تنھنجي مِٽي مھڪندي
هيءَ وري موسم ڪئين تبديل ٿي
هي ڪڪر ڪارا ڪٿان آيا چڙهي
نيڻ جَل ٿَل ٿي ويا سڀ ديس جا
ديس جا ڳوڙهن سان رستا ويا ڀِڃي
سنڌ کي سَڪتو سَراپي ويو وري
اوڇنگارن ۾ ٻُڏي ڌرتي وَئي
اَڙ وٺي اُونداهه جي “هُن” رات ۾
سوڳواري آ ستارن کي ڏني
ديس جي سڀني نظارن کي ڏني
ڪين ٿي تنھنجي اَجل کي دل مَڃي
جو ڪيو مَنسوب توسان پيو وڃي
آجپي جا تنھنجي پيرن مان ڦُٽا
ڪيترا رستا پھاڙي پنڌ ۾
ديس جي خالي اکين ۾ تو ڀَريا
رنگَ خوابن جي اَمر اُتساهه جا
دلرُبا پنھنجي سنڌو درياهه جا
تنھنجي پويان”نانگ“ڦُوڪاريو پئي
”نانگ” جنھن سپنا ڏَنگيا هِن ديس جا
ديس جيڪو دار تي آهي اَڃا
عشق جي تو ڳاٽ کي اُوچو رَکيو
ٻاٽ ۾ تو لاٽ کي اوچو رکيو
پيرَ تنھنجا پنڌ ۾ زخمي رهيا
پوءِ به سڀني کان سدا اڳتي رهيا
تون هُئين آواز گُونگي ديس جو
تون سُجاڳيءَ جي علامت هُئين چِٽي
مھڪندي رهندي سدا تنھنجي مِٽي
تنھنجي طبيعت ۾ فقيري هئي مِٺا!
سازشن کي تو سُڃاتو ڪين ڪي
ڪو وِهاٽڻ ڪاڻ پيڇي ۾ هُيو
تنھنجي پاڇي ساڻ پيڇي ۾ هُيو
جسم تنھنجو ٿي ويو مِٽي ميان!
واسجي هر ڪا وئي گهٽي ميان!
ديس جي دل ۾ سدائين ڌَڙڪندين
ڳاڙهو جهنڊو ٿي هَوا ۾ ڦَڙڪندين
هي وڇوڙو سنڌ جي تقدير ۾
۽ سنڌوءَ جي هر سُڪي ويل وير ۾
ڪانه ڪا تبديلي آڻيندو ضرور
منزلِ مقصود ماڻيندو ضرور
خون سان تاريخ تو تحرير ڪئي
آجپي جي تو چِٽي تصوير ڪئي
تون اسان جي ساھ ۾ رهندين سدا
سنڌ جي ويساهه ۾ رهندين سدا
(شھيد بشير خان قُريشيءَ کي ڀيٽا)
*