ڀُونءِ ڀُڻڪي پئي
سنڌ کي تو فلسطين ٺاهي ڇَڏيو
سوچ تنھنجي اِها ساڳي اِسرائيلي
تو ته هر ڳوٺ ۽ ٻيٽ ڊاهي ڇَڏيو
تنھنجي اک ۾ رهي ٿي پَٽي ساحِلي
ديس ۾ پنھنجي، مارُو ڪري بي وطن
ماڳَ سڀئي قديمي ٿو قبضا ڪَرين
روز ڌِڪجن ٿا ڌرتيءَ ڌڻي وِچ دَڳن
هاءِ!لوڙها پَٽي جِهڻ ٿو جُهوپا ڪَرين
اڄ به چَنگيز تو مان نِھاري پيو
روح هِٽلر جو جاڳيو وري تو مَنجهان
منھنجي وَستين، وَٿاڻن کي ساڙي پيو
ڀُونءِ پنھنجي مَٿان ڄڻ ڌِڪاريل هُجان
منھنجي رَت سان لِکي پنھنجي تاريخ تو
تو ۾ گهوڙا مدد خان جا ٿا ڊُڪن
ڪين رَت ۾ ٻُڏل ڪا ٻُڌي چيخ تو
سُنب ڌرتيءَ جو سينو پيا ٿا سَٽن
ڀُونءِ ڀُڻڪي پَئي چُپ سَمجهين مَتان
سَگهه تنھنجي نه هيڻن اڳيان ٿي سَگِهي
ٺاھَ ٺاهي ٺڳين جا تون اُلجهين مَتان
ڇا ڪا تاريخ طاقت سان توکي اَگِهي؟
سنڌ سُھڻي، سَسِي سنڌ نُوري اڃا
سنڌ، دودو ۽ هوشو، بَلاول اَٿئي
وقت!هيمونءَ جي گَردن ۾ سُوري اڃا
تو اڳيان، شاھ، سامي ۽ سَچل اَٿئي
هي ڪَلاچي نه ڪا اَڪ جي ماکي اَٿئي
جنھن کي لاهي چَکڻ تون ٿو چاهين چَريا!
ڏِسُ! سڄي منھنجي تاريخ ساکي اَٿئي
توکي مانگر!ڏسي ڪين گهاتو ڏَريا
ديس ۾ دل دَراوڙ جي ڌَڙڪي پئي
آرين جو پَيو خون تو ۾ ڊُڪي
رات ڪاري ڪُنن مَنجهه ڪَڙڪي پئي
تنھنجي تلوار تان ڪين ٿو رَت سُڪي
ديس جا ديس واسي ئي آهن ڌڻي
ڪنھن به ڌاريي جو اُن تي نه آ حق ڪو
هٿ اُنھي تي ڀٽائي رکيو آ کڻي
ڪين اورانگهبي ڀِٽ يا لَڪ ڪو
او وطن جا سڀئي واهرو! جاڳجو
ننڊ کي سڀ نِھوڙي اُٿو ڙي اُٿو
سَٿ سان ساٿ ساري وري واڳجو
هاڻ زنجير ٽوڙي اُٿو ڙي اُٿو
ديس لئه هاڻ “باغي” بغاوت ڪبي
ماٺ کي چڻنگ ڏيئي ڪي شُعلا ڪبا
رات جي رهزنن سان مزاحمت ڪبي
مَقتلن ۾ شھيدن جا ميلا ڪبا
*