شاعري

وڃايا ريت ۾ پيرا

امداد سھتي جي غزلن جي پنھنجي بيھڪ، رَسُ ۽ چَسُ آھي. ھو بنيادي طرح رومانٽڪ شاعر آھي ۽ سندس غزلن ۾ دل لڳيءَ جو اھو رنگ خوب پسي سگهجي ٿو. امداد سھتو سدائين اميدن جون مشعلون ٻاري پنھنجا شعر لکندو رھيو آھي ۽ ھن ڀروسي ۽ اميدن جي ان ڏيئي کي وسائڻ ناھي ڏنو ۽ اھا ڳالھ سندس غزلن مان پروڙي سگهجي ٿي. امداد سھتي کي سنڌ ۽ انسانيت سان پيار آھي جنھن ڪري ھو سماج جي بدبودار روايتن خلاف کُلي لکي ٿو. امداد سھتي جي غزلن ۾ محبوب جون اکيون ۽ وکريل وار، ھوا جا جهوٽا بڻجي لفظن جو ويس پائن ٿا. ھن جي غزلن ۾ سنڌوءَ جي ھوائن جي ھٻڪار بہ آھي تہ ڪينجهر جي شام جي زرد رنگ جا لباس پڻ پاتل آھن. امداد جي غزلن ۾ ٿر جي ڀنل واريءَ جي خوشبو به آھي ته محبوب جي لبن جي لالاڻ به آھي. ھن وٽ محبوب ڌرتيءَ جو حسين ترين تحفو آھي.

Title Cover of book وڃايا ريت ۾ پيرا

اُمنگن جو البيلو شاعر، امداد سهتو

اُمنگن جو البيلو شاعر، امداد سهتو

شاعري احساسن جو سفر آهي ۽ بلڪل سفر اھو سڦلو ٿيندو آهي، جنھن سفر ۾ منزل ماڻبي آهي. سنڌ شعوري قوم آهي جتي صدين کان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي پنوڙن مان جيڪي روح خلقيا ويا آھن ڀلي سائنسدان ھجن، فلاسافر هجن يا شاعر مگر انھن پنهنجي اڻٿڪ محنت سان سنڌ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو آهي. شاعريءَ تي گھڻن شاعرن پنھنجا ڇوھه ڇنڊيا آھن، ھاڻي انھن سان متفق ھجڻ ھر ڪنهن جي فڪر ۽ مزاج تي ڇڏجي ٿو ۽ ھر ڪنهن ماڻهو کي مطمئن ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ناھي پر منهنجي خيال مطابق شاعري ھڪ احساسن جو روح آهي. جنهن کي شاعر پنهنجي ڏات ڏانءَ سان وجود ۾ آڻي ٿو، اھو روح جيڪو ارواحن مان مئه جا مَٽَ پي خماريل نيڻ کڻي اچي شاعر جي مٽيءَ آڏو پرڙا ڍاري اناالحق جا نعرا ھڻي ھوا جي رقص ۾ گم ٿي وڃي ٿو. علامه اقبال ڪنهن ڪتاب ۾ پنهنجي اندر جي اڌمـن جو اظھار اھڙي طريقي ظاھر ڪيو آهي ۽ يقيناً ڪڙو سچ آهي! "جڏھن شاعر جي اک کليل ھوندي آهي ته عوام جي اک بند ھوندي آهي جڏھن شاعر جي اک بند ٿي ويندي آهي ته عوام جي اک کلندي آهي.” اھا ئي وڏي بدنصيبي آهي جو اسان اھڙن شاعر جي احساسن جذبن جو احترام ۽ احساس ناھيون ڪندا. اھي قومون ڪڏھن به ترقي ناھن ڪري سگھنديون جتي شعور کي بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي گٽر ۾ اڇليو وڃي! سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ سنڌ جو سريلو شاعر جيڪو سج جي ڪرڻن جيان چٽا ڪرڻا کڻي اڀرندڙ شاعر امداد سھتو جنهن سان ڪڏھن ملاقات ته ناھي ٿي مگر ادبي اوطاق تي ھڪٻئي سان محبت جا اھڙا پڪا پيچ پاتا آھن جنهن جو ڪاٿو ئي لڳائي نه ٿو سگھجي.
امداد سھتو سھڻي شاعر سان گڏ اخلاق ڀريو مانجھي مرد آهي، سندس ادبي پورھيو ڪنهن کان به لڪل ناھي. امداد سھتي جي شاعريءَ ۾ ڪرب به آهي ته رابيل جا گل به مسڪرائن ٿا وصل جا واسا به آھن ته انتظارن جا الڪا به ڪر کڻي بيٺل نظر اچن ٿا. هن ٿوري وقت ۾ سڄي سنڌ ۾ جيڪا مڃتا ماڻي عزت ڪمائي آهي ان تي کيس جس آهي.
اڄ سندس ايندڙ ڪتاب “وڃايا ريت ۾ پيرا” منهنجي اڳيان آهي جيڪو سڄو غزل جي صنف تي مشتمل آهي. امداد سھتي جو لکڻ جو رنگ ڍنگ سڀني شاعرن کان الڳ آهي مان ته کيس اُمنگن جو البيلو شاعر چوندو آهيان. ھو پنهنجي مٽي ڳوھي ۽ پنھنجي خيالن مان ڏانءَ ڏات ذريعي تخليقن جي روحن ۾ ساھ ڦوڪي منظر عام تي آڻي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ھيڏيون محبتون ملن ٿيو. شاعري پڙھڻ ته سولي آهي پر لکڻ سمجھڻ ھڪ وڏوڏکيوڪم آهي جيڪا ھر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. شاعري ائيـن ئي لکبي آهي جيئن امداد جون سٽون آهن:

پکين جاڳ آندي وڻن ۾،
سويري رياضت ڏٺي مون!

ڇا ته قرطاس جي سيني تي خيال ٽڪ واري رليءَ جيان جرڪي مرڪي رھيا آھن! مون کي امداد سھتي جو مستقبل گھڻو روشن ٿو لڳي يقيناً اگر شاعر اھڙي ڪوشش سان ادب ۾ جاکوڙيندو رھيو ته ڪاميابي اچي سندس پير چمندي.

صوفي امتياز ٻلال
مورو، آڪٽوبر 2021