تانيا
روز منھنجي ڀُونءِ ٿي رَت ۾ ٻُڏي
ماروِيون هِت روز ٿيون ماريون وَڃن
ڦَٿڪندي ڌرتي سَموري ٿي لُڇي
مُوملون، سُھڻيون ڪيون ڪاريون وَڃن
ماءُ جون اکڙيون اَڃان ناهن سُڪيون
ڌيءَ جون دانھون ڪَنن ۾ ٿيون ٻُرن
ڀينرون سُڏڪي وَجودن ۾ ڏَڪيون
گهاءُ بڻجي جيڏيون جِيئَن ۾ ڪُرن
تو ڪھاڙيءَ کي سَدا رَت سان رنڱيو
تو وَڍيا هِن اَنگَ جيجل ماءُ جا
ڀيڻ توکان دانُ جيون جو مَنڱيو
پر نه تو ۾ ها ڪَڻا ڪَھڪاءُ جا
ڪُونج جھڙي ڪامڻي تو آ ڪُٺي
رَڙ هي عالم سمورو ٿي وَيو
عمر ڌرتيءَ جي پئي آهي کُٽي
وقت ڀي افسوس ۾ بيھي رَهيو
لَڄَ لوئيءَ جي نه تو ڪڏهين رَکِي
تو نه عورت تي ڪڏهن ويچاريو
رت ۾ پوتي وَنيءَ جي تو رَتِي
ڀيڻ کي ڪاري ڪري تو ماريو
تو رڳو هڪ”تانيا“ماري نه آ
تو هَنئي گولي سڄي ڪائنات کي
هي رڳو هڪ ماءُ آزاري نه آ
تو دُکايو ديس جي جذبات کي
*