ناول

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

دوستو وسڪيءَ جو هيءُ ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ سندس لکيل ڪئين ناولن جي سلسلي جي اُها منفرد ڪڙي آهي، جنهن ۾ هـُـن روحانيت، مابعد الطبعيات، اخلاقيات، نفسيات، جبريت، وجوديت ۽ انساني سڀاءَ جي نفيس ترين معاملن کي بحث هيٺ آندو آهي. ادب جي نقادن جو خيال آهي، ته دوستو وسڪي فڪري لحاظ کان پنهنجي هن تحرير ۾ انتهائي معتبر مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ناول ۾ بيان ڪيل بظاهر عام ڪردارن جي هٿان هـُـن زندگيءَ جي پيچيده ترين مسئلن ۽ انساني سماج کي درپيش صورتحالن کي تفصيل ۽ ترتيب سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪئين اهم نتيجا اخذ ڪندي هڪ حقيقي ۽ لافاني زندگيءَ جي حاصلات جا گـُـر ڏَسيا آهن.

Title Cover of book ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)

باب پهريون: متيا کي ڀڄائڻ جون رِٿون

ڪيس جي پوري ٿيڻ کان پنج ڏينهن پوءِ صبح ساجهر جو نائين وڳي. اليوشا وڃي ڪيٽرينا ايوانونا سان اهم معاملي تي ڳالهايو ۽ کيس ڪو نياپو به ڏنائين .هن ساڻس ان ساڳئي ڪمري ۾ ويهي ڳالهايو، جنهن ۾ هوءَ هڪڙو ڀيرو گروشينڪا سان ملي هئي. ڀر واري ڪمري ۾ ايون فيودورووچ سخت تپيو پيو هو. ڪيٽرينا ايوانونا ڪورٽ واري واقعي کان ستت پوءِ، ماڻهن جي اڻٽر چوپچو ۽ خلق ۾ خواريءَ جي پرواهه نه ڪندي، ايون کي پنهنجي گهر کڻائي وئي هئي. جيڪي ٻه مائٽ وٽس رهيل هئا، تن مان هڪڙو ڪورٽ واري واقعي کان هڪدم پوءِ ماسڪو هليو ويو هو، ٻيو اڃا تائين رهيل هو.پر جيڪڏهن ٻئي هليا وڃن ها، تڏهن به ڪيٽرينا ايوانونا ڏينهن رات بيمار جي پاسي ۾ ويهي سندس پرگهور لهندي ۽ ٽهل ٽڪور ڪندي رهي ها. مريض جو علاج ۽ هرزينٽيوب ڪري رهيا هئا. ناليرو ڊاڪٽر ماسڪو موٽي ويو هو، ۽ اها راءِ ڏيڻ کان نابري واري هئائين ته مريض ڪيستائين چاڪ ٿي ويندو. ڊاڪٽرن ڪيٽرينا ايوانونا ۽ اليوشا کي دلجاءِ ته ڪرائي هئي، پر اڃا کين چاڪائيءَ جي پڪي اميد نه ڏياري سگهيا هئا.
اليوشا روز ٻه ڀيرا ڀاءُ کي ڏسڻ ايندو هو. پر هن ڀيري ڪو خاص تڪڙو ڪم هوس، ۽ اڳواٽ خبر هيس ته ڳالهه ڪڍڻ ڪيڏو نه ڏکيو ٿيندو، تڏهن به کيس ڏاڍي تڪڙ هئي. ان صبح جو کيس ڪو ٻيو ڪم به هو. جيڪو ضرور ڪرڻو هو ۽ تڪڙ ضروري هئي.
کين ڳالهائيندي پاءُ ڪلاڪ جو ٿي ويو هو. ڪيٽريناايوانونا لهڪاريل ۽ ڏاڍي ٿڪل هئي، تڏهن به هوءَ وڏي جوش ۾ هئي. کيس اندازو هو ته اليوشا وٽس ڇا ڳالهائڻ آيو هو.
