مٺو مهيري: سر سارنگ جي بيت جھڙو ڪڪر!: ايوب گل
مون ڏٺو ته سنڌ جي آسمان مان سج جو ڦُل ڇڻي ڪِري پيو آھي ۽ هر طرف اوندھ انڌوڪار آھي ۽ ٿورڙا ڪي تارا انهيءَ ڪاري ٻاٽ سان وڙھي رهيا آھن. چنڊ جون ٻڌان ٿو ته پڇاڙڪيون راتيون آھن، سو انهن ڪجھه تارن مان ئي ٽانڊاڻي جي کنڀ جيتري سوجھاڪي جي اميد آھي، سي به گل گل ٿي اڀ مان ڇڻڻ شروع ڪن ٿا ۽ گَھري اونداهي هر شيءِ کي ڳيهي وڃي ٿي ۽ خوف کان منهنجي اک کلي پئي هئي. تڪڙ ۾ بستر مان اٿي دريءَ جو پردو سيري ٻاهر اُڀ ۾ ڏٺو هئم، جتي اڃا ڪي تارڙا اوندھ سان جھيڙيندي نظر آيا هئا ۽ مون جيڪي خواب ۾ تارا ڇڻي گم ٿيندي ڏٺا هئا، انهن تي سوچيندي نه ڄاڻ ڇو مون کي ماما جمن ۽ مٺو مهيري شدت سان ياد اچڻ لڳا هئا. اڃا ڪالھه ڪالھوڻي ڳالھه آھي، مٺي مهيريءَ سان سندس ڳوٺ ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ اها اسان جي هن فاني جڳ ۾ آخري ملاقات هئي!
”ٻيهار به ملنداسين
ڪنهن ڏور ستاري تي
ٽيهار به ملنداسين!“
آئون اٿاھ ڏک جي وقت هميشه شاعريءَ جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان، بلڪه اسان مان گھڻا ماڻھو غم جي گھڙين ۾ شاعريءَ جو هٿ پڪڙيندا آھن. مٺو مهيري ته پنهنجي وجود ۾ سر سارنگ جي ڪنهن بيت جھڙو هڪڙو ڀريو ڪڪر هو، جيڪو سدائين گلن ۽ خارن تي ساڳي دل سان وسندو رهيو. سندس شخصيت جا ڪيترائي رخ هئا پر مون کي سندس ذات جو شاھ سائينءَ سان عشق وارو رنگ سڀ کان وڌيڪ وڻندو هو، ڇاڪاڻ ته شاھ سائينءَ جي ڪلام تي سڀ کان وڌيڪ اثر لاڙ جي ٻولي ۽ لھجي جو رهيو آھي ۽ مٺو مهيري انهيءَ لاڙ جو هڪڙو لائق پٽ هو جنهن ڪري هن جي لطيف جي ڪلام تي دسترس هئي. هو ڀٽائيءَ تي ايئن ڳالھائيندو هو ڄڻ اڳلي جنم ساڻس گڏ ڏِسون ڏوريندڙ ڪو جوڳي فقير رهيو هجي يا بڙ جي ڍوري جو اهو وڻ هجي جنهن جي گھاٽي ڇانوَ ۾ ڪڏهن ڀٽائي گھوٽ ننڊ ڪئي هئي.
