مٺي جون مٺيون يادگيريون: ويرجي ڪولھي
مٺو مهيري نظرياتي طور شهيد فاضل راهوءَ جو پيروڪار هو. ان ڪري هارين، مزدورن، ڪڙمين سان بنا ڪنهن فرق جي هڪجھڙو ورتاءُ ڪندو هو. ساڻن بيحد پيار ڪندو هو. انهن کي پنهنجو سمجھندو هو. مٺي مهيريءَ سان ملاقاتن جو سلسلو هونئن ته 1996ع کان، منهنجي عوامي تحريڪ سان ويجھڙائي دوران ئي شروع ٿيو هو. عوامي تحريڪ جو ھر ڪارڪن مٺي سان بي انتها پيار ڪندو هو، پر گھرو تعلق سائين حفيظ ڪنڀر جي معرفت جڙيو، جڏهن اسين پهريون ڀيرو گڏجي سندس ڳوٺ ويا هئاسين. ان رات سندس ڳوٺ ۾ يادگار ڪچهري ٿي هئي. پوءِ ساڻس اهو دوستيءَ جو تعلق آخر تائين قائم رهيو. مٺو مهيري هڪ معتبر ۽ نظرياتي سياسي رهنما هو. ايم آر ڊي تحريڪ جو سچو کاهوڙي ڪارڪن هو. ان دور ۾ جيلن ۽ ڦٽڪن کان پچي راس به ٿيل هو. هو سڄي ڄمار شهيد فاضل راهو جي نظريي سان سلھاڙيل رهيو. پاڻ خانداني طور زميندار هوندي به جڏهن به اسين سندس ڳوٺ ملڻ ويندا هئاسين ته ان دور ۾ يونين ڪائونسل جو چيئرمين هوندي به ڪا وڏائي يا ڏيکاءَ وارو لکاءُ پوڻ نه ڏيندو هو. هو نج ۽ خالص هڪ عوامي ڪردار هو. هاري ناري، غريب غربي سان هن جو کل خوشيءَ وارو تعلق هو.
صادق فقير جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي مٺيءَ ۾ اسين گڏيا هئاسين. مٺيءَ ۾ ماني کائي، پوءِ ننگرپارڪر، ڌناگام ويا هئاسين. ان رات به هن سان ڪچهري يادگار رهي. مٺي سان ڪچهري ڪجي ۽ يادگار نه هجي ته جھڙو ڪر ڪچهري هئي ئي نه! سڄي ڳوٺ جا نوجوان توڙي ٻڍا مٺي مهيريءَ جي ڳالھين مان لطف اندوز ٿيندا رهيا. هو ڪچهريءَ جو هونئن به ڪوڏيو هو. هر طرح جي موضوع تي دلچسپيءَ ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڳالھائڻ جي مهارت رکندو هو. ان دوري ۾ محمد ميمڻ، حاجي ساجن، مصطفيٰ اياز وغيره به گڏ هئا. گيت، شاعري، چرچي گفتي، ساروڻين سان سڄي رات ڀرپور ڪچهري هلندي اسان کي صبح ٿي ويو، ڪو به ماڻهو ڪچهريءَ مان ڪونه اُٿيو هو. جڏهن مٺي جي تاريخ جي وضاحتن ۽ نظرياتي ڳالھين تي ڪچهريءَ جا دوست بور ٿيڻ لڳندا هئا، ته يڪدم هو کٻڙ چانگ جي شاعري ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. کٻڙ جي گارين ڀري شاعريءَ تي ٽهڪڙا مچي ويندا هئا. ياد رهي ته کٻڙ چانگ قومي مزاحمتي شاعريءَ سان گڏ اردوءَ جي مزاحيه شاعر مرزا باقر علي چرڪين جيان مزاحيه ۽ گاريال شاعري به ڪئي آهي... اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو اڃا تائين مٺي جي ڪچهري ۽ گفتن جي سحر مان نڪري نه سگھيا آهن.
