ڪاڇو پبليڪيشن لاءِ ٻه اکر
مونکي لکڻ پڙهڻ جو شوق ته اسڪولي ڏينهن کان هو. چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) جي مئرين اڪيڊمي ۾ جهاز هلائڻ جي انجنيرنگ (Marine Engineering) جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران بنگال بابت “درياهن جي ديس مان” جي عنوان سان هر هفتي عبرت اخبار ۽ بادل رسالي لاءِ ڪالم ۽ دلچسپ ڳالهيون لکڻ لڳس ۽ پوءِ جهاز تي چڙهڻ (نوڪري شروع ڪرڻ) سان جتي جتي جهاز ويو ٿي اتي جي بندرگاهن، سمنڊن، ٻيٽن جون موهيندڙ ڳالهيون پڙهندڙن لاءِ لکڻ لڳس، جيئن پڙهندڙن ۾ هن پروفيشن لاءِ چاهه پئدا ٿئي ۽ هن پاسي اچن. سمنڊ تي طوفان به لڳا ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ته زندگي ۽ موت جي ويڙهاند به ٿي پئي. سئيز ڪئنال يا سنگاپور ۽ جبرالٽر جهڙن ڏکين هنڌن تان جهاز اڪارڻ لاءِ ايمرجنسي واري حالت ۾ چوويهه چوويهه ڪلاڪ بلڪ ڇٽيهه ڪلاڪ به يڪ ساهي ڊيوٽي ڏيڻي پئي ٿي. خاص ڪري جڏهن وچ سمنڊ تي انجڻ جو بريڪ ڊائون ٿيو ٿي ۽ ورڪ شاپ جي مدد جي ڪا اميد نه هجڻ ڪري ان انجڻ جي حصي يا مشين تي لڳاتار ڪم ڪري جهاز کي ڪُنن ۽ ويرن مان ڪڍڻو پيو ٿي، وغيره وغيره. پر اهڙيون ڳالهيون مون انهن ڏينهن ۾ هنن ڪتابن ۾ لکڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. مون اٿندي ئي پڙهندڙ کي هن زندگيءَ جي جوکائتي پهلوءَ بابت ٻڌائڻ نٿي چاهيو. اهڙين ڳالهين کي سينسر ڪري آ رڳو بندرگاهن جي رونقن، سمنڊ جي رومانويت ۽ مختلف ملڪن ۾ جهازين جا هلندڙ سچا ڪوڙا رومانوي قصا لکڻ لڳس. هونءَ به منهنجي اِها اُها عمر هئي، جنهن ۾ رڳو ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر آيون ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ اهي شروع وارا سفرناما پڙهي مون کي عجيب محسوس ٿيندو آهي ۽ ڪي ڪي ڳالهيون پڙهي اڄ انهن کي سينسر ڪرڻ تي دل چوي ٿي. عبرت اخبار وارا هاڻ منهنجي سٺ ۽ ستر جي ڏهي وارن سفرنامن مان ڪو باب ڏيندا آهن ته کين فون يا اِي ميل ڪندو آهيان ته ٻيلي منهنجن اهڙن سفرنامن جي آخر ۾ اهو ضرور لکندا ڪريو ته هي ۱۹۶۸ع يا ۱۹۷۰ع يا ايڪهتر ٻاهتر جا آهن. نه ته پڙهندڙ ڇا سوچيندا ته اڇي ڏاڙهيءَ ۾، يعني هن عمر ۾ هي ڪهڙيون ڳالهيون ويٺو لکان.
بهرحال منهنجي انهن شروعاتي سفرنامن مان ڪجهه ڪاڇو پبليڪيشن جو محمد علي ماجد ڇپڻ چاهي ٿو. انهن ڪتابن مان هن جي پهرين چونڊ “بندر بازاريون” سفرنامو آهي، جنهن ۾ ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن جي سفرن جو احوال آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو مرحوم طارق اشرف “سهڻي پبليڪيشن” طرفان سال ۱۹۷۵ع ۾ ڪڍيو هو، جنهن جي قيمت پنج رپيا رکي هئائين... ڇا ته سٺا ڏينهن هئا! (۽ ان کان چار سال اڳ طارق منهنجو جيڪو پهريون سفرنامو “منهنجو ساگر، منهنجو ساحل” ڇپيو هو، ان جي قيمت ٽي رپيا هئي ۽ صفحن جو تعداد ۲۴۰ هو).