جڏهن هڪ عوامي ڪارڪن طور سندس شخصيت جو ڇيد ڪرڻ ويهبو ته هو جاڳ جو استعارو محسوس ٿيندو ۽ ذاتي ڪچھرين ۾ هن جي هر گفتي ۾ هڪڙو زندگيءَ سان ٽمٽار ٽھڪ ويڙھيل ملندو. آئون جڏهن هِن ماڻھوءَ سان دل جي سڱ جي عمر سنڀالڻ ويهان ٿو ته منهنجي ٻاهران يادگيرين جو گھاٽو ٻيلو پکڙجي وڃي ٿو. مصطفيٰ اياز مهيريءَ سان اها پهرين ملاقات ۽ پوءِ هُن جي ڳوٺ جا پنڌ ... لاڙ جي ڳاڙھن چانورن جون مانيون ... مٺي مهيريءَ جا آلاپ، مرحوم صالح مهيريءَ جا چرچا، علي خان جون ارڏايون ۽ ڏاڏُون سان گارين جا اهي مقابلا ۽ ٽھڪڙا... اهو وقت نه هو ڄڻ ته خوشين جو هڪڙو هاڪڙو درياھ هو جيڪو هاڻ پنهنجن ڪنارن جي وچ ۾ مري ويو آھي. انهن ڏينهنِ ۾ آئون ۽ اختر حفيظ هر مهيني جي پهرين موڪل ڳوٺ چاڪر مهيريءَ ۾ خرچ ڪرڻ ويندا هئاسين ۽ انهيءَ زماني ۾ اسان وٽ خرچ ڪرڻ جي لاءِ رڳو وقت ئي کيسي ۾ پيل هوندو هو باقي پئسا خرچڻ لاءِ مصطفيٰ اياز کي ڳوليندا هئاسين. اخباري نوڪريءَ جي انهن بدترين ڏينهنِ جا خوبصورت پل جيڪڏهن ڪي آھن ته اهي پنهنجي يا مٺي مهيريءَ جي ڳوٺ ۾ گذاريل پل آھن، باقي سڀ ڏينهن شامن جي آزاديءَ کان خالي. ڄڻ آکاڻين وارا ڪنڌ وڍيل ديوَ هئا جيڪي پنهنجين ڀيانڪ يادگيرين جو ڪارو دونهون پٺيان ڇڏي گذري ويا آھن. اسان جي مصطفيٰ اياز، علي خان ۽ صالح سان وڌيڪ ويجھڙائي رهي ۽ سائين حفيظ ڪنڀر مٺي سان ويجھو هو. شايد عمر جو تفاوت يا احترام هو جنهن مٺي مهيريءَ کان اسان کي وٿيرڪو رکيو ٿي. هونئن نه ته ڪچھرين ۾ ھِن شخص ڪڏهن اسان کي ننڍ وڏائيءَ جو احساس ٿيڻ ڏنو ۽ نه وري روائتي ادب آداب جو قيد وچ ۾ آندائين. اهو ئي سبب هو جنهن ڪچھريءَ ۾ گڏ ويٺو انهيءَ جو محور بڻجي ويو. مون کي سندس سياسي سفر جي ته گھڻي ڄاڻ ناهي پر ذاتي زندگيءَ بابت جيترو معلوم آھي ان مطابق هو هڪڙو آدرشي عاشق، سنڌ جو گائڪ ۽ وطن پرست هو. اهوئي سبب آھي جو سندس سڏ ۾ سنڌ جي تنوار نمايان رهندي هئي. هو ميرڙن ماڻھن سان ڀاڪرين ملڻ ۾ عيب محسوس نه ڪندو هو. ڳالھه ۽ ڪردار ۾ ھڪڙو چٽو ۽ کَرو ماڻھو هو يا ايئن چوان ته هو ڀٽائيءَ جي ڳايل ماڻھن مان هڪڙو ماڻھو هو. سندس ڳالھيون لکڻ کان گھڻيون آھن ۽ رات جي هن اويلي پهر منهنجي دل هُن سميت سنڌ جي آسمان مان ڇڻيل تارڙن جي ڏک سان ڀريل آھي، ان ڪري لکڻ لاءِ لفظ ۽ روئڻ لاءِ اکيون ساٿ نه پيون ڏين. ڪي چار گونگا لڙڪ اکين جي پڇڙين ۾ اٽڪي بيٺا آھن۔ آئون اڌ آلين اکين سان دريءَ کان ٻاهر اونداهي آڪاش ۾ ڏسي رهيو آھيان جنهن ۾ ڪي تارن جا ڦل اڃا ٽڙيل آھن۔ آئون سوچيان ٿو جيڪڏهن مٺو مهيري به سنڌ جي آسمان جو هڪڙو تارو هو ۽ اڄوڪيءَ رات پنهنجي کير ڌارا مان گم ٿي ويو آھي ته ڇا ڀاڳ جِي، ٻِي ڪنهن رات هو ٻيهر اڀري نه ايندو!؟