”سندس فيصلي جو اُلڪو نه ڪر.“ هن اليوشا کي پوري ويساهه سان زور ڏيندي چيو. ”هيئن يا هونءَ کيس اهو ئي فيصلو ڪرڻو هو، کيس ضرور ڀڄي وڃڻ کپي. ڏکويل انسان، هو مانائتو ۽ وڙائتو سورمو. دمتري فيودورووچ نه پر هو در جي ٻئي پاسي پيل انسان، جنهن هن لاءِ ايڏي قرباني ڏني آهي.“ ڪاتيا تجلا ڏيندڙ اکين سان وڌيڪ چيو. ” هن مون کي گهڻو اڳ فرار جي سڄي رٿ ٻڌائي هئي. خبر ٿئي ته هن اڳيئي ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون آهن....... مون توکي ٿورو گهڻو اڳ به ٻڌايو ته آهي......... ڏس، اهو گهڻو ڪري ٽين منزلگاهه وٽ تڏهن ٿيندو، جڏهن قيدين جي ٽوليءَ کي سائبيريا وٺي وڃي رهيا هوندا. اڃا گهڻو وقت پيو آهي. ايون فيودورووچ ٽين منزلگاهه جي داروغي سان اڳيئي ملي چڪو آهي. پر اڃا اهو پتو ناهي پيو ته ٽولي ڪنهن جي حوالي هوندي، ۽ اهو ايترو اڳ معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي. سڀاڻي شايد مان توکي رِٿ جو وچور ڏيکاريان. اهو ايون فيودورووچ ڪيس هلڻ کان هڪ ڏينهن اڳ مون وٽ ڇڏي ويو هو ته متان ان جي لوڙ پوي. ياد ڪر، ان ڏينهن، جنهن ڏينهن تو اسان کي پاڻ ۾ جهيڙو ڪندي ڏٺو هو. ان مهل ڏاڪڻ لهي ويو هو، پر توکي ڏسي مون کيس موٽي اچڻ تي مجبور ڪيو هو. ياد ٿئي نه؟ خبر ٿئي ته تڏهن اسان ڇا تان جهيڙي رهيا هئاسون؟“
”نه مون کي خبر ڪانهي.“ اليوشا وراڻيو.
”جائي هن توکي ڪونه ٻڌايو هوندو. اهو جهيڙو فرار جي رٿ تان هو، ۽ اسان هڪدم جهڳڙڻ لڳا هئاسون، ۽ ٽئي ڏينهن ساندهه جهيڙندا رهيا هئا سون، جهيڙو ايون فيودورووچ جي ائين چوڻ تان ٿيو هو ته جيڪڏهن دمتري فيودورووچ کي ٽيپ آئي ته هو هن رن سان ڀڄي ويندو. مون کي ان ئي مهل ايڏي ته سخت ڪاوڙ آئي هئي جو مان توکي نٿي ٻڌائي سگهان ته ڇو، ڇو ته مون کي پاڻ خبر ڪانهي ته ڇو....... ها، ائين برابر آهي ته مان هن رن تي سخت ڪاوڙيل هيس، ۽ اِن تان به ڪاوڙي هيس ته هوءَ دمتريءَ سان گڏ پرڏيهه وڃي!“ ڪيٽرينا ايوانونا اوچتو واڪو ڪندي چيو ته سندس چپ ڪاوڙ وچان ڪنبي رهيا هئا، ”ايون فيودورووچ جيئن ئي ڏٺو ته مان ان رن تان اڃا به پئي ڪاوڙجان، تيئن ئي هن اهو سمجهيو ته مان سڙان ٿي ۽ اڃا تائين دمتريءَ سان پيار ٿي ڪريان، اسان جو پهريون جهيڙو ائين شروع ٿيو هو. مون وٽ ڪا سمجهاڻي به ڪانه هئي، نه معافي وٺڻ جهڙي هيس. مان اهو سوچي ئي نه پئي سگهان ته ههڙو انسان مون ۾ اهو شڪ ڪري سگهي ٿو ته مان اڃا به هن سان پيار ڪريان ٿي..... جڏهن مان کيس گهڻو اڳ ٻڌائي چڪي هيس ته مون کي دمتريءَ سان محبت ڪو نه رهي هئي، ۽ مون سواءِ هـُـن جي ٻئي ڪنهن سان پيار به نٿي ڪيو! اها منهنجي هن رن سان چڙ هئي، جنهن مون کي ايون فيودورووچ سان ويڙهايو هو، ٽئين ڏينهن پوءِ، جنهن پوياڙيءَ جو تون آئين، هن مون کي هڪ مهربند لفافو آڻي ڏنو. جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي پوي ته مون کي اهو لفافو هڪدم کولڻو هو. ووءِ، هن کي پنهنجي بيمار ٿيڻ جي اڳواٽ ئي سـُـڌ هئي! هن مون کي ٻڌايو ته لفافي ۾ متيا جي فرار جو وچور هو، ۽ جيڪڏهن هو مري وڃي يا سخت بيمار ٿي پوي ته مون کي اڪيلي سر متيا کي بچائڻو هو. پوءِ رقم ڏنائين. جيڪا ذري گهٽ ڏهه هزار روبل هئي. اهي ئي نوٽ جن جو سرڪاري وڪيل پنهنجي تقرير ۾ ذڪر ڪيو هو. جن بابت کيس ڪنهن کان پتو پيو هو ته هن شهر موڪلي مٽرايا هئا. مون کي ان ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو هو ته ايون فيودورووچ پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ جو خيال اڃا لاٿو ڪونه هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي فرار ڪرائڻ جي رٿ مون کي ٻڌائي رهيو هو، توڻي جو تڏهن به ساڙ هيس ۽ پڪ هيس ته مان متيا سان پيار ٿي ڪريان. اها قرباني هئي! نه اليگزي فيودورووچ، تون ان قربانيءَ جي مهانتا نه سمجهي سگهندين. مان احترام وچان سندس پيرن تي ڪرڻ واري هيس، پر هڪدم خيال آيم ته مون متيا جي بچائجڻ تان گد گد ٿي ائين پئي ڪيو ( ۽ هو سچ پچ ائين سمجهي ها) ۽ ههڙي بيواجبي سوچ جي رڳو امڪان تي ئي ايتري چڙ آيم جو مان آپي مان ٻاهر نڪري ويس، ۽ بجاءِ سندس پيرن چمڻ جي ڪاوڙ ڏيکارڻ لڳس! ووءِ، مان ڏکايل آهيان! اهو منهنجو سڀاءُ آهي، منهنجو نڀاڳو سڀاءُ! ووءِ ووءِ، تون ڏسندين، مان کيس به ايڏو بيزار ڪري ڇڏيندس جو هو مون کي ڇڏي وڃي دمتريءَ جيان، ڪاٻي اهڙي هٿ ڪندو، جنهن سان هلي سگهي. پر.... مون کان سٺو نه پئي ٿيو، ڇونه پاڻ ماري ڇڏيان، ۽ پوءِ تون اچي وئين، ۽ مون کيس واپس سڏيو. هن مون کي اهڙي حقارت ۽ ڌڪار ڀريل نظرن سان ڏٺو، جو مون کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو- توکي ياد هوندو- مون تو کي دانهن ڏني ته اهو ڇڙو هو ئي هو، جنهن مون کي دمتريءَ جي خوني هجڻ جو يقين ڏياريو هو! مون اها ڳالهه، بغض وچان کيس وري ڦٽڻ لاءِ ڪئي هئي. هن مون