شاعري

وڃايا ريت ۾ پيرا

امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو. امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ سندس غزلن مان پروڙي سگهجي ٿي. امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار بہ آھي تہ ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.

Title Cover of book وڃايا ريت ۾ پيرا

جهونجهار جذبن جو شاعر

جهونجهار جذبن جو شاعر

شاعري مام آهي يا الهام آهي، ان جو نبيرو هيل تائين ٿي نه سگهيو آهي، نه ئي وري ڪو هن صنف جي احساساتي ماڳ تائين رسڻ جو پيرو ڪو پيرائتي نموني پسي سگهيو آهي. حقيقت ۾ شاعري سوچ، فڪر، خيال ۽ اسلوب جواهڙو وشال سمونڊ آھي جنهن جي گهرائي جي انت ۽ وسعت جي پکيڙ کي ڪنهن پيماني تي ماپڻ ممڪن نه ٿو ٿئي. ساڳي ريت شاعري ۾ احساس ۽ خيال کي اونچائي جي عرش تائين اڏار کي اکين سان توري تڪي سگهجي ٿو، ائين کڻي مڃجي ته شاعري انسان جي درد ڀري داستان هوندي آهي يا زندگي جي اميد جي جنگ ٿئي ٿي، جيڪا هر ڏات ڌڻيءَ پنهنجي پنهنجي ڏات جي سگهه ۽ ڏانءَ آڌار جاري رکندو اچي ٿو۔ ان ڏس ۾ امداد سهتو پڻ ھڪ اهڙو تخليقڪار ليکجي ٿو جنهن جا شعر پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان آزاد اڏار جي نمائندگي ڪندا نظر اچن ٿا. سندن شاعري کي اڄوڪي خود غرضي ۽ بي حسي جي انتها تي رسيل سماج جو شعوري اولڙو پسائيندڙ ڪباهتن جي ڪهاڻي ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو۔ جتي هي حساس شاعر پنهنجي سڀاويڪ سگهاري سوچ ۽ محبت جي مسيحائي سوچ ذريعي پيار جي پوک پوکڻ ۽ اميد جي جاڳ جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو ملي ٿو۔ هن جا شعر سماجي مروج حالتن جو وچور بنجي ذھنن کي متاثر ڪن ٿا ۽ اتم احساس وري پيارن ٻولن جو ٻھڳڻو روپ وٺي پڙهندڙن جي دلين جا ترجمان بنجي وڃن ٿا مطلب ته هن جا لفظ محبت جي اوساري ڪندي آفاقي قدرن جو حسن ۽ شعور جي سگهه جو اهڃاڻ بنجي اسرن ٿا۔
امداد سهتو هڪ انسان دوست ۽ انسانيت ۾ پختو يقين رکندڙ سرجڻھار آھي اهوئي سبب آهي جو سندن اندر جو انسان هن جي شاعري جي جوت ۾جرڪندو نظر اچي ٿو. وٽن خيال ۽ فڪر جي گهرائي سان گڏ ٻوليءَ جي لئي ۽ سلاست به سرس ملي ٿي. هن ڏات ڌڻيءَ وصل ۽ وڇوڙن جي ورلاپن کي پوري سچائي سان اوريو آهي. سندن شاعريءَ ۾ جماليات جو ڪيف به ملندو ته سپهه سالاري واري ادراڪ سان پاڻ ارپڻ واري ڪيفيت جي اورچائي به پسي سگهبي. ائين هن شاعر جي شعرن ۾ديس ۽ ديس واسين جي هر ڀاونا، امنگ ۽ اڌمي جو ويچار ۽ هر سور جي سڏڪي جو سنيهو سمايل آهي، هن جي شاعري منفرد لهجي، خوبصورت فني جوڙ جڪ، فڪر ۽ اسلوب جي سونهن سان سينگاريل نظر اچي ٿي۔ هن جا گيت، غزل، نظم ۽ وايون نهايت وڻندڙ آهن جن ۾ روح جون رُتون لعل رَتِيون لڳنديون. نياءَ سان نهاربو ته هن جا جهونجهار جذبا ئي سندن شاعري جو محرڪ ۽ محور آهن، جن سندن تخليقي سگهه کي وڌيڪ سگهارو بنائي جديد سنڌي شاعري ۾ ساکائتي مقام تي رسايو آهي. امداد سهتي لاءِ مون کي پڪ آھي ته سندن شاعري سنجيده مشاهدي جي مڃتا اوس ماڻيندي ۽ سندن تز تجربي جو نيارو اهڃاڻ بنجي پڙهندڙن جو من موهي وجهڻ جو مثال ثابت ٿيندي.

ساٿ سلامت! جيئي سنڌ!
مريم مجيدي
14 آڪٽوبر 2021