ديس جو شھزادو
رات ڪاريھر جيان ڦُوڪاريو
زهر جھڙا سڀ ستارا ٿي پيا
ننڊ کي نيراڻ ويئي آ ڪَکي
پَل ۾ سڀئي خواب پيلا ٿي ويا
پِرھ کان پھرين وَڇوڙو پيو وَڍي
ساھ اُونداهي نِپوڙي پَئي ڪَڍي
ديس جي دل سَرد ٿي وئي سانت ۾
سانت سُرمئي سانحو بڻجي وئي
سانحو ڪنھن سَپَ وانگر ٿو لڳي
رات واجهائي پئي واسينگ جيان
ٿو سُري احساس اهڙو روح ۾
ڪنھن کڻي ماکي ملائي ٽُوھ ۾
کُڙکُٻيتن جا اُجهامي خواب ويا
۽ پکين جي ننڊ ئي اُڊڙي وئي
وڻ آهن ماتمي سڀ ديس جا
اُڀ ساهي ٿي وئي آڪاس کي
زهر جي گولي لڳي هُو چنڊ پيو
اوڇنگارن جو ڇُلي آ سمنڊ پيو
هانءُ کي ڏاري ڇڏيندڙ ڏيک آ
موت کي ماري ڇڏيندڙ ڏيک آ
وقت کي واسينگ ويو آهي ڏَنگي
ڦَٿڪندي سڀ ساھ ٿا لمحا ڏين
هارجي رَنگن مٿان ڪاراڻ پئي
جو چِٽي، اُونداهه ٿي، چانڊاڻ وئي
ديس-شھزادو سُتل آ ننڊ ۾
ايتريون دانھون اُٿي ئي ڪين ٿو
ڳاڙهي جَهنڊي ۾ سُتو آهي پيو
هي شھيدِ سنڌ ٿيو ناهي فَنا
موت هُن کي ٻِيو جنم آهي ڏنو
روئي پيو آڪاس ڀي مَڙھ جي مٿان
ديس-ٻيڙيءَ جي جُهريل سِڙھ جي مٿان
ناوَ تَختا تَختا هُن جوڙِي اَچِي
وَنجهه ٻانھُن کي ڪري مانجهيءَ مَھان
جُوءِ کي جِيءَ سان جَلا بخشِي سَچِي
هُو ڪنڌيءَ ڏي ناوَ کي موڙي ويو
سڀ پُراڻا پَڳهه ھُو ڇوڙي ويو!
(شھيد بشير خان قُريشيءَ کي ڀيٽا)
*