کي ڪڏهن به،ڪڏهن به اهو يقين نه ڏياريو هو ته ڀاڻس خوني هو. ان جي برخلاف اها مان ئي هيس، جنهن کيس اهو يقين ڏياريو هو! ووءِ، ووءِ، منهنجو بڇڙو سڀاءُ ئي هر ڳالهه جو ڪارڻ هو! ڪورٽ اندر ان هيبتناڪ واقعي جي واٽ مون ئي گهڙي هئي. هن مون کي ڏيکارڻ ٿي چاهيو ته هو عزت وارو ماڻهو آهي ۽ توڻي جو مان سندس ڀاءُ سان پيار ٿي ڪريان، هو وير يا ساڙ وچان کيس برباد نه ڪندو. سو هو ڪورٽ آيو...... سڀ جي ڪارڻ مان آهيان، سڄو ڏوهه منهنجو آهي!“
ڪاتيا اڳي ڪڏهن به اليوشا اڳيان اِهي ڳالهيون نه باسيون هيون، ۽ کيس لڳو ٿي ته هوءَ سهڻ کان ٻاهر پيڙا ڀوڳڻ جي انهيءَ منزل تي هئي، جتي هٺيلي ۾ هٺيلي دل به پنهنجو هٺ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڏک هٿان ماٺ کائي ڊهي پوندي آهي، ۽ ها اليوشا کي سندس هاڻوڪي پيڙا جو هڪ ڀوائتو سبب به معلوم هو، توڻي جو هوءَ ڪيس کان پوءِ وارن ڏينهن ۾ کانئس لڪائيندي رهي هئي، هوءَ ڪيس ۾ پنهنجي ’دغا‘ تان ڀوڳي رهي هئي، ۽ اليوشا کي لڳو ٿي ته سندس ضمير کيس مجبور ڪري رهيو هو ته هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي، رڙندي ۽ فرش تي ڦٿڪندي هن آڏو، اليوشا آڏو، باسي پر، هو ان پل کان ڊنو ٿئي ۽ چاهيائين ٿي ته هو ائين نه ڪري، ائين ٿيو ته جنهن سانگ سان هو آيو هو، سا وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي. هن وري متيا جي ڳالهه چوري.
”مڙيئي خيّر آهي، مڙيئي خير آهي، هـُـن جو الڪو نه ڪر!“ هوءَ تکائيءَ ۽ هوڏ سان وري شروع ٿي وئي. ”اهو سڀ گهڙي پل لاءِ آهي. مان کيس سڃاڻان، مان سندس سڀاءُ کان چڱي طرح واقف آهيان. يقين ڪر، هو ڀڄي وڃڻ تي راضي ٿي ويندو. هڪدم به ته ناهي ٿيڻو، کيس پنهنجو ذهن ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو، جيڪو وٽس آهي. ايون فيودورووچ تيستائين چاڪ ٿي ويندو ۽ سڀ پاڻ سنڀاليندو، ۽ منهنجو ڪو واسطو نه رهندو، ڳڻتي بلڪل نه ڪر. هو ڀڄي وڃڻ تي اوس راضي ٿيندو. هن اڳيئي مڃيو آهي: ڇا تون سمجهين ٿو ته هو ان رن کي ڇڏي ڏيندو؟ ۽ هو کيس هن وٽ وڃڻ نه ڏيندا. سو هو ضرور ڀڄي وڃڻ چاهيندو. اهو تون آهين. جنهن کان هو سڀني کان وڌيڪ ڊڄي ٿو، هن کي ڀؤ آهي ته تون اخلاقي اصولن جي ڪري سندس ڀڄي وڃڻ پسند نه ڪندين، پر جي تنهنجي مرضي ايتري ئي ضروري آهي ته پوءِ تو کي ڪهڪاءُ ڪندي مڃڻ گهرجي.“ ڪاتيا ڪرڙائيءَ سان چيو. هن ساهي پٽي ۽ مرڪي ڏٺائين.
”هو ڪنهن مناجات جون ڳالهيون ٿو ڪري.“ هوءَ وري چوڻ لڳي. ”ڪا ٽياس آهي، جا کيس کڻڻي آهي، ڪو فرض آهي، جو کيس پورو ڪرڻو آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته ايون فيودورووچ مون کي ان باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌايو هو. ۽ توکي خبر هوندي، هن ڪيئن ڳالهايو هو!“ ڪاتيا اوچتو اجهل جوش ّ۾ اچي رڙ ڪئي. ”اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها ته جنهن مهل هن مون سان اِها ڳالهه ڪئي، تنهن مهل کيس ان اڀاڳي انسان سان ڪيڏو نه پيار هو ۽ شايد ساڳئي وقت ڌڪار به هيس. مون چپن ۾ کلندي حقارت سان سندس ڪهاڻي ٻڌي ۽ سندس ڳوڙها ڏٺا. حيوان! ها، مان حيوان آهيان، مان ئي هن جي تپ جي ذميوار آهيان. پر هو قيد ۾ پيل ماڻهو ڀوڳڻ لائق ئي ڪونهي.“ ڪاتيا چڙ مان ڳالهه پوري ڪئي. ”ڇا اهڙي قسم جو ماڻهو ڀوڳي سگهي ٿو؟ هن جهڙا ماڻهو ڪڏهن به ناهن ڀوڳيندا.“
هـُـن جي لفظن ۾ ڌڪار ۽ بڇان جا پرياءَ هئا، پر تڏهن به اها هوءَ هئي، جنهن کيس دغا ڏني هئي. ’شايد هوءَ محسوس ڪري ٿي ته ساڻس جٺ ڪئي اٿائين، ان ڪري ڪنهن ڪنهن پل کيس ڌڪارڻ لڳي ٿي،‘ اليوشا پنهنجي منهين سوچيو. کيس اميد هئي ته اهو ڌڪارڻ ڪنهن ڪنهن پل ئي ٿيو ٿئي. ڪاتيا جي آخري لفظن ۾ کيس للڪار نظر آئي هئي، پر هن ان کان ٽارو ڪيو.
”مون اڄ صبح توکي ان لاءِ سڏايو هو ته تون پاڻ هن کي راضي ڪر. يا ڇا تون به ته اِهو نٿو سوچين ته ڀڄي وڃڻ بيعزتي، ڀاڙ يائپ يا اهڙي ڪا شئي.... شايد غير ڪـِـرستاني هوندو؟“ ڪاتيا لاپرواهيءَ سان وڌيڪ چيو.
”نه، بلڪل نه، مان کيس سڀڪجهه ٻڌائيندس.“ اليوشا ڀڻڪيو، ۽ سندس آلين اکين ۾ هڪ ٽڪ نهاريندي اوچتو چئي ڏنائين، ” هن اڄ توکي ملي وڃڻ لاءِ چيو آهي.“ هوءَ ڇرڪي، ۽ صوفي تي کانئس ٿورو پري ٿي وئي.
”مون کي؟ ائين ڪيئن هوندو؟“ هوءَ هٻڪي، ۽ هئڊي ٿي وئي.
”ائين آهي، ۽ هجڻ به گهرجي،“ اليوشا شد مد سان چوڻ لڳو، ۽ جيئن پوءِ اتساهڪ ٿيندو ويو. ” کيس هن وقت خاص تنهنجي ضرورت آهي. ضروري نه هجي ها ته مان اها ڳالهه ڪري توکي پريشان نه ڪيان ها. هو بيمار آهي، دل جاءِ ڪونهيس، وري وري تنهنجو ٿو پڇي. تو کي پر چاءَ لاءِ نه سڏايو اٿئين، پر رڳو ان لاءِ ته تون اوڏنهين وڃي درکان پاڻ پسائيندينءَ. تنهن ڏينهن کان پوءِ ساڻس گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. کيس احساس آهي ته حد کان وڌيڪ ڏکويو اٿس. معافي وٺڻ نه ٿو چاهي. پاڻ چوي ٿو . ’مون کي معاف ڪرڻ ناممڪن آهي.‘- پر فقط ايترو ته تون وڃي در کان منهن ڏيکارينس.“
