شاعري

وڃايا ريت ۾ پيرا

امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو. امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ سندس غزلن مان پروڙي سگهجي ٿي. امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار بہ آھي تہ ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.

Title Cover of book وڃايا ريت ۾ پيرا

ڏات جي ڏيهه ۾ سونهن ڀريا خيال ورهائيندڙ شاعر

ڏات جي ڏيهه ۾ سونهن ڀريا خيال ورهائيندڙ شاعر

شاعري جذبن جي زبان جي شارٽ هينڊ لکت آهي، جيڪا پڙهندڙ جي دماغ جي ٽائيپ رائيٽر تي آسانيءَ سان خطي شڪل ۾ چٽجي وڃي ٿي. اسان جو شاعر سائين امداد سهتو به ان تحرير جو ماهر آهي. سندس اندازِ بيان ۾ نرمي ۽ نزاڪت، سوچ جي گهرائي، خيالن جي پختگي ۽ ٻوليءَ جي لطافت سان ڀرپور محبت جا انيڪ پوپٽ خيالن جي پيچرن تي اڏرندي محسوس ٿيندا نظر اچن ٿا. هو ڪيڏي نه سادگيءَ سان حساس دلين جي ترجماني ڪندي چوي ٿو ته:

پنبڻين رحل منجهه جي ويڙهيا
مون پڙهيا سي ڪتاب نيڻن ۾

ان کان اڳ ۾ جو هو سوال پڇي
سڀ لکيا ٿم جواب نيڻن ۾

خيال جي اڏار جو اندازو هنن شعرن مان به ڪري سگهجي ٿو:

ڪوئلي کاڻ ۾ ڦڦڙ زخمي
پيٽ لاءِ هٿ سياهُه ٿو ڪريان

پائي گيڙو لٽا فقيريءَ جا
فرش کي تخت گاهُه ٿوڪريان

ملتان جي گرمي مشهور آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته شمس تبريز سج کي هيٺ لاهي پلو پچايو هو، تڏهن کان ملتان ۾ گرمي حد کان وڌيڪ ٿيندي آهي. هن ملتان جي ڪوساڻ جي تشبيهه پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ لاءِ ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ استعمال ڪئي آهي:

ڄڻ ٻري مون ۾ ڪوساڻ ملتان جي
سرد ڪنهن باهه ۾ پئي سڙي زندگي

ٻئي پاسي وري مريءَ جي ٿڌڪار ۽ پرينءَ جي اچڻ جي خبر سان پيدا ٿيندڙ احساسن کي ڀيٽ ڏيندي چوي ٿو ته:

پهر پهر اداس، دل مريءَ جيان ٿڌي ٿڌي
اڱڻ پرين اچي پيو، حرارتون وڌي ويون

هو پنهنجي نالي کي تجيس تام طور ٻن جڳهين تي نهايت سهڻي نموني استعمال ڪندي لکي ٿو ته:

سدا آهي رهيو جو اڳڀرو هر مهل ۾ سڀ سان،
انهيءَ“امداد”جي امداد ناهي ٿي الائي ڇو؟

يا چوي ٿو ته:

ڪا نه “امداد” جي ڪنهن به امداد ڪئي،
التجائون ۽ ايلاز ها پاڻ سان.

بلڪه هن ته رديف ۾ به نهايت خوبصورتيءَ سان پنهنجو نالو استعمال ڪري ڏيکاريو آهي:

تو بن جِئي مري ٿو، امداد ٿي اڪيلو،
اندر۾ ئي ٻري ٿو، امداد ٿي اڪيلو.

هن جي شاعريءَ ۾ رومانوي تاثر ڏيندڙ پراڻا لفظ نئين تاثر سان نظر اچن ٿا۽ هو قافين ۾ به اهڙن لفظن جو استعمال ڪندي نظر اچي ٿو. سندس هڪ غزل ۾:

ڳالهه هن جي مَڃي ڇڏيم آخر
دل چريءَ کي ڀَڃي ڇڏيم آخر

حال بي حال هو سوا تنهنجي
زندگي ڪٿ وَڃي ڇڏيم آخر

سمنڊ صحرا طرف نه اچڻو هو
پنهنجو سينو سَڃي ڇڏيم آخر

ناهه هن جي خيال کان ڪو فرار
پاڻ کي ئي نَڃي ڇڏيم آخر

تانگهه ديدار لئه هئي امداد
اُن گليءَ ۾ گَڃي ڇڏيم آخر

هن غزل ۾ آخري ٽي قافيا اڳ ۾ ڪنهن استعمال ۾ نه آندا آهن، جڏهن ته سندس استعمال پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا سهڻا لفظ هن ريت جيئرا ڪيا اٿس:

درد پوڙهي سڏي مون کي سامڪ ڏني،
عشق سان ڍيرکي ڄڻ جواڻي هئي.
يا

پٽي هي گل سمورا مان سجايان تنهنجي زلفن کي،
الائي ڇو مٿان مالهڻ جي ڪانيءَ کان ڊڄون ٿا پيا.

منهنجو ساڻس تعلق فيس بڪ تي ئي ٿيو آهي ۽ اڃا تائين ملاقات ناهي ٿي سگهي، پر ڏهاڪو سالن جي ان تعلق دوران سندس شيئر ڪيل هر غزل نه رڳو راءِ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي، بلڪه آئون مسرت سان ڀرپور وجداني ڪيفيت طاري ٿيڻ تي بي اختيار ان کي شيئر ڪري ڇڏيندو آهيان.
منهنجو اهو مڃڻ آهي ته شاعر پنهنجي لاءِ شاعري ڪندو آهي، پر سندس خيال جو ڪينواس جيترو وسيع هوندو آهي، اوترو ئي وڌيڪ سندس شاعري ٻين کي متاثر ڪرڻ جي سگهه رکندي آهي ۽ سائين امداد سهتي جي شاعريءَ جي ڪينواس تمام گهڻو وسيع آهي، جنهن کان متاثر ٿيڻ بنا رهي نه ٿو سگهجي.
اميد ته هن مجموعي کانپوءِ ته سندس گهڻا مجموعا ايندا ۽ انيڪ روحن جي تشنگي ختم ڪري انهن جي تسڪين جو ڪارڻ بڻبا.

قاضي مقصود احمد
مٽياري، 19 آڪٽوبر 2021