نثري نظم
هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
ڇو نه پوءِ اُهو رنگ ڪنھن هوليءَ جو هُجي
خواب جو هُجي يا ڪنھن به جَهنڊي جو
هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُو سڀني رنگن مان فقط ڳاڙهي رنگ کي
جلاوطن ڪرڻ چاهين ٿا
ڇو ته ڳاڙهو رنگ کين “ڪَلر بِلائينڊ” ڪري ڇڏي ٿو
هاڻ سندن رَڳن ۾ رَت بدران
بي رنگ پاڻياٺ ڊوڙي ٿي
ڇو ته هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُنن، اُن ڊپ ۾ وِڦلندي
سُرخ خوابن تي به بندش مَڙهي ڇڏي آهي
هُو باک کي ڪاراڻ ۾ لِڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا
هُنن هاڻ رَت جي ڳاڙهي رنگ کي
نيراڻ مائل يا زرد بڻائڻ شروع ڪيو آهي
يا وري هُو ڳاڙهي رنگ کي باھ ۾ ساڙي
ڪاري ڪرڻ ۾ ئي پنھنجو بَچاءُ ڀائين ٿا
ڇاڪاڻ ته هاڻ هُو ڳاڙهي رنگ کان ڊِڄڻ لڳا آهن
هُو ڳاڙهي رنگ کي کَنڀيندي کَنڀيندي
پنھنجي ئي خوف هَٿان کَنڀجڻ لڳا آهن
هُو هان ڳاڙهي رنگ کان ڏاڍا خوفزده رهڻ لڳا آهن
هُو هاڻ جَهنڊي جي ڳاڙهي رنگ کي ڏسي
لَرزي وڃن ٿا
۽ پنھنجي گردن کي ڦاهيءَ ۾ ڦاٿل محسوس ڪن ٿا
ڇو ته هاڻ ڳاڙهو رنگ هُنن لاءِ
هڪ اهڙي علامت بڻجي چُڪو آهي
جنھن جي پَس منظر کي ياد ڪري هاڻ هُو ڇِرڪڻ لڳن ٿا
اُنھن جي هر ڇِرڪ ۾ هاڻ ڳاڙهو رنگ
ڀَرجي چُڪو آهي
هاڻ ڳاڙهو رنگ سندن جبر، تشدد، ظلم ۽ ناانصافي تي ڇانئجي چُڪو آهي
۽ هُو هاڻ ڳاڙهي رنگ کان ڇِرڪڻ لڳا آهن
*