انگريزي ۽ سنڌي اُچار وارو سفر
نيل آرمز اسٽرانگ ٻه لک چاليهه هزار ميلن جو خلائي سفر ڪري چنڊ تي پهتو. مون کي حيرت نه ٿي. پر الطاف جڏهن ويهه هزار ميلن جو سامونڊي سفر ڪري ويسٽ انڊيز پهتو تڏهن مون کي سخت حيرت ٿي. سمورن دوستن کي حيرت ٿي.
اسين سنڌي، چوندا آهن ته، ڪنهن اڻڄاتل سبب ڪري سفر نه ڪندا آهيون. اسين فقط انگريزي اُچار وارو سفر (Suffer) ڪندا آهيون. اسين اقتصادي، معاشي ۽ ثقافتي طرح انگريزي اُچار وارو سفر (Suffer) ڪندا آهيون.
الطاف شيخ ڪولمبس ناهي. پر هن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آهي (سنڌي اچار وارو سفر). اسان منجهان جڏهن ڪو نوجوان سنڌي اچار وارو سفر ڪندو آهي، تڏهن اسان جا مائٽ انگريزي اچار وارو سفر ڪندا آهن. دنيا جي فقط هڪ سرحد آهي. اها سرحد دنيا جي ابتدا ۽ اها ئي سرحد دنيا جي انتها آهي. الطاف دنيا جي سرحد ڏٺي آهي. هو جڏهن به سفر تان موٽندو آهي، تڏهن کانئس ساڳيو سوال ورجائي پڇندو آهيان ته: “هن دفعي دنيا جي ڪهڙي ڪهڙي حصي ۾ سنڌي ڏسي آيو آهين؟”
الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آهي. تنهنڪري، هو دنيا جي جنهن به حصي ۾ ويندو آهي، اتي سنڌي سٻاجھڙن جي ڳولا ڪندو آهي. سندس کوجنا اڪثر ڪري بر صواب ٿي آهي. هن سنڌين کي پرديس ۾ سکيو ستابو ڏٺو آهي. هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، سنگاپور، بيروت، وچ مشرق، يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ سنڌين جا دڪان، هوٽلون، ڪارخانا ۽ واپار جون منڊيون ڏٺيون آهن. مان الطاف جون ڳالهيون ٻڌي سوچيندو آهيان ته اسان منجھان اهڙو ڪو مڙس ماڻهو شل نروار ٿئي، جيڪو سڪَ جو سڳو کڻي نڪري ۽ سموري دنيا جي سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي ڇڏي.
الطاف شيخ جي سفرنامن کان اڳ جيڪي سفرناما سنڌيءَ ۾ شايع ٿيا آهن، تن ۾ گھڻو ڪري مغربي تهذيب جي گلا، عورتن جي آزاديءَ تي اعتراض، پڙدي جي غير موجودگيءَ تي افسوس؛ ۽ سموري دنيا تي مسلمانن جي قبضي نه هئڻ جو ارمان ڪيو ويو آهي. اهي دقيانوسي سفرناما، سفرناما گھٽ تبليغي جماعت جا بليٽن وڌيڪ محسوس ٿيندا آهن. اهڙا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ لازمي انگريزي اچار وارو سفر (Suffer) محسوس ڪندو آهي. شاهد موجود آهن ته اهڙن سفرنامن جا ڪمپازيٽر، ڇاپيندڙ ۽ پروف ريڊر اڄ ڏينهن تائين انگريزي اچار وارو سفر ڪري رهيا آهن ۽ سنڌي اچار واري سفر کان بيزار آهن.
الطاف شيخ تبليغ بدران جديد تقاضائن موجب لکيل سفرناما ڏنا آهن. هن سادن جملن ۽ دلفريب ڪهاڻين رستي پرڏيهي تمدن، تهذيبن، ٻولين، تاريخ، جاگرافي ۽ عام معلومات جي اپٽار ڪئي آهي. الطاف شيخ جا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته هيءَ دنيا اوپري نه آهي. الطاف جي سفرنامن، پڙهندڙ جي دل وٺي ڇڏي آهي. هو سنڌيءَ جو اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن کي ڪيترن ئي پڙهندڙن طرفان خط ملندا آهن، جن ۾ کانئس ٻاهرين ملڪن جي باري ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا، نوڪرين ۽ پڙهڻ جي مسئلن ۽ وسيلن متعلق معلومات ورتي ويندي آهي. ان مان هڪ طرف الطاف شيخ جي شهرت ۽ ٻئي طرف نئين نسل جي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو. هن اڪيلي سر لاتعداد نوجوانن جي دلين ۾ ٻاهرين دنيا ڏسڻ جو جذبو وڌو آهي. اهو سندس تحرير جو وڏو ڪارنامو آهي. الطاف شيخ کي ۱۹۷۰ع ۾ ‘پاڪستان رائيٽرس گلڊ’ طرفان سندس سفرنامن جي ڪتاب ‘منهنجو ساگر منهنجو ساحل’ تي ادبي انعام ملي چڪو آهي.
امر جليل، جون ۱۹۷۹ع، ڪراچي