ديس جو دلبر
ٿَر ۾ جيڪو ڪالهه روهيڙو رَتو
رَنگُ تنھن جو سنڌ ساريءَ تي لَٿو
رُوپلي جي رُوپ ۾ آيو هُيو
ڇانورو ٿي ديس تي ڇانيو هُيو
مسجدن کي هُو ڇَڏي مَقتل لَڙيو
مارئي وانگر زَنجيرن ۾ ڪَڙيو
هُن جي پيرن ريت مان رَستو ڪَڍيو
خواب هڪڙو پنھنجي نيڻن ۾ اَڏيو
واسجي ويو سَن جي سُرهاڻ ۾
ڌوپجي ويو ديس جي چانڊاڻ ۾
ننڊ مان جوڳي اچي جاڳائيو
ذهن ۾ هُن جي ڀَڀڙ ڀَڙڪائيو
ذات مان نڪتو ته ڌرتي ٿي وَيو
پيرُ ڪاريھر مٿان هُن جو پَيو
مُرڪ هُن جي سانوري ناياب هُئي
گُهگهه اُوندھ ۾ مِثل مَھتاب هُئي
مُرڪندي سڀئي ڪَشالا ويو ڪَٽي
مھڪندي هُو موسمن کي ويو مَٽي
عشق ۽ ايمان ۾ اَرڏو رهيو
هُو سنڌو درياهه وانگر پئي وَهيو
ڇا ته هُن جي هو تَخيل جو جَھان
کيس ها ٻُڌندا زمين ۽ آسمان
پوپٽن جيئن لفظ ايندا هئا وَٽس
ڇانوَ ڳاڙهي رهندي هرپل هئي مَٿس
اَنت تائين بي ڊپو هلندو رهيو
هُو جبل جيان لُوءِ ۾ جلندو رهيو
اَڪ وانگر زندگي هُن جي تَپِي
روح سان هُن جهانءِ ڌرتيءَ جي جَهپِي
ٻول ٻاٻيھن جيان هُن جا ٻُريا
خواب ڌرتيءَ جا اکين ۾ پئي هُريا
هُو ته ڪارونجهر مَٿان ڪو مور هو
ديس جو اَنمول هڪڙو دور هو
ديس جو دلبر دراوڙ ويو هليو
ڇانوَ جنھن جي هئي اُهو بَڙ ويو هليو
(سائين عبدالواحد آريسر کي ڀيٽا)
*