”اهو ايڏو اوچتو آهي.......“ ڪاتيا هٻڪندي چيو. ”ڪيترن ڏينهن کان مون کي پرون پئي پيا ته تون اهو نياپو کڻي ايندين. مون کي پتو هو ته هو مون کي اچڻ لاءِ چوندو. اهو ناممڪن آهي.“
”ڀلي ناممڪن هجي، پر ائين ڪر، رڳو اهو سوچ ته کيس پهريون ڀيرو احساس ٿيو آهي ته توکي ڪيڏو نه ڏکويو اٿس، حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو، هن اڳ ڪڏهن به ائين پوريءَ ريت نه سمجهيو هو. هن چيو، ’جي هوءَ اچڻ کان انڪار ٿي ڪري ته مون کي سڄي عمر اهو ڏک رهندو.‘ ٻڌين ٿي نه. جيتوڻيڪ کيس ويهه ورهيه سخت پورهئيءَ سان ٽيپ ملي آهي. تڏهن به هو خوش رهڻ ٿو چاهي.- ڇا اها قياس جهڙي ڳالهه ناهي. سوچ، توکي هن ڏي ضرور وڃڻ کپي: هو برباد ٿي ويو آهي ته ڇا ٿي پيو، آهي ته بيگناهه.“ اليوشا جي واتان ائين نڪتو، ڄڻ للڪاريندو هجي. ”سندس هٿ صاف آهن، اهي رت هاڻا ناهن! خيال ڪر ته کيس اڳيان ڪيڏو ڀوڳڻو آهي، هينئر وڃي ملي اچينس. کيس اوندهه ۾ وڃڻ واري واٽ تي وڃي کيڪار- در تي وڃي بيهينس، بس ايترو ئي ڪر..... تو کي ائين ڪرڻ جڳائي، تو کي جڳائي!“ اليوشا ”جڳائي“ لفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندي بس ڪئي.
”مون کي جڳائي...... پر مون کان پڄندو ڪو نه.................“ ڪاتيا هڙ ڪندي چيو. ”هو مون کي ڏسندو.......... نه مون کان نه پڄندو.“
”توهان جون نظرون ملڻ کپن. جي هينئر ارادو نٿي ڪرين ته سڄي ڄمار ڪيئن گهاريندينءَ؟“
”چڱو آهي ته سڄي ڄمار ڀوڳيان.“
”توکي وڃڻ جڳائي، توکي وڃڻ جڳائي،“ اليوشا بيرحميءَ سان زور ڏيندي ورجايو.
”پر اڄ ڇو ..... هڪدم ڇو؟ مان اسان واري مريض کي ڇڏي نٿي سگهان.“
”ڇڏي سگهين ٿي، گهڙيءَ کن لاءِ. بس گهڙي کن ئي لڳندو. تون نه هلندينءَ ته هو رات تائين هذيان جي ور چڙهي ويندو. مان توسان ڪوڙ نٿو ڳالهايان، هن تي قياس ڪر.“
”مون تي قياس کاءُ!“ ڪاتيا ڪڙو ڏوراپو ڏنس ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
” ته پوءِ تون ايندينءَ.“ اليوشا سندس ڳوڙها ڏسي پختائيءَ سان چيو. ”مان کيس وڃي ٻڌايان ٿو ته تون اچڻ واري آهين.“
”نه کيس ڪڏهن به اهو نه ٻڌائجانءِ.“ ڪاتيا هراسجي چيو. ” مان اينديس، پر کيس اڳواٽ نه ٻڌائجانءِ، ڇو ته مان اتي وڃان، پر اندر نه وڃان....... اڃا ڪا خبر ڪانهي.“
آواز جواب ڏيئي ڇڏيس، ۽ اُڀا ساهه کڻڻ لڳي. اليوشا وڃڻ لاءِ اُٿي بيٺو.
”ڪنهن ڏسي ورتو ته پوءِ؟“ هـُـن جهيڻي آواز ۾ اوچتو چيو، ۽ وري هئڊي ٿي وئي.
”ان ڪري ئي ته چوان ٿو ته هينئر وڃ ته جيئن ڪو ڏسي نه، مان توکي پڪ ٿو ڏيان ته هن وقت اتي ڪوئي نه هوندو. اسان تنهنجو انتظار ڪنداسين.“ هن زور ڏيندي ڳالهه پوري ڪئي ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.