بهرحال هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو فيروز ميمڻ “نيوفيلڊس پبليڪيشن” طرفان 1979ع ۾ شايع ڪيو. ان بعد وري فيروز صاحب هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڪجهه تصويرن سان ۱۹۹۷ع ۾ شايع ڪيو. ان دوران ڪمپيوٽر سائنس ڪافي اڳيان وڌي وئي هئي ۽ مون چاهيو ٿي ته منهنجا ڪتاب نيٽ تي به اچن، جيئن ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ اهي ڪمپيوٽر ذريعي پڙهي سگهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته پڙهڻ جو مزو ڪتاب کي هٿ ۾ جهلي پڙهڻ ۾ آهي، جنهن تي توهان پنهنجا notes ۽ comments به لکي سگهو ٿا پر ٽپال جو خرچ وڌي وڃڻ ڪري آمريڪا، جپان يا ناروي ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ بهتر آهي ته هو ڪتاب جو پرنٽ آئوٽ ڪڍي پڙهن. هنن لاءِ پوسٽ ذريعي ڪتاب گهرائڻ تمام مهانگو آهي. گذريل سال آمريڪا ۾ پنهنجو هڪ ڪتاب دڪاندار کان گهرايم، جنهن جي قيمت ۲۴۰ رپيا هئي. دڪاندار چاليهه رپيا ڇڏي هڪ هزار رپين جو بِل موڪليو جو رجسٽرڊ پوسٽ ڪرڻ تي هن کي ۸۰۰ رپين جو ٽڪليون هڻڻيون پيون. بهرحال هن دور ۾ پبلشر کي ڪتاب وڪڻڻ لاءِ جنگ جوٽڻي پوي ٿي. ڇپائيءَ تي مسئلن کان وڌيڪ کين مارڪيٽنگ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي، ڇو جو ڪتابن جي وڪري بعد دڪاندار پئسا ڏيڻ کان پڙ ڪڍيو بيهو رھن. آئون هميشه پبلشرن سان همدردي رکندو آهيان ۽ کانئن پنهنجي پڙهڻ لاءِ ڪاپي به پئسا ڏئي وٺندو آهيان. ان ڪري منهنجي دوستن کي کپي ته هو مونسان همدردي ڪن ۽ جي کين مون طرفان منهنجو ڪتاب تحفي ۾ نٿو ملي ته اهو ئي سمجهن ته مهانگي ڇپائي ۽ پني جو وڏو اگهه هجڻ ڪري ڪتاب جي قيمت ايتري ڳري ٿي پئي آهي جو منهنجي لاءِ افورڊ ڪرڻ آسان ڪم ناهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪتاب ڏيان به ٿو ته کيس ڊبل ٿورائتو ٿيڻ کپي جو اهو ڪتاب پئسن سان خريد ڪري ڏنو اٿم ۽ ڪراچيءَ جي ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور جو مالڪ جيتوڻيڪ منهنجي ڪتاب تي مونکي ڪجهه رپيا ڊسڪائونٽ ڏئي ٿو، پر ان هوندي به آ خريد ڪندي ڪيٻايان ٿو. بهرحال مطلب اهو ئي “اڌار مانگ ڪر شرمنده نه ڪرين” وارو آهي، ته هر پڙهندڙ پنهنجو ڪتاب خريد ڪري پڙهي. هونئن به منهنجو گذريل چاليهه سالن جو اهو ئي تجربو آهي ۽ ليکڪن کي اهو ئي ٻڌائيندس ته توهان جو ڪتاب اهو ئي چڱيءَ طرح دل سان پڙهي ٿو جيڪو پنهنجو پئسو خرچ ڪري ڪتاب خريد ڪري ٿو.
