شاعري

وڃايا ريت ۾ پيرا

امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو. امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ سندس غزلن مان پروڙي سگهجي ٿي. امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار بہ آھي تہ ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.

Title Cover of book وڃايا ريت ۾ پيرا

مهاڳ:

مهاڳ:

کلڻو ملڻو سندر سهتو

ڊاڪٽر امداد سَهتي سان جڏهن به ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿِي ته سندس ماکيءَ جهڙي مِٺڙي لهجي مان سندس شخصي سندرتا ته ظاهر ٿي ئي پوندي آهي پر پنهنجي ويسر جي مرض سببان نه ئي سندس صورت سامهون ٿي سگهندي آهي، نه ئي اهو ڄاڻي سگهندو آهيان ته اهڙي شفيق دوست سان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿي ملاقات جو شرف ماڻيو اٿم؟ پر سندس مٺڙي من جي مڌرتا من اندر مهڪ ڀري ڇڏيندي آهي، ۽ سچ ته ائين لڳندو آهي ته اسان سدائين ساڻ رهيا آهيون ۽ سچ پڇو ته سندم هينئين اندر موجود حساسيت باعث سندم سور ڏور ڪري ڇڏيندي آهي. زندگيءَ جي هن موڙ تائين الائي ڪيترن محبوب ماڻهن جون محبتون ميڙيون اٿم، پر هن شخص جي محبت جو رنگ سڀني کان اُتم ۽ اعليٰ ڀائيندو آهيان. سندس شخصيت تي ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر طوالت کان پري ٿيندي، مختصر طور سندن شخصي اپٽار بعد، اچو ته سندن تخليقي رنگن ۾ رنگجي بطور شاعر “وڃايا ريت ۾ پيرا” نالي سان پياري امداد جي پهرين مجموعي، جيڪو سمورو غزلن تي مشتمل آهي، سندن شعري رنگينين تي هڪ نظر وجهون:
”مِثال طور:

آ وڃايو وقت پنھنجو دل لڳيءَ ۾!
پيار پرتي آ رھيو ھن زندگيءَ ۾!

هن غزل ۾نه رڳو فني پختگي موجود آهي پر ٿورو فڪري لحاظ کان ويچاريو ته منجهس ڪيڏي نه شاعراڻي سونهن ۽ ڪشش موجود آهي.

ڪجھه گهڙيُن جي لاءِ ڇا آيس ھتي مان
خوب رڃ آھي ڊڪايو تشنگيءَ ۾.

هر حساس من رکندڙ شخص ان شعر / بند کي پڙهي اوس پنهنجي چئن ڏينهن جي حياتيءَ اندر موجود رڃ ۽ گڏوگڏ اُڃ کي ياد ڪندو ۽ اهائي شاعراڻي خوبي آهي، جو هڪ شاعر جي اهڙي خيال کي هر هڪ حساس ماڻهو پنهنجو خيال ۽ احساس ڄاڻي ٿو، ان حوالي سان هتي مان پنهنجا ڪجهه احساس ونڊڻ چاهيندس، جيڪي يقينن هر حساس شخص جي زندگيءَ بابت سوچيندي، پنهنجي وجود کي جهنجهوڙيندو:

“ڇو ۽ ڇاجي لاءِ، آيس آءٌ ڪٿان؟
ڪنهن کان هاءِ! پڇان؟ ڪير ڏسيندو؟ ڪو به نه!

سوال جنهن جو جواب ناهي
جواب ناهي، عذاب آهي”

۽ اهو عذاب هر حساس من رکندڙ ماڻهو پنهنجي هن حياتيءَ ۾ اوس ڀوڳي ٿو. پياري امداد سهتي جي شاعراڻي تخيل ۾ پڻ اهڙا جيءَ کي جهنجهوڙيندڙ احساس نظر اچن ٿا.
پياري امداد سهتي جي سندر تخليقن مان هيٺ هڪ مثال طور ڏيڻ چاهيان ٿو، ان کي پڙهي ويچاريو ۽ سندن فني توڙي فڪري اڏام کي ڏسو:

آرسيءَ جي اڳيان خود لِڪي ڪير پيو!؟
پاڻ پنھنجي علاوه ڏِسي ڪير پيو!؟

تون جو وڇڙي وئين مُدّتون ٿي ويون،
روز مون سان ھتي پوءِ مِلي ڪير پيو!؟

شعري صنف غزل لفظ غزاله يعني هرڻيءَ مان ورتل آهي. جيئن ته هرڻي هر وک سان ڇالون هڻندي آهي، تيئن غزل جي به هر وک / مصرع به هر الڳ ڇال وانگر خيال تي مشتمل رهندي آهي، ۽ پياري “امداد” جي غزلن ۾ پڻ غزاله / هرڻيءَ واريون ڇالون نظر اچن ٿيون، جيڪي ئي سندس هر غزل کي جدا ئي حُسن بخشين ٿيون. مٿيون غزل پڻ ان جو مثال پيش ڪري ٿو.
سندس هيٺ ڄاڻايل غزل جي مطلع تي نظر ڦيرايو:

آرسيءَ جي اڳيان خود لِڪي ڪير پيو!؟
پاڻ پنھنجي علاوه ڏِسي ڪير پيو!؟
يا
تون جو وڇڙي وئين مُدّتون ٿي ويون،
روز مون سان ھتي پوءِ مِلي ڪير پيو!؟

حضرت “عشق” جي رمزن کي ڪيڏي نه تند ۽ تيز خيالن ۽ احساسن ذريعي ٻن سٽن اندر اظهاريو ويو آهي، اهوئي هڪ شاعر جي الڳ سڃاڻپ بڻجي کيس الڳ مرتبو ۽ مان عطا ڪري ٿو. شاعري جيتوڻيڪ شعور جي بخشش هجي ٿي، پر گڏوگڏ ڏاتار جي ڏنل ڏات وسيلي مشاهدي جو به ان ۾ وڏو حصو آهي. ڏات کانپوءِ ڏانوُ جيڪو ماحول عطا ڪري ٿو. اهڙو ماحول اسان وٽ مختلف صورتن ۾ موجود هوندو آهي. جنهن ۾ شاعرن جي صحبت، جا امڙ س ا س (سنڌي ادبي سنگت ) ذريعي حاصل ڪريون ٿا. ان کان علاوه ڪتابي ڄاڻ جو به ان ۾ وڏو حصو شامل رهيو آهي. عروضي ڄاڻ ڏيندڙ مختلف ڪتاب پڙهڻ سان پڻ ڏات کي ڏانوُ ملي ويندو آهي. مون کي اهو معلوم ناهي ته پياري امداد سهتي کي ڏانوَ جو ڏيئو ٻارڻ جو ذريعو ڪهڙي ريت مليو؟ پر جنهن به صورت ۾ مليو، بنا ڪنهن وڌاءَ جي سندس شاعري پڙهڻ سان اها ڏانوَ جي ڏِياٽي سندس هر شعر اندر ٻرندي محسوس ٿئي ٿي. پر امڙ سنڌي ادبي سنگت يا ڪتابي دنيا مان ڪنهن علمي ذريعي جي پروڙ سندس هيٺئين شعر مان اوس ظاهر ٿئي ٿي:

سوکڙي ۾ دلاريءَ کي مون ڪاڄ ۾،
شاھ جو هو هٿن سان رسالو ڏنو

مٿي ڏنل پياري امداد سهتي جو شعر، جنهن ۾ پنهنجي پياريءَ کي تحفي ۾ شاهه سائينءَ جو رسالو ڏيڻ، ان ڳالهه جو چٽو ۽ واضح ثبوت آهي ته پاڻ پيشي جي لحاظ کان مصروف زندگي گذارڻ جي باوجود پڙهڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جا ڳالهه هڪ شاعر کي قوت بخشي ٿي ۽ اڳتي وڌڻ ۾ اتساهه ڏئي ٿي ان لاءِ مثال طور سندن هيٺيون شعر پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ ڪافي ٿو ڀانئيان. جيڪو پڻ مٿي ڄاڻايو اٿم:

تون جو وڇڙي وئين مُدّتون ٿي ويون،
روز مون سان ھتي پوءِ مِلي ڪير پيو!؟

مٿيون شعر هڪ حساس دل رکندڙ شاعر جي سندر ساڃاهه جو سهڻو مثال آهي. هن جي اپٽار مان مٿي پڻ ڪري چڪو آهيان پر هتي ان جي ورجاءَ جو مطلب هڪ شاعر جي من جي مام ڄاڻڻي آهي، اها هيءَ ته هڪ شاعراڻو من پنهنجي خيالي اڏام، حضرت “عشق” ذريعي ئي حاصل ڪري ٿو سگهي، ۽ بيشڪ اهو عشق ئي آهي جيڪو شاعريءَ کي بنياد بخشي اتم پد تي پهچائي ٿو. ڀل ڪيترو ئي وڏو عرصو وڇوڙي ۾ گذري وڃي، پر پوءِ به محبوب / معشوق هر ويل عاشق جي اندر موجود رهي کيس درشن ڪرائيندو رهي ٿو، پوءِ اهو عشق مجازي طور ڪنهن ڌرتي واسيءَ، ڪنهن معشوق سان هجي يا پنهنجي ڌرتي يا قوم سان هجي. يا اڳتي هلي انهيءَ “عشق حقيقيءَ” جي منزل ماڻي هجي ۽ پنهنجي ان “نامعلوم”/ “الک” ساڻ ڳنڍيل رهي، پر ان عشق جي اپٽار شاعريءَ وسيلي ئي ممڪن ۽ سونهيندڙ ٿي سگهي ٿي. ان جو مثال سمورا ڌرمي ڪتاب آهن.جيڪي شاعريءَ جي صورت ۾ هئڻ سبب صديون گذرڻ بعد به انساني ذهن ۾ حفظ هجن ٿا. شاعريءَ جي اها نهايت ئي اتم ۽ اعليٰ خوبي آهي، جو اها هر وقت، هر ڪنهن کي ياد رهڻ جي قابل هوندي آهي. مثال طور نثر ۾ لکيل ڪنهن هڪ پيرا کي به سدا لئي ياد رکڻ اوکو هجي ٿو، پر نظميه انداز ۾ لکيل / اپٽاريل سوين صفحا به سوکا لڳڻ ڪري، اسان حفظ ڪري سگهون ٿا .
اهڙي طرح زيرِ نظر مجموعي اندر موجود ڪافي اهڙا شعر ملن ٿا، جن کي حوالي طور ڄاڻائي، پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪي سگهجي ٿو، پر ڊيگھه کان بچندي هيٺ هڪ اڌ شعر ڄاڻائڻ ضروري ٿو ڄاڻان:

درد دل ۾ دُکن هزارين پيا
تير سڪ جا چُڀن هزارين پيا
***
عشق واري نماز کي پڙهندي
نرڙ “هُو” سان جُهڪن هزارين پيا

بحر سان خوبصورت نڀاءَ سان گڏ سندن فڪري اڏام پڻ مثالي آهي، جيڪا پڙهندڙن لاءِ يقينن پُرڪشش هوندي، پر ان مان اهو اندازو لڳائي ڏسجي ته لکڻ مهل تخليقڪار مٿان ڇا گذريو هوندو!؟
“عشق واري نماز” جو اصطلاح پڻ هڪ منفرد درجو رکي ٿو، جيڪو هن کان اڳ ڪنهن به شاعر استعمال نه ڪيو هوندو، ۽ ان سان سندن تخليقاتي ماڻ ماپي جو اندازو ڪريو، ۽ ڏسو ته ڪيڏو نه اُتم پد تي بيٺل ٿو لڳي!
پياري امداد سهتو جي زير نظر شعري مجموعي ”وڃايا ريت ۾ پيرا” بنا ڪنهن وڌاءَ جي سموري جو سمورو شاندار آهي. ۽ يقينن پڙهندڙن وٽان پڻ کيس سٺي موٽ ملندي، مان اها پنهنجي خوش بختي ٿو ڄاڻان جو اهڙي قربائتي شخص جي تخليقي پورهيي تي ڪجهه لکڻ لاءِ پاڻ مون فقير منش کي ان لائق ڄاتائون. ان حوالي سان کين ڀيٽا طور چند سٽون پيش ڪندي خوشي ٿو ڀانئيان. اميد ته سندن تخليقي سفر سدا لاءِ جاري رهندو، سنڌي شعر و ادب جي دنيا کي وڌيڪ سندرتا بخشيندو رهندو:

وڃايا ريت ۾ پيرا،
مگر سي ڪين ٿيا ميرا،

سندر تخليق سهتي جي،
ڄمايا دل اندر ديرا
***
کلڻو ملڻو سندر سهتو
ڄاڻي من جي هُر کُر سهتو

ڪاٿي اهڙو ملندو “آسي”
جهڙو ڄاڻي هنر سهتو


آسي زميني
دانش گاهه منصوريه، ٽنڊو قيصر
18 ڊسمبر 2021ع