اَثر واري لهجي ۾ کيس هدايت ڪئي، ته جو ڪجهه کانئس پڇيو وڃي فقط اُن جو جواب ڏي ۽ هو اجاين ڳالهين ڏي نه وڃي. تنهن کان پوءِ هـُـن وري حڪم ڪيو ته مقدمو شروع ڪيو وڃي. سڀني شاهدن کان قسم کڻايو ويو. اُن کان پوءِ مون سڀني کي هڪ هنڌ ڪٺو ڏٺو. قيديءَ جي ڀائرن کي البت هيءَ رعايت ڏني وئي ته هو قسم کان سواءِ پنهنجي شاهدي ڏين. صدر ۽ پادريءَ جي واعظ ۽ نصيحت کان پوءِ شاهدن کي موٽايو ويو ۽ کين اِهڙي ريت ويهاريو ويو، جو هڪٻئي کان جدا هجن. اُن کان پوءِ هڪ هڪ کي سڏ ڪري طلب ڪيو ويو.