مٺو، شاهه لطيف جو ياد حافظ، عالم هئڻ سان گڏ اياز کي سهڻي نموني ڳائيندو هو. ٻنهي عظيم شاعرن جي ڪيتري ئي شاعري کيس برزبان ياد هئي. پارڪر گھمندي جتي هو ٽڪريون، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، وليون، فطري نظارا ڏسندو هو ته عالماڻي ۽ رومانوي انداز ۾ شاندار نموني تشريح ڪندو هو، ڄڻ ته لطيف يا اياز خود شاعريءَ سان گڏ اسان جي سامهون بيٺا هجن ۽ سندن شاعريءَ جو خيال ڄڻ انهن نظارن ۾ گھمندي اسان ڏسي رهيا ھجون. صبح جو سوير ڳوٺ جي وچ ۾ ترائيءَ جي ڪنڌيءَ تي کوهه مان عورتون پاڻي ڀري رهيون هيون. ڀرسان جبل جي ڪڇ ۾ گھاٽي وڻڪار هئي. مور ۽ ڊيلون ٽولا ٺاهي گھمي رهيا هئا. عورتون ٻيلھڙا کڻي ڀرسان وڃي رهيون هيون. اهو نظارو ڏسندي هن شيخ اياز جو غزل وڏي آواز ۾ ڳاتو هو:
تتيءَ ۾ گھڙو ڪا ڀري ٿي پئي،
ٿري سُونهن چمڪا ڪري ٿي پئي!
اهو ڪانڌ ڪهڙو، انهيءَ کي ڏسون،
سهاڳڻ ته ٻهه ٻهه ٻري ٿي پئي!
اُٺي جي هوا ۾ کنيا مور پَر،
ڊُڪي ڊيل هر هر ٺري ٿي پئي!
سکيءَ کي ڏجي ساھ گھوري ” اياز“
مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي.
هي غزل مٺي اهڙو ته مٺڙي آواز ۾ ڳاتو، جو سموري ماحول تي سحر طاري ٿي ويو. ان وقت مون مٺي سان حجت ڪندي، اهو چيو ته اوهين اديب شاعر، ڪنهن عام غريب قبيلي جي عورتن کي شاعريءَ ۾ موضوع ڇو بڻائيندا آهيو؟ ڇا سونهن صرف انهن ڪوجھين ريٻارڻين، ڪولھين ۾ وڃي بچي آهي؟ ان تي مٺي کلندي وراڻيو هو ته، ان تي توکي ذرو به ڏک نه ٿيڻ کپي، البت ڪاوڙ ته انهن کي اچڻ گھرجي، جن کان وڌيڪ سونهن جي تعريف اِنهن قبيلن جي ڪري ٿو، جنهن جو مطلب اهو به نڪري ٿو ته، سندن ذاتين ۾ ايتري سونهن نه آهي، ان ڪري هو انهن قبيلن جي عورتن کي شاعريءَ ۾ نٿا ڳائين! پوءِ لطيفن ۽ کِل ڀوڳن ۾ جبل گھمي، واپس اوطاق پهتا هئاسين.
شهيد فاضل راهوءَ جي ورسيءَ تي جڏهن به 17 جنوريءَ تي راهوڪي ويندا هئاسين ته پري کان مون کي ڏسي وٺندو هو ۽ اسپيڪرن جي ڊگھي لسٽ ۾ منھنجو نالو به هڻي ڇڏيندو هو. پاڻ گھڻو ڪري اسٽيج سيڪريٽري هوندو هو، ان ڪري مون کي سڏائڻ کان اڳ ۾ ننگرپارڪر، ڪارونجھر، امر روپلي ڪولھيءَ جي تعريف سان خوبصورت تمهيد ٻَڌندو هو.
سال2001ع کان 2004ع تائين، حيدرآباد ۾ پڙهائيءَ واري عرصي دوران، اسان امر روپلي جي سالياني ورسي ملھائڻ شروع ڪئي هئي. حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ورسيءَ جي تقريب هئي. پاڻ آيو ۽ تقرير ۾ چيائين ته، ”روپلو سڄي سنڌ جو هيرو هو، اوهين جھڙيءَ ريت هن جي ڪولھي هجڻ تي فخر محسوس ڪريو ٿا، تيئن آئون به روپلي کي پنهنجو مائٽ سمجھان ٿو. ان ڪري منتظمين کي گذارش ٿو ڪريان ته آئينده حيدرآباد کان ننگرپارڪر تائين جتي به روپلي جي ورسي ملھائي وڃي، مون کي اطلاع ڪجو، آئون اکيون پير ڪري اچي حاضر ٿيندس. مون کي اتي پهچڻ ۾ خوشي ٿيندي.“
مون سان مٺو جتي به ملندو هو، ته پري کان ئي ڪڇي ميواسي گاڏڙ پارڪريءَ ۾ ڳالھائي ملندو هو ”... مارو مٺو آيو ڇي...“ سندس لھجو دل کي وڻندڙ هوندو هو. پاڻ جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته مون کي فون ڪري ملڻ ايندو هو. پوءِ سانجھي ٿيندي هئي ته گلاس سجائي ڪچهريءَ جا ڳوٺ اڏيندا هئاسين. اڪثر ڪري سائين حفيظ ڪنڀر به گڏ هوندو هو، جتي سماج، ادب، شاعري ۽ لوڪ ڪردارن کان ويندي وچ وچ ۾ ڀٽائيءَ جا بيت پڙهي ڪچهريءَ کي وڌيڪ خوبصورتي بخشيندو هو. چوندو هو ته تو وٽ دل کولي ڪچهري ڪرڻ وارو پرسڪون ۽ محفوظ ماحول آهي، ان ڪري ايندو آهيان ۽ دل سان ڳالھائيندو آهيان، ۽ آئون وري دل جي ڪنن سان کيس ٻڌندو هوس.
هڪ ڀيرو آئون، سائين حفيظ ڪنڀر ۽ ٻيا ڪجھه دوست مٺي وٽ ڪڙئي گھنور ويا هئاسين. ان ڏينهن ڪڙئي جي وچ بازار ۾ مٺي جو هڪ قمبراڻي دوست مليو، جيڪو سندس همعمر هئڻ سان گڏ دلبر يار پڻ هو. پورهيت مزدور هو. مٺي جي پورهيتن، هارين، مزدورن سان محبت هوندي هئي. گاڏيءَ مان لھي، هٿ جون آڱريون کولي، گھروڙي قمبراڻي مزدور جي نڪ تي زور سان بُجو رکيائين. پريان کان به اهڙي ئي موٽ مليس. اهي کل ڀوڳ، گاريون، هڪ ٻئي تي لفظن جا تير، نڪ تي بُجا رکڻ واريون تصويرون سائين حفيظ ڇڪي ورتيون هيون، جيڪي پوءِ سوشل ميڊيا تي تمام گھڻيون مشهور ٿيون هيون. اسين گاڏيءَ ۾ ويهي اهو نظارو ڏسي کلي رهيا هئاسين. بازار سڄيءَ جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. سڀ کلي کلي واپس وريا هئا. ائين مٺو هلندي هلندي بازار ۾ مرڪون ۽ ٽهڪ ورهائيندو ويندو هو.
آئون حيدرآباد مان پنڌ ڪري ڪيئي ڀيرا پنهنجي پياري دوست ۽ منهنجي گھر واري ڀاڳونتيءَ جي راکي ٻَڌل ڀاءُ مصطفيٰ اياز مهيريءَ سان ملڻ ويندو هوس، پر مصطفيٰ توڙي مهيري خاندان جو وڏو مٺو مهيري هوندو هو. جڏهن هو اوطاق تي اچي ويهندو هو ته مصطفيٰ احترامن ڪچهري ڇڏي خدمت چاڪريءَ ۾ لڳي ويندو هو. پوءِ مٺو پنهنجي ڏات جي خوشبو پکيڙيندو هو ۽ ڪچهريءَ کي جاري رکندو هو.آخري ڀيرو، ٻه ٽي سال کن اڳ، سائين حفيظ ڪنڀر ۽ سندس گھر واري (ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه) سان گڏ سندس ڳوٺ ڪڙئي گھنور ويا هئاسين. جيئ ن اوطاق تي پهتاسين ته مٺي اسان کي اوطاق تي لھڻ نه ڏنو. پاڻ گاڏيءَ جي اڳيان تيز تيز پيادل هلندو رهيو، اسان پويان گاڏيءَ ۾ ويٺا رهياسين ۽ سڌو گھر جي ٿلھي ڀرسان گاڏي بيهاري. سڀني گھر وارن سان ملرائي، چانهن پياري، پوءِ اوطاق تي وٺي آيو هو. اوطاق هونئن ئي مهمانن جو پسنديده مسڪن آهي، جتي ڪچهريءَ ۾ حفيظ ۽ مٺي سڄي تاريخ ۽ ڏاهپ کي اسان جي اڳيان پيش ڪيو هو. بيشڪ مٺو مهيري هڪ بهترين دوست، محبوب سياسي رهنما، پورهيت، انسان دوست ۽ يار ويس شخصيت هو. اهڙن ماڻهن تي ديس ۽ ڌرتي به رشڪ ڪن ٿا . هاڻ به هو اسان جي دلين ۾ پنهنجي آواز، ڪچهرين، يادن جي صورت ۾ زندھ آهي ۽ رهندو.
ڀڳت ڪبير اهڙن ماڻهن لاءِ ڪيڏو نه شاندار چيو آهي:
جب آئي جگت ۾، لوڪ هنسي، تم روئي،
اب ايسي ڪرني ڪر چلو، تم هنسو، جگ روئي!