مزاحمت جي چڻگ : شاعر پاران
مزاحمت جي چڻنگ
*رُومانس ۽ مزاحمت زندگيءَ جا ٻه اهڙا ته فڪري رَويا آهن جن جي آڌار تي ماڻھو جياپي جا اصول قائم ڪري ٿو. رُومانس ۾ جماليات جو رَويو ملي سندس وُسعت کي گھرائيءَ سان گڏ اعليٰ ڪُشادگي بخشي ٿو. مزاحمت ۾ انقلاب ۽ بغاوت جا رَويا، مزاحمتي جذبن توڙي خيالن کي ڀرپور سَگھ سان شَعور جي اُوچي اُڏار بَخشي، مَنجهس اِنڪاريت جي اُها قوت پيدا ڪن ٿا، جيڪا هاڪاري به آهي ته زندگيءَ جي لڳاتار واڌ ۽ اوسر لاءِ لازمي به آهي. اُن ڪري جڏهن رُومانس ۽ مزاحمت پاڻ ۾ ملي هڪٻئي ۾ ضِم ٿين ٿا ۽ فن توڙي فڪر جو گڏيل آهنگ جُڙي ٿو ته اُهي گڏجي، هڪ نئين ڌارا کي جنم ڏين ٿا، جيڪا ماڻهوءَ جي مَن کي سيراب ڪري وجهي ٿي. ۽ ماڻھوءَ جي مَنَ جي اُها سيرابي سندس سَگھ بڻجي پوي ٿي. ۽ پوءِ اُن سيرابيءَ مَنجهان ماڻھپي کي سدا بَھار قوت ملندي رهي ٿي. ۽ جڏهن اُهي ٻئي واٽون آرٽ سان هَمڪلام ٿي شاعري يا ادب جي ڪنھن به صنف ۾ نِروار ٿين ٿيون ته آرٽ جا نَوان نَوان رنگَ نِکري نِروار ٿين ٿا.
شيخ اياز چيو هو ته: “هر شاعرِ انقلاب شاعرِ رُومانس هوندو آهي. جڏهن ته هر شاعرِ رُومانس شاعرِ انقلاب نه هوندو آهي. ”
زندگي جتي رُومانس جي رنگين جذبن ۽ اُمنگن جو سَنگم آهي، اُتي مزاحمت جو پڻ هڪ ڀرپور آواز آهي.
لطيف جي مزاحمتي شاعري هُجي يا خليفي نبي بخش لغاري جو ڪيڏارو، اياز جي مزاحمتي شاعري هُجي يا ابراهيم مُنشي، عبدالڪريم گدائي، راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد، خاڪي جوئي، سرڪش سنڌي، حليم باغيءَ سميت سنڌيءَ جي ٻي مزاحمتي شاعري، اردوءَ ۾ فيض احمد فيض هُجي يا حبيب جالب، چليءَ جو پيبلو نيرودا، اسپين جو لورڪا، روس جو ماياڪوفسڪي، بينگال جو نذرل اسلام، تُرڪيءَ جو ناظم حڪمت، عراق جو عبدالوهاب البياتي، سينيگال (آفريڪا)جو ليوپولڊ سنگهور، پَشتو جو خوشحال خَٽڪ، افغانستان جو سليمان لائق، فلسطين جو محمود درويش ۽ سميع القاسم، شام جو نزار قباني، داغستان جو رسول حمزاتوف، مطلب ته سڄي دنيا ۾ مزاحمت هر دور ۾، هر جاءِ تي هر مظلوم ۽ محڪوم انسان جو اعليٰ ۽ اُتم جذبو رهي آهي. جنھن کي شاعريءَ وسيلي آرٽ سان هم آهنگ ڪري اظھار جو نِرالو رُوپ ڏئي، بي وَس ۽ هيڻن ماڻھن جي سُڪل سَريرن ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ويو آهي.
اردوءَ جو ناميارو نقاد قاسم يعقوب لکي ٿو ته:
”مزاحمت ڪنھن نظرئي، فڪر يا نظام کي قبول ڪرڻ کان اِنڪار تي بيٺل فلسفو آهي ۽ جڏهن ڪنھن شيءِ کان اِنڪار ۽ اُن جي خلاف مزاحمت ڪئي ويندي آهي ته مطلب اِنڪار ڪندڙ جي حيثيت مَحڪوم، ماتحت ۽ مجبور واري هوندي آهي. ۽ جنھن خلاف مزاحمت ڪئي وڃي ٿي اُهو ڪنھن طاقتور رويي هُجڻ ڪري مزاحمت ڪندڙ تي قابض آهي. جڏهن اسان مزاحمتي ادب جي ڳالهه ڪندا آهيون، تڏهن ادب جي اُن تخليقي رَويي مان مُراد هوندي آهي جيڪو فڪر، نظام يا نظريي جي اعتبار(جبر) کان انڪار ڪري ٿو. “
”ادب جا تخليقي رويا بُنيادي طور تي ٻِن مُخالف رَوين تي مَدار رکن ٿا. مزاحمتي ۽ مفاهمتي ادب. معاشري ۾ رائج اُنھن فڪري ۽ جمالياتي رَوين سان مفاهمت جي لاءِ به ڪردار ادا ڪندو آهي، جنھن کي تخليقي رَويا سازگار بنائن ٿا. مطلب ته ادب رڳو مزاحمتي نه هوندو آهي پر مفاهمتي به ٿيندو آهي. مفاهمتي ادب اُنھن فڪري ۽ جمالياتي قدرن سان مفاهمت سيکاريندو آهي يا اُنھن جو گس ڏسيندو آهي، جيڪي سماج جي نظرن کان لِڪل هوندا آهن. مفاهمتي تخليقي رويا اهڙي ادب وسيلي اُنھن قدرن کي عام ماڻھن سان روشناس ڪرائيندا آهن، جن جي لاءِ سماج ۾ پھرين کان ئي مفاهمتي تصور موجود هوندا آهن. “
مون شاعريءَ جي شروعات مزاحمت سان ڪئي هئي. لاشعوري طور تي به رُومانس سان گڏ مزاحمت منھنجي رت ۾ شامل رهي آهي. جنھن جو اظھار مون عملي ۽ تخليقي طور تي پئي ڪيو آهي. مون شاعريءَ ۾ مزاحمت رڳو نعري بازي واري انداز سان نه ڪئي آهي پر اُن ۾ فن، فڪر، جماليات، علامت نگاري، ٻوليءَ جي نفاست ۽ پيشڪش جي انداز کي سدائين نظر ۾ پئي رکيو آهي.
دنيا جي مظلوم ملڪن جيان سنڌ ڌرتي به سدائين ٻاهران ڪاهي آيل ڦورن ۽ لُٽيرن جي لُٽ مار جو مَرڪز پئي رهي آهي ۽ سنڌي ماڻھو پُر امن ۽ پيار محبت سان جيئندڙ، سدائين غيرن جي غلامي جا ڳِچين ۾ ڳَٽَ پائي پئي ڏاڍ ۽ ڏِهڪاءَ جو شڪار رهيا آهن. پنھنجي ڌرتي تي رهندڙ سنڌي قوم جي اهڙي حالت ۾ مزاحمت ۽ مفاهمت جا جذبا ۽ ڪيفيتون گڏ گڏ پئي هلنديون رهيون آهن، جن جي مُسلسل اثر سنڌي ماڻهوءَ جي جيءَ ۾ بغاوت جي چڻنگ دُکائي سندس باغياڻن ذهنن ۾ مزاحمتي جولان کي پئي جَنميو آهي. اُن ريت ۽ رنگ جتي سنڌي قوم کي عملي ويڙھ لاءِ پئي اُتساهيو آهي اُتي قومي ڌارا ۽ ڌرتيءَ جا سُجاڳ فرد به پنهنجين تخليقي لکڻين ذريعي مزاحمت ڪندي عام ماڻھن کي پنھنجن شعرن سان پيا ڀڙڪائيندا رهيا آهن. اُن ڪري پيار، محبت، امن واري شاعريءَ سان گڏ مزاحمتي يا انقلابي شاعريءَ جي پڻ تمام گهڻي ضرورت رهي ٿي. مون پنھنجي جمالياتي شاعري سان گڏ مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري کي پڻ پنھنجي باغياڻي مزاج جو ڀرپور آواز پئي ڄاتو آهي. ڇو ته مون رڳو شاعري لکي پنھنجو فرض مُڪمل نه سمجهيو آهي پر عملي طور تي به پنھنجي وت ۽ وس آهر سنڌ جي هلندڙ جدوجھد واري تحريڪ ۾ اوسي پاسي ۾ ڪٿ نه ڪٿ شامل رهيو آهيان. اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌ سان ٿيندڙ ستر سالن جي ويڌن جي تاريخ، سالن جي حدن کي اورانگهي صدين جيڏي ڦهلاءُ ۾ ڦھلجي ذهن ۾ چڻنگون دُکائي، منھنجي تخليقي حِس کي مُتاثر پئي ڪندي رهي آهي، جنھن جي ردِ عمل ۾ مون سدائين پئي مزاحمتي شاعري ڪئي آهي. منھنجو پھريون مزاحمتي شاعريءَ جو مجموعو”سپنو سنڌو ديس جو” ۽ ٻيو”سنڌو ديس مَھان“هو. ۽ هاڻ هي ٽيون مزاحمتي شاعريءَ جو ڪتاب”سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ“پڻ ڌرتيءَ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف بغاوت جو تخليقي آواز آهي. هڪ شاعر هئڻ جي ناتي مان ڪڏهن به وطن ۽ قوم جي درد کان لاتعلق نه رهيو آهيان. ڌرتيءَ جي ڌڻين سان ٿيندڙ ناانصافين منھنجي وجود ۾ سدائين اوٿر اُٿاريو آهي ۽ ڀَڃ ڊاهه پئي ڪئي آهي. اُن ڀَڃ ڊاهه سدائين منھنجي مَنَ ۾ مزاحمت جي چڻنگ ٻاري، منھنجي شعور ۾ ڀَڀڙ ڀَڙڪائي منھنجي تخليق پڻي کي تحرڪ پئي بخشيو آهي. جنھن جي عيوض شاعري منھنجي وجود ۾ گُونجندي رهي آهي.
فرانس جي عظيم مصور پال گاگين جون سِٽون آهن ته: “ماڻهوءَ جي هَٿن جي حاصلات ئي ماڻهوءَ جي تَشريح آهي.”
۽ سچ ته شاعري ئي اصل منھنجي حاصلات آهي ۽ اُهائي منھنجي وجود جي ڀرپور تشريح پڻ. مون جھڙي تمام ننڍڙي ماڻهوءَ کي سمجهڻ لاءِ مون کي منھنجي شاعريءَ جي آئيني ۾ ئي پرکي سگهجي ٿو. باقي منھنجي هستي عام ماڻهوءَ واري مٽيءَ جو پنوڙو آهي، پر پوءِ به اُن مٽيءَ جي پِنوڙي مان جوڙيل وجود کي پنھنجي ديس جي دک، درد سان سلھاڙڻ ئي زندگيءَ جو اصل مقصد ڀانيان ٿو.
فريڊرڪ نٽشي چواڻي ته: “ماڻهو فخر سان جي نه سگهي ته فخر سان مري. “سو منھنجو به اِن ڳالهه ۾ پورو يقين آهي ته زندگي کي پيسو، ڏوڪڙ يا ڪارون، بنگلا اَمرتا ۽ اَڏولتا ڪين بَخشيندا آهن، پر اُهو وطن سان مُحبت جو جذبو ۽ پنهنجن مارُن ۽ مٽيءَ مٿان فخر ئي ماڻهوءَ جي وجود مان ڏِياٽيون ڏِياٽيون سُھائي پکيڙي سندس ذهن ۾ شعوراڻي فخر جي روشني ڦھلائي ڇڏيندو آهي. فخر ئي ماڻهوءَ کي زندگي ۽ موت جي اهميت ۽ افاديت کان واقف ڪري ٿو ۽ جياپي جي جنگ ۾ هارائي به ماڻھو فخر جو موت مري سگهي ٿو. ۽ منھنجي به دلي خواهش آهي ته زندگي ۽ موت جي وچ تي فخر جي لاٽ سان پنھنجي منظر کي روشني بَخشيان. اُن ڪري عملي زندگي کان وٺي تخليقي عمل تائين مان شاعريءَ وسيلي هڪ ذميوار ۽ سُجاڳ شاعر جيان پنھنجو فخر لائق حوالو بنائڻ چاهيان ٿو. اهڙو حوالو جنھن جو دليل منھنجي شاعريءَ ۾ مون کي پنھنجي پوري سگهه سان اُجاڳر ڪري بيھاري.
شيخ اياز پنھنجي شعري مجموعي “ڪپر ٿو ڪُن ڪري.” ۾ ڏاڍي زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته: “شاعريءَ کي پنھنجو اَنوکو مَنطق آهي جو ٻئي مَنطق کان وڌيڪ موهيندڙ ۽ مَڃائيندڙ آهي.” سو شاعريءَ بابت وڌيڪ لکڻ منھنجي وس کان مَٿاهون آهي ۽ آئون وڌيڪ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڪسوٽي پنھنجن پڙهندڙن تي ڇڏي، هن لِکڻيءَ کي پُڄاڻيءَ تي پُھچائي پاڻ پنھنجي منظر مان نِڪري، شاعريءَ جي پسمنظر ۾ پنھنجي پڙهندڙن سان گڏجي هلڻ چاهيان ٿو.
بخشل باغي
03003217411
7/7/2021