سنڌي ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ شامل ڇو ٿا ٿين ؟
ماضيءَ ۾ جڏهن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلي جنهن ۾ اديب، شاعر، دانشور ۽ قوم پرست ڌرين ڀرپور مهم هلائي، قومي سوچ کي اجاگر ڪيو. ايتري ۾ ڀٽو صاحب ايوب سرڪار کان ڌار ٿي عوامي نعرو هڻي ميدان ۾ آيو. ايوبي مارشل لا خلاف اڳ ئي نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان ۾ نفرت زور وٺي چڪي هئي. رڳو ٻرنديءَ تي گاسليٽ هارڻ جي ضرورت هئي، جيڪو ڪم ڀٽي صاحب ڪيو. ڀٽو هڪ عوامي قوت ٿي اڀريوته قوم پرست ڌريون ڪي ڀٽي جي انقلابي دلفريب نعري ۾ اچي ڀٽي سان گڏجي ويٺيون ته ڪي پس منظر ۾ هليون ويون. آخر ون يونٽ ٽٽو، چونڊون ٿيون، يحييٰ خان اقتدار ڀٽي جي حوالي ڪيو پر بنگال وڃائي پوءِ. جن ماڻهن ڀٽي جي انقلابي نعري سوشلزم جي پروگرام کي ڏسي پيپلز پارٽي جي حمايت ڪئي هئي سي حڪومت ۾ وڏيرن جي شموليت کي ڏسي پاسيرا ٿي ويا. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، مولانا عبدالحق رباني نصرپور وارو جنهن ڀٽي جي حق ۾ فتويٰ ڏني هئي ته ڀٽي جو اسلامي سوشلزم غيراسلامي نه آهي. ابراهيم منشي، شهيد فاضل راهو ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو سچ چوڻ جي ڏوهه ۾ جيلن ۾ واڙيا ويا جو منشيءَ کي ئي چوڻو پيو ته:
ويون انصاف جون واهون، پيا مسڪين ڪن دانهون
ڪيا جن قول ٿي ڪيڏا، هر هر کڻي ٻانهون
وزارت جون وٺي ڪرسيون، ڪري ويا پير سڀ پانهون
ٿيو پڌرو اڇو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو
وڏيرن جو وريو وارو ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو!
اهڙن شعرن لکڻ جي پاداش ۾ منشيءَ جھڙن قومي شاعرن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري کين جيلن ۾ واڙيو ويو. پريس اينڊ پبليڪيشن جھڙا ڪارا قانون ٺاهي سنڌي رسالن ۽ اخبارن تي بندشون هنيون ويون. طارق اشرف جھڙي سهڻي رسالي جي ايڊيٽر کي قيد رکيو ويو. خير، ڀٽي صاحب جو دور پورو ٿيو ته ضياء آيو. ضياء ڇا آيو، سڄي سنڌ تي قيامت ڪڙڪي پئي. ڀٽي کي ڦاسي تي لڙڪائي سنڌي ماڻهن جون زبانون بند ڪيون ويون. ڦٽڪن ۽ ٽِيپن جو اڻکٽ سلسلو هلي پيو. سنڌ جي جھوني شاعر مجيديءَ کي چوڻو پيو ته،
روپ نگر جي راڻي آهيان، سنڌ
منھنجو آهي ڪڇڻ پڇڻ بند.
سنڌ جو ڪڇڻ پڇڻ بند ڪيو ويو، تان جو ضياء کي ڌڻيءَ مٿان ئي مٿي گھرائي ورتو، تڏهن وڃي سنڌي ماڻهن ۾ ساهه پيو. ايتري نفرت جو ڪنهن جي مرڻ تي خوش نه ٿبو آهي پر ضياء جيڪي سنڌي عوام جا ڪونڌر ڪٺا، ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌي ڳوٺن تي بمباري به ڪرائي وئي، تنهن ڪري آڪاش انصاريءَ کي هيئن چوڻو پيو ته، ”زندگيءَ جي ذليل گھڙين ۾، ضياء جي موت جي خبر آهين.“
ضياء پنهنجو وارو وڄايو ته وڏي لاڏ ڪوڏ سان سنڌ جي گادي ڌڻين کي شڪستون ڏيئي شهيد جي نياڻيءَ کي ووٽ ڏيئي مسند تي ويهاريو ويو ته به سنڌ جي سورن ۾ ڪمي ڪانه آئي.
سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان
سُکن جي سيد چئي پُکي آئون نه پياس
جيڪر آئون هياس، گري گوندر ول جي.
وري به ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه، ساڳيا وڏيرا جيڪي ضياء وٽ شوريٰ جا ميمبر هئا سي ٻه اکر بيان جا ڏيئي بينظير سان گڏجي ويا.
مون کي ياد آهي ته نصرت ڀٽو جي اڳيان ٻيهر ٽيهر پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت وقت ٽنڊي محمد خان جي مير اعجاز علي ٽالپر، لطيف جون هي سٽون پڙهيون... ”جتي اوهان ڇڏيون اتي ئي آهين!“ ڪو پڇاڻو ڪونه، ڇو ته ساڳيا جاگيردار، وڏيرا هر سرڪار جي ضرورت، پوءِ اها فوجي حڪومت هجي، جمهوري حڪومت هجي، ڪهڙي به روپ ۾ هجي، ساڳيا خاندان ناظم به آهن. مشرف سرڪار ضلعي حڪومتون ٺاهيون ته، ناظم ڪير ٿيا؟ مخدوم، سيد، پير، سردار ٿيا. ڪهڙو غريب ماڻهو ٿيو؟ ڪو به نه.
ڳالھه مثال ڏيندي ڊگھي ٿي وئي، اصل ڳالھه تي ٿا اچون ته هاڻي ته هي صورتحال آهي ته، پيپلز پارٽي جيڪا ملڪ جي واحد وڏي پارٽي وفاق جي زنجير ليکي ويندي هئي، تنهن جي گڏيل ميمبرن تي موجوده سرڪار ائين بيٺي آهي جيئن ڍڳي جي سڱن تي ڌرتي بيٺي آهي. پيپلز پارٽيءَ کي پاڪستان جي ٻين صوبن مان ٽپڙ کڻائي پنهنجي اصل وطن سنڌ ڀيڙو ڪيو ويو آهي، جنهن جناب نثار کهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ اچي پليجو صاحب جي پاڙي ۾ لڏ لاٿي آهي. هاڻي ٿل ڪئنال جي جدوجھد تي گذر سفر آهي ۽ اڳتي به رهڻو آهي. وري قوم پرست ڌرين ۾ اهڙي ٻڌي جو ڇا چئجي، هينئون ٺريو پوي!
قومي ٻڌيءَ جو ثبوت تازو ٿل ڪئنال خلاف ڪڍيل ريلي ۽ ماتليءَ جي جلسي ۾ مليو. ان جلسي ۾ جيڪي هڪٻئي کي عزتون ڏنيون ويون، ان تي جيتري خوشي ڪجي سا گھٽ آهي. اصل دشمن لاءِ داغ آهي! هاڻي هي حال آهن قومي جمهوري ڌرين جا پوءِ ڇا. ڪجي؟ هي هڪ سوال اڻ حل ٿيل آهي جنهن تي سڄي قوم کي ويچار ڪرڻ گھرجي، خاص ڪري پروفيسر مشتاق ميراڻي ۽ حيدر علي لغاري جھڙن بي داغ ماڻهن کي.
جيتري قدر متحده جي ڳالھه آهي ته اهي پنهنجي ورڪرن جي، ماڻهن جي پاڻ مالڪي ڪن ٿا، وزير انهن جا پابند آهن ته هو زونل آفيسن ۾ ويهن ۽ ڪارڪنن سان گڏ ويهي ڊيوٽيون ڏين. ڪارڪنن جي چوڻ تي عوام جا ڪم ڪاريون ڪن. ڪارڪنن سان گڏ ويهي گلم تي دال ڀت کائين، قرب محبت سان پيش اچن، اهو انهن جي ڊيوٽيءَ ۾ شامل آهي. تازو ايم ڪيو ايم جي ثقافت واري وزير شبير قائمخاني سنڌ جي شاعرن ابراهيم منشي، لاڙ جي پورهيت بيمار شاعر مبين پنائيءَ کي گھر وڃي امدادي چيڪ ڏنو، جنهن تي مبين پنائيءَ جي پٽن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. چوڻ جو مقصد ته ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان عوام سان ويجھي رابطي ۾ آهن. سنڌ ۾ سواءِ ٺٽي جي شيرازين جي، ٻيو ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو عوام سان گڏ هجي. سو هاڻ ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته قبول اهو پوندو جيڪو عوام سان ڏک سور ۾ گڏ هوندو، باقي ڪوڙن نعرن جي آسري تي هڪڙو پورو نسل فنا ٿي ويو آهي.
سنڌي ماڻهن وڏيرن جي ڪوڙن ڏٽن کان بيزار ٿي فراريت اختيار ڪئي آهي. جي پنهنجي ليڊر شپ ۾ افعال هجي ته ڌارين جي پويان وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اسان وٽ سنڌي قوم جا اڳواڻ رئيس ۽ وڏيرا جيڪي عوام کان ووٽ وٺي پوءِ وري لوڻو به ڪونه هڻن، عام ووٽر کي پنهنجو هاري سمجھي وساريو ڇڏين. ڪم لٿو ڪاڳر ڦاٽو. ميمبر ۽ وزير اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جا وڻ وسائين ته وري واپسيءَ جو رخ نه ڪن. عياشين ۾ راتيون گذاري ڏينهن جو ننڊون ڪن، عوام وڏيرن جي درن تان ڌڪا کايو موٽي اچي. مجيديءَ اهڙن وڏيرن لاءِ چيو آهي ته:
”تون ته گھرين ٿو ڪرسي، هي گھرن ٿا اٽو،
اچون تنهنجي بنگلي تي نوڪر چون هٽو “
پر جي ڪنهن کي ڪو وڏيرو ڀاڳن سان مليو ته چوندو: بابا اوهان مون کي ووٽ ٿوروئي ڏنا آهن . اوهان ووٽ ڏنا آهن جيئي ڀٽو کي ۽ ڪم به ان کان وٺو. موجوده سنڌ سرڪار ۾ ته لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ سنڌ جي ڪا نمائندگي ئي نه هجي. نڌڻڪا گھوڙا غيباڻا سوار هجن ته پوءِ خودڪشي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ وڃجي، جتي ٻيو ڪجھه نه، ته به عزت ته آهي. هونئن اهي آهن بيماري پر ان جو ڪارڻ سنڌ جو سياستدان آهي نه ڪي عوام، نه ئي سياسي ورڪر. باقي اليڪشن ۾ جيئرن جون فاتحائون ڪري ووٽ وٺڻ جو دور نه رهيو آهي، هاڻي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي.
(روزاني تعمير سنڌ ، ڇنڇر 19 جولاء 2003)