شاعري

وڃايا ريت ۾ پيرا

امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو. امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ سندس غزلن مان پروڙي سگهجي ٿي. امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار بہ آھي تہ ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.

Title Cover of book وڃايا ريت ۾ پيرا

امهاڳُ:

امهاڳُ:
مورَ ۾ پياسو ٿرُ

جڏھن انسان پھريون دفعو ڳالھايو ھوندو ته پھرين سٽ يا جملو شعر ئي ھوندو. آسماني ڪتابن کان وٺي ڌرتيءَ جي ڪتابن تائين رديف، قافيي جي وڏي اھميت آھي. سٽن جو ھم آواز ۽ ھم وزن، بيان کي سھل، مختصر ۽ پر اثر بنائي ٿو. انڪري روءِ زمين جي سمورن وڏن ماڻھن شاعريءَ کي ئي پنھنجي بيان جو ذريعو بڻايو آھي. ھومر جي ھيلن، گلگامش جا اپڪس، ڪنفيوشس جا لوڪ گيت ۽ سنڌوءَ ڪناري لکيل رگ ويد ائين سمجهو ته ڪلھه جي ڳالھه آھي. شاعريءَ جو پنڌ اڃا قديم، اوائلي ۽ آڳانجهو آھي ۽ اڄ تائين نه کٽو آھي. ڇو ته زندگي اڄ تائين نه کٽي آھي. جيئن زندگي ھڪ جيو مان ٻئي جيو ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي ائين ئي شاعري به ھڪ روح مان ٻئي روح ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي.
سنڌي شاعريءَ جو پنڌ به ماموئي بزرگن، قاضي قاضن، مئين شاھه عنايت ۽ شاهه ڪريم کان گهڻو آڳاٽو شروع ڪيل آھي، جيڪو امداد سھتي تائين پھچي به کٽو ناھي، ٿڪو ناھي، بيٺو ناھي ۽ ڪٿي ساھي به نه پٽي اٿائين.
حقيقي شاعري زمان ۽ مڪان جي قيد کان آجي ھوندي آھي. ڊاڪٽرامداد سھتي پنھنجي شاعريءَ ذريعي الائي ڪيترن جذبن جي نبض شناسائي ڪري مٿن شعري پٽيون ٻڌيون آهن.
دنيا جا سڀ کان اوائلي شاعر وري قصه گو شاعر آھن. ھنن پاڻ کان اڳ ٿيل واقعن کي قصن جو روپ ڏئي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو، موجوده شاعرن هِجر ۽ فِراق کان ڌرتيءَ جي دردن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي انهيءَ جي باوجود ڏسڻو اھو ھوندو آھي ته ڪنھن شاعر وٽ نئون ڪجھه ڪيترو آھي.
امداد سھتي وٽ گهڻو ڪجھه نئون آھي، نج آھي ۽ پنھنجو آھي.
شاعري جا به پنھنجا اصول آھن. شاعريءَ ۾ سڀ کان پھريان اھو ڏسبو آھي ته شعر جو موضوع ڇا آھي ۽ ٻئي نمبر تي اھو ڏسبو آھي ته شاعر ان موضوع سان ڪيئن نڀاءُ ڪيو آھي.
وقت ۽ حالتون پاڻ سان کڻي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نوان موضوع کڻي به اينديون آھن پر ڏٺو وڃي ته اڪثر موضوع به ايترا ئي قديم آھن جيترو انسان.
شاعريءَ جو غالب موضوع فراق ۽ وصال ئي رھيو آھي. اڪثر شاعري عاشق ۽ سندس معشوقه جي وچ تي پُل وانگر بيٺل رھي آھي. پر ڪجھه روايت شڪن شاعرن شاعريءَ کي ھن بيھڪ کان ٿورو ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
دل جي ڌرتيءَ تي عشق توڻي جو مينھن جو ڪم ڪري ٿو، پر مينھن به جيڪڏھن سڄو ڏينھن وسندو ته بيزار ئي ڪندو، انڪري اس به کپي، ته ڇانو به. ڏينھن به کپي ته رات به. چارئي مندون به کپن ته اٺ ئي پھر به. ست رنگ به کپن، ته ست سمونڊ به. مطلب ته جيتري گهڻي ويرائٽي اوترو گهڻو مزو. اچو ته مان اوھان کي امداد سھتي جي ڪتاب “وِڃايل ريت ۾ پيرا” منجهان ڌيان ڇِڪائيندڙ ۽ روح کي ڇُهندڙ شاعريءَ مان ڪُجهه بندَ پڙهايان:

مور ۾ ٿو رھي ٿر پياسو اڃا.
روح جنھن جي خوشيءَ ڪاڻ برسي پيو.
***
گفتگو باھه جھڙي ڇورن جي.
ماٺ پوڙھو مري اٿي آيو.
***
اڄ اھو ماھه رو روبرو ٿي وڃي.
شاعريءَ جي زبان گفتگو ٿي وڃي.
***
آءٌ جوان جذبا رکندو ھان.
تون الڪا پوڙھا ڏيندو آن.
***
ستمگر! ڙي ستم تنھنجو نھايت ئي الڳ آھي.
جا رسوائيءَ ۾ گذري سا قيامت ئي الڳ آھي.
***
خزائن ۾ ڇڻي خوشبو ڇڏي ناھي ڪڏھن گلڙن،
بھارن ۾ انھن جي يار قسمت ئي الڳ آھي.
***
اثر ڏاڍو رکي حاذق! تنھنجو دارون جگر تي پيو،
ڪيون ڇا پر اسان جي ھي طبيعت ئي الڳ آھي.
***
غزل تي غور ڏيئي تون ڪڏھن سمجهين پڙھين جي ھي.
رھيو انداز منھنجو تو بدولت ئي الڳ آھي.
***
-شاعري تنھنجي ڪري آھي فقط،
ٻي اڃا تعريف ھاڻي ڇا ڪجي؟
***
-ڪوئلي کاڻ ۾ ڦڦڙ زخمي،
پيٽ لاءِ ھٿ سياھه ٿو ڪريان.
***
-پائي گيڙو لٽا فقيريءَ جا،
فرش کي تخت گاھ ٿو ڪريان.

-رقص ۾ ھي زندگي گذري وئي،
پير ۾ زنجير پاتل ٿو ڏسان.
***
-گهڙي ريل دردن جي ترساءِ ڪجھه،
ٻري جيستائين ھو سائي بتي.
***
-ڪو به ناھي جو مسيحائي ڪري،
مورڳو بيمار ئي رھجي ويا.
***
-ٻار پرچي نه ٿو منھنجي اندر جو ھي،
کيس آڱر وٺي ٿو گهمايان ڏسو.
***
-تنھنجي اقرار جو آ وھائو پري،
آس جو ئي ڪٿي نور جاڳي پيو.
***
-عشق وارا ڇو صليبن کان ڊڄن،
موت جي گفتار تي آ ڀروسو.
***
غزل جو سفر عربستان ۽ ايران کان ٿيندو ننڍي کنڊ پھتو. ھند کان ٿيندو سنڌ پھتو.
جھڙيءَ ريت ھوائن ۽ دعائن جي ڪابه سرحد نه ٿيندي آھي، جھڙيءَ ريت پکين ۽ اکين جي اڏام کي ڪو روڪي نه سگهندو آھي، جھڙي ريت فن، ڪلا ۽ ڏات کي ڪنھن به ھڪ قوم يا علائقي جي ميراث نه ٿو سمجهيو وڃي، اھڙيءَ ئي ريت فڪر، فلسفو، ڏاھپ ۽ شاعريءَ کي ڪنھن علائقي، سرحد يا حدبنديءَ جي پڃري ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي.
فڪر، فلسفو، ڏاھپ، شاعري يا ايجادون ڪنھن ھڪ شخص سان صرف ان ڪري منصوب ٿيل ھونديون آھن ته جيئن خبر پوي ته ڪھڙي دؤر ۾ ۽ ڪھڙين حالتن ۾ انھن جو ظھور ٿيو. باقي سمورو ورثو گڏيل ۽ مشترڪ آھي. شيڪسپئر جي ناول جي سٽ به منھنجي اوتري ئي رھنمائي ڪري سگهي ٿي جيتري لطيف سائين جي شاعريءَ جي بيت جو ڪو پد.
امداد سهتي پنهنجي شاعريءَ کي رهنمائيءَ جو اظهار بڻايو آهي، انهيءَ ۾ ڪيترو ڪاميابُ وڃي ٿو ، اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻُڌائي سگھي ٿو ، آنءُ سندس قلمي پورهئي لاءِ ايترو ضرور چوندس ته “وڃايل ريت ۾ پيرا” هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جيڪو پنهنجي محبوبه کي سُوکڙي ڏئي سگھجي ٿو!

ڊاڪٽر خادم منگي
سکر، سنڌُ
15.02.2022