سنگاپور ايندڙن لاءِ هڪ نصيحت
خبر پئي ته هن ٻيٽ نما ملڪ تي جيڪا بس آخري ڳوٺ تائين وڃي ٿي، ان جي ٽڪيٽ فقط سٺ سينٽ، اڍائي روپيا کن، آهي ۽ اهو ڳوٺ چانگي آهي. ريفلز اسڪوائر جي بس اسٽاپ تان ‘نمبر ون اي’ جي بس ۾ چڙهي چانگي ڳوٺ جي ٽڪيٽ ورتم. بس جلدي شهر جي گهما گهمي، ماڻهن جي گپا گيهه، ڪئين برانڊن جي سگريٽن جي دونهين جي مليل جليل بوءِ، ڪئين قسمن جي سينٽن جي مليل سڳنڌ ۽ موٽرن لارين جي اڻ کٽندڙ سلسلي ۽ گوڙ شور کان نڪري سنگاپور جي خوبصورت ۽ سرسبز ٻهراڙيءَ مان لنگھڻ لڳي. چؤطرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر پئي آئي. ڪا ٽڪري هئي ته اها به سرسبز گھاٽن وڻن سان ڳتيل. سڄي ٻيٽ تي ساوڪ ۽ رنگين گُلن جو سمنڊ ۽ ٻاهر چؤڌاري پاڻي نظر پئي آيو. رستي جي ٻنهي پاسي رٻڙ جا ٻيلا ۽ انناس جا باغ. ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پاڻهي پنهنجي پُٺي ٺپريم ته هيترن سالن جي مسافريءَ ۾ عقلمنديءَ جو ڪم پهريون دفعو ڪيو اٿم جو ٻهراڙيءَ ۾ نڪري پيو آهيان. اصل سڪون ۽ مزو ته شهر جي گوڙ گھمسان کان ٻاهر لڳو پيو آهي. هڪ هنڌان ته بس بلڪل سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلندي رهي ۽ ساڄي پاسي سمنڊ ۾ ٻيڙيون پئي نظر آيون ته کاٻي پاسي رٻڙ جي ٻيلن ۾ چيني ۽ ملئي عورتون وڻن جي ٿُڙ کي چير ڏئي ان مان رٻڙ جو کير ڪڍي رهيون هيون. رستي تي هڪ ڳوٺ آيو ۽ بس ٿوري دير لاءِ ترسي ته اڌ ڊزن کن ڇوڪريون انناس کڻي مٿي اچي ويون ۽ زبردستي انناس وڪڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. جيئن اسان وٽ بس موري، مٽياري يا ميرپورخاص ۾ بيهندي آهي ته ننڍا ننڍا ڇوڪرا، ڪوڪا ڪولا، سيون اپ ۽ ٻين بوتلن ۾ ان شهر جو بند ٿيل شربت کڻي مسافرن کي وٺڻ لاءِ آماده ڪندا آهن ۽ وٺڻ لاءِ ‘ها’ ڪرڻ کان اڳ ٻاٽليءَ جي ڍڪ ۾ کولڻي وجھي، وات سان ائين ‘ٺش’ جو آواز ڪڍندا جو اڳلو گھٻرائجي ويندو. وڪڻڻ وارو منهن ڦلڙو ڪري چوندو؛ ‘سائين کُلي وئي!’
انناس هتي تمام سستا ٿين، جيئن اسان وٽ گدرا. انناس کي ڇلڻ بدران، سندس مٿيون حصو، تکي ڪپ سان وڍي، اندر گودي کي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪيائون. هر انناس سان گڏ ڪنهن وڻ جو ڊگھو ڪانٽو به ٿي ڏنائون. بس ۾ جيڪي به ڌاريا ويٺا هئا تن هڪ هڪ، ٻه ٻه ورتا ۽ بس هلڻ لڳي.
منهنجي ڀر ۾ هڪ چوڏهن پنڌرهن سالن جو ‘چنگ پن’ نالي چيني ڇوڪرو ويٺو هو، جيڪو هتي جي ٽيڪنيڪل اسڪول کان موڪل تي گھر وڃي رهيو هو. انگريزي ڳالهائي سگھيو ٿي، سو کانئس پڇندو رهيس. پاڻ ٻڌايائين ته هو ٽي ڀائر ٻه ڀينرون آهن. غريب هئڻ ڪري شهر ۾ نٿا رهي سگھن جو اتي جايون مهانگيون آهن. بس ۾ روزانو اسڪول وڃي ۽ ڳوٺ موٽي، جو شاگردن کي ٽڪيٽ سستي ملي ٿي. شام جو گھر پهچڻ سان پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڪکن جا کارا ٺهرائڻ ۾ مدد ڪري. کيس چيم ته: “سنگاپور تنهنجو ملڪ ته تمام ننڍو آهي. مڪينيڪل انجنيئر ٿي، پوءِ آمريڪا يا ڪئناڊا وڃي نوڪري ڪندين؟”
مون ڏٺو ته هن کي منهنجو جملو نه وڻيو. چوڻ لڳو؛ “ڪوشش ته ڪندس ته ڪا انڌي منڊي نوڪري ملڪ ۾ ئي ملي وڃي ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگھان. جي منهنجي ملڪ کي منهنجي ضرورت نه پئي ته ٻاهر وڃي نوڪري ڪندس.” سندس چهري تي ڏُک جا تاثر ڏسي مون کي افسوس ٿيو ۽ ساڳئي وقت خوشي به ته هنن کي پنهنجي ملڪ سان ڪيترو نه پيار آهي ۽ ملڪ جي Brain Drain (ملڪ جي قابل ماڻهن ڊاڪٽرن، انجنيئرن، سائنسدانن وغيره جو تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻئي ملڪ ڏي لڏي وڃڻ) کي خراب هجڻ، هن عمر ۾ به سمجھي ٿو.
رستي تي هو جڏهن پنهنجي ڳوٺ وٽ لٿو ته باقي رستو ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ آ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس ته ڪو انگريزي ڳالهائڻ وارو هجي. پٺيان ٻه چيني ڇوڪريون ويٺيون هيون، سندن پٺين سيٽ تي هڪ ملئي مرد ۽ عورت هئا ۽ ان سيٽ جي ڀر ۾ هڪ چيني عورت ۽ هڪ پاڻ جهڙي رنگ جو ڏٺم. چيني عورت لٿي ته آءٌ ان جي ڀرسان وڃي ويٺس. خبر پئي ته هو بئنگلور جو مسلمان آهي ۽ هتي قيمتي پٿر (Stones) جو واپار ٿو ڪري، نالو محمد غوث هوس. کيس جڏهن خبر پئي ته آءٌ پرديسي آهيان ۽ ڪراچيءَ کان پيو اچان ته ڏک مان ٻڌايائين ته سندس ڀاءُ ٻن سالن کان ڪنهن گھرو ڳالهه تان رُسي ڪراچيءَ ويو آهي. “هو ڪڏهن ڪڏهن خط لکندو رهندو هو، پر ٻن ٽن مهينن کان ڪو خط ڪو نه ٿو اچيس.” هن ٻڌايو؛ “هو اڃا ڪاوڙيل ٿو ڏسجي.” پاڻ مون کي سندس ڀاءُ امان الله جي ائڊريس ڏنائين. جيئن آءٌ ڪراچيءَ پهچي سندس ڀاءُ جو نياپو پهچايان ۽ واپس سنگاپور وڃڻ لاءِ آماده ڪريان.
غوث جو گھر ويجهو اچي پهتو ۽ مون کي چانهه لاءِ زبردستي بس مان لاهي گھر وٺي هليو.