منهنجا ڪتاب ڪو به پبلشر ڇپي سگهي ٿو، جنهن لاءِ مون طرفان نه ڪنهن Royalty جي گهُر آهي ۽ نه معاوضي جي. بس ايترو آهي ته کيس سٺا ڪتاب ڇپڻ جو تجربو هجي ۽ ڇپڻ کان اڳ، مونکي اطلاع ضرور ڪري. ڪاڇو پبليڪيشن جي مالڪ محمد علي ماجد جي ڪجهه ڪتابن خريد ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. سندس ڇپائي ۽ مارڪيٽنگ جو طريقو مونکي ايترو ته پسند آيو جو مون پاڻ کيس فون ڪري چيو ته هو جيڪڏهن منهنجا شروع وارا ڪتاب ڇپڻ چاهي ته مونکي خوشي ٿيندي. جنهن نموني سان هو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مون سان Co-ordinate ڪري رهيو آهي، ان مان متاثر آهيان. هو بيحد محنتي، آرگنائيزڊ، وقت جو پابند ۽ Commitment جو پختو ٿو لڳي. هي انهيءَ ئي سچائيءَ ۽ ادبي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان علينواز گهانگهرو، فيروز ميمڻ ۽ نور احمد ميمڻ صاحب ڪم ڪري اڄ ملڪ جا بهترين پبلشر ثابت ٿيا آهن. هنن جي ڪتابن جي چونڊ ۽ ڇپائيءَ جو معيار، اعليٰ آهي ۽ هنن جي مارڪيٽنگ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آهي.
بهرحال هتي منهنجي هنن چاليهه سال کن اڳ جي لکيل ڪتابن جي نئين سنئينءَ ڇپائيءَ تي پڙهندڙن اڳيان اها ڳالهه واضح ڪندس ته هي سفرناما ان وقت جا لکيل آهن جڏهن آئون جهاز تي نئون نئون چڙهيو هوس. عهدي جي لحاظ کان آ ان ڏاڪڻ جو هيٺيون ڏاڪو هوس جنهن جو آخري ۽ مٿاهون ڏاڪو چيف انجنير آهي. جونئر انجنير ڪري ڪم جو به پريشر زياده هو، ان ڪري ڪيتريون ڳالهيون فرصت نه ملڻ ڪري تفصيل ۽ تسلسل ۾ نه آهن. ان وقت منهنجي عمر ڇويهه ستاويهه سال کن هئا. فقط پنهنجي انجنيرنگ کان ئي واقف هوس. دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي تاريخ، سياست، سماجي ۽ معاشي حالتن بابت نه برابر مطالعو هوم. ان ڪري هنن سفرنامن ۾ گهڻو تڻو غيرسنجيده ۽ ٽرڙائپ واريون ئي ڳالهيون آهن. پر ان هوندي به اڄ هي ان دور جو ڳالهيون پڙهان ٿو ته ڪٿي کل اچي ٿي ته ڪٿي حيرت ٿئي ٿي ته ان زماني ۾ دنيا جي ڇا حالت هئي يا اسان جي ڇا سوچ هئي. اڄ ٽي وي چئنلن، اليڪٽرانڪ ميڊيا، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ هوائي جهازن جي سروس دنيا جون حالتون بدلائي ڇڏيون آهن. اڄ ڪو به ملڪ ڏورانهون ناهي. سڄي دنيا هڪ ڳوٺڙو ٿي پيو آهي. بهرحال منهنجو پڙهندڙن کي اهوئي عرض آهي ته هو هي منهنجيون لکڻيون ان دور جي تناظر ۾ پڙهن جڏهن اسان جي جواني جا ڏينهن هئا، ملڪ ۾ جهاز راني شروع ٿي رهي هئي. انگريز ۽ يورپي جهاز هلائيندڙن جي جاءِ اسان، ملڪ جا شروع وارا گرئجوئيٽ، والاري رهيا هئاسين.
هميشه وانگر پڙهندڙن جي فيڊ بئڪ جو انتظار رهندو.
الطاف شيخ، ۱۲ ڊسمبر، ۲۰۰۹