تھذيب جو ترانو
آ ديس جي لَبن تي، تھذيب جو تَرانو.
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زَمانو.
موهي مھڪ مَٽيءَ جي، ڏني رنگن کي راحت
پيئي ٽِڙي ٽِڪن ۾، چانڊاڻ جھڙي چاهت،
ڦُلڙيون فنا نه ٿينديون، ٽِڙنديون سدائين رهنديون،
ساهن ۾ مون سَمائي، پنهنجي رَکِي ثقافت،
کُٽندو ڪڏهن نه موهن جي دَڙي جو خَزانو.
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زَمانو.
هُو مور رقص سان اڄ، رنگن کي ٿو پَکيڙي،
ڀِٽَ تي هُو ڊيل ڊوڙِي، ٿي سانجهه کي سَھيڙي،
گَجرن ۾ سَجن ٻانھُون، گَجرن ۾ ڪَجلا سَر آ،
ڇاتيءَ تي گَج گُلابي، ٽَھڪن جا ساز ڇيڙي،
پَنگهٽ تي سُرمئي ٿو، سَپنو لڳي سُھانو.
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زَمانو.
رَنگت رِليءَ ۾ آهي، ڌرتيءَ جا خوابَ گيڙو،
بَڻجي ٽِڪُون سِتارا، ٿيا آفتابَ گيڙو،
ٽوپو سَنھي سُئيءَ جو، پورهيو پيار وارو
جيجل جي جُهور هٿڙن، پوکيا گُلابَ گيڙو،
آڇئون جَھان کي هي، اي سنڌ جا جَوانو!
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زمانو.
جُگنو ٿي ٽِمڪندا پيا، جَهرجَهنگ ۾ جَمالا،
مورن سان جُهومندا پيا، هر رنگ ۾ جَمالا،
ميلا، ملاکڙا هي، هِن ديس جي سُڃاڻپ،
سازن جا رنگَ گيڙو، چِت، چَنگ ۾ جَمالا،
هي پُراَمن وطن جو ڌرتيءَ تي آشيانو.
اَجرڪ ڪُلھن ۾ اوڍي، رنگين ٿيو زَمانو.
آ ديس جي لَبن تي، تَھذيب جو تَرانو.
*