شاعري

وڃايا ريت ۾ پيرا

امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو. امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ سندس غزلن مان پروڙي سگهجي ٿي. امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار بہ آھي تہ ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.

Title Cover of book وڃايا ريت ۾ پيرا

منهنجي دل ٿي اڄ ائين، جئن آمراڻو1 آهي ٿر ۾،

منهنجي دل ٿي اڄ ائين، جئن آمراڻو1 آهي ٿر ۾،
تون ۽ مان همراهه پنهنجي شام ٽاڻو آهي ٿر ۾.

ڪاڪ ڪوماڻي رقيبن جي الائي ڇو پئي آ!؟
ساوڪن جي هي به ڀاڪر ۾ ته ڀاڻو آهي ٿر ۾.

ڇانگ سان ڇوڪِر ترائي تي اچي پئي چيلھ لوڏي،
مور واري ٽور جو ڪيڏو نه ماڻو آهي ٿر ۾.

ٽِيجَ2 جي هت چاندني آهي وڇاڻي رات ڀر ۾،
سانوڻيء سان هر ڏهر جو ڏينهن هاڻو3 آهي ٿر ۾.

ياد جانم منهنجي آهي روح ۾ هاڻي ائين هيءَ،
ڄڻ مکڻ جو ڪو لسيء ۾ يار! چاڻو آهي ٿر ۾.

نيڻ ناسي خوب جنهن جا، ٿي کليا چپڙا عنابي،
يار سو امداد! منهنجو ٿيو اياڻو آهي ٿر ۾.

1. عمر ڪوٽ جي ويجهو ٿر جو هڪ ڳوٺ
2. چنڊ جي پهرين ۽ چوڏهين تاريخ کان پوءِ ٽِيون نمبر ڏينهُن (هر مهيني جي چوٿين ۽ سترهين تاريخ)
3. آلو، پسيل