اِداري پاران
موجوده دور ۾ نوجوان ليکارين جي گهڻائي جو لاڙو رومانوي شاعري طرف آهي ۽ روايتي مفروضن، تشبيهن ۽ استعارن جي لتاڙ سبب پڙهندڙن جو ڳاڻيٽو ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي، جنهن ڪري تخليقي معيار جا ماپا زميني حقيقتن جي ڀيٽ ۾ مايوس ڪندڙ هجن ٿا، ماضيءَ جيان هڪ ڀيرو ٻيهر مزاحمت جو عنصر پروان چڙهي پيو، هر حساس دل ماتمڪده آهي، هر اک شعله بيانيءَ جو تاثر پئي ڇڏي، هر دماغ ۾ هڪ باغيءَ جي چيخ دٻيل آهي ۽ جتي زبان کي تالا لڳي وڃن اُتي هڪ باغي ليکاريءَ جو قلم خاموش ڪيئن ٿو رهي سگهي ۽ بخشل باغي ته ڌرتي جي قرض کي فرض جيان نڀائڻ جو فن به خوب ڄاڻي ٿو، جڏهن سندس اندر جا اُلا لفظن جو روپ ڌاري پنن تي پٿارجي هڪ مچ مچائن ٿا ته ان مچ ۾ فقط پاڻ نه ٿو نچي پر انهن پتنگن کي به پڪاري ٿو، جيڪي سچا به آهن ته کوٽا به، کيس ڀلي ڀت سُڌ آهي ته سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ سوڍا سرس نه هوندا، سڀ ڪو پنهنجي ڪاڪ ٿو چاهي، پر هن پڪارڻ ڇڏيو ناهي، لکندو ٿو رهي، لڇندو ٿو رهي، لڳاتار..لڳاتار..!
بخشل باغي لفظن جي ڄار ۾ اُلجهڻ بنان تخليقي پنڌ ۾ پنهنجا پيچرا پاڻ ٺاهيندو وڌندو ٿو رهي، سندس هي مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو “ سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ” پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناهه اُنسيت ۽ انياءَ خلاف آواز جو اهڙو سنگم آهي، جنهن تي پاڻمرادو پاڻ نڇاور ڪرڻ جو جذبو ڪَر موڙڻ لڳي ٿو ۽ اهائي خوبي باغيءَ کي ٻين ڪوتاڪارن کان الڳ ۽ منفرد هنڌ تي رسائي ٿي، جتي هرڪو پهچڻ جي سَٽ ساري نه ٿو سگهي، شال سندس قلم جي تقويت هن باغيءَ ليکاريءَ جي سپنن کي ساڀيان تائين رسائي.
ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد