منھنجي سِرَ تي تَعزيرون
زنجيرن کي زنگ لَڳل هو
سُورهين پائي لاٿو آ
مُنصف جو ڀي ڪِلڪ ڀَڳل هو
تَعزيرن کي پاتو آ
تنھنجا ٿَڪجي پَوندا ٿاڻا
تنھنجا جيل ڏَڪائينداسين
تنھنجا گَهٽجي پَوندا گهاڻا
ڌرتيءَ کي نه لَڄائينداسين
کَڻندي کَڻندي پَوندين ٿَڪجِي
پاڻ نه کَڄندي پر ٿَڪباسين
ڪَرٽن ساڻ وَڃُون ڀَل ڪَٽجِي
مَقتل ڏانھن به نه رُڪباسين
ويل وَهائي اَنت ڪري ڇڏ
ڏاڍ نه تنھنجو ڏَهڪائيندو
جسم سَمورا رت ڪري ڇڏ
خُون وطن کي مَھڪائيندو
دُولھ ڌرتيءَ ڪاڻ اُٿِي پيا
ڪنھن کي ڪنھن کي تون روڪيندين
ڪانئر! مُرڪي گهوٽ ڪُسِي پيا
ڏيهه سڄي کي ڦاهو ڏيندين؟
مُرڪي پَوندا ڪَنڌُ ڪَپائي
سُر کي سِر سڀ دان ڪندا هي
تَنبوري جي تَندُ تَپائي
آزادي اعلان ڪندا هي
تنھنجي ظلمت جي اُونداهي
جهيڻي ڪا به نه جوت ڪندي
تنھنجي غداريءَ جي کاهي
تنھنجو بُڇڙو موت ڪندي
تو وٽ غداري جا تَمغا
منھنجي سِر تي ڏِسُ تَعزِيرون
مون ۾ ڀَنڀٽ ڀَنڀٽ ڀَڙڪا
تنھنجي اُوندھيءَ ۾ جِهيرون
منھنجي ڌرتيءَ تي ٿو ڀونڪين
ڏيهه سڄي کي ڏاڙهين پيو
ڇِتي ڪُتي جيان پيو سَھڪين
ايندا ويندا تاڙين پيو
*