چوسٽو
اُٿ اُٿاڻيءَ جو وقت آيو آ
موڪلاڻيءَ جو وقت آيو آ
ماٺ حد کان وَڌي وئي آهي
هاڻ پاڻيءَ جو وقت آيو آ
*
بخشل باغي ڌرتي جي قرض کي فرض جيان نڀائڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو. ھي ڪتاب سندس مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو آھي. بخشل باغي لفظن جي ڄار ۾ اُلجهڻ بنان تخليقي پنڌ ۾ پنھنجا پيچرا پاڻ ٺاهيندو وڌندو ٿو رهي، سندس هي مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو پنھنجي ڌرتيءَ سان بي پناھہ اُنسيت ۽ انياءَ خلاف آواز جو اهڙو سنگم آهي، جنھن تي پاڻمرادو پاڻ نڇاور ڪرڻ جو جذبو ڪَر موڙڻ لڳي ٿو ۽ اهائي خوبي باغيءَ کي ٻين ڪوتاڪارن کان الڳ ۽ منفرد هنڌ تي رسائي